Tuesday, January 5, 2021

وڏو مَقام۔۔وڏو مُقام

وڏو مَقام۔۔وڏو مُقام

مختصر ڪهاڻي

سيف نياز



جنهن ڏينهن هن پهرين ڦر ڪئي هئي......!......!!!

ان ڏينهن پنهنجي بيمار پوڙھي ماء کي ڀاڪر ۾ ڀري ڏاڍو رنو هو...!!!

ماء کي دوا وٺي ڏني هيائين.ويٺل ڀيڻ (جنهن ڏانهن ان جي ڪري نه ڏسي سگھندو هو ته متان سندس پراڻي چولي مان ڪٿان جسم نه ظاهر ٿيندو هجي يا انهي خيال کان به ته سندس چھري تي وڌندڙ عمر نه ڏسي) ان لاء ٻہ ٽي ڪپڙن جا جوڙا وٺي آيو هو، اها ڏاڍي خوش ٿي هئي ۽ ڏاڍيون دعائون ڏنيون هيائينس!


ان شام هو پنهجا سڀ ڪتاب هڪ لائبريري ۾ ڏئي آيو هو ۽ پنهنجي شاگردي واري دور ۾ لکيل ڊائري مان اهو پنو ڦاڙي ڇڏيو هيائين، جنهن تي هڪ ڏينهن خوشي جي ڀرپور احساس سان لکيو هيائين:

“سڀ استاد منهنجي هوشيارپ جي تعريف ڪن ٿا ۽ چون ٿا تون ضرور ڪنهن وڏي مَقام تي پهچندين...مان پاڻ سان وچن ٿو ڪيان ته مان وڏي مَقام تي پهچي ماڻھن جي خدمت ڪندس...!!!”

پوء جي حالتن ۽ ملڪ جي ڪرپٽ سسٽم هن کي خوب لتاڙيو...نوڪريون “ويڪائو مال” ٿي پيون هيون،هنجي ذھانت ۽ محنت سان حشر ڪيو ويو....ميرٽ جو سوال کڻي سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن ۾ رلندو رهيو،جتي فقط پيسي،سفارش ۽ ريفرينس جو راڄ هو....!

خودڪشي هن جي نظر ۾ بزدلي هئي!!

آخري ڦر دوران جڏهن هو پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو ته هن جي پوڙھي ماء اڳ ۾ مري چڪي هئي...سندس ڀيڻ ھڪ سٺي گھر ۾ پرڻجي چڪي هئي!

لاش  جي وارثي به ان ڪئي هيس،هن جو لاش ڪانڌين جي وڏي هجوم سان شھر جي وڏي مُقام تي پهتو....!!!

No comments:

Post a Comment