Wednesday, January 27, 2021

ويڌن

ويڌن

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



شام جا پوڻا پنج ٿيا هئا. سج لھڻ ۾ ٻه ڪلاڪ ۽ تيزرو جي اچڻ ۾ پنج منٽ هئا، جو بريف ڪيس هٿ ۾ لوڏيندي نوابشاهه ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارم ۾ داخل ٿيس. رش غضب جي ھئي. هر ڪو ٿيلھا ٿونا ڏئي، گاڏيءَ جي ڊيگھه آهر، پٽڙين ڀرسان بيھڻ لاءِ ڀڄ ڀڄان ۾ ھو. گاڏيءَ ۾ رش هئڻ سبب، منجھس چڙهڻ ڏکيو ٿي پوندو آ. چڙهڻ بعد، ويھڻ لاءِ جاءِ وٺڻ اڃا ڏکي ٿي پوندي آ.


ڀلي اندر رش نه ھجي، تڏھن به ويھڻ لاءِ جڳهه نه ملندي آ، ڇو جو اندر ويٺلن جي دل ۾، آيلن لاءِ جاءِ نه ھوندي آ. خالي پيل جاءِ لاءِ ڪنھن کان پڇبو ته منھن ڦيرائي جواب ڏيندو؛ ڀائي! يه گاڙا بڪ هي. آپ آگي ديکو!“ ڪي ته موراڳو، بوگيءَ جو در ئي نه کوليندا آھن. ڪي سيٽن خالي ھوندي به منھن بڇڙو ڪيو ويٺا ھوندا آھن. پڇڻ تي جواب ئي نه ڏيندا، ڄڻ ڳالھ سمجهه ۾ نه آئي ھجين. ڀل ڀلايو جي مھرباني ڪيائون ته رکو جواب؛ ڀائي! بنده هي. ليٽرن وچ گيا هي.“ لانڍ ٺھي ويندي. ڏهه جايون خالي ھونديون ته ڏھن لاءِ ئي جواب ساڳيو؛ گيا هي ليٽرن وچ!“ بيٺل سوچڻ تي مجبور ٿي ويندو؛ ”ليٽرن ۾ الائي ڇا ھي؟“

ھڪ دفعي ته عيد جو ٽائيم ھجي. ھن ساڳئي پليٽ فارم تي رش غضب جي ھئي. ٽرينون ڀريون پئي آيون. هيٺان ته ٽٻ، پر ڇت تي به ماڻھو ويٺا ھجن! اندريان دروازا ئي نه کولين. روهڙيءَ تائين سفر ڪرڻ وارا ڇتين تي ويھي وڃڻ لاءِ آذرت هئا. مون سان، پوڙھو پيءُ گڏ هيو. ڇت تي به نه پئي چڙهي سگھياسين. اندر چڙهڻ لاءِ دروازا بند. جيڪا ٽرين ڏس، تنھن جي هر بوگي بڪ. ڪنھن تي ريزروڊ فار لاھور‘، ڪنھن تي ريزروڊ فار پنڊي’ ته ڪنھن تي پشاور ته ڪنھن تي گجرانوالا. اورتي ڪا ريزرويشن ئي نه ھجي.

ٽرينون آيون پئي، بيٺيون پئي ۽ مسافرن جي بنا لھڻ چڙھڻ جي، ويون پئي. دروازا کلن ته ڪو لھي چڙھي. پليٽفارم ساڳيو ئي ڀريل. عوامي ايڪسپريس آئي. غضب جي رش. ماڻھو ڇتين تي ويٺا ھجنس. چڙهڻ وارا، ڀڄي ڀڄي ماندا ٿيا. ڪنھن کي به پير پائڻ جي جاءِ نه ملي.

مٿئون شاھين آئي. ساڳي حالت. اوچتو ھڪڙي بوگيءَ جو دروازو کليو. ٻه ٽي همراھ لٿا. هيٺين فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. اڃا ھڪڙو چڙهيو ئي پئي ته اندرين دروازو بند ڪرڻ شروع ڪيس. هيٺيان به تتا ويٺا هئا. ھي کولڻ لاءِ مٿا مونا ڏيڻ تي ته اندريان دروازو بند ڪرڻ تي. نتيجو اھو نڪتو جو دروازو انجيسن کان پٽجي ويو. ٻاهريان، اندرين کي دروازي جي طاق سميت اندر کنيو کنڀيون ويا. اک ڇنڀ کان پوءِ دروازي جو طاق ماڻھن جي مٿن کان مٿان، ٻاهر ھليو آيو. جيترو وقت، ٽرين پليٽ فارم تي ھئي، ماڻھو پئي چڙهيس. ٻن بوگين جي وچ ۾ پيل دروازي جو فائدو وٺندي، سڄيءَ ٽرين ۾ پکڙجندا ويا. اسان وري به رھجي وياسين.

پٺيان تيزرو آئي. ان ۾ به ساڳي ڪار. دروازو، ڪير کولي ئي نه. اندريان به پڪا لڳا ويٺا هئا. هر ڪو بُت مان بيزار ته رڳو پير اٽڪائڻ جي جاءِ ملي ته عيد ٻچن ۾ ڪري. وڏي ڳالهه ته دريون به بند. اتفاق سان ھڪڙي دري کلي، ان مان ھڪڙي همراه، ڪا شيءِ وٺڻ لاءِ ٻوٿ ڪڍيو. هيٺين مان ھڪڙي همراه دريءَ کلڻ جو فائدو ورتو ۽ اندرئين کي چيائين؛ ”ڀائي دروازا کولو!“ دريءَ واري جواب ڏنس؛ گاڙا بڪ هي.“ هيٺين مان ھڪڙي تڙي چاڙهيس؛ بڪ هي تو ڪيا هي، هم ڪو ڀي ٽڪيٽ هي. همڪو ڀي سفر ڪرنا هي. گاڙيان تمھاري ليئي ٿوڙي هين. تنھن تي دريءَ يار گار ڏيندي چيس؛ جائو ساڊي زنانيان بيٺيان ھن.“ ھن جو ائين چوڻ ۽ هيٺين مان ھڪڙي وڃي ڳچيءَ ۾ ڳلٿو ھنيس؛ ”اڙي اسان بي غيرت آھيون. اسان کي ننگ ناھن. ڀاڪر ڇا وڌائينس، بس سوگھو جھليائينس. هيٺيان به تتل هئا، تن به دريءَ واري کي کڻي ٻاھر ڇڪيو. اندرين کيس بچائڻ لاءِ، اندر ڇڪيو. همراھ جو کيکروٽ ھجي. هيٺيان گھڻا ھئا، سو ڇڪي ٻاھر ڪڍي آيس. اندرين به ڀوَ مان کڻي هٿ ڪڍيس، متان مري پئي. ھيٺين، ڏنل گار ڏيڻ جي بدلي چڱي ٿڪ ٿڪ ڪيس. جنھن ڀاڪر وجھي لاٿس، تنھن ڀاڪر ڪڍندي ٻه ٽي ٿڦڙون زمائتيون ڀري ھنيس؛ اڙي گاڏي پڻھين جي آھي. جو اسان نه چڙھون! دلا!“

ڇڏائڻ لاءِ، اندرين مان ڪنھن دل ئي نه جھلي. ويتر دروازو کڻي کوليائون ۽ منٿون ڪرڻ لڳا؛ ڀائي! ساڊي بندي نون ڇوڙو. تسي ڪِني اڇي لوگ. ڪِني رحمدل ھو. اسين ساڊا ديس ڇوڙڪي اٿي آندي ھون. صرف اسلئي ڪِ تسي ساڊي تي مھربانيان ڪرندو ھو. بس ساڊي بندي ڪنون اھو ئي ھڪ غلطي ھوئي هي. هڻ اسان دروازه ڀي کوليا هي، ساڊي زنانيان دي واسطي، ساڊي بندي نون ڇوڙو. اسين ڀي تئاڊي جھڙي مسلمان ھان.

اک ڇنڀ ۾ اڌ پليٽ فارم خالي ٿي ويو. اسان کي وري به جاءِ نه ملي. ٻيءَ ٽرين ۾ جاءِ ملڻ جو آسرو ڪري ويھي رھياسين. ماڻھو به، ڪِولين وانگر الائي ڪٿان پئي آيا. اتي جو اتي، ساڳي رش ٿي وئي.

وڏي انتظار کانپوءِ ھڪڙي پئسينجر ٽرين آئي، جيڪا روهڙيءَ تائين ئي وڃڻي ھئي. زورين مـَسي منجھس بيھڻ جي جاءِ ملي. جنھن هڻي اڌ رات ڪري ڇڏي هئي.

انھن ويسورن ۾ ٻڏل هئم، جو ھڪڙي قليءَ ڪنھن پئسينجر کي پئي ٻڌايو؛ ڊائننگ ڪار، هتي بيھندي.“

اھو لفظ ٻڌي ذھن ۾ آيو ته، منجھس ويھڻ جي نه ته به بيھڻ جي جاءِ ضرور ملي ويندي آھي. مان به تاڙي، ان جاءِ تي اچي بيٺم. پنج لڳي ڏھن منٽن بجاءِ، ٽرين پوري پنجين بجي پليٽ فارم تي پھتي. ڊائننگ ڪار جي بوگي بلڪل منھنجي سامھون اچي بيٺي. منجھانئس اَٺ ڏهه ڄڻا لٿا. يڪدم چڙهيم ته دروازي جي ڀرواريءَ ٽيبل تي پھرين ڪرسي ئي خالي ھئي. مٿس بيگ رکي، جاءِ ولاريم.

ساڳيءَ ٽيبل تي درين وارن پاسن کان ٻه سوٽيل بوٽيل پنجابي ويٺا هئا. کين سامان تمام گھڻو هئو. ڪجهه ٽيبل تي ته ڪجهه هيٺ پيو هيو. ٻه ٽي سوٽ ڪيس، ٽي چار ڪمبل، ڪن کوکن ۾ جوسر بلينڊر ته ڪن ۾ واٽر سيٽ. ٽيبل تي نئون ٽيپ رڪارڊر رکيل ھيو. ٽين ڪرسيءَ تي لوڪل ماڻھو هئو ۽ چوٿين مون والاري ھئي.

سيٽي وڳي، گاڏي چُري. بند ٿيل ٽيپ رڪارڊر، چالو ڪيائون. ڌيمي موسيقيءَ پوري ڪمپارٽمينٽ کي سانت ڪري ڇڏيو. منجھس فقط ھڪ ئي شيو وڌيل ھمراھ بيٺل ھيو، ورنه ته هر ڪنھن کي ويھڻ جي جاءِ ملي ئي وئي ھئي. ھڪڙي ڪرسي خالي پئي ھئي، جنھن تي رومال، گولڊ ليف جو پاڪيٽ ۽ ماچيس والار لاءِ رکيل ھيا. بيٺل همراه، نور واري نگھه وجهيو، مٿانئس اکيون مرڪائي رھيو ھيو. حالت رحم جوڳي ھئس. ڪالر ڪنڌ کان هيٺ لڙڪيل، پائنچا ٽڻين کان مٿي، ٻانھن جا ڪف کليل، ميري شال ڪلھي تي، بوٽ تي مٽي چڙهيل، منھن اَڻ ڌوتل، هٿ ۾ ڪاغذن سان ڀريل ميري ڪپڙي جي ڳوٿري. ڀر ۾ ويٺلن ڏي رحم طلب نگاهه سان نھاري رھيو ته من رحم کائي معذرت سان ويھڻ جو اشارو ڪن. پر ھو پنھنجي ڌن ۾ مگن هئا، ۽ ڏانھنس ڪنڌ کڻي به نه ڏٺائون.

سندس حالت تي ترس آيو ۽ دل ۾ ويچار ڪيم؛ سڄي بوگيءَ ۾ اڪيلو ڄڻو بيٺو آ. سڏ ڪري ڀرسان ويھارجيس. پرڀرو بيٺو هئو، ان ڪري ائين نه پئي ڪري سگھيم. ايتري ۾ ھڪڙو سوٽيل بوٽيل ھمراھ، پٺيان بشرٽ ٺاھيندو، خاليءَ ڪرسيءَ تان سامان کڻي، اچي مٿس ويٺو.

ان جي اچڻ تي ڀيلو ٻوٿ ڪري، گيٽ وٽ منھنجي ڪرسيءَ مٿان اچي بيٺو. وري ڪھل آئي. ڪلاڪ جو سفر آ. ويندو گذري. گڏ ويھارڻ سان، مون کي ايڏي تڪليف به نه ايندي.

ويھڻ لاءِ زور ڀريومانس. نٽائيندي نٽائيندي ويٺو. اڌ ڪرسيءَ تي پاسو هڻندي، نه مھرباني مڃيائين ۽ نه مرڪيو، اُپڪائي ٽيپ ڏانھن اشارو ڪري، رڙ سان ويٺل پنجابين کان ڇرڪ ڀرائيندي پڇيائين؛ ڀائي يه ٽيپ تمھاري هي؟

سندس ان حرڪت تي، بڇان وٺي وئي. اڳين ٺٺوليءَ واري نظر سان ڏسندي، چٿر سان چيس؛ ”ھان ڀئي!“

اھو اڌ-گيدو جواب سمجھ ۾ نه آيس. وري ساڳي رڙ ڪيائين، جنھن تي ھڪڙي پنجابيءَ، ساڳئي طنزيه لھجي ۾ چيس؛ ”هماري هي! چوري ڪي نهين هي! هم ني دوبئي سي خريدي هي.“ ان جواب تي، ھن جو ته ٻوٿ لھي ويو پر مون کان کل نڪري وئي.

ڀائي مين پوڇتا ھون ته تم ني گھڻي ۾ خريد ڪئي هي؟وري ڇڙٻ ڏيندي پڇيائين.

اڳلن، وري به ساڳئي لھجي ۾ جواب ڏنس؛ آپ ڪو شڪ هي! ڪه يه هماري نهين هي. يه تو هم ني سوله سو روپئي ۾ دوبئي سي خريدي هي.

يه تو سعودي ۾ ايڪ هزار ۾ ھوگي؟ هم ني ڀي پوڇا هي.سڪيءَ نڙيءَ کي ڳيت ڏئي ۽ مري جهري سوال پڇي ويو. جڏھن ته سندس ٻولي، پنجابين لاءِ امتحان ٿي وئي. تن ڀر واري چوٿين ڪرسيءَ تي ويٺل کان مطلب پڇيو. اھو به ھن جي ٻوليءَ تي ڏند ٽيڙيو ويٺو هئو. تنھن کين سنئون ڪري ٻڌايو. انھيءَ تي ھڪ پنجابيءَ جواب ڏنس؛ ڀائي ھوگي، مگر اس ڪي ڀي ڪمپنيان هين. يه تو نئشنل ڪي هي.

ھان ھان ڀئي! مين ڀي نئشنل ڪي ڳالهه تو ڪرتا ھون. سھڪندي وراڻيائين.

منھنجي اندر ۾ وٽ ھجن؛ چڱو جج مان ڦاٿس. جاءِ ڏنيمانس ته بيھڻ کان بچي. پاڻ ۾ ڳالھائي دل جو بار هلڪو ڪيون. الٽو ڀر ۾ ويھي، ٻين سان ڏاڍيان ڳالھائي پيو ڪن کائي ۽ مٿي ۾ سور وجهي.“ انھيءَ اپرانڌ ھڪڙو فقير صدائون ھڻندو، اچي مٿانئس ٻاڪارڻ لڳو؛ ”بابا، فقير کي الله جي نالي تي ڪا خيرات ملي. گفتگوءَ جي گرميءَ سبب، سھڪندي ۽ هٿ سان ٿيلھو ڏيندي چيائينس؛ ”ڀائي پري هٽو، خواه مخواه مٿي ۾ سور ڪيون وجهتي ھو.

ان تي ويتر چڙ آئي ۽ ڏک به ٿيو. دل ۾ ساڳيا جک ھجن، اگر چوانس؛ مھرباني ڪري اٿ! فقير کي ڇڙٻي ٿو لوڌين.“ وري به سُن ڦڪي مٺي ماٺ ڪيم. اندر ۾ جھيڙو جاري ھيو؛ مون ۾ ۽ سندس ۾ فرق ڪھڙو رھندو؟!“

ٽي ٽي آيو، ٽڪيٽون چيڪ ڪندو پھتو. پنجابين جون ٽڪيٽون ڏسندي، کين چيائين؛ ”ڀائي آپ ني تو رزرويشن ڪرواني ٿي. يه ڊائننگ ڪار هي. يه تو رات ڪو هم بند ڪرتي هين.

بڪنگ نه ھوسڪي. اسلئي يھان آگئي هين. اب رات ڪو ديکا جائيگا.

نهين يه ڪمپارٽمنٽ هم ملتان ۾ بند ڪر ديتي هين. اس سي پهلي آپ ڪسي اور ڪمپارٽمنٽ ۾ چلي جائين. آپ ڪو آگي ڪھان جانا هي.

“جانا تو جھنگ ھي. هم لاھور ۾ اتر جائين گي. ملتان ۾ هم بوگي بدل لين گي.

سندن بحث ته چڱو ڊگھو هئو. پر ھن، ان ڊيگھ تي وڏا جک پئي کاڌا. ٽي ٽي هئو، تڏھن رخنو برداشت ڪيائينس. ٻيو ڪو ھجي ھا ته اھا ڪار جا فقير سان ڪيائين.

اچانڪ وڏي رڙ ڪيائين ۽ آڱر جي اشاري سان پنجابيءَ جي ٻانھن ۾ ٻڌل گھڙيءَ ڏانھن اشارو ڪندي چيائين؛ يه ڀائي، راڊو ڪي گھڙي هي نه؟ تم ني ڪھان سي ورتي هي؟

پنجابين بيزار ٿيندي، مون کي ڪُرڙين اکين سان ڏٺو، ڇو جو مون ئي زور ڀري ساڻُ ويھاريو هئس. مري جھري جواب ڏنائونس؛ ڀائي يه سيڪو فائيو هي، هم دبئي ۾ ايڪ فيڪٽري ۾ ڪام ڪرتي هين. اور وھان رهتي هين. هم ني يه وھان سي خريدي هي.

ڪپڙي جي ڳوٿريءَ مان ڇهه ست پاسپورٽ ڪڍي، ڏيکاريندي چيائينس؛ ”ڀائي هم وھان وڃيگا، حج ڪرني ڪيلئي. اور يه سڀ چيزين خريد ڪريگا، اسلئي هم تم سي پوڇتا هي. تم هماريڪو سمجھائو! ھان يه ديکو، يه حج ڪي پاسپورٽ ھين. پاسپورٽ بنواني گيا ٿا. همڪو يه ڪاڳر پٽ اڄ ملي هين.

منھنجي اندر ۾ ولھوٽ ھيا؛ ”ھاڻِ خبر پئي ته حج کٽڻ ٿو وڃين. اتان سستو سامان وٺڻ لاءِ سولو رستو ٿو پڇڻ گھرين!“ مٿئون اھو خيال آيو؛ ”هيءُ حج تي ويندو ۽ حاجي چوائي سڄي دنيا مٿي تي کڻندو، تنھن کان اڳي ٿيلھو ڏئي نه اٿارجيس!“ وري به ھپ ڪري ويس.

دل ۾ آيو؛ جنھن ايترو بيزار ڪيو آھي تنھن جا پاسپورٽ ڏسان ته آھي ڪٿان جو. ڏسڻ خاطر جيئن هٿ وڌايم ته ڇڙٻ سان پرتي ڪندي چيائين؛ ”ادا، تون ڇڏ، تنھنجي ڪم جا نه آھن. باهه تي پيٽرول ڇڙڪي ڇڏيائين.

زهر جو ڍڪ پيئڻو پيو، جو هٿ جي وڍيءَ جو، نه ھيو ويڄ، نه طبيب. زوريءَ ساڻ ويھارڻ جي سزا ڀوڳڻي ھئي.

پنجابين، اتاڇرا ڪاغذ ڏسندي ٻڌايس؛ ”ڀائي يه گھڙي پاڪستان ڪي پينتاليھه سو کا جاتي هي. باقي اس ڪي ڀي قسم هين. ڪوئي چوبيس سو ۾ تو ڪوئي پينتيس سو ۾ ڀي ملتي هي.

موٽايل ڪاغذ، ساڳي ڳوٿريءَ ۾ وجھي، ڳوٿريءَ جي اڳٺ سان، ڳوٿريءَ جو منھن بند ڪري ڇڏيائين.

گاڏي، پڊعيدن اسٽيشن تان گذري رهي ھئي جو ٽاهه ڏياريندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ انداز ۾، پوري ٻانھن اشاري طور ڊگھي ڪندي، پڇيائين؛ ”يه قلم ڪتني ۾ ملتا هي، يه پارڪر هي نه؟ سندس انھيءَ دانھن تي مون کان به ڇرڪ نڪري ويو. دل ۾ آيو؛ هڻ! اڃا سڌ پوري نه ٿي اٿس. سولن مان دل ڀربس يا موراڳو اٿاري ساھ کڻندو!“

يه پارڪر نهين، شيفر هي. پنجابين، پين جو نالو شيفر ورتو يا ٻيو ڪو، ڇو جو منھنجي ذھن ۾، ھن جي ڳالھين سبب، وڳوڙ پئي ھليو. پنجابين وضاحت ڪندي چيس؛ يه ڊيڙهه سو ڪا هي، مگر اس ڪي ڀي ڪوالٽيان هين، يه ڪم سي ڪم سو ۾ ڀي ملتا هي، زياده سي زياده پانچ هزار ۾ ڀي.

ھڪ ٻه سوال ٻيا به پڇيائين ۽ اٿيو جو ڀريا روڊ اسٽيشن ويجھي ھئي. دل ۾ چيم؛ شڪر آ! مطلب پورو ٿيس ۽ مٿان ٽريو!“

اھا ٺاپر، ٻه چار منٽ ھلي. تيزرو، نوابشاهه کان ڀريا روڊ تي بيٺي. مون بيگ کڻي ٽيبل تي رکي ۽ اٿڻ لڳس. ٻيا لھڻ وارا به لھڻ لاءِ گيٽ تي آيا.

ھن کي به شايد لھڻو هئو. موڪلائڻ لاءِ هٿ وڌائيندي، پنجابين کي چيائين؛ ”چڱو ڀائي هم هلتا هي، همارا ڳوٺ آگيا هي، مھرباني آپڪي. ھن جي ٻولي شايد پنجابين کي سمجھ ۾ نه آئي. يا پنھنجيءَ ڌن ۾ مگن هئا. ساڻس هٿ نه ملايائون.

مان، ٽيبل تي اڀي جھليل بيگ ۾ هٿ وجهيو، پورو لقاءُ ڏسي رهيو ھئس. پنجابين هٿ نه ڏنس ته مونکي پاڻ ڏانھن تڪيندو ڏسي، ککو وکو ٿيو ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري ڏاڪا لھڻ لڳو. پٺيانئس مان به لھڻ لڳس. مٿس کل به آئي پئي ته خار به. چپن مان چڙ ۾ نڪري ويو؛ بي شرم“. پر ھو اڳتي جي گاڏي پڪڙڻ لاءِ ڊڪندو، نظرن کان اوجهل ٿي چڪو ھيو.

No comments:

Post a Comment