نئين دور جو چھرو
مختصر ڪهاڻي
سيف نياز
هو ڏمريو ويٺو هو.
جهڙو تهڙو ملندي چيائين:
“اسان جا ابا ڏاڏا ڀاڳ وارا
هئا....جيڪو وڻندو هين ڪندا هئا...ڪير پڇندو هين ۽ نه ڪي چوندو هين....ويھ...!” هن
صوفي طرف اشارو ڪيو...
ٿڌو ساه کڻي پنهنجي وڏن جي
تصويرن ڏانهن ڏٺائين....جيڪي سندس مهمان خاني
جي ڀتين تي لڳل هيون،انهن تصويرن ۾ ڏاڍائپ ۽ هشمت ظاهر هئي...ڪي شڪاري منظر
به ھئا...
“ھاڻي ته اسان هرڻين جو شڪار به
نه ٿا ڪري سگھون...۽ تلور پکي ٿا ماريون ته واويلا ٿي مچي وڃي...سوشل ميڊيا نڪ ۾
دم ڪري ڇڏيو آھي!”
نوڪر چانھ ۽ سڪل ميوو کڻي
آيو....بادام چٻاڙيندي چيائين:
“ھي ڏس فيسبوڪ تي مون واري يار
جي حالت....!!!”
مرڪي چيومانس:
“مان اڳ ۾ ڏسي چڪو آھيان!”
ٽھڪ ڏيندي چيائين:
“اوهان صحافين کان ڪجھ لڪيل
هوندو ڇا؟”
ڀرسان صوفي تي ويٺل ڪتي تي هٿ ڦيريندي
چيائين:
“اليڪشن ۾ ته سوشل ميڊيا ڪم
لاهي ڇڏيا...جتي وڃ ته اها پادر جيڏي موبائل کنيون ڇورا بيٺا آھن!!”
چيم:
هر دور جو پنهنجو چھرو ۽ رويو
آھي!”
“صحيح ٿو چوين...ڏاڍو ڏکيو دور
آھي! ڇنڊي ڦوڪي وک ٿي کڻڻي پوي.”
چانھ جي سپ ڀريندي چيائين:
“اهي واقعا...اهي خون ۽ عزتن جي
لتاڙ ته ٿيندي رهي آھي پر ايتري واويلا اڳي ڪٿي هئي.....هاڻي ٽٽ به هڻ ته فيسبوڪ
تي خبر هلي ٿي وڃي!!!”
ٽھڪ ڏيندي چيم:
“ائين ته آھي.”
“تون ٻڌاء ڪيئن آھين!؟” ھاڻي
منهنجو خيال آيس.
مرڪي چيم:
“مان ٺيڪ آھيان!”
“ھا بابا،توهان کي ڇا
آھي...توهان به ڪي گھٽ آھيو ڇا!؟ جنهن جو چاهيو پٽڪو لاهيو ۽ جنهن کي چاهيو پٽڪو
پارايو...”
ڪوٽ جي کيسي مان لفافو ڪڍي ڏيندي
چيائين:
“تو واري ڀائٽي جي آرڊر لاء به ڪوشش
۾ آھيان..فڪر نه ڪر...!”
لفافو کيسي ۾ رکندي چيم:
“مهرباني سائين..توهان جون ڪهڙيون
مهربانيون ڳڻي ڪهڙيون ڳڻيان!”
موڪلائيندي چيائين:
“مهرباني جي ڪا ڳالھ ناهي...پاڻ ۾ آھيون....بس جيڪي مون واري نئين ٺيڪي جون ڪي تصويرون ۽ وڊيو اٿئي ته......ڊاهي ڇڏ...!!”
No comments:
Post a Comment