ھوءَ
مختصر ڪهاڻي
سيف نياز
هن جا هٿ ڏاڍا سهڻا
هئا...!
اهڙا سهڻا هٿ مون اڳ
۾ ڪنهن جا نه ڏٺا هئا.
اِهي اُھي هٿ هئا،
جن ۾ دعائون اڃا به مقدس لڳنديون آھن!!
هو مون کي ٽرين ۾
ملي هئي!
مان پرديس مان ڏهن
سالن کان پوء موٽيو هوس،ڀمنهنجي من ۾ پنهنجي ڳوٺ جي اڪير هئي!
مان ڳوٺ پهچڻ لاء
اتاولو هوس...اهڙي
ڪيفيت ۾ به هن
منهنجو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو هو!!!
هو تمام سهڻي ۽
پياري هئي،سندس سهڻن نازڪ هٿن ۾ شاعري جو ڪتاب هو...
“تنهنجي تصور
جي خوشبوء”
ھن جي ڪومل هٿن ۾ ڪتاب
ڏاڍو ٺھيو پئي،ائين پئي لڳو ته اهو ڪتاب خاص هن جي خوبصورت هٿن لاء سرجيو ويو هو!
موسم خوشگوار هئي!
دري مان گذري ايندڙ
ھوا تي...سندس وار اڏيا پئي...سڄي بوگي ۾ خوشبوء ھئي يا خوشبوء جهڙو ڪو احساس
هو!!!
بوگي ۾ اسان کان علاوه هڪ پنجابي فيملي هئي.
هڪ ڪراڙي عورت،هڪ
جوان عورت،هڪ جوان مرد ۽ ٻہ پيارا ٻارڙا....اڳلي اسٽيشن تي اهي لهي ويا ته بوگي ۾
خاموشي وڌي وئي!
منهنجي نظر هن جي
پيارن هٿن ۾ هئي!
رکي رکي مون دري
مان ٻاهر ڏٺو ٿَي..ٻاهريان سهڻا منظر هلڪي جهلڪ ڏئي پوئتي هليا پئي ويا ۽ منهنجي
نظر ڦيرو کائي هن جي هٿن ۾ ٿي کتُي!
هن به هر هر ڪتاب
مان نظرون ڪڍي مون ڏانهن ڏٺو پئي...!
سندس نهار ۾ ڪا ڇڪ
ڪا اڪير
ڪو سڏ هو!
يا
منهنجو ڪو وهم هو!!
“ڇا مان ڪتاب
ڏسي سگھان ٿو!!؟”
منهنجي ان جملي سان
ڳالهيون شروع ٿي ويون ته.....سڄي بوگي ۾ اسان جا جملا ۽ ٽھڪ پوپٽ بڻجي اڏامڻ لڳا...اوپرائپ
ته اسان جي پهرين ٽھڪ سان ئي ٽاهڙ تتر
جيان ڀڙڪو کائي اڏامي وئي هئي!!
الائي به ڇو
پنهنجائپ جي اها فضا جڙي پئي هئي جيڪا
سالن جي ويجهڙائپ کان پوء ئي جڙي سگھندي
آھي!!!
من اندر
۽
من اندر کان ٻاهر
زندگي وڻندڙ ھئي!
هن چيو:
“مون گھڻو
وقت اڳي هڪ ڏاڍو سٺوناول پڙھيو هو،ان جو هيرو ڏاڍو وڻيو هو مونکي ۽ اڃا تائين به
منهنجي تصور ۾ زنده آھي...ان جو ڪردار ۽ گفتار بلڪل توهان جهڙو هو!!!”
مان ڇرڪي پيس!
هن جي اجرن نيڻن ۾
سچ جا سونهري ڪرڻا هئا.......دور تائين سچ ۾ به ڪو مون جهڙو عڪس هو...!!
چٽو پٽو مون جهڙو..........!!!
مان حيرت جي آخري
حد تي بيٺو هن کي ڏسي رهيو هوس...هن وري چيو:
“ڪوڙ نه ٿي هڻان
تر جيترو به فرق نه آھي!!!”
منهنجي من ۾ ھلڪي ڪنبڻي
ٿي!
دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڦٿڪو
ٿيو........... ڪيئي جذبا اٿل پٿل کائي وري پنهنجي پنهنجي جاء تي ٽڪي پيا.
هلڪو مرڪندي چيو
مانس:
“اوهان جون
اکيون پڙھي مونکي پوري پوري پڪ ٿي وئي آھي ته مان اهو ئي آھيان!”
ھن جي چهري تي سرهائي جو سوجهرو پکڙجي ويو.هن جي چپن تي مينهن
کان پوء نڪرندڙ انڊلٺ جهڙي مرڪ تري آئي!!
گلاب لهجي ۾
چيائين؛
“چاهيان ٿي ٽرين
جي سفر جي پڄاڻي تي اسان جي زندگي جو سفر
شروع ٿئي!!!”
ھاڻي منهنجي پوري
دل ڦٿڪو کاڌو!
من جي اداسي اڇل
کائي منهنجي نيڻن ۾ اچي پئي!جنهن کي محسوس ڪندي هن چنتا مان پڇيو؛
“ڇا ٿيو..!!؟”
اندر مان ساه کي ڇڪي
چيم:
“زندگي ٽرين
جوسفر ناهي ۽ نه دل ريل جي ڪا بوگي آھي جو ان ۾ گھڻا ماڻھو سمائجي سگھن!!”
“ڇا مطلب!؟ “
“مطلب ته مان
ڪو واعدو پورو ڪرڻ وڃي رهيو آھيان...مان اڳي ئي ڏاڍو پوئتي رهجي ويو آھيان!”
“ڪهڙو
واعدو!!؟” ھن تڙپي پڇيو.
“جنم جنم گڏ
رهڻ جو واعدو...تون دير سان ملي آھين...هو توکان اڳ ۾ ملي هئي،مان هنجي هر واعدي
جو قرضي آھيان!!!”
ھو اداس ٿي پئي!
“ ڇا هو ايڏي
وقت کانپوء به تنهجي انتظار ۾ هوندي!!؟”
“ها...!” مرڪندي
چيم:”پرديس جي تنهائي ۾ منهنجي دل جيڪي به سڏ ٻڌا آھن اهي ان جا ئي آھن،دل جو دل کي
سڏ ڪوڙو ناهي هوندو!”
چيائين:
“هر سڏ سچو به
ناهي نڪرندو....ڪو سڏ۔۔۔”سڏ پڙاڏو” ھوندوآھي ۽ سڏ پڙاڏي پٺيان پاڻ رولڻ عقلمندي
ناهي!”
وراڻيم:
“مان پنهنجي
طرفان ائين سوچي ويهي رهان ته منهنجي محبت ڪهڙي محبت..!!!؟”
وساميل لهجي ۾ چيائين:
“چوين ته تون
به سچ ٿو!!”
بي چيني مان سنگريٽ
دکايم ته چيائين:
“منهنجي
پسنديده ناول جو وڻندڙ ھيرو سنگريٽ نه ڇڪيندو هو!!!”
مون سنگريٽ واپس
رکي ڇڏيو.
“ھو چيو به
ائين مڃ!!” التجائي انداز ۾ چيائين؛:
“اڳلي اسٽيشن
تي مان لهندس،پليز توهان به موسان گڏ لهي پئو،منهنجا ماء پيء توهان سان ملي خوش ٿيندا...!!!”
مان چپ رهيم ته هن
چيو:
“منهنجي ڳوٺ
۾ پيار کي بدنامي جو داغ سمجهيو ناهي ويندو...”
“منهنجي ڳوٺ
۾ اڃا به فطري سادگي ۽ سچائي آھي!”
“منهنجي ڳوٺ
جا ماڻھو اڃا به دل جي زبان سان ڳالهائنيدا آھن!!!”
ھن ڪافي زور ڀريو،مان
مسلسل انڪار ڪندو رهيس.هو روئڻھارڪي ٿي وئي...سڏڪي جهڙي لهجي ۾ چيائين:
“ايڏي عرصي
کان پوء ھڪ پراڻي واعدي جي پٺيان وڃين پيو رلي ويندين!!”
گهرو ساه کڻي چيم:
“منهنجي اندر
۾ ته اهڙو ڪو الڪو اڃا ناهي جنميو....!”
زخمي ٽھڪ ڏيندي
چيائين:
“ھن
هيرو به اهڙي سچائي هئي...آخري ڀيرو چوانء
ٿي مون سان گڏ لهي پئو!”
مان ماٺ رهيس.
اڳلي اسٽيشن تي هوء
آلين اکين سان لٿي.هن جو ڳوٺ اسٽيشن جي ويجهو ئي هڪ سرسبز جبل جي دامن ۾ هيو،پري
کان ئي بي حد صاف سٿرو ۽ سهڻو پئي لڳو...!
هن کي ماء پيء وٺڻ
آيا هئا،اهي سٻاجهي طبعيت جا پئي لڳا...ٽرين هلڻ لڳي....هن هٿ هوا ۾ لوڏيو پر مون ڪنڌ
موڙي ورتو...منهنجا نيڻ ڀرجي آيا هئا...!
دل ۾ ھڪ ٻئي پٺيان ڦٿڪا هئا!! هڪ ورهين جي واعدي جو بار انهن ڦٿڪن جي مٿان پيل هو...!!!!!!
No comments:
Post a Comment