شھرت جي بک
مختصر ڪهاڻي
سيف نياز
يار مليو ته ڪجھ ناراض ناراض ٿي
لڳو.سمجھ ۾ نه ٿي آيو ته ناراض ڇا تي آهي؟گھڻو سوچيم پر اھڙي ڪا ڳالھ سمجھ ۾ نه
آئي.
چيو مانس:
“خير ته آهي! منھن ڦٿل گدري جھڙو
ڪيو اٿئي؟؟؟”
چڙ مان چيائين:
“ڇڏ يار،فيس بوڪ تي ھيڏي شاعري ٿو
رکان،نه ڪا لائيڪ نه ڪا ڪمينٽ!!”
ھاڻي مونکي يار جي ناراضگي سمجھ
۾ آئي...ٽھڪ ڏيندي چيم:
“معاف ڪجان يار،اصل ۾ مصروفيت
سبب تنھنجون پوسٽون پڙھي نه سگھيو آھيان!”.
منھن خراب ڪندي چيائين:
“پڙھي ڪھڙا ڦاڙھا
ماريندين!....بنا پڙھڻ جي ئي لائيڪ ڪري...ڪو تعريفي ڪمينٽ ڪندو ڪر...ته ماڻھن کي
خبر پوي!”
مان کيس حيرت مان ڏسندو رھيس...ته
ڪياڙي کنھندي چيائين:
“مان به ائين ڪندو آهيان!”
No comments:
Post a Comment