Thursday, January 14, 2021

ڪاري رات.....ڪاريون سوچون

ڪاري رات.....ڪاريون سوچون!

ڪهاڻي

سيف نياز



سياري جي گگھ رات.........چوڏس چپ چپات....................هر ڪو گرم بستري ۾

ماء سوچي ٿي:

”ڇوريءَ کي الائي ڇا ٿي ويو آهي........!


....ڪيڏو تہ سمجهايو اٿمانس....ڪجھ سمجهي ئي نہ ٿي........۽ هو وري سڄو ڏوھ مون ڏي ڏيون ويٺو آھي........ويٺو ٿو منهنجي بڻ بنياد کي گاريون ڏئي ۽ مارون ڪڍي.................ڪيڏو تہ ماريو اٿائين ايترو تہ ڪنهن ڍور کي بہ ناهي ماربو.... سنڌُ سنڌُ ڪٽيو اٿائين.... ڇوريءَ کان پڇڻ بنا پنجن لکن ۾ رشتو ڪري ڇڏيائين ......... ڏنائين ڪنهن کي.......هن وياجي، شرابي، ۽ زاني کي...!!! پاڻ بہ تہ چرسي آھي، چرسي کي اهڙو نہ وڻندو تہ ٻيو وري ڪهڙو وڻندو....................!؟

نہ ڇوري ٿي سمجهي ۽ نہ ئي مڙس ٿو ڳالھ ٻڌي.................ڪيترا عذاب ويٺي سهندس.............ان کان تہ پاڻ مارڻ ئي چڱو...!!!!“

ڌيء سوچي ٿي:

”امان ۽ ابا آخر منهنجي ڳالھ سمجهن ڇو نہ ٿا...!؟ امان جو ڪهڙو ڏوھ سڄو ڏوھ تہ ابا جو آھي.......کيس پيسا پيارا آھن... منهنجي زندگي، منهنجي جذبن، ۽ منهنجي احساسن جو ڪو قدر ئي ڪو نہ اٿس ..... پنجن لکن ۾ کپائي ڇڏيائين، ڄڻ مان ڪو بي زبان ڍور هجان!!! ڀلي کڻي پيسا ئي وٺي ها پر ڪنهن چڱي هنڌ تي تہ رشتو ڪري ها... هُو... ڏسندي آهيانس اسڪول ويندي...... ڪو نہ ڪو سهڻو ڇورو گڏ هوندو اٿس..... هوٽل يا وري مڪان تي..!

وياجي، شرابي ۽ ڀنگوري..........هڪ زال ماري ڇڏيائين ۽ ھاڻي مان...............ان کان ڀلو آھي تہ مان پاڻ کي پاڻ ئي ماريان...!!!!“

پيءُ سوچي ٿو:

”ماڻس ۽ ڌيڻس ٻئي هڪ جهڙيون رنڊيون رنون..............................ڏاڍو ٿو ماريانس........منهنجي بي نوسي زال تہ بہ مڙي نہ ٿي..... ڪني نسل مان اڙجي ويس........................ويٺي ٿي ڌيءَ کي ڀڙڪائي...سڄي چرچ ان جي ئي آھي!

پاڻ سان ويل  ڪيم  جو ڇوري کي پڙھايم........هاڻي تہ سائين وات وڪيل ٿي پئي آھي.......چوي ٿي اهو مڙس نہ ڪندس... نياڻيون ڪو ڳالهائيندون آھن ڇا..!!!؟ جيڪو ماءُ پيءُ ڏين سو قبول ۽ هي وري مهانڊي ٿي آھي.......ٻئي ماء ڌي اصل نہ مڙنديون .......... مون کي ذليل ڪرائينديون........وياج وڌي ٽي لک ٿيو آھي.... هڪ ئي ڌڪ سان وياج لهي پيو ۽ سڄا سارا ٻہ لک بہ بچن پيا ........ اصل ٺَٺَ ٿي وڃن ها ......... ٻہ ٽي مهينا ويهي کائجي ها... پر ٻئي ضد تان صفا لهن ئي نہ ٿيون... هُو وياجي هر هر پيو مون کي ذليل ڪندو... ان کان چڱو آھي تہ پاڻ کي پاڻ ختم ڪريان...!!!“

.........ٻئي ڏينهن تي پاڙي وارن ٽنهي جا لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو.

پوليس شڪ ۾ پاڙي جا ٽي نوجوان پڪڙي وئي..!!!!

No comments:

Post a Comment