محبت ۽ سياست
مختصر ڪهاڻي
سيف نياز
ھو اڌ ڪلاڪ کن فون تي محبوبا
سان ڳالھائيندو رھيو. مون کان ڪجھ وٿيرڪو ھو. مونکي ڪجھ ٻڌڻ ۾ نه ٿي آيو.
فون بند ٿيڻ کان پوء آيو ته ڪجھ
اپسيٽ پئي لڳو.
مرڪي پڇيومانس:
“خير ته آهي پيارا...؟”
نراڙ تان پگھر اگھندي اڳيان ميز
تي پيل اخبار کڻي، پڙھڻ ۾ لڳي ويو، مان سندس موڊ کي ڏسي چپ ٿي، ٽيوي آن ڪري ڏسڻ لڳس....ڪجھ منٽن کان پوء ھن
اخبار رکندي چيو:
“الميو اھو آھي ته محبت ۾ سياست
اچي وئي آهي پر سياست ۾ محبت اچي نه سگھي
آهي!”
ھن جي چھري تي جيڪا ڳنڀيرتا ھئي، تنھن مان ھن جي دل جو ڏک ظاھر پئي ٿيو.
No comments:
Post a Comment