اسان جي وچ ۾ ڪامن
مختصر ڪهاڻي
سيف نياز
ھو پر ذوق،پرشوق ڇوڪري مرڪن جا
گل وسائيندڙ.... جڏھن به ملي ته ڪو واس وڪوڙي وڃي....ھن ۾ حواسن تي ڇائنجي وڃڻ جي
شڪتي...منھنجي من کي ھن لاء ڇڪ ۽ ھن کي به سڪ!
پر
مان پاڻ تي پاڻ ئي ڪنٽرول ڪندڙ...ھڪ
ڏينھن ھن ڳالھيون ڪندي پڇيو:
تو کي مينھن وڻندو آهي!
چيم:” نه”
چيائين:
“سياري جي موسم؟”
وراڻيم:
“نه....اونھاري جي “
چيائين:
“اف! اونھاري ۾ سخت گرمي ۽ مڇر!”
“ڀلا ڪرڪيٽ؟”
“نه...فٽ بال”
چيائين:
“فٽ بال راند مونکي سفا ناھي وڻندي!”
پڇيائين:
“پڪوڙا؟”
“نه....مٺائي وڻندي آهي!”
“اڇا...رابيل جو گل وڻندو اٿئي!”
چيم:
“نه....گلاب جو گل...!”
ھو ڪجھ اداس نظر اچڻ لڳي....پڇيائين:
“خوشبوء ڪھڙي وڻندي اٿئي!؟”
چيم:
“نه خوشبوء کان مان الرجڪ
آھيان!”
ھن ڪافي پسند ناپسند جو پڇيو
آخر ۾ ھن جي سھڻي مک تي مايوسي ڇائنجي وئي.گم سم انداز ۾ چيائين:
“اسان جي وچ ۾ ته ڪجھ به ڪامن
ناھي.. اسان جون طبعيتون ته مڪمل الڳ آهن!!!”
ھؤ ھلي وئي....!
بي چيني مان سنگريٽ دکائي ڪش ھڻندي
چپن ۾ ڀڻڪيم:
اي خوشبوء خوشبوء ڇوڪري!
رابيل جو روپ......توکي ڪيئن
سمجھايان ته مون سڀ ڪجھ ڪوڙ ئي ته ڳالھايو...اسان ۾ سڀ ڪجھ ڪامن آھي.
پر
ٽن ٻارن جو پئ ٿيڻ کان پوء.....ھاڻي منھنجي لاء ڪو نئون رشتو جوڙڻ لاء گنجائش ئي ناھي!!!
No comments:
Post a Comment