Sunday, February 28, 2021

صحت جو راز

صحت جو راز

مختصر ڪهاڻي

مجيد گل



ٽرين ۾ سيٽ بڪ ڪرائڻ کان پوءِ هن سک جو ساهه کنيو. سڪون سان سيٽ ڳولڻ لڳو. سيٽ ملڻ کان پوءِ ويهڻ شرط عادت موجب ڪنهن خوبرو چهري لاءِ هن نظرون ڊوڙايون. پر نا اميد موٽي آيون ٻه چار کڳوڙ پوڙهين کان سواءِ باقي ڇڊا ڇڊا مرد ويٺا هئا. دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳو؛ ”اڄ ته قسمت ئي ڦٽل آ! ان خيال ۾ هو ته بوگي جي  گيٽ تي هڪ  ڇوڪرو ۽ ڇوڪري نروار ٿي ٽڪٽ تي نمبر ڏسڻ کان پوءِ سيٽن جا نمبر ڏسندا هن طرف وڌڻ لڳا. ڏسندي ئي هن کان ڄڻ رڙ نڪري وئي. ”اڙي گهوڙا!“ دل ئي دل ۾ چوي ٿو؛ ”يا خدا، منهنجي ويجهو ڪٿي اتي ئي سيٽ ملين، هو ٻئي سيٽن جا نمبر ڏسندا هن جي سامهون سيٽ تي ويهي رهن ٿا. ”واهه مولا....!! هن کان ذري گهٽ رڙ نڪتي هئي.“


پر لفظ نڙي ۾ دٻائي ڇڏيائين.

جوڙو ڇا هو، هن وٽ هنن جي تعريف لاءِ لفظ ئي ڪو نه هئا. ڇوڪرو ته خوبصورت هو پر ڇوڪري ته اصل بجلي هئي. هو پهرين نظر ۾ نيرين اکين ۾ گم ٿي ويو. تقريبن هو ٻئي هم عمر هيا. ٻنهي جي عمر ارڙهن سالن جي لڳ ڀڳ لڳي رهي هئي. هو ٻئي گوڏو گوڏي سان ملائي ويٺا هئا. ٻنهي جي چپن تي مرڪ هئي ۽ هڪ ٻي جي پيار ۾ گم ويٺا هئا. هنن کي ان مهل هوش وريو جڏهن ڪنڊ ۾ ويٺل ملان ”نعوذ باالله“ چوندي منهن ٻئي پاسي ڦيري ڇڏيو ۽ هن جي هٿن ۾ بيٺل تسبيح جي مڻين ۾ تيزي اچي وئي ۽ هن کي ان مهل خار اچڻ لڳي جڏهن جوان ته ٺهيو پر جهور پوڙها به  بنا اک ڇنڀڻ جي ڇوڪريءَ جي منهن ۾ اکيون وجهي ويٺا هئا.

هوءَ پيار واري نهار سان پنهنجي محبوب سان مخاطب ٿي؛ ”پپن ڪيئن پيو لڳي؟“

هن قاتل مرڪ مرڪندي پنهنجي محبوبا جي اکين ۾ نهاريندي چيو؛ ”ويري گڊ“.

”بوريت ته نه پئي ٿئي؟“ ڇوڪريءَ پڇيو.

”بوريت وري ڇا جي؟“ ڇوڪر وراڻيو ۽ هن پيار مان ڇوڪريءَ جي ڪلهي تي ڪنڌ لاڙي ڇڏيو.

هن جي بدن مان ڄڻ بجلي جي لهر ڊوڙي وئي. ان وقت دل ڦٿڪي ڦٿڪي پاسرين کي ڀڃڻ جي ڪوشش پئي ڪيس هو جک کائڻ لڳو. ان ڇوڪر کان، پر ڪنهن جي ڀاڳ سان ڪهڙي ريس!

پنهنجي پاڻ کان به کار کائڻ  لڳو ۽ سوچڻ لڳو؛ ”آخر مون کي خدا اهڙي صورت، وڏيون گول گول شرابي اکيون، گلابي چهرو، وڏو قد ڇونه ڏنو. خدا مون کي ويڪريءَ ڇاتي ڇو نه ڏني. جي ڏئي ها ته اهڙيون حورون به مون کي ....  پر خدا جي جوڙيو ئي اهڙو اٿم،  برقعن پويان  ڦيريون پائيندي، گوارڙين جا ڇٻا ڦوليندي، شاهي بازار جا چڪر ڪاٽيندي، مارڪيٽ ۾ جوتا گسائيندي، موڪل ٽائيم ٽانگن جي بانڪن ۾ سينا هڻندي، پاڻ نرڄائي جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، پر پاڻ کي ڪنهن کنگهيو ئي ڪو نه، جواني سڌون ڪندي گذري وئي!؟“

جيڪو ڪجهه هن جي سامهون هو، هن جي برداشت کان ٻاهر هو. هوءَ پنهنجي محبوب جي وارن ۾ پيار مان آڱريون گهمائي رهي هئي. ان وقت جک کائيندي سوچي ٿو؛ ”پر! پنهنجي وارن ۾ ڪڏهن ڪنهن خارن مان به نه جهليو، سڀ سيارا ۽ اونهارا ائين گذري ويا. جيئن ڪا پجيرو ڪچي رستي تان منهن ۾ ڌوڙ وجهي ويندي آهي ۽ هر صبح مون اڪيلائي ۾ ڳوڙها ڳاڙيندي گذاري. هميشه پاڻ کي آٿت ڏنم ته ڪڏهن نه ڪڏهن ته دل جي ڌرتي تي ڪو به گل ٽڙندو.“

ڪيتريون ئي اسٽيشنون آيون ويون، گاڏيءَ مان ڪير لٿو چڙهيو هن کي ڪا به خبر نه هئي. هنن جو پاڻ ۾ پيار ڇا هو، ڄڻ واهه ڪنارن تار هو، هو ٻئي هڪٻئي جي پيار ۾ گم ويٺا هئا. عنايت بلوچ جون سٽون هنن جي ئي عڪاسي ڪري رهيون هيون.

تنهنجي وارن جي وڪڙن وڪوڙي ڇڏيو،

تنهنجي پلڪن جي پاڇن ۾ پئجي رهيس،

تنهنجي نيڻن ۾ نرمل نظارا  ڏٺم،

تنهنجي مکڙي ۾ ڳولي لڌم مشغلا.

هوءَ پنهنجي محبوب سان مخاطب ٿيندي چوڻ لڳي؛ ”پپن ٿڪجي پيو هوندين، منهنجي گوڏي تي سمهي رهه.“

۽ هن انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو، هو دل ئي دل ۾ ساڙ کائڻ لڳو؛ ”مار اسان کي ته ڪو ڀر ۾ ئي بيهڻ نه ٿو ڏي، ۽ هت هيڏي وڏي پيشڪش ۽ انڪار!!“

ڪجهه دير انهن ۾ ڇڪتاڻ رهي، آخر هوءَ ڪامياب ٿي وئي. هو پنهنجي محبوبا جي گوڏي تي مٿو رکي، سيٽ تي ليٽي پيو ۽ پيار مان هن جي نيڻن ۾ نهارڻ لڳو.

بس هاڻ هن کان ڪجهه به برداشت نه پيو ٿي. جذبات جي وهڪري ۾ وهندو پي ويو. دل ئي دل ۾ چوڻ لڳو؛ ”او منهنجا رب! اڇي سنگ مرمر جهڙي نه سهي، ڪاري ڪٺ جهڙي ئي سهي، پر ڪا پيار ڏيندڙ ڏيار ته سهي!“

ريل گاڏي جي رفتار سست ٿيڻ لڳي. اسٽيشن آئي. ٻئي لهڻ جون تياريون ڪرڻ لڳا. ڇوڪري آهستي پيار ڀريل لهجي ۾ چپ چوريا.

”پپن پٽ اٿو!“

”ها امان“ ڇوڪر وراڻيو.

هڪ جهٽڪي سان ٽرين سان گڏ هن جي دل به ڄڻ بيهي رهي. هنن جي وئي کان پوءِ سوچيندو رهجي ويو ته؛ ”اهو صحت جو راز هو يا ڊيڪوريشن  جو ڪمال!“

No comments:

Post a Comment