Thursday, January 14, 2021

برسات ۽ ٻُوڏ – تنقيدي اڀياس

برسات ۽ ٻوڏ- تنقيدي اڀياس

ڪتاب “برسات ۽ ٻوڏ” تي ويچار جي ونڊ...

آغا جان آغا



هُونءَ ته ڪائنات جي سِيني ۾، اَڻ ڳَڻ مواد موجود آهي، پر ان “هر هڪ” مواد جي هڪ جهڙي صورتحال ناهي هوندي. ڪئين ڪهڪشان جِلهملائن پيا، ڪئين بُرجَ سورج جي حصار ۾ نغمگي پيا ڪن، ڪئين تارا ساڪنيت ۾ رهندي به، بسرِ اوقات پيا ڪن، ڪئين سَيارا گردش ۾ محوِ سفر آهن، هي اڻ کُٽ خلا خاموش آهي، ۽ سوچين ۾ ڪيڏو اُڌم آهي، هي اُفق جي رنگيني ۾، جيڪي رنگ ڀريل آهن، سَي بيَ در و ديوار قيد ۾ پابند سَلاسِل آهن. انهن ۾ هڪ انسانن جي ڀومي، هي ڌرتي به آهي، جتي حياتي ملي ٿي، اُتي! انسانن جِي تحقيق مطابق، هن ڌرتي کان علاوه، باقي ڪنهن به ڌرتي، ڪنهن به “سياري” تي، ڪنهن به قسم جو ڪو به جِيؤُ نِهار جي مطالعات ۾ نه آيو آهي!


جيون جَي نه هُجڻ جو خاص سبب، متوازن هوا ۽ پاڻي جو نه هئڻ آهي. انهن ئي انسانن جي تحقيق مطابق، هن ڌرتي تي انسان کان اڳ به، جانور، پکي ۽ جيت هوندا هئا. هن ڌرتي تي مختلف موسمون آهن. هر موسم جو پنهنجو، پنهنجو تاثير آهي. اهي مختلف موسمون، جڏهن حسبِ معمول، وارَي وارَي سان تحرڪ ڪن ٿيون، ته ڌرتي جي جِيؤُ کي تقويت ملندي رهي ٿي. ان ئي ڌرتي تي، انسان نالي مخلوق به آهي، جنهن جِي قيام گُذاري لاء،ِ ڌرتي تي جيڪي حيلا وسيلا گُهربل آهن، اهي بنسبت باقي مخلوقات کان مختلف آهن.

پکين، جيتن ۽ جانورن کي، اها سمجهه، اهو شعور نه آهي، جيڪو انسان کي آهي، باقي مخلوق جي گُذاري لاءِ، هي دنيا ڪنهن حَد تائين آسان آهي. انسان زماني کان، جيئڻ ڪارڻ وڏا وَس ڪندو اچي پيو. انسان جي جيئڻ لاءِ سڀ کان اهم ڳالهه کاڌ خوراڪ آهي، ۽ کاڌ خوراڪ جو تعلق ڌرتي سان آهي. انسان دنيا جون باقي جفاڪشيون تڏهن پوريون ڪندو، جڏهن ان جي پيٽ ۾ اَن ۽ پاڻي هوندو. ان لاءِ زراعت جي اهميت کي سمجهڻ ضروري آهي. ٿلهي ليکي زراعت پوک کي چئبو آهي. پوک واري زمين جي ڪاشتڪاري ڪَرَي، ان جو ثمر حاصل ڪَجَي. اهي ڳالهيون منهنجي ذهن تي، تڏهن تَرِي آيون، جڏهن مون مٺل جسڪاڻي جو ڪتاب “برسات ۽ ٻوڏ “پڙهي پورو ڪيو، جيڪو ڪهاڻين ۽ نظميه ڪهاڻين تي مشتمل آهي.

پروفيسر مٺل جسڪاڻي زرعي ماهر کان علاوه، بهترين شاعر، نقاد، اديب ۽ قلمڪار به آهي. زراعت متعلق مٺل جسڪاڻي جا ۲۲ کان به مٿي، ننڍا توڙي وڏا ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن.جيڪي زرعي آبياري، شاگردن لاءِ سِکيا ۽ آبادگارن جي خدمت ۾، زرعي زيرِ حاصلات رهيا آهن. زرعي ماهر، زرعي محقق پروفيسر مٺل جسڪاڻي، زراعت جي سينگار تي، مختلف اردو، سنڌي، انگريزي اخبارن، رسالن ۽ سوشل ميڊيا جَي ذريعي، بيشمار مضمون وارِيندو رهيو آهي. ان سان گڏ عملي طرح آبادگار ڀائرن وٽ، سرزمين تي پهچي، پنهنجي تجرباتي زرعي صلاحيتن مان مستفيد ڪندو رهيو آهي.

سن ۲۰۱۸ع ۾ بنيادي زرعي ڄاڻ متعلق، مٺل جسڪاڻي جو هڪ شاهڪار ڪتاب “زرعي سونهون” پڌرو ٿيو. جيڪو مٺل سائين جي لکيل سفر نامَي “سفر بخير” جيان بيحد مقبول ٿِي، مڃتا ماڻي رهيو آهي.

مٺل سائين جي ڪتاب “برسات ۽ ٻوڏ” کي پرکبو، پروڙبو ته، اِها ڳالهه آساني سان سمجهه ۾ اچي ويندي ته، هن ڪتاب جِي ڪهاڻين، توڙي نظم ڪهاڻين جو مقصد، مثبت بامقصد پيغام ڏيڻ آهي. ڪهاڻين ۾ جيڪو جهڙو، جيڪو جتي جو آهي، اُن کان اُن ئي انداز ۾ ڳالهرايو ويو آهي، گهڻين ڪهاڻين ۾ منظرڪشي ڪمال جي ٿيل آهي. ٻهراڙين جي طرزِ زندگي جو عڪس، برساتن کان اڳ، برساتن جي دوران، برساتن کان پوءِ جي صورتحال، برساتن جا فائده، برساتن جا نقصان، ان کان بچڻ جا اُپاءَ، ۽ گهڻيون ئي اُهي ڳالهيون، جن جا گهاؤَ برساتن ڇڏيا آهن.

ڪهاڻين ۽ نظم ڪهاڻين جي ڪتاب “برسات ۽ ٻوڏ”۾ هڪ مختصر ڪهاڻي “وَس ۾”موجود آهي، جهن جي باري ۾ ليکڪ، ڪتاب جي تمهيد ۾ “پنهنجي پاران”۾ لکيو آهي ته، هن ڪهاڻي جي ردِ عمل ۾ مون کان ڪهاڻي “برسات ۽ ٻوڏ” لکجي وئي آهي. ڪهاڻي “وَس ۾” تان مون کي هڪ ڳالهه ياد اچي وئي، ته گهڻا سال اڳي، مون مٺل سائين کي چيو ته، سياري ۾ تقريبون ججهيون ٿينديون آهن، جَي منهنجي وَس ۾ هجي ته، آئون اهي سڀ اونهاري ۾ ڪري ڇڏيان! مٺل سائين جي جواب، مون کي لاجواب ڪري ڇڏيو! مٺل سائين چيو، جَي منهنجي وس ۾ هجي ته آئون سياري کي ئي اچڻ نه ڏيان! پر ڇا ڪريان، اهو منهنجي وس ۾ ڪونهي، خير! ان مزاح آميز گفتگو مان، مون کي گهڻي معلومات ملِي، فائدو رَسيو، ڇو ته ان ڳالهه مان، جيڪي ڳالهيون نڪتيون، اهي اونهاري ۽ سياري جون، وڻن ٽڻن، ٻوٽن ۽ ڀاڄين تي پوندڙ اثرات متعلق هيون.

هڪ زرعي ماهر، جيڪو وڻن ٻوٽن جون ٻوليون، سماعتن ۾ محسوس ڪندو هجي، جيڪو انهن جي چُر پُر کي ڄاڻندو هجي، جيڪو انهن جي رنگتن کي سمجهندو هجي، جيڪو مٽي، پاڻي ۽ ٻِج جَي ميلاپ جِي موافقت کان چڱي طرح واقف هجي، ان سان گڏ با صلاحيت قلمڪار به هجي، ته وري اُهو شخص “برسات ۽ ٻوڏ”، زرعي پيچيدگيون، موسمن جون تبديليون، ان کان پوءِ ٿيندڙ مونجهارا ۽ انهن جا حل، پنهنجي ڪتاب “برسات ۽ ٻوڏ” ذريعي اسان تائين پهچائي، اهو به ڪهاڻين ۽ نظمن جي اوسط! ته پوءِ ضرور کيس، هن ساراهڻ جوڳي ڪم جو داد ڏبو.

آئون مٺل جسڪاڻي جي ڪتاب “برسات ۽ ٻوڏ” کي سنڌي ادب جي کيتر ۾ هڪ ناياب ٻوٽو ٿو سمجهان، جيڪو مٺل سائين، ڌرتي سان محبت ڪرڻ وارن کي ارپيو آهي. زراعت سان تعلق، سِڌو اڻ سِڌو، هر ڪنهن جو آهي. زراعت کي سمجهڻ، هر ڪنهن لاءِ سٺي ڳالهه آهي، پر خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت، انهن کي آهي، جيڪي آبادگار ٻني ٻاري جِي لَڙهِي ۾ ڳنڍيل آهن. ان لاءِ مٺل جسڪاڻي جهڙن، زرعي ماهرن کان مشوَرا به وٺجن، انهن جا زراعت متعلق مضمون ۽ ڪتاب به پڙهجن، ان سان آبادگاري کي تقويت ۽ توسيع ملندي.

آخر ۾ آئون مٺل جسڪاڻي جو نظم “مداد” اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو، جيڪو ڪتاب “برسات ۽ ٻوڏ” جي نظم ڪهاڻين جي حصي ۾ شامل آهي:

امداد جي آسري ۾ ماڻهن،

پنهنجا گهر پاڻ نه ٻوڙيا آهن،

پنهنجي سوچ بدلايو،

يا هڪ ڏينهن جي لاءِ،

پنهنجي ڪٽنب سميت،

ڪنهن ڪيمپ ۾ گذاريو،

ملندڙ امداد به وٺي ڏسو،

مستقبل لاءِ سوچيو،

ڪجهه سٺو سوچيو،

ڪڏهن ڀي،

ڪٿي ڀي،

ڪنهن سان ڀي،

ٿي سگهي ٿو،

ڪجهه ڀي...

(روزاني سوڀ ڪراچي، اڱارو ۰۵ جنوري ۲۰۲۱ع)


 

برسات ۽ ٻوڏ تي رايو

امبارام ڏيو راجاڻي

”ڪپر ٿو ڪُن ڪري، جيئن ماٽي منجھ مهي.“ (شاھ)

هڪ عام جي خوشي ۽ غمي هن جي پنجن ئي حواسن ۽ جسم مان عيان ٿيندي آهي، هرڪو پيو سمجهندو آھي ته فلاڻو اڄ تمام گهڻو خوش آھي يا غمگين، پر عام ماڻھو انهن جذبن ۽ احساسن کي ڪاغذ تي نٿو اوري سگهي،

پر هڪ ليکڪ جيڪو پنهنجي خوشي ۽ درد کان وٺي هن سڄي ڪائنات، ماڻھن، روزمرھ جي ٿيندڙ لقائن کي تمام گهڻي شدت سان محسوس ڪندو آھي ۽ پوء ڪنهن نه ڪنهن صنف جو سهارو وٺي ان کي ڪاڳر تي اوريندو آھي،

روز اول کان وٺي اهو سلسلو جاري آھي، ڏاها، داناءُ ۽ ليکڪ اسان کي هن معاشري، روين ۽ سماجي اٿلن تي ڪجهه نه ڪجهه لکي اسان کي ان نقطي جو احساس ڏياريندا آھن،

سائين مٺل جسڪاڻي جنهن کان هر دوست واقف آھي، سيني ۾ هڪ ڌڙڪندڙ دل رکندڙ ، هر لقاء کي محسوس ڪندڙ ۽ پنهنجي اصلوب، ڏات ۽ تات سان ان کي اسان اڳيان پيش ڪري ٿو،

زير نظر ڪتاب ، “برسات ۽ ٻوڏ” جيڪا برساتن ۾ جيڪي به مسئلا پيدا ٿين ٿا، انهن جو اثر هر ننڍي کان وٺي وڏي ماڻھو تي ٿئي ٿو،

غريب وٽ ٿورو گهڻو آھي، اهو به چٽ، ته امير جو هزارين ايڪڙن تي زرعي فصل به ٻڏيو وڃي.

مسڪين جان بچائي ڪنهن مٿاهين جاء تي ٻچا ۽ بچيل سامان کڻي بي يار و مددگار وقت گهارين ٿا، جيسين پاڻي جو زور ٽُٽي. پوءِ وري ساڳين سڙيل ڪکن ۽ پنن کي گڏ ڪري وري ڪو اجهو ٺاهين. سڙيل رلهين کي سُڪائي هنڌ ۽ وڇاڻا ڪن. ڪٿان ڪو ان لپ آڻي پيٽ جي باھ کي ٿڌو ڪن.

ڪتاب “برسات ۽ ٻوڏ“ ۾ چوويھ ڪهاڻيون ۽ ڏھ نثري ڪهاڻيون شامل آھن.

هن ۾ وڏي ڳالھ اها آهي ته اهي صرف هڪ ئي موضوع تي لکيل آھن،

برسات جي تباهي دوران جيڪي به لقاءُ ٿين ٿا ، هر هڪ خيال کي الڳ عنوان سان ان خيال جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو آھي،

سائين پاڻ به لکي ٿو ته خيالن کي جيئن جو تيئن لکيو ويو آھي ۽ ڪردارن جا نالا به ساڳيا آھن،

ڪهاڻي کي اجائي طوالت کان بچايو ويو آھي، صرف مقصد جي ڳالھ ڪئي ويئي آھي،

هن دور ۾ پڙھندڙ وٽ وقت تمام گهٽ آھي، ان ڪري هو ٿوري وقت ۾ سڀ پڙھڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ٿي سگهي ٿو سائين جي هن اصلوب تي ٻيا به دوست طبع آزمائي ڪن، ۽ ڪهاڻي جي سفر ۾ نواڻ اچي،

خيال، خيال آھي، اهو ننڍو يا وڏو ناهي ٿيندو،

تمام گهٽ وقت ۾ اسين سڀني خيال پڙھي سگهون ٿا، ان تي سائين جس لهڻي.

ٻولي تمام سليس ۽ ٻھراڙي جي نج ٻولي استعمال ڪئي ويئي آھي.

ادب جيڪو زندگي کي ويجهو آھي، ان کي هر ماڻھو محسوس ڪري ٿو ۽ ان کي پذيرائي ملي ٿي، سائين ان معيار کي پورو ڪيو آھي.

سائين فقير محمد ڍول، ’درد ڪهاڻيون جي عنوان هيٺ ڪافي سٺيون ڳالهيون ڪيون آھن، پر هڪ خاص ڳالھ ته سٺا ماڻھو قسمت سان ملندا آھن انهن کي دل ۾ سانڍي رکجي،

مهاڳ سائين محمود مغل ’اندر جي اساٽ‘ جي ٽائيٽل سان لکيو آھي، تمام بهترين ۽ قابل داد، سائين فرمائي ٿو ته موسمون پنج آھن، پر هڪ موسم برسات جي، پوءِ اها نيڻن جي، دل جي يا آسمان جي، جيڪا ماڻھو جي من ۾ سدائين وسندي رهندي آهي ۽ اها برسات ئي اسان کي سڀ ڪجهه ڪرڻ تي مجبور ڪندي آھي،

سائين وهاب سهتي ’ڇر ۽ ليٽ‘ جي عنوان سان پيش لفظ لکيو آھي. جيڪو تمام وڏي محنت سان لکيو ويو آھي. ڪهاڻي جي اوسر تي تاريخي حوالن سان بحث ڪيو ويو آهي. اڳي جي تمام ڊگهي ڪهاڻي، هاڻي جي شارٽ اسٽوري تي دنگ ڪيو آھي.

سائين جي ڪهاڻي، “ڳالھ ساڳي“ جو ڪجهه حصو:

ولو: مينهن جي ڏي خبر،

کمون: صبح شام مڙي ٿي

ولو: مينهن نه برسات جو ٻڌاء،

کمون: صبح کان جهڙ، ڪنهن ڪنهن مهل ڪا ڪڻي ڪري ٿي،

ولو: هوا جو احوال،

کمون: حوا صبح کان مال لاءِ گاھ تي نڪتل آھي.

ولو: حوا ۾ منهنجو ڇا، ٻڌاءُ ڪو واءُ جو جهوٽو به لڳي ٿو يا نه!

کمون: واءُ لڳندو ته وڻ به لڏندو. ڪنهن ڪنهن مهل ڪو پن چري ٿو.

ولو: بجلي آھي يا نه؟

کمون: بجلي ڪهڙي، بجلي ڍڳي مال سان گڏ جهنگ چرڻ وئي آھي، بجلي ڪُتي رول آھي، سا اچ وڃ ۾ پوري، باقي پاور واري بجلي ته برسات ۾ شھرن ۾ به نه هوندو آھي، ته ڳوٺ ۾ ڪٿي هوندي،

ڪهاڻي، “رُت“

حيراني ۽ پريشاني ۾ پهتل جون اکيون، چڱي طرح تپاسي وڏي شهر جي معروف اکين جي ڊاڪٽر چيو، اکيون ته صحت مند آھن، آگم صرف ساوڻ رُت ۾ ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ سونهي ٿو،

ڪهاڻي “برسات ۽ ٻوڏ“ جي هنن لفظن سان پڄاڻي ٿئي ٿي؛ “ماڻھوءَ جي وس ۾ آهي ته گهڻو ڪجهه، ناهي ته ڪجهه به ڪونهي، واڳ ڏڻي تو وس، جڏھن والي واحد کي رحم پوي،”

هن سڄي ڪتاب مان پڙھندڙ کي جيڪڏھن ڪا هڪ سٽ يا هڪ خيال به وڻي وڃي ته ليکڪ جو پورهيو سجايو ويندو،

“جي ماسو جُڙيئي مال ته پوڄارا پُر ٿيئين “


 

مٺل جسڪاڻي جي ڪهاڻين جي ڪتاب ”برسات ۽ ٻوڏ“ جو مختصر جائزو

مختيار چنو

“فرصت کی بھاگ دوڑ سنبھالی هوں میں

مصروف اس قدر هوں کرنے کو کجھ نهیں”

(نا معلوم)

مون سان به ڪجھ ائين ئي ٿيو آهي. پروفيسر مٺل جسڪاڻيءَ جو ڪهاڻين جو مجموعو “برسات ۽ ٻوڏ” نومبر جي پهرين تاريخن ۾ پهتو هو. هاڻي ڊسمبر شروع ٿي چڪو آهي.

دماغ ۾ ڪاليج کليل هجڻ معني مصروف هجڻ وارو خيال سوار رهيو. ائين وقت گذري ويو.

نيٺ اڄ فيصلو ڪري ئي ورتو، ڪئين به ڪري ڪتاب تي لکڻو آهي.

ٻيانوي صفحن تي مشتمل ڪتاب “برسات ۽ ٻوڏ” ۾ ڪل چوٽيھ ڪهاڻيون ۽ نظم ڪهاڻيون شامل آهن. ڪتاب جو مهاڳ نامياري ڪهاڻيڪار محمود مغل لکيو آهي.

ڪتاب تي مھاڳ کان به وڌي چڙهي “ڇر ۽ ليٽ” جي عنوان سان وهاب سهتي پيش لفظ لکيا آهن. جيڪي ڪتاب جي جان آهن. جنهن ۾ ڪهاڻين جي اڀياس کان علاوه وقت به وقت ڪهاڻي ۾ ايندڙ تبديلين تي پڻ کُلي لکيو ويو آهي.

ڪهاڻي پنهنجي ابتدائي اوسر کان موجودھ وقت تائين پنهنجي فن ۽ فڪر ۾ تبديلي قبول ڪندي آئي آهي.

مان هتي وهاب سهتي جي پيش لفظن ۾ ڪهاڻي جي تيزي سان تبديل ٿيندڙ ڪٿا جيئن جو تيئن لکان ٿو.

“اڳي اسٽوري يا شارٽ اسٽوري، ان کي تسليم ڪبو هيو، جيڪا گهٽ ۾ گهٽ ڊيمي سائيز جي سورنهن صفحن تي مشتمل هجي. جڏهن ته جديد تقاضا، وقت جي کوٽ سبب، اها وڃي بچي آهي ته ننڍڙي ڪهاڻي لکي وڃي. ان ڏس ۾ ڪن هڪ پئراگراف تي مشتمل ڪهاڻي متعارف ڪرائي. ڪن کيس سو لفظن ۾ محدود ڪيو. ڪن اڃا به گهٽائي چند سٽن تي آندس. ڪن ته اڃا گهٽائي ايترو ننڍو ڪيس جو اڳي جنهن کي لطيفو سڏبو هو تنهن کي ڪهاڻي سڏيائون. ڪي اڃا وڌي وڃي ٻڙي _ لفظ _ڪهاڻيءَ جا دعويدار ٿيا.”

ان کان علاوه ڪهاڻيءَ لاءِ ستن عنصرن/جزن “پڪڊوطما” جو هجڻ به انتهائي ضروري آهي.

يعني “پ” مان مراد “پلاٽ” ــ “ڪ” مان مراد “ڪردارنگاري” ــ “ڊ” مان مراد “ڊائلاگ (مڪالما)” ــ “و” مان مراد “واقعا” ــ “ط” مان مراد “طرزِ تحرير (اسلوب) ــ” م” مان مراد” مرڪزي خيال (مقصد) ــ “ا” مان مراد “اختتام “

نقاد ادب جي فني ۽ فڪري پهلوئن جائزا وٺندا آهن. اڀياس ڪندا آهن. ان تي پنهنجا فيصلا ڏيندا آهن. هيءَ حقيقت آهي ته تبديلي اڻ ٽر آهي. تبديليءَ جي رستا روڪ نه ٿي ڪري سگهجي. هر دور پاڻ سان تبديلي کڻي ايندو آهي. ڇو ته هر دور جون سياسي، سماجي ۽ معاشي گهرجون پنهنجون پنهنجون هونديون آهن

ادب ۾ شاعري ۽ ڪهاڻي تي تجربا ٿيندا رھيا آھن.

مختلف وقتن تي ڪيل تجربن کانپوءِ هاڻي فني ۽ فڪري طور تي ڪهاڻي به تبديل ٿي چڪي آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ ڪهڙي شڪل شبيھ اختيار ڪندي، چئي نه ٿو سگهجي.

مٺل جسڪاڻي جي ڪهاڻين تي نظر وجهجي ٿي ته هو پنهنجي پيشرو ڪهاڻيڪارن کان بنھ الڳ بيٺو آهي. هن وٽ پنهنجو جدا اسلوب ۽ دڳ آهي.

۳۳)

ڪتاب “برسات ۽ ٻوڏ” جي پهرين ڪهاڻي “عقل ۾ اڌورو” آهي.

ڪهاڻي ڳوٺائي پس منظر تي آڌاريل آهي. “پروءَ ۽ نوريءَ” ٻن ڪردارن جي وچ ۾ ايندڙ وڏن مينهن بابت ڳالھ ٻولھ تي مشتمل آهي.

موسميات کاتي سئو ويھ کان سئو ٽيھ ملي ميٽر برسات پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي هئي. پرو اڻپڙهيل آهي هن کي سئو ٽيھ ملي ميٽرن جي ماپ جو اندازو نه هو. فصل ٻڏي وڃڻ جي خوف کان پريشان هو.

نورو، پروءَ کي عقلي دليلن سان سمجهائي ٿو.

“جيڪڏهن ڏيڍ سئو ملي ميٽر به پيو ته به...، پروءَ ساڄي هٿ جي مٺ ٺاهي، آڱوٺو اڀو ڪري، مٺ کي زمين تي رکي، آڱوٺي جي چوٽيءَ تي کاٻي هٿ جي آڱر رکي، سمجهائيندي چيس: ايترو مينهن وسندو. ان کان ٻيڻو ٽيڻو پاڻي تون فصل کي هر واري تي ڏيندو آهين”

ڪهاڻي ۾ جتي تاريخ، ڪلچر، ثقافت سهيڙجي اتي ٻولي به محفوظ ٿئي ٿي. ڪهاڻيءَ ۾” پنا ڏئي لهي پوڻ ۽ ھاڻي آئين نه پيرَ تي” سٺيون تشبيهون استعمال ڪيون ويون آهن.

ڪهاڻي ۾ تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو آهي. ڪهاڻيءَ ۾ جدت آهي ۽ ڪلائمڪس به رِيزَن ايبلُ (Reasonable) آهي.

۳۷)

ڪهاڻي “وس ۾” هن ڪهاڻيءَ متعلق مٺل جسڪاڻي پنهنجي پاران ۾ لکيو آهي. هن ڪهاڻي ڪري، مون کي هي ڪتاب آڻڻو پيو. هي مختصر ڪهاڻي آهي. ٽرڊ پرسن نئيريشن ۾ لکيل تاثراتي ڪهاڻي آهي.

اسان وٽ اڪثر ڪري حقيقت کي لئي مٽي ڪرڻ لاءِ چيو ويندو آهي. اهڙي ڪائي ڳالھ ناهي هروڀرو هن کي سياسي بڻايو وڃي ٿو.

برسات پوري علائقي ۾ تباهي مچائي ڇڏي هئي. فضل ته تباھ ٿيا ئي ٿيا هئا. ماڻهن گهر ٻڏي وڃڻ ڪري مال متاع ۽ بچيل سامان سميت روڊن تي اچي خيما کوڙيا هئا.

ايڏي وڏي تباهيءَ باوجود ڪچهري دوران ڪنھن ذميوار ماڻهو چيو

“برسات سدائين وسندي آهي. سدائين برسات تي سياست ٿيندي آهي!”

لفظ ٻڌندي ئي، هن جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي. پر هن جي وس ۾ نه هو نه ته جيڪر متاثر علائقا وٺي ڏيکاريس هان.

هي هڪ بي وسيءَ جي ڪھاڻي آهي.

۴۴)

ڪهاڻي “اسان جو خير آهي”

هن ڪهاڻيءَ ۾ انساني طاقت جي جڳھ تي مشينري کي ڏيکاريو آهي.

سارين جي لاباري ۽ ڳاھ بابت صلاح مشورا ڪندي ڪمدار پروءَ چيو

“وڏيري هڪ ئي وقت سارين جو لابارو ۽ ڳاھ ڪرڻ واري مشين، ان ڪري نه ورتي هئي ته لابارو لاهيارا ۽ ڳاھ هاري ڪن. اوهان گوڙ نه ڪريو، پاڻي ٿورو جھڪو ٿئي ته مشين واهيون”

بچايو تيار فصل کي برسات ۾ تباھ ٿيندي ڏسي، ڪمدار کي ايلاز ڪن ٿا. پاڻي لهڻ جو انتظار ڪندي ان سنگ ۾ ڦٽي ويندو يا ڇڻي ويندو.

ڪمدار ڪاوڙ ۾ بَچَائِي کي چئي ٿو.

“ڳالھ تون به سچي پيو ڪرين پر مشين جي رقم به تارڻي آهي.”

آخر بچايُو بيوسيءَ ۾ ڪمدار کي چئي ٿو

“اسان جو ته خير آهي... پر ڪجو ائين، ته چار داڻا اوهان کي ته ملن!”

“نه برسات، نه هوا” (ص۴۱)

ڪهاڻي ۾ هڪ شخص فون ڪري پاڻ ئي حوال ڏيئي ٿو طبيعت خراب هئي، سخت گرمي هئي. هوا ٺپ بند، شام جو وڻن جا پن مس ڪي چريا، ٻه ٽي ڦڙيون پيون، بجلي بند ٿي ويئي آهي. ٻڌو آ ٽرانسفارمر سڙي ويو آهي.

ڪلائمڪس:

هاڻي هوا به ناهي ۽ بجلي به ناهي.

ٿرڊ پرسن نئيريشن ۾ لکيل احساساتي ۽ تاثراتي ڪهاڻي آهي. ڪردارَ ڪا به جدوجهد نه ٿا ڪن. هڪ واقعي جي نشاندهي ڪري خاموش ٿي وڃن ٿا.

هن ڪهاڻيءَ ۾ واپڊا جي ڪرتوتن کي واکو ڪيو ويو آهي. اسان وٽ هوا جو جهوٽو ۽ مينهنَ جون ٻه ڪڻيون پونديون آهن. واپڊا بجلي بند ڪري ڇڏيندي آهي. ڳوٺن ۾ ته مهينن تائين بجلي ناهي هوندي. هڪ ڪرڀ /آزار جي نشاندهي ڪئي ويئي آهي.

ڪلائمڪس جيتوڻيڪ عام رواجي آهي. پر ميسج سگهارو آهي. ڪهاڻي گھٽ، نثري نظم وڌيڪ سٺو لڳي ٿو.

ڪهاڻي “پنهنجو ڇا ٿيندو؟”

۴۲)

برساتي ٻوڏ کانپوءِ اهي مزدور جن کي پنهنجو اڌ جريب ٻنيء جو به ڪونه هو، پنهنجا سِرَ ۽ ٿورو ٿڪو ضرور سامان بچائي اچي رستن تي ويٺا هئا. اهي ڪنھن جو ٻج پوکڻ، ڪنھن جو پاڻي ورائن، ڪنهن جي کاٽي کڻڻ، رونبو هڻڻ، گڏَ ڪڍڻ جهڙي مزدوري ڪندا آهن. اهي ڳوٺن کي پري اچي محفوظ بندن تي ويٺا هئا. برسات کي مهينو گذرڻ باوجود پوکن ۾ پاڻي بيٺل هو. هنن کي ٻيو ڪم ڪار هو ڪونه، ان ڪري انھن جي ڪچهرين جو موضوع پاڻيءَ جي نيڪالي هوندو هو.

پاڻي جي ڳڻتي هارين ۽ زميندارن کان وڌيڪ هنن کي هوندي هئي. ڇو ته اهي ٻنيون ئي انھن جي روزگار جو ذريعو آهن.

ھيءَ به ٽرڊ پرسن نئيريشن جي ۾ لکيل ڪهاڻي آهي

حقيقت تي مبني بياني ڪهاڻي آهي. سرڪار جي بيحسيءَ جي وارتا پڻ آهي. جيڪا هميشه جيان متاثرن کي پٽنِ تي ويهاري گم ٿي ويندي آهي. پويان جي سار ناهي لهندي.

مها ٻوڏ ۲۰۱۰ع ۾ ڪنڌ ڪوٽ ائٽ ڪشمور ۾ اهڙيون وارتائون مون پنهنجي اکين سان ڏٺيون هيون. ماڻهو پنهنجي وٿاڻين وڃڻ لاءِ ڪيترا بيچين هوندا هئا!

ڪهاڻي “برسات ۽ ٻوڏ” (ص ۵۱)

ڪهاڻيءَ جي شروعات ڪجھ ھيئن ٿئي ٿي. پوري سنڌ ۾ بارش واهڙ وهائي ڇڏيا هئا. ميڊيا عام بارشن کي ٻوڏ ڏانهن وٺي ويندڙ ڪردارن تي لکي رهي هئي.

ڪهاڻيءَ جو مک ڪردار “سوجهرو” پنهنجي عزيزن جي سار سنڀال لهڻ لاءِ سندن ڳوٺ اچي ٿو . مهمان جو ٻڌي اوطاق ڳوٺاڻن سان ڀرجي وڃي ٿي. ڪچهريءَ جو ماحول جڙي ويو ته سوجهري موقعي ۽ مناسبت سان هڪ سوال اٿاريو.

“هاڻي برسات کي رحمت بدران زحمت بڻائيندڙ سبب ظاهر ڪجن ۽ انھن جو ازالو پڻ ٿيڻ گهرجي؟”

اوطاق ۾ ويٺل آبادگار سوجهري ڏي ڌيان ڪن ٿا.

سوجھرو پاڻ ئي سبب ٻڌائي ٿو ته ڪيئن آبادگار پنهنجا فصلن جو پاڻي هيٺانهين وارن آبادگارن جي فصلن ڏانهن روانو ڪندا آهن. پاڻي نيڪال ڪرڻ واري کي سندس مٿانهينءَ وارو پاڻي اچي ٻوڙيندو آهي.

سوجهري اڳتي چيو؛ ڪنهن کي برساتن ته ڪنهن کي ماڻهوءَ جي شڪل ۾ مِرُن ٻوڙيو آهي.

پاڻيءَ جي وهڪري جا قدرتي گس قبضا گيرن بند ڪري پنهنجو ڪيٽيون بڻائي ڇڏيون آهن. سرڪار جي منصوبابندي نه هجن ڪري رستا ۽ روڊ تعمير ٿيڻ وقت ضرورت وارن هنڌن تي مُوريون نه جوڙڻڻ ۽ پليون نه ٻڌڻ يا ضرورت کان وڌيڪ سوڙهيون پليون تعمير ڪرڻ تباهيءَ جا اصلي سبب آهن. جنهن ڪري عام رواجي برساتن هيڏي تباهي مچائي ڇڏي آهي.

هاڻي اچو ته قبضاگير ۽ ڪرپٽ آفيسرن جي رستا روڪ ڪريون. اسان مها ٻوڏ ۲۰۱۰ع يا هاڻوڪين برساتن مان به نه سکيو ته ايندڙ تباهي کي ڪير به روڪي نه سگهندو!

ان ڪلائمڪس تي ڪهاڻي مڪمل ٿئي ٿي.

پوري ڪهاڻي سوجهري جي ليڪچر تي آڌاريل آهي. جنهن ۾ وڏي مهارت سان ٻوڏ جي سببن جي نشاندهي ڪئي ويئي آهي. ڪهاڻيءَ ۾ همٿائڻ جي ترغيب پڻ ڏني وئي آهي. جيڪا ڪارائتي ڪوشش آهي. سوجهري جو ڪردار مثبت سوچ رکندڙ اڳواڻ وارو آهي.

ڪهاڻيءَ ۾ سرڪار، وڏيرن، نا اهل آفيسرن کي پڻ ننديو ويو آهي.

ملاقات (ص۵۵) :

پهرين صفحي کان ص۵۴ تائين هر سٽ ۾ درد، تڪليف، نه ختم ٿيندر پيڙاءُ هو. پڙهندي ڪنهن مهل اکيون اُٿلي ٿي پيون. کلَ ته وسري ئي ويئي هئي.

مون هن کي، ڪتاب کان اڳ فيس بڪ تي پڙهيو هو. ان ڪري اڳ ئي خبر هئي. هن ماڻهو وٽ دل آهي ئي ڪونه. پيار ٻيار کان ڪوهين پري آهي. پر پوءِ به اعتبار نه ايندو هو ته هي ڪيئن اڪليو درد جون ڀريون کڻي ٿر بر جھاڳيندو وتي ٿو. هن کان آهيو سڀ ڪجھ ڪير ٿو ڪرائي؟

پر ڪهاڻي “ملاقات” هن جا پول وائکا ڪري ئي وڌا.

ڪهاڻي ملاقات ۾ مينهوڳيءَ جي هڪ اهڙي ياد جو ذڪر آهي.

جڏهن فصل پاڻي هيٺ اچي ويندا آهن. غمي شادي، عيد براد جي موقعن تي مالوند لنبيل بُھ، سارين، جوئر ۽ ٻاجهر جا ڪانن جا گڏا مال جي چاري لاءِ ڪم آڻيندا آهن.

ھيءُ هڪ اهڙي ٽپهريءَ جو ٻاجهر جي دَنَ ۾ هن سان (جيڪا اڄ به سندس يادن تي ڇانيل آهي) مليو هو.

عرصو گذرڻ باوجود اڄ به جڏهن سانوڻ جون برساتون پونديون آهن. ٻاجهر جي دَنَ ڏسندو آهي. کيس اها ملاقات ڏاڍي ياد ايندي آهي.

ٿرڊ پرسن نئيريشن ۾ لکيل ڪهاڻي آهي. ڪهاڻي هڪ ياد تي مشتمل آهي. ڪهاڻيءَ ۾ منظرنگاري موجود آهي. مشاھداتي ڪهاڻي آهي. موضوع روايتي آهي. مون کي خوشي آهي هو صرف کُهري مزاج وارو ناهي. هن وٽ پيار لاءِ ڌڙڪندڙ دل به آهي. هاڻي جلدي ٻاجهر جي گَڏي سميت ڇوڪريءَ جي خبر پوي ته وه واھ ٿي ويندي.

ٻَنُو ٻارو هڪ! (ص ۶۶):

هن ڪهاڻيءَ ۾ پنجن ستن دوستن جي رضا جي رهائش تي ڪچهريءَ جو بيان ڪيو ويو آهي. موضوع بارشون ئي آهي. هن ۾ ٽي ڪردار هڪ ٻئي سان انٽريڪٽ (interact) ڪن ٿا. متحرڪ آهن.

رياض باٽني ۾ پوسٽ گريجوئيٽ آهي. شهر ۾ ڄائو نپنو آهي. ان لاءِ ڳوٺن ۾ استعمال ٿيندڙ لفظن جي واقفيت گهٽ آهي. رضا، ڳوٺاڻو آهي. روزگار سانگي شهر رهي ٿو. پر ڳوٺ جي حال احوال کان باخبر رهي ٿو. ولِي، جيڪو بارش جي صورتحال تي ڳالهائيندي چوي ٿو ته پاڻي ڪٿي ٿورو، ڪٿي چار پنج فوٽ، ڪٿي مڙس تار آهي. فصل ۽ ڳوٺ پاڻيءَ جي گهيري ۾ آهن.

رضا، وليءَ جي ڳالھ کي اڳتي وڌائيندي چئي ٿو ته اسان جي ڳوٺ ۾ به برسات ايتري جُجھي وسي آهي جو ٻنو ٻارو هڪ ٿي ويو آهي. رياض “ٻنو ٻارو” هڪ ٻڌي پڇي ٿو، ٻنو ٻارو هڪ ڪيئن ٿيندو آهي؟

رياض جي ڳالھ تي ڪچهريءَ ۾ ويٺل هڪ اڌ دوست مرڪن ٿا.

رضا، رياض کي ٻڍائي ٿو ته پاڻيءَ جي گهڻائي سبب اهڙي صورتحال جنهن ۾ ٻنو نظر نه اچي ته ان کي “ٻنا ٻوڙ يا ٻنو ٻارو هڪ” چئبو آهي.

جئين مون اڳ ئي چيو آهي. ادب مختلف موضوعن کان سواءِ ٻوليءَ جو محافظ پڻ آهي. ان کي سهيڙندو آهي. ان کي محفوظ بڻائيندو آهي.

هونئن به ڪچهريون سکيا جو مرڪز هونديون آهن. معلوماتي ڪهاڻي آهي. پڙهڻ کان پوءِ سٺو تاثر ڇڏي ٿي.

اشارو (ص۷۴) :

هيءَ برسات جي پسمنظر ۾ هڪ سَارَ/ياد آهي. شروعات ۾ ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار سمهيل سياڻي اٿي ويهي رهي ٿي. جنهن ڳوٺ ٻڏي وڃڻ ڪري پنهنجي ڌيءَ سڀائيءَ، مڙس ۽ مال متاع سميت ڳوٺاڻن سان ڳوٺ کان منو ڪلوميٽر پري ڦٽل کوھ جي ڀڏي تي اچي پناه ورتي هئي. اتي ويٺي سياڻيءَ کي پنهنجي ڍيءُ سڀائي واري وَهي ياد اچي ٿي. جنهن جي عمر تيرنهن سال آهي.

سياڻي کي آڌي رات جو، سندس جوانيءَ ۾ پيل برسات ياد اچي ٿي. جنهن ۾ هنن جي پري جي مائٽن جو ڳوٺ ٻڏو ته نه هو. پر فصل تباه ٿي ويا هئا. اهي سڀئي گهر ڀاتين سان گڏ وٽن اچي ترسيا هئا. ڏينهن جو عورتون ۽ مرد پورهيو ڪندا هئا. رات جو ساڳي پڌر تي سمهندا هئا. اتي سياڻيءَ جي ملهار سان اک لڳي وئي هئي. ائين بارش ۾ ٻڏي وئي هئي. ماڻس خبر پوڻ شرط هن جي شادي ڪرائي ڇڏي هئي.

اڄ سياڻيءَ کان ڇرڪ ان ڪري نڪتو جو ماڻڪ جون اکيون سندس جهوپڙي ۾ پوڻ ۽ سڀائي جو ماڻڪ جي ڀيڻ جي وڍيڪ ويجهو اچڻ ڪري شڪ پيو هو. اڄ رات سڀائي ۽ ماڻڪ کي اشارو ڪندي ڏسي ورتو هو.

ڪهاڻي جو مک ڪردار سياڻي کي پنهنجي ڍيءُ سڀائي جو اونو آهي. جيتوڻيڪ هوءَ اڳ پاڻ به اهڙي غلطي ڪري چڪي آهي پر نياڻي تي ماءُ جي حيثيت ۾ نظر رکي ٿو. سٺي متاثر ڪندڙ ڪھاڻي آهي. متحرڪ ڪردار آهن. ڪهاڻيءَ جو ڪلائمڪس بهتر آهي

ڪتاب “برسات ۽ ٻوڏ” مڪمل سنجيدگيءَ سان پڙهيو آهي. ڪجھ ڪهاڻين تي پنهنجي الڳ الڳ راءِ به ڏني آهي.

جيتوڻيڪ ادب معاشري جي دردن، پيڙائڻ، محرومين، ڪاميابين، خوشين جي نشاندهي ڪندو آهي. ساڳي وقت ادب

پڙهندڙن کي تفريح به مهيا ڪندو آهي.

اڄوڪي ڪهاڻي مختصر ضرور ٿي آهي پر ڪهاڻيءَ ۾ ڇرڪائيندڙ ڪلائمڪس کي وڌيڪ پسند ڪيو وڃي ٿو.

آسان ۽ مختصر جملن جي استعمال سان ڪهاڻي پڙهندڙ تي وڌيڪ متاثر ڪندي آهي.

ڪهاڻيءَ ۾ ڪهاڻي پڻ هجي. ان ٻولي ۾ ميٺاج هجي.

منهنجي ذاتي راءِ آهي اگر ڪهاڻيءَ جي انهن پاسن تي وڌيڪ ڪم ٿئي ته ڪهاڻي وڌيڪ بهتر ٿي سگهي ٿي.

مان مٺل جسڪاڻيءَ کي سنڌي ادب کي هڪ سٺو ڪتاب ڏيڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو. اميد ته پنهنجي جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ويندو.

 

(روزاني آجيان شڪارپور، ڇنڇر ۱۹ ڊسمبر ۲۰۲۰ع)


 

برسات ۽ ٻوڏ

ننڍي ڪتاب ۾ تمام سٺيون سمجھاڻيون

امجد علي خان

منهنجي پياري چاچا سائين مٺل جسڪاڻي جا قرب جنهن پنهنجو ڪتاب برسات ۽ ٻوڏ جو تحفو پنهنجن هٿن سان مونکي عنايت ڪيو چاچا سائين مٺل جون وڏيون مهربانيون ۽ لک قرب مون تي ۽ ڪتاب برسات ۽ ٻوڏ کي پورو پڙهي ان تي منهنجا پنهنجا ذاتي ويچار اوهان مهربانن جي خدمت ۾ حاضر آھن ۔۔۔۔۔۔

پڪو ارادو ڪري لکڻ جي شروعات ڪئي اٿم پوء ڪئين لکبو ڇا لکبو ڪهڙو لکبو ڪا خبر ته ڪانه اٿم پر لکان پيو ۔۔

سائين مٺل منهنجي بابا سائين جو دوست آھي سائين جڏهن به بابا سائين وٽ ايندو هو ته اتي به صرف ملاقات فقط ايتري ٿيندي هئي جو هڪ ٻئي کي دعا سلام ۽ بس ۽ جڏهن بابا سائين سان گڏ سائين جي حاضري ڀريندا هئاسين ته اتي به فقط دعا سلام ٿيندو هو پر پهريون دفعو منهنجي ملاقات جيڪا هڪ يادگار ملاقات آھي جيڪا اچانڪ ٿي هئي گذريل سال ۰۴ جنوري ۲۰۱۹ع تي سائين مٺل سان پهرين قرب ڪچھري جنهن ۾ آئون اڪيلو هئس. ان دوران ٿيل قرب ڪچھري ۽ سائين جو پيار سائين جي پنهنجائپ

 ائين محسوس ٿي، ته سائين سان رت جا رشتا آھن. ان کان پوء اڄ تائين مٺل سائين سان پنهنجائپ جو اهڙو رشتو ٿي ويو آھي، جيڪو وقت به وقت مضبوط ٿيندو پيو وڃي. بابا سائين جي اچانڪ وڇوڙي ۾ سائين جو شفقت وارو هٿ ياد اٿم ۽ هر ڏک سک ۾ سائين کان هر ڳالھ جي صلاح هڪ بهترين حوصلو ڏيندي آھي۔۔

سائين هڪ بهترين شخصيت جو مالڪ، هڪ بهترين استاد، هڪ اعلي دوست، هڪ اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ٻيو ڪافي ڪجھ ڄاڻي ٿو، پر آئون ذڪر ڪندس سائين جي ٻن ڪتابن جي باري ۾....

 نمبر ۱....سفر بخير

نمبر ۲...برسات۽ ٻوڏ

اهي ٻئي ڪتاب مون مڪمل پڙهيا ۽ سمجهيا آھن ۔۔

سفر بخير هڪ بهترين سفر نامون آھي. جنهن ۾ ڪافي ڪجھ سکڻ لاء مليو۔۔

جئين سفر دوران ڪهڙين ڳالهين جو خيال ڪجي؟

سفر کي ڪئين خوشگوار ۽ يادگار ٺاهجي؟

ان کان علاوه مشھور ماڳن ۽ هنڌن جو سير وغيره لاء ڪافي ڪجھ معلومات ملي. ان کان بعد ٻوٽن بابت به سٺي ڄاڻ آھي ۔۔۔

تازو ڇپيل ڪتاب ”برسات ۽ ٻوڏ“ ۾ جيڪي ننڍيون ننڍيون ڪهاڻيون شامل آھن، انهن مان ڪي ڪهاڻيون پڙھڻ مهل ائين محسوس ٿي رهيو ھو، ڄڻ ته هي ڪهاڻي اسان سڀني تي لکيل ھجي. هن برسات ۾ اسان جو ته خالي فصل ٻڏو هو، اهو به ٻئي زميندار جي مهرباني جي ڪري، پر ڪتاب ۾ ڪجھ حالتون اهڙيون ذڪر ٿيل آھن، جيڪي ٿوري گهڻي فرق سان گهڻي برسات ۾ اسان سان ٿينديون رهن ٿيون ۔۔

وس ۾ ۔۔۔۔

ملاقات۔۔۔۔

يوريا ڀاڻ ۔۔۔۔

نٿو مڙين نه ۔۔۔۔

مزو ۔۔۔۔

آزمائش ۔۔۔۔

آرام ۔۔۔۔۔۔

اشارا ۔۔۔۔

۽ ٻيون به ڪهاڻيون، دل کي وڻيون، پر الاءِ ڇو هي سڀني کان الڳ لڳيون """"""يوريا ڀاڻ""""" ۽ """"""نٿو مڙين نه"""""

پڙھندي پڙھندي ٽھڪ به نڪري ويا۔۔

نظم ڪهاڻين ۾

ڪنهن ٻيءَ ساعت ۔۔۔۔۔۔

امداد۔۔۔۔۔۔۔

خيال ڪجو۔۔۔۔۔

ڪئين ٿو ڀانئين ۔۔۔۔

متاثر۔۔۔۔۔۔

۽

اڱارو۔۔۔۔۔۔۔

نظم ڪهاڻي اڱارو ۔۔۔۔۔

ته تمام گهڻو دل کي وڻي. ڇو ته اڱاري سان تمام گهڻيون يادون اڱاري ۾ شامل آھن. منهنجو بابا سائين اڪثر اڱاري تي چمبڙ گهمڻ لاء ويندو هو ۽ اڪثر خريداري اتي اڱاري تان ڪندو هو. خبر ناهي ڇو هن کي اڱارو تمام گهڻو پسند هو. ھتي اهو لکڻ جو مقصد فقط ايترو آھي ته اسان به اڱاري کي ڏاڍو ياد ڪندا آھيون. جڏهن ڪو به ڳوٺاڻو اڱاري تان خريداري ڪري ايندو آھي، ته ان مهل بابا سائين ڏاڍو ياد ايندو آھي ۽ اڄ سائين جي نظم ڪهاڻي اڱارو پڙھي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا۔۔

هتي سائين مٺل کي فقط ننڍڙي ذاتي راء ڏيندس ته هن ڪتاب ۾ هڪ ڪهاڻي يا نظم ڪهاڻي ”ڀاڪر هجي ها، ته تمام گهڻي سٺي ۽ سهڻي لڳي ها.

برسات ۾ پنهنجن جا ڀاڪر ڏاڍا ياد ايندا آھن. جڏهن برسات تمام تيز هوندي آھي يا گوڙون ٺڪاءُ ڪنديون آھن ۽ کنوڻون تجليون ڪنديون آھن، ته ان مهل اندر ۾ اڀرندڙ ڊپ ننڍن ۽ وڏن جو هانءُ ڏاريندو آھي، ته ان مهل بابا جا ڀاڪر ڏاڍا ياد ايندا آھن۔۔

۽ ها جڏهن به ڪنهن به مشڪل وقت ۾ يا برسات ۾

اڪثر وڏا پنهنجن وڏڙن کي تمام گهڻو ياد ڪندا آھن۔

باقي ڪتاب تمام گهڻو سھڻو ۽ سٺو آھي. ننڍي ڪتاب ۾ تمام سٺيون سمجھاڻيون آھن ۔۔۔

(روزاني چڻنگ حيدرآباد، آچر ۲۰ ڊسمبر ۲۰۲۰ع)


 

برسات ۽ ٻُوڏ

مٺل جسڪاڻيءَ جو مختلف ڪھاڻي-ٽيڪنڪس تي آڌاريل ھڪ منفرد ڪتاب – تنقيدي اڀياس

خليق ٻگھيو

سنڌي ڪھاڻي، جيتوڻيڪ پنھنجي جديديت پُڄاڻان جي دَور جي موضوعن کي گَھڻ-پاسائتي نموني سان اڃان تائين سميٽي نه سگھي آھي، پر موضوعن جي ڏُڪارَ جي باوجود، ڪجھ منفرد ھجڻ جو ذوق کَڻڻ جي يقينن شروعات ڪري چُڪي آھي، جنھن جو عملي ثبوت مٺل جسڪاڻيءَ جو ڪھاڻي-ڪتاب ”برسات ۽ ٻُوڏ“ به آھي، ھي ڪھاڻي-ڪتاب نه صرف پنھنجي جسم (متن) ۾ مختلف گھاڙيٽن / ھيئتن جي ڪري منفرد آھي، پر پنھنجي روحَ ۾ موضوعاتي طور تي به منفرد آھي، ڇاڪاڻ ته ھِن ڪتاب جون سڀ ڪھاڻيون برسات“ جي موضوع تي آڌاريل آھن، ساڳي وقت ھيءُ ڪتاب، برسات جي موضوع جي پاداش ۾ ڪجھ ضمني سطح جي موضوعن کي به پنھنجي جھول ۾ وجھي بيٺو آھي ٻي پاسي جنھن ”ٻوڏ“ جو ذڪر مسئلي طور سامھون اچي ٿو، سو به نوي سيڪڙو فصلن ۾ بيٺل برساتي پاڻيءَ واري ٻُوڏ جو آھي،درياھي وھڪرن جو ذڪر بنھه نه ھئڻ جي برابر آھي، ٽيڪنڪ جي لحاظ کان به ھي ڪتاب منفرد آھي، ڇاڪاڻ ته ھيءُ ڪتاب ، ڪھاڻيءَ جي مختلف فني ٽيڪنڪس کي تجربن ھيٺ آڻي ٿو. ھونئنءَ ڪھاڻيءَ جي ٽيڪنڪ کي ڪنھن ھڪ مخصوص وصف سان اُڪرائي ۽ اُڪلائي نٿو سگھجي، فڪشن ادب ۾ ٽيڪنڪ جا ڪيترائي قِسم ٿين ٿا. ھِن ڪتاب جي اھا خوبي آھي جو ھيءُ ڪتاب، ٽيڪنڪ جي ڪيترن ئي متروڪ قِسمن کي به نئين سِر جياري ٿو.ڪتاب جي اختصاريت، ٽائيٽل ۽ پينٽنگ اسڪريني جمالياتي-حظ ڏيندڙ آھي، جنھن ڪري ھيءُ ڪتاب ظاھري خوبصورتيءَ سان سرشار نظر اچي ٿو، مُون محسوس ڪيو آھي ته ھيءُ ڪتاب پاڻ سان کڻن ۽ بار بار پڙھڻ ۾ لُطف اچي ٿو.اُن جا ڪيترائي سبب ٿي سگھن ٿا، پر ٻه وڏا سبب ھي آھن ته ھن ڪتاب ۾ ٻھراڙيءَ جي خوبصورت فطري نظارن جي نھايت سُھڻي منظر نگاري موجود آھي، جيڪا جمالياتي مسرت بخشڻ جو سبب بڻجي ٿي، ٻيو ته ھِن ڪتاب ۾ ڳُوڙھا فلسفا ڪُونھن، جيڪي ماڻھوءَ کي وقتي پريشان ڪري وٺندا آھن. ھيءُ ڪتاب مون لاءِ دلچسپيءَ جو باعث اُنھيءَ ڪري به آھي، جو ھِن ڪتاب جون مختصر ڪھاڻيون، ننڍن ننڍن صفحن تي، ھِن تيز رفتار دَور ۾، صفحي کان سوا صفحي يا ڏيڊ صفحي تائين، پنھنجي پُڄاڻيءَ جي منزلن کي ڇُھي وٺن ٿيون. جنھن ڪري قاري ھنن ڪھاڻين جي طوالت ڏسي خوفزده نٿو ٿئي، ٻيو ته ھِنن ڪھاڻين جي ٻولي ۽ لَھجو ايترو سولو سادو ۽ عام نوعيت جو آھي، جو اُن کي ھر مڪتب فڪر جو ماڻھو آسانيءَ سان پڙھي پنھنجي شعور ۾ سموئي سگھي ٿو. ڪھاڻيءَ ۾ جيڪڏھن متروڪ لفظن جو استعمال ھجي ھا ته اُھو پڙھندڙ کي لغت ڏسڻ تي مجبور ڪري ھا ۽ تنقيدي لوازمات تحت، دقيق ۽ ڳورن لفظن جو استعمال ڪھاڻيءَ جو نقص ھُوندو آھي.مٺل جسڪاڻيءَ جون ھي ڪھاڻيون گھڻو ڪري، شروعات ۽ پڇاڙي رکن ٿيون، فني طور ”وچ“ واري خساري جو بارُ نٿيون کڻن، ڪڏھن پيچيده پلاٽ به ڪھاڻيءَ جو پڙھندڙ کي خفي ۾ وجھندو آھي، مٺل، جون ڪجھ ڪھاڻيون ابتدا، وچ ۽ انجام تي به منحصر آھن، پر اُنھن جو پلاٽ به غير منظم يا پيچيده ڪونھي،جنھن ڪري ئي انھن ۾ به اختصاريت آھي. مٺل جون ڪھاڻيون مختصر-پڻي جي ڪري به پُرڪشش آھن. ھونئنءَ اُھا حقيقت آھي ته جديد ڪھاڻيءَ جي فن ۾ به اختصاريت وڌيڪ جاذب نظري جنميندڙ آھي، ڇوته ھِن نفسانفسيءَ جي دور ۾ وقت جي ڪَمي ھر جاءِ تي نظر اچي ٿي ،ھاڻي ڪھاڻين ۾ واقعي جي عڪس بنديءَ بعد ھڪدم ڪھاڻيءَ جو ڪلائيمڪس ڏنو وڃي ٿو،ڪِن جديد ڪھاڻين ۾ وري ڪلائيمڪس شروعات ۾ ھوندو آھي،باقي ڪھاڻي فليش بيڪ تي انحصار رکندي آھي،مٺل جي ڪھاڻين جي فن ۾ ڪلائيمڪس شروع ۾ ڪِٿي به نظر نٿو اچي،اُھو ھڪ جدا آرٽُ آھي، جيڪو ھن ڪتاب جي ڪھاڻين ۾ ڪونھي.

مٺل جسڪاڻيءَ جو ھي ڪھاڻي-ڪتاب ”امرتا پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ“ ۲۰۲۰ ۾ ڇَپيو آھي.ڪتاب ۾ ۲4 مختصر ڪھاڻيون ۽ ۱۰ نظم ڪھاڻيون آھن. ڪتاب تي اداري جي پاران ”فقير محمد ڍول“ جي تحرير مان سُڌ پوي ٿي ته ھن ڪتاب ۾ ”ڪجھ نئين ڪرڻ وارو جذبو“ موجود آھي، سندس خيال موجب؛ ”مٺل، برساتن جي راڱن کان پوءِ متاثرن کي ويجھي کان ڏِٺو آھي، جنھن ڪري سندس درد سَوايو بڻجي ويو آھي، پرمٺل ڪنھن به ننڍي وڏي ڪھاڻيڪار جي اثر کي نه ڪونھي قبوليو. ڪتاب جي مھاڳ ۾ محمود مغل نھايت خوبصورت ڳالھيون ونڊيون آھن. ھُن ڪتاب جي موضوع کي ھِن نموني انٽرپرٽيٽ ڪيو آھي؛ ”چار ئي موسمون ڪئلينڊر تي نظر اينديون آھن. پنجين موسم اندر جي ھُوندي آھي ڇھين موسم برسات جي موسم ٿيندي آھي، پوءِ اُھا برسات، نيڻن جي ئي ڇو نه ھجي. وسيل پاڻي، لھڻ ۾ دير ڪندو آھي، پر لھي ئي ويندو آھي. اندر جي اُساٽ ختم ته ٿيندي آھي، پر الائي ڇو ھڪدم وري ڪَرُ کڻندي آھي، ھِنن ڪھاڻين پڙھڻ سان اِھو خيال شدت وٺي ٿو، اثر انگيز تحريرن لاءِ، ادا مٺل کي مبارڪون ھجن!“ محمود مغل پنھنجي مختصر ڪھاڻين تي ايترين خوبصورت ڳالھين بعد به ڪھاڻين تي کُلي رايي لکڻ کان اجتناب ڪيو آھي. ۽ سندس اھو چَوڻ ته ”ھي ڪھاڻيون پڙھڻ بعد، اُساٽ وقتي طور ختم ٿي،.وري ڪَرُ کڻندي آھي“، ھِنن ڪھاڻين جي ڪھاڻين جي ادبي قدرشناسائي آھي يا انھن جي نامڪملتا طرف اشارو آھي؟ مون کي ته اُنھن لفظيات ۾ تنقيد نظر اچي ٿي،ڇوته جيڪي ڪھاڻيون صرف وقتي اُساٽ ختم ڪن، تن ۾ آفاقي قدر ته نٿا ٿي سگھن! وھاب سھتي جي ”پيش لفظ“ ۾ ڪتاب جي ڪھاڻين تي صرف ھڪ رايو آھي ته : ”مٺل جسڪاڻيءَ، ڪھاڻيءَ جي صنف تي جديد تقاضائن سان نه رڳو پاڻ ملھايو آھي، پر ڪوشش ڪري پاڻَ کي ھڪ موضوعَ ۾ بند رکيو آھي.“ باقي وھاب سھتي جي تحريرَ (پيش لفظ) دراصل ”ڪھاڻيءَ جي فن جي ارتقا“ واري موضوع تي لِکيل آھي، پر ڪتاب جي ھِنن ڪھاڻين تي روشني نٿي وجھي. ائينءَ چَئجي ته وھاب سھتي جي ھيءَ تحرير، ذري گھٽ ھڪ ڌار تحرير آھي. ڪتاب ۾ ڪھاڻيڪار جي ”پنھنجي پاران“ ۾ ڪتاب بابت حال احوال اوريا آھن، جيڪي سندس ڪھاڻين بابت سندس نظرين جا عڪاس آھن.

ادب ۾ ڪھاڻيون، خود ڪھاڻيڪار جو نڪته-نظر ٿين ٿيون، جن کي ھُو فني قالب ۾ پيش ڪندو آھي. مٺل جسڪاڻيءَ جون ڪَھاڻيون، جيڪي مڪالمن تي ئي محيط آھن، سي ته ڊئريڪٽ سندس ”پوائنٽ آف ويوز“ جي نشاندھي ڪن ٿيون، مٺل جو ھيءُ ڪھاڻي-ڪتاب، دراصل ڪھاڻيءَ جي مختلف ٽيڪنڪس تي پريڪٽس وارو ڪتاب آھي، منھنجي ادراڪ موجب، ھِن ڪتاب کي به ٽيڪنڪس جي لحاظ کان، به ڪَٿي ٿو سگھجي، ٻي صورت ۾ ڪھاڻين تي مڪمل رايي جي ضمانت نٿي ڏئي سگھجي، ھِن ڪتاب ۾ ڪھاڻيءَ جي جن ٽيڪنڪس تي طبع آزمائي ڪئي وئي آھي، تن جي رُوشنيءَ ۾ ھنن ڪَھاڻين کي پاڻ چَڪاسڻ جو سعيو ساريون ٿا.

مڪالمن واري ٽيڪنڪ :

مڪالمن واري ٽيڪنڪ دراصل ادبي ڪھاڻيءَ جي سڃاڻپ واري ٽيڪنڪ گھٽ، پر ڊرامائي انداز واري ٽيڪنڪ وڌيڪ لڳندي آھي.مڪالمن کي سِڌي طرح رکڻ سان ڪھاڻي، خود ڪھاڻي نه، پر نصابي سطح جي گُفتگو لڳندي آھي. مڪالمن واري ڪھاڻيءَ ۾ اُنھيءَ ڪري، ڪھاڻيءَ جو نيريٽوِ ضمير غائب رکبو آھي، جيئنءَ مٺل جي ڪھاڻي ”ڳالھ ساڳي“ ھڪ بھترين مڪالمي ڪھاڻي آھي، ڇاڪاڻ ته ھِن ڪھاڻيءَ ۾ مڪالمن جي اصلوڪي ٽيڪنڪ وانگر، ضمير واحد غائب ۾ Indirect Narration به آھي. ھِي ڪھاڻي ”ڳالھ ساڳي“، ٻن ڪردارن ”ولو ۽ کمون“ جي مڪالمن تي مُشتمل آھي. ڪھاڻي ۾ برسات جي دوران يا بعد ۾ لوڊ شيڊنگ جي اُڀرندڙ مسئلي کي اُڀاريو ويو آھي.

مٺل جي، گفتگوءَ يا مڪالمن تي مشتمل ٻي ڪھاڻي ”ٻنو ٻارو ھڪ!“ ۾ به برسات جو موضوع آھي، ڪھاڻي ۾ برسات سبب پيدا ٿيندڙ زرعي مسئلا ڊسڪورس جي صورت ۾ ڏنل آھن. ڪھاڻي مڪالمن جي باوجود، ضمير غائب جي بيانيي ۾ اظھاريل آھي، پر فڪري طرح ھيءَ ڪھاڻي ڪمزور آھي، ڇوته سموري ڪھاڻي ”رياض“ کي عام عقل Common sense واري ڳالھ سمجھائيندي گُذري وڃي ٿي ته ”ٻنو ٻارو ھڪ“ چَوڻ جو مقصد ڇا آھي؟ ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ ڪردار ”رياض“ ٻُوٽن جي سائنس يعني باٽنيءَ ۾ پوسٽ گريجوئيٽ به ڏيکاريو ويو آھي ته پوءِ ”ٻنو ٻارو ھڪ ٿيڻ“ واري ڪامن سينس ۽ سماجي لسانيات Socio-linguistics واري عام استعمال ٿيندڙ واري لفظيات کي ڇونه ٿو سمجھي سگھي!؟ ڪھاڻيءَ جي ٿيم کي ئي ان فڪري نقص وڃائي ڇڏيو آھي.

ساڳي طرح ڪتاب ۾ موجود ڪھاڻي بعنوان ”عقل ۾ اڌُورو“ به بدستور زراعت جي موضوع سان وابسته ھڪ مڪالمي-ڪھاڻي آھي، ڪھاڻيءَ ۾ صرف ٻه ڪردار ”پَرو“ ۽ ”نُورو“ آھن، ھيءَ ڪھاڻي منفرد اُنھيءَ ڪري آھي، جو سموري ڪھاڻي ٻنھي ڪردارن جي ھڪ ئي موضوع ”برسات“ بابت مڪالمن تي محيط آھي.مڪالمن سان گڏ صورتحال سمجھائڻ خاطر، ضمير غائب، ڪھاڻيءَ جو بيان ڪندڙ آھي.ڪھاڻيءَ ۾ ”نُورو“ ايندڙ وقت ۾ سوَ کان سؤ ٽيھ ملي ميٽر برسات جي خبر ٻُڌندي ئي، ڳڻتين ۾ ورتل آھي، پر” پَرو“ جڏھن کيس سمجھائي ٿو ته ”اُھا برسات ايتري نه آھي، جو پريشان ٿِجي!“، ته اُن جي مُوٽ ۾ نُورو پاڻ کي اَڻ-پَڙھيو ۽ عقل ۾ انڌو سمجھي ٿو. آخر ۾ ڏيکايل آھي ته نُوروءَ کي پنھنجي بي علميءَ تي افسوس ٿئي ٿو. مُنھنجي خيال موجب، ڪھاڻيءَ ۾ اُھا ڳالھ منطق موجب ئي آھي، پر ڪھاڻيڪار پاران ”نُوروءَ“ جي ڪردار کي ”عقل ۾ اڌُورو“ ڏيکارڻ وارو زاويو، ڪنھن به منطقيت کان ھڪ عاري زاويو آھي، ڇوته عقلَ جي علم ڪُنجي ضرور آھي، پر عقل رڳو علم جو محتاج نه ھُوندو آھي. ھر اڻَ-پڙھيو ماڻھو ”بي عقل“ نٿو قرارڏئي سگھجي. ڪيترائي اَڻ-پَڙھيا ماڻھو به وڏا داناءَ نظر ايندا آھن ۽ ڪيترن ئي پڙھيلن کان وڌيڪ عقلمند نظر ايندا آھن، ڪھاڻيءَ جو عنوان ”عقل ۾ اڌورو“ رکڻ ئي نه گُھرجي ھا !

ڪھاڻيءَ جي فن ۾ درست عنوان رکڻ وڏي اھميت جو حامل ھُوندو آھي، ڪھاڻيءَ جو عنوان ئي پُرڪشش ھُوندو ته قاريءَ جو ڌيان ڇِڪبو، پر عنوان اِھڙو ھُوندو، جو عنوان پڙھندي ئي، قاري اڳواٽ ئي سمجھي ويندو ته ھِن ڪھاڻيءَ جو نتيجو ھيءُ نڪرندو، ته پوءِ ڪھاڻي پڙھي ڇا لئه ويندي!؟ ائينءَ ته سمورو تجسس ئي ڊَھي اچي پَٽِ پوندو! مٺل جسڪاڻيءَ جي اڪثر ڪھاڻين جا عنوان تجسس کان خالي آھن اُنھن عنوانن ۾ ڪا به جمالياتي ڇڪ موجود ڪانھي، مثال طور سندس ڪھاڻين جا ڪي عنوان ھي آھن:

نه برسات نه ھَوا- يوريا ڀاڻ-برسات ۽ ٻُوڏ-پاڻي-آرام-ٻنو ٻارو ھڪ-پنھنجو ڇا ٿيندو ؟-اسان جو ته خير آھي وغيره.

مٺل جسڪاڻي جي مٿين ڪھاڻين جا عُنوانَ لڳ ڀڳ اڳواٽ نتيجن جي سُڌَ ڏَئي ڇڏين ٿا، جيڪو به ھڪ فني نقص آھي. عنوان جيڪڏھن تجريدي نوعيت جو ھوندو ته ڪھاڻي وڌيڪ جاذب نظر بڻجندي. ڪھاڻيءَ جي عنوان کي تجسس-ڀريو رکڻ، ھڪ الڳ آرٽ آھي. مثال طور ساڳي ڪَھاڻيءَ جو عُنوان ”ڪَمي“ ھجي ھا ته پڙھندڙ وڌيڪ دلچسپي وٺي ھا!

ڪَھاڻي پنھنجي عنوان، گھاڙيٽي، ٽيڪنڪ، اسلوب، پُڄاڻيءَ جو تخليقي سفر خود بي-ساخته طئِه ڪري اُھو تخليقي سفر خود ساخته نه ٿئي ته وڌيڪ بھتر آھي، بي ساخته سفر پاڻ کي پاڻ دريافت ڪندو آھي ۽ پڙھندڙ به تڏھن ڪھاڻيءَ ۾ وڌيڪ لطافت ۽ رس-چس ڳولي وٺندو آھي. مٺل جون ڪي ڪھاڻيون بي ساخته تخليقي سفر ڪرڻ کان محروم نظر اچن ٿيون جيئنءَ سندس ڪھاڻي بعنوان ”عام معمول“ ته ڄڻ مصنوعي ٽاپڪ ۽ مصنوعي ڪلائيمڪس تي منحصر آھي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ آبادگار برسات جو ٻُڌي، معمول جي زندگيءَ جي ابتڙ ملول ۽ مايوس آھي، دوست کائنس چاھيندي به مايوسيءَ جو سبب معلوم نٿا ڪري سگھن؟ پر ڇو؟ تنھن جا سبب ڪھاڻيءَ ۾ موجود نه آھن؟ (شايد ھُو چيڙاڪ ھو) ڪھاڻيءَ ۾ نه ڏيکاريو ويو آھي ته دوست کائنس آخر مايوسيءَ جا سبب پڇڻ بعد به معلوم ڇونه ٿا ڪري سگھن؟ گھر جا ڀاتي به بمشڪل سان کائنس مايوسيءَ جو سبب معلوم ڪري وٺن ٿا، پر گھر جا ڀاتي کائنس ايترو ته ڏکيو ٿا معلوم ڪن، ڄڻ ته سومناٿ جو مندر فتح ڪندا ھُجن! بعد ۾ ھُو برساتن جي گھڻي پَوڻ جي ڪري، پنھنجي وونئڻن، مرچن ۽ ٽماٽن جي فصلن جي خراب ٿيڻ واري چنتا اظھاري، کين به ملول ۽ پريشان ڪري وجھي ٿو، پر ان بعد ھُو ھڪدم گھر جي ڀاتين کي وري معمول واري مزاج تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، سا به ظاھري طرح سمجھ ۾ نٿي، ڇوته ڪرائس اڳواٽ در تي دستڪ ڏيئي پيو، جيڪو پريشانيءَ جوڳو اڃان تائين آھي، ته پوءِ گھر وارن کي ھُو جلد خوش ڇو ٿو ڪري؟ شايد ڪھاڻي ”خود ساخته“ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ اِئينءَ ٿيو ھجي يا ڪھاڻيءَ جو عنوان اڳ ۾ چونڊي رکيو ويو ھجي! اڳواٽ عنوان چونڊي ڪھاڻي سرجي ويندي ته پوءِ ائينءَ ضرور ٿي سگھي ٿو!

توصيفي ٽيڪنڪ :

توصيفي ٽيڪنڪ، ڪھاڻيءَ جي انداز-بيان جي ھڪ اِھڙي ٽيڪنڪ آھي، جنھن ۾ ڪھاڻيڪار سمورن Events کي خود پاڻ بيان ڪندو آھي،ڪھاڻيءَ ۾ جيڪي به لاھيون-چاڙھيون ھُونديون آھن، تن سڀني جو اظھار ھُو پنھنجي زباني پاڻَ ڪندو آھي، ڪِن ڪھاڻين ۾ خود ڪھاڻي نيريٽر، ڪھاڻيءَ جي ڪردارن ۾ پاڻ به شامل ٿي ويندو آھي.

مٺل جسڪاڻيءَ جون ڪي ڪھاڻيون، توصيفي ٽيڪنڪ تي آڌاريل آھن، مثال طور سندس ڪھاڻي ”نه برسات نه ھوا“ خود ڪھاڻيڪار جي ھڪ بيان تي منحصر چَئن سِٽن واري ڪھاڻي آھي، جنھن۾ ھُو پاڻ اڪيلو ئي ڪردار آھي، ھُو پاڻ ئي ٻُڌائي ٿو ته گرميءَ جي رُتِ آھي، پر نه برسات نه ھوا، نه ٽرانسفارمر به سڙيل آھي.

ھِن ٽيڪنڪ ۾ فني ڪرافٽس جي اشد ضرورت ٿئي ٿي ڇوته ھِن ٽيڪنڪ ۾ صرف مخاطب نظر ايندو آھي مثال طور ھِن ڪھاڻيءَ کي (ضمير متڪلم ۾) واقعي جو بيان ڪندڙ، اُھي سُورَ ڪنھن سان ٿو سلي؟ سندس مخطوب ڪير آھي؟اھا خبر سموري ڪھاڻيءَ مان نٿي پوي. مٺل جي ڪھاڻي بعنوان ”پنھنجو ڇا ٿيندو؟“ به فني طرح ھڪ توصيفي ٽيڪنڪ واري ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ برسات وڌيڪ پوڻ ڪري ٻنين ، فصلن تي ڪم.ڪندڙ مزدورن جي معاشي بدتري بيان ڪئي وئي آھي، مزدورن جي بک، بدحاليءَ، بيروزگاريءَ بابت ڪھاڻي شعور ڦھلائي ٿي، پر توصيفي انداز جي باوجود، ڪھاڻيءَ جو بيان ڪرڻ وارو انداز ضمير متڪلم جي برعڪس، ضمير غائب ۾ آھي، جنھن جي ڪري ڪھاڻيءَ جو توصيفي فن ڪجھ ضربجي پيو آھي، ٻيو ته ھيءَ ڪھاڻي فني طرح ڪلائيمڪس کان معذور ڪھاڻي آھي، جنھن کي پَڙھندي، ڪھاڻيءَ جو سواد بلڪل نٿو اچي، ڄڻ ته ڪو ڪالم پيو پڙھجي، ڪھاڻيءَ جو ڪوبه ڪلائيمڪس نه آھي.

ڊائري-نما ٽيڪنڪ :

ڪھاڻيءَ کي ڊائريءَ جي صورت ۾ جذب ڪرڻ ھڪ الڳ ڪرافٽ آھي، ڊائري/ روزنامچي ۾ روزمره جي حياتيءَ جا ظاھري واقعا به بيان ڪيا ويندا آھن، پر ڪڏھن اندر جي صورتحال جا عڪس پڻ لفظن جي روپ ڌاري وٺندا آھن، مٺل جون ڪي ڪھاڻيون ڊائريءَ-نما ڪھاڻي ٽيڪنڪ رکن ٿيون. سندس ڪھاڻي بعنوان ”مزو“ ستن سِٽن ۾ لکيل ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ رڳو ھڪ شخص جو ھيءُ خيال آھي ته سڄو ڏينھن جي جُھڙالي ۾ ھُن ھڪ سموسو کائي ورتو ته آھي، پر ھاڻي فڪر اٿس ته رات جي ماني کيس مزو نه ڏيندي،مٺل جي ڪھاڻي ”پڪ“ به ھڪ ڊائري-ڪھاڻي آھي، جن ۾ جزوي طرح ڪجھ مڪالما به آھن، پر ڪھاڻيءَ ۾ آبادگار محمد ھارون کي وونئڻن جي فصل بابت، زرعي ڏنل نسخن جو حال احوال لِکيو ويو آھي، ھِن ڪھاڻيءَ کي رڳو لکڻ نه، پر تخليق ڪرڻ جي به ڪوشش ڪرڻ گُھرجي ھا!

ھجوم جي گفتگوءَ واري ٽيڪنڪ :

ڪھاڻين ۾ ھجوم جي گفتگوءَ واري ٽيڪنڪ Crowd Behavior Technic ۾ ماڻھن جي ھجوم جا مڪالما تخليق ڪري، جذب ڪيا وڃن ٿا.ٽيڪنڪ جيئنءَ ته مواد جي جذب ڪرڻ وارو فن ئي ھوندو آھي، جنھن ۾ ڏِسڻو آھي ته ڪَھاڻي ڪِھڙي آرٽ کڻي، پاڻُ پسائي ٿي، ڪرائوڊ بھيور جي ٽيڪنڪ ۾ مختلف ماڻھن جو، ڪنھن به ھڪ موضوع تي ڊسڪورس موجود ھُوندو آھي، اُن ٽيڪنڪ ۾ ربط جو ھُجڻ لازمي ھُوندو آھي، گفتگوءَ جو ربط ٽُٽندو ته پڙھندڙ رُڪاوٽَ سَمجھندو، ناقدن موجب، خود ھُجوم ئي اُنھن ڪھاڻين ۾ ڪردار ٿئي ٿو.

مٺل جي ڪھاڻي ”برسات ۽ ٻوڏ“ به ھڪ ”ھجوم واري گفتگوءَ واري ٽيڪنڪ واري ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ ڳوٺ جي اوطاق تي ويٺل ھُجوم مان صرف ھڪ ڪردار ”سوجھرو“ ڳالھائيندو رھي ٿو، ھُجوم مان ھڪ ڪردار جو ڳالھائڻ ٿورو عجيب لڳي ٿو، پر ڪھاڻيڪار، ھڪ تجرباتي ٽيڪنڪ ۾ ٻيو تجربو ڪندي نظر اچي ٿو، ”سوجھرو“ وقفي، وقفي سان ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ڳالھائي ٿو. اوطاق تي ويٺل سڀ ماڻھو صرف کيس ڌيان سان ٻڌندا رھن ٿا، ڪھاڻيءَ ۾ منظر نگاري ھجوم جي آس پاس واري بھترين نموني ڏنل آھي، سَڀني وٽ موضوع صرف ۽ صرف برسات آھي، ڪھاڻيڪار ٻين ڪردارن کان ساڳي برسات جي موضوع تي به ڳالھرائي ھا ته وڌيڪ بھتر ھو.

ابتدا وچ انجام واري جديد ڪھاڻيءَ واري ٽيڪنڪ:

مٺل جسڪاڻيءَ جون ڪجھ ٿوريون ڪھاڻيون، ڪھاڻيءَ جي اصلوڪي فن تي مشتمل آھن ۽ نھايت زبردست ڪھاڻيون آھن، جن ڪھاڻين گھٽ ۾ گھٽ منھنجي ذھن تي نھايت گھرا اثر تخليق ڪيا آھن، جيئنءَ سندس ھڪ ڪھاڻي ”عادل سان عدل“ آھي، جنھن کي ادب جي سٺين ڪھاڻين ۾ ڳڻي سگھجي ٿو،ھِن ڪھاڻيءَ ۾ سماجي حقيقت نگاري آھي. ڪھاڻيءَ ۾ عادل جو ڪردار ھڪ خانداني روايتي وڏيري جو ڪردار آھي،وڏيرو پنھنجي زمينداريءَ جي دڳ تي ويٺل ھڪ قبيلي کي پنھنجي فصلن مان برسات جو پاڻي ڪڍائي ٻوڙائي ٿو، جنھن ڪري سمورو ڳوٺ خالي ٿي وڃي ٿو، وري به بلدياتي اليڪشن ويجھي اچڻ سان تعزيتون ڪري ڪمدار ”سونھاري“ کي ڳوٺاڻن جي روين کي وري اليڪشني انتقام لاءِ نوٽ ڪرائي ٿو، مختصر ڪھاڻيءَ ۾ سنڌ جي روايتي جاگيرداري ظلم جي خلاف بھترين عڪاسي ڪئي وئي آھي. ھڪ ٻي ڪھاڻي ”اشارا“ به نھايت المياتي ۽ پر اثر ڪھاڻي آھي، ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ماءُ جي چنتا کي نھايت خوبصورت نموني عڪس بند ڪيو ويو آھي. ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ ماءُ ”سياڻي“ پنھنجي ڌيءُ ”سڀائيءَ“ کي ماڻڪ سان رات ٿيڻ کان اڳ اشارا ڪندي ڏسي وٺي تي ته فليش بيڪ ۾ کيس پنھنجي جواني ياد اچي ٿي وڃي ۽ ”ملھار“ ياد اچي ٿو وڃي ته ڪيئَن ھُن ڪھاڻين جي لفظيات موجب ” بنا شاديءَ جي ،سمنڊ جي سپيءَ وانگر برسات جي ڪڻي جھٽي ورتي ھئي۽ مائٽن سندس تڪڙ ۾ شادي ڪرائي ڇڏي ھئي ته سپي کلڻ کان اڳ موتي نه نڪري“ ھيءَ ڪھاڻي دلچسپ ۽ ناصحانه نوعيت جي آھي، جنھن ۾ لفظياتي ڪوڊنگ نھايت ساراھ-جوڳي آھي.

مٺل جسڪاڻيءَ جي ھن ڪھاڻي مجموعي ۾ ڪھاڻي ” آرام“ ۽ ”آزمائش“ ڪھاڻيون متاثر نٿيون ڪن ، ڪھاڻي ”پاڻي“ ۾ ھڪ غريب جي زندگي ۽ مسلسل برساتن ڪري ٿيندڙ حشر کي خوبصورتيءَ سان عڪس بند ڪيو ويو آھي،پر ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ڪلائيمڪس ڪونه آھي، سندس ڪي ڪھاڻيون ”ساروڻي-ٽيڪنڪ تي آڌاريل آھن، مثال ڪھاڻي ”ملاقات“ سموري ساروڻي ئي آھي، جيتوڻيڪ، ڪھاڻي ڪري پيش ڪئي وئي آھي، پر صرف ھڪ ساروڻي ٿي لڳي. ڪھاڻي ”يوريا ڀاڻ“ نظم ۽ ڪھاڻيءَ جي سنگم واري ڪھاڻي لِکڻ جو تجربو آھي،ساڳي طرح ڪتاب جي آخر ۾ نظم-ڪھاڻيون به ڏنل آھن، نظم-ڪھاڻي ”ڪنھن ٻي ساعت“ نھايت پرڪشش رومانوي نظم ڪھاڻي آھي، ٻي نظم-ڪھاڻي ”محدود لامحدود“ نثري نظم جي روپ ۾ نه نظمي خاصيت رکندڙ آھي نه وري متاثر ڪندڙ ڪھاڻي آھي، بس ھڪ ڪيل ڳالھ نظر ٿي اچي. ڪھاڻي-نظم ”امداد“ برسات سٽيلن کي نثري نظم ۾ ھڪ ھدايت-نامون آھي،” ڌپ ڪري ويل پاڻيءَ ۾ “ ٻه ھزار ويھ جي برساتن جي تباھي فوڪس ڪئي وئي آھي، ھن نظم-ڪھاڻيءَ جو اسٽائل رپورٽ-نما نظر اچي ٿو، نظم ڪھاڻي ”خيال ڪجو“ ڄڻ ته نوٽيس-بورڊ نظم-ڪھاڻي آھي، يا ”متاثر“ نظم ڪھاڻي سائن-بورڊ ٽيڪنڪ تي آڌاريل ڪھاڻي-نظم آھي. ٻيون به ڪي نظم-ڪھاڻيون نون نون تجربن تي ٻڌل نظم-ڪھاڻيون آھن، جيئنءَ ”صبر“، ”اڱارو“، ”برسات“، ”ڪيئَن ٿو ڀانئين“ اھڙيون خوبصورت نظم-ڪھاڻيون آھن، جيڪي نثري-نظمن جي روپن ۾ منفرد قِسم جون سگھاريون نظم-ڪھاڻيون آھن۽ ڪي فضول نظم-ڪھاڻيون به لڳن ٿيون.

مجموعي طور مٺل جسڪاڻيءَ جو ھيءُ ڪھاڻي-ڪتاب ”برسات ۽ ٻوڏ“ برسات جي موضوع تي ڪافي جامع ۽ وسيع معنويت سان نون نون ٽيڪنڪي تجربن کي ظھور بخشيندڙ ھڪ سٺو ۽ منفرد ڪتاب آھي، جنھن ۾ برسات جي راڱن جي دردن کي پسڻ جو ويجھڙائيءَ سان موقعو فراھم ٿئي ٿو، پر ٻُوڏ جي ھاڃن کي چٽي طرح نه اظھاريندڙ ڪتاب آھي. ڪتاب ۾ نين نين ٽيڪنڪس تي ٿيل طبع آزمائي ساراھ-جوڳي آھي، پر اڃا به ڪيتريون ئي ٽيڪنڪس آھن، جن تي طبع آزمائي ھن ڪھاڻي-ڪتاب ۾ موجود ڪانھي، مثال طور ڪھاڻي خاڪي-نما ٽيڪنڪ تي به لِکي سگھجي ٿي، رپورٽر طرز به ڪھاڻين ۾ نئين انفراديت جي حامل ھوندي آھي، منظر Descriptive ۾ به ڪھاڻي لِکي سگھجي ٿي، جنھن ۾ ڪھاڻي صرف نالي جي ھُوندي آھي، ڪھاڻيءَ ۾ منظر ئي مرڪز بڻايا ويندا آھن، جن مان پاٺڪ پنھنجي مقصد وارا نتيجا اخذ ڪري سگھندو آھي يا اڄڪلھ ٿري ڊائمينشنل Three dimensional stories به دنيا ۾ لِکيون وڃن پيون، جن ۾ صرف ٽن زاوين کان عڪاسي نه ڪئي ويندي آھي، پر ڪنھن واقعي کي چئن ئي يا ڪيترن ئي پاسن کان بيان ڪيو ويندو آھي، ساڳي طرح خط-نما ڪھاڻيون به الڳ ٽيڪنڪ رکن ٿيون يا خود ڪلامي Soliloquy انداز واري ٽيڪنڪ به ٿئي ٿي. اظھاريت Expressionism به لکڻ جي ھڪ ٽيڪنڪ آھي، جيڪا پينٽنگ مان آيل ٽيڪنڪ آھي،ھِن ٽيڪنڪ ۾ فطرت جو نقل سموئيل ھوندو آھي يا روحاني زندگيءَ جي رد-عملن کي فوڪس ھيٺ آندو وڃي ٿو، ساڳي طرح شعور جي روءِ Stream of consciousness آھي يا ٻيون به ٽيڪنڪس آھن، جن تي طبع آزمائي ڪري سگھجي ٿي. اميد ته مٿين ٽيڪنڪس تي مٺل جسڪاڻيءَ جو ٻيو ڪتاب به ايندو!

 

(روزانه ھلال پاڪستان ڪراچي ۾ ۱۴ جنوري ۲۰۲۱ع تي شايع ٿيل)

 

خليق ٻگھيو جي فيسبڪ وال تان کنيل)


 

برسات ۽ ٻوڏ ڪتاب جو اڀياس

(ڪھاڻيون ۽ نظم ڪھاڻيون)

اڀياس: جعفر شاھاڻي

ڪتاب جو ليکڪ: مٺل جسڪاڻي

ڪھاڻي پنھنجي فن ۽ فڪر ڪري جيتري محنت طلبگار آھي، اھو ڳُجھ ڪنھن ڪھاڻيءَ جي عاشق کان قطعي پوشيده ناھي، تنھن ھوندي به اسان وٽ اجائي ”واھ واھ“ جي به وڏي وٺ وٺان آھي پر ان جو قطعي اھو مقصد ناھي ته سُٺي ڪھاڻي نه پئي لکي وڃي يا اڳوڻو دَم خَم ناھي رھيو. ڪيترا ئي اھڙا نالا آھن جن ڪري سنڌي ڪھاڻي پنھنجي منزل ڏانھن روان دوان آھي باقي ھروڀرو عيب ڳولڻا ھجن ته ماڻھو چنڊ مان به داغ ڳولي لھندا آھن ۽ ڀلان ڀليءَ جو ڇيڙو ته ناھي پر، پوءِ به ڪيترا اھڙا دوست به آھن جيڪي ننڍين ننڍين ڪوتاھين تي تنقيد ته ڪندا آھن پر ڪنھن جي پورھئيءَ کي مانُ ڏيڻ بجاءِ تنقيد ئي ڪندا رھندا آھن پر انھن کان تنقيد کان سواءِ ٻئي صنف لکي ناھي ويندي.

تازو جڏھن مانواري سائين مٺل جسڪاڻيءَ جو برسات ۽ ٻوڏ جي دائري ۾ محدود قلمي پورھيو ھٿن ۾ کنيم ته، سڀ کان پھرين ورجاءُ واري خيال ذھن ۾ جنم ورتو پر ”برسات ۽ ٻوڏ“ ڪھاڻين ۽ نظم ڪھاڻين تي مشتمل ڪتاب پڙھي پورو ڪيم ته اھو گمان نه رڳو ختم ٿيو پر جيئن سائين مٺل پاڻ زراعت سان دلچسپي رکندڙ آھي تيئن برسات ۽ ٻوڏ جي دائري ۾ ڦرندڙ سندس ڪھاڻين مان به زراعت جي جَھلڪ پسي سگھجي ٿي.

عقل ۾ اڌورو: ڪھاڻيء ۾ نه رڳو سئو ٽيھ ملي ميٽر برسات جي ڳالھ ٿيل آھي پر اصل ڳالھ جديد ٽيڪنالاجي ڪري گھٽ علم وارن کي تعليم طرف ڌيان ڇڪائڻ جي ڀرپور ڪوشش به آھي پر ڪاش ڪو سمجھي...

عام معمول: ڪھاڻي برسات کانپوءِ زراعت جي حوالي سان پريشانين کي ھڪ پاسي رکي حوصلن سان جيئندڙ ھڪ شخص جي ڪٿا آھي جيڪو مايوسين کي مات ڏئي جيئندڙ شخص آھي.

ڳالھ ساڳي: ڪھاڻيءَ ۾ برسات کانپوءِ ٻن دوستن جي گفتگو آھي جيڪا توڙي جو عام گفتگو آھي پر شھر ۽ ٻھراڙي ۾ برساتن ڪري ٿيندڙ ويڌن جو سڌو سنئون احوال آھي جيڪو اسان سالن کان ڏسون ۽ ٻڌون پيا پر ڪو واھر ڪرڻ وارو (نظام جي بھتري لاءِ مستقل حل ڪندڙ) ماڻھو عوام جو خير خواھ نه ھجڻ ڪري اسان کي اڃا به انھي ڪارڻ الاءِ ڪيترو ڀوڳڻو پوندو.

عادل سان عدل: ڪھاڻي به ھڪ اھڙي زميندار جي ڪٿا آھي جيڪو ٻوڏ کانپوءِ پنھنجي ٻنيءَ جي پاڻيءَ جي نيڪالي ڪندي ننڍي زميندار جو ته ٻيڙو ٻوڙي ٿو پر ان کان ننڍي طبقي جي ماڻھن سان سياسي اثر رسوخ ڪري چند ڀلائي جا ڪم ڪري بلدياني اليڪشن جي حوالي سان خواب ڏسي ٿو، جن جي پڄاڻي توڙي جو ڪھاڻيءَ ۾ ظاھر ناھي پر تنھن ھوندي به اھي اسان ۽ اوھان کان ڳُجھ ڳُجھا به ناھن.

برسات ۽ ٻوڏ: ڪھاڻيء ۾ سوجھريء جون اھي ڳالھيون آھن جن متعلق اسان برساتن کان اڳ نيوز چينلن تي خبرون ٻُڌندا رھون ٿا پر عملي ڪم نه ھجڻ ڪري عوام کي ھر ڀيري دربدر ٿيڻو پوي ٿو ۽ پوئتي پيل ماڻھو سالن جا سال پوئتي انڌيرن ۾ ڌڪبا وڃن ٿا.

”برسات ۽ ٻوڏ“ ڪتاب ۾ جتي زراعت جي حوالي سان جديد اوزارن متعلق قلم کنيل آھي، اُتي ڪنھن ھڪ ھنڌ ڀوڳ جھڙو تاثر به مليو ته، مجموعي طور ڪتاب ورجاءُ کان به بچيل آھي. ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻيون توڙي نظم ڪھاڻيون اسان جي سماج جو عڪس پيش ڪن ٿيون، جن کان قطعي انڪار نه ٿو ڪري سگھجي.

ڪھاڻين جي حوالي سان ”برسات ۽ ٻوڏ“ ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻين ۾ نه رڳو ڪھاڻي پڻو آھي پر، ڪھاڻيون پيغام ۾ به واضح آھن جيڪي ليکڪ جي وڏي ڪاميابي ڀانئجي ٿي.

۹۶ صفحن تي مشتمل ھن ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻيون مختصر آھن جن کي گھڻا ڪھاڻيڪار دوست فني حوالي سان اڻ پورائي ڪري ناھن قبوليندا پر سائين مٺل جي چونڊ به وڻندڙ لڳي ته سندس محنت به جس لائق آھي، جنھن کان انڪار نه ٿو ڪري سگھجي.

 

(ٿورا نه ٿورا ڪھاڻين جا ٻه مجموعا آڻيندڙ نوجوان ڪھاڻيڪار جعفر شاھاڻي جا، ڇو ته پنھنجي ماحول ۾ ڪتاب پڙھڻ ته ڏکيو ٿي پيو آھي، پر رايو لکڻ شايد اڃان به گهڻو مشڪل آھي! (مٺل جسڪاڻي)

 

(مٺل جسڪاڻي جي فيسبڪ البم تي ۲۸ مارچ ۲۰۲۱ع تي رکيل)

 

 


 

“برسات ۽ ٻوڏ” ڪھاڻي ڪتاب جا الڳ رنگ الڳ موضوع

الطاف لغاري (ھالا)

توڙي جو سنڌي ادب ۾ سڀني صنفن کان وڌيڪ ناول عروج ماڻي چڪو آهي. روز سون جي تعداد ۾ ليکڪ پنهنجي تخليق يا ٻي ٻولي مان ترجما ڪري پڙهندڙ تائين پهچائي رهيا آھن، پر ڪهاڻي سنڌي ادب ۾ پنهنجو الڳ روب الڳ روپ رکي ٿي. ڪيترائي ليکڪ شاهڪار ڪهاڻيون لکي ڪري پنهنجو پاڻ مڃائي چڪا آهن. جن ليکڪن جا نالا لکجن ته کوڙ ٿيندا۔۔

انهن سڀني شاهڪار ڪهاڻي لکندڙن مان سنڌي ادب جي گھڻ رخي ليکڪ محترم مٺل جسڪاڻي جو به پنهنجو الڳ معيار آھي۔

پاڻ هر صنف تي لکندڙ آهن، پر هي ڪهاڻين جو ڪتاب برسات ۽ ٻوڏ بنه الڳ رنگ الڳ موضوع تي لکيو ويو آهي.

جسڪاڻي صاحب ۲۰۱۱ ۾ ايندڙ برسات ۽ ٻوڏ مان ٿيندڙ ٻنيء ٻاري هڪ تي قلم کنيو آهي. امرتا پبليڪشن پاران ڇپايل مٺل جسڪاڻي جي ڪتاب جو مهاڳ محترم محمود مغل صاحب جن لکيو آهي۔ پاڻ لکن ٿا ته انسان جي زندگي ۾ ڪل پنج موسمون وقت جي ڀاڪر ۾ سفر ڪن ٿيون. سرء سيارو بهار اونهارو اهي چار ئي موسمون ڪئلينڊر تي نظر اينديون آهن. پنجين موسم اندر جي هوندي آهي جيڪا ڪئلينڊر تي ته نظر ڪونه ايندي آهي. پر ٻارهوئي مٿان حاوي هوندي آهي. سرءُ، سيارو، بهار ۽ اونهارو ان پنجين موسم جا محتاج هوندا آهن۔ اها هجي ته اهي به هوندا آهن ۽ جي نه هجي ته انهن چئني جي ڄڻ ڪا حيثيت ئي ناهي۔

ڪتاب جي پيش لفظ ۾ محترم وهاب سهتي ڪهاڻين جي سنڌي ادب جي وجود کان ويندي ڪهاڻي ماضي ۾ ڪيڏي وڏي لکي ويندي هئي ۽ اڄ جي دئور ۾ ڪيتري شارٽ لکي وڃي ٿي کان ويندي ڪهاڻين جي هر پهلو تي نظر رکي آهي۔ جيڪو اسان پڙهندڙن جي علم ۾ واڌاري جو باعث بڻجي سگهي ٿو.

جسڪاڻي صاحب پنهنجي پاران ۾ به پنهنجي الڳ معيار سان لکيو آهي. پاڻ لکي ٿو ته؛ منهنجو هي ڪتاب جيئن آهي جهڙو آهي جنهن جنهن جو به ڪو ڪتاب ڇپيل آهي ته اهو جيئن جيئن به سوچي سمجهي۔ ان کي تيئن ئي سوچڻ ۽ سمجهڻ گهرجي، ڇو ته هي ڪتاب انهن ۽ اهڙن سببن جي ڪري جيئن آهي جهڙو آهي تيئن آهي تهڙو آهي۔

جسڪاڻي صاحب ڪتاب کي ٻن حصن ۾ ورهايو آهي؛ پهرين حصي ۾ ڪهاڻيون ۽ ٻي حصي ۾ نظم ڪهاڻيون لکيون آهن.

ڪتاب جي هر ڪهاڻي توڙي جو برسات يا ٻوڏ تي نه لکي وئي آهي پر ڪنهن به طريقي سان هڪ لفظ جو برسات يا ٻوڏ سان تعلق ضرور رهيو آھي.

سڀ ڪهاڻيون شاندار ڪهاڻيون آهن. ايئن کڻين چئجي ته هر ڪهاڻي کي ٿورو پڙهيو گهڻون سمجهڻ جي ضرورت پوي ٿي۔ اڃان به کڻي ايئن چئون ته سڀني ڪهاڻين کي سمجهڻ جسڪاڻي صاحب جي سندس شعر کي سمجهڻ آهي۔

ڳالهائڻ به جنهن کي اچي

لکڻ به جنهن کي اچي

سمجهڻ به جنهن کي اچي

ڪتاب جي حصي ٻي ۾ نظم ڪهاڻيون لکيون ويون آهن، سي به سڀ لاجواب آهن. ڪتاب تي جامع ۽ انتهائي خوبصورت تبصرو محترم خليق ٻگهيو صاحب جو پڙهڻ لئي مليو، جيڪو ڪتاب کي سمجهڻ لئي ڪافي ڪارائتو ثابت ٿئي ٿو. مون صرف ٻه اکر لکڻ مناسب سمجهيا آهن سي به شل قبول پون۔

 

(روزاني “آجيان” شڪارپور، اربع ۱8 مئي ۲۰۲۲ع)


 

مٺل جسڪاڻيءَ جي ڪتاب “برسات ۽ ٻوڏ” لاءِ لکيل ٻه اکر

نم مهيسر

برسات ته رحمت ھوندي آھي. جنھن کي ڏسي پکي پکڻ، ماڻھو، مال، جيت، جانور خوش ٿين ٿا. گاھ ڦٽن ٿا، ھر ھنڌ ساوڪ ٿئي ٿي. اناج اپائجن ٿا. سمنڊن ۾ سپون سپجن ٿيون، جنھن سان ماڻڪ موتي ٿين ٿا.

برسات جيڪا محبوبيت ۽ عاشقانه ماحول جوڙي ٿي، ۽ ھڪ رومانويت پيدا ڪري ٿي. شاعر شاعريون ڪن ٿا. گيت غزل ۽ بيت لکجن ٿا. پر چوندا آهن ته ھر اھا شيءِ جيڪا پنھنجي مول ۽ مقدار کان وڌي وڃي ٿي ته رحمت مان زحمت بنجي وڃي ٿي. جيترو اھا شيءِ فائدي مند ھوندي آھي اوترو ئي نقصان ڪار ۽ ھاڃيڪار بڻجي وڏو آزار ٿي پوندي آهي. سو برسات جي گھڻائي به ٻوڏن ۽ سيلاب جو روپ اختيار ڪري غريبن لاءِ ڏچو بڻجي وڃي ٿي. گھر ۽ اجھا ڊاهيو وجھي، فصل تباھ ڪري ھر طرح جا نقصان ۽ ھاڃا پيدا ڪريو ڇڏي.

مٺل سائين ھڪ جھان ديد ماڻھو آهي سو پڻ ان جي رعناين ۽ عذابن کان خوب واقف آهي. ھي ڪتاب جنھن ۾ برسات ۽ ان جي گھڻائي جڏهن ٻوڏ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي، وڏا وڏا نقصان ڪري ٿي، ته انھن تباھ ڪارين کي ويجھي کان ڏسي پسي مشاهدو ڪري ان موضوع ۽ پس منظر تي ھڪ شاھڪار تصنيف “برسات ۽ ٻوڏ” لکي وٺي ٿو. جنھن ۾ ۲4 ڪھاڻيون ۽ ۱۰ نظم ڪھاڻيون موجود آهن.

مٺل سائين لاءِ ته اھو ئي مشهور آهي ته ھي انوکين ادائن جو ليکڪ ۽ شاعر آهي. ھن جا پنڌ ۽ پيچرا صفا مختلف آهن. ھي جدت پسند ليکڪ آهي. گھڻا اھڙي جديد روپ ۽ رنگ کي مڃڻ کان انڪاري ۽ نابري واري ھڪ ھنڌ پڙ ڪڍي بيهي رھندا آھن. پوءِ دنيا ڀلي ڪيترو به اڳتي نڪري وڃي پر ھي اتي ئي بيٺا ھوندا آھن. اھو ھر دؤر جو الميو رھيو آھي. سدائين جدت پسندن جو رجعت پسندن سان مھاڏو اٽڪيل رھيو آھي. ھر دور ۾جدت ۽ نواڻ ماڻھن کان ھضم ڪانه ٿي آهي ۽ ماڻھون ان کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه ھوندا آھن. پر زمانو شاھد آھي ته وقت انھن کان اھي شيون مڃرايون آھن. سو سائين مٺل جو ھي انوکو گس گھڻن کي گھايو ڇڏي، پر ھي ھڪ سواٽ آهي ۽ انھيءَ سواٽ تي ھلندڙن جو تعداد وڌي پيو ۽ وڌندو رھندو.

سائين مٺل ھن نفسا نفسي واري دور ۾ پنھنجن سمورين، نظم توڙي نثر کي دور جي تقاضا پٽاندر انھن کي اختصار طرف کڻي ويو آھي. ڇو ته کيس چڱي پر پروڙ آهي ته ماڻھن کي ھاڻي اھي الف ليلوي قصا ۽ ڪھاڻيون نه کپن پر مختصر ۽ با مقصد ڳالھ چند لفظن ۾ کپي. جنھن کي ھو ھلندي گھمندي ٿوري وقت ۾ پڙھي وٺي ۽ ٿورن لفظن ۾ گھڻو ڪجھ سمجھي به وٺي ۽ فائدي سان گڏ حظ به حاصل ڪري وٺي.

مٺل سائين جيڪا ھن ڪتاب، “برسات ۽ ٻوڏ“ ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. ان ۾ ھن سمنڊ کي ڪوزي ۾ بند ڪرڻ جي ڪوشش نه پر بند ڪيو آهي. مٺل سائين جو ھي سمورو ڪتاب برسات ۽ ٻوڏ جي پس منظر ۾ لکيل آهي. ان موضوع تي اڳ ۾ به ڪيتريون ئي ڪھاڻيون لکيون ويون آهن، پر مٺل سائين جو انداز بلڪل انوکو، من موهيندڙ ۽ منفرد آھي. سندس ڪھاڻين جا ڪردار ڪھاڻين جي منظر ڪشي نج ٻھراڙيءَ جي ماحول جي خوبصورت عڪاسي ڪن ٿا. لفظن، استعارن ۽ مھاورن جو خوب استعمال ٿيل آھي. برسات جي ڪري پيدا ٿيندڙ مسئلن ۽ صورت حال ۽ برسات کان پوءِ جيڪو ماحول جڙي ٿو، فائدا يا نقصان ٿين ٿا انھن کي ٻھراڙيءَ جو ماڻھو ڪيئن منھن ڏي ٿو. ڪيترين تڪليفن ۽ عذابن مان گذري ٿو. ڪچي مٽيءَ جا گھرڙا، ۽ جھوپڙيون جھريو پون ۽ پاڻيءَ ۾ ٻڏل رھن ٿيون.، فصلن ۾ بيٺل پاڻي فصلن کي ساڙيو ڇڏي. مال متاع لاءِ گاھ جي ٻوڙي جو به ملڻ محال ٿيو پوي. راتين جو بيٺل پاڻي تي پيدا ٿيل مڇرن جي ڪٽڪن جا ڪڙڪا، ته ڏينھن جو دربدري واري زھر جھڙي زندگي جي ڊوڙ ڊوڙان کي مٺل سائين ويجھي کان مشاھدو ڪري انھن سمورين وارتائن ۽ سورن کي ڪوري ڪاغذ سان سلي، انھن کي پنن تي پلٽائي ھي بھترين ڪھاڻيون لکيون آهن.

سندس ھي ڪھاڻين ۽ نظم ڪھاڻين تي مشتمل ڳٽڪو آهي. جنھن جو مھاڳ نالي واري نقاد، ليکڪ ۽ اديب سائين محمود مغل “اندر جي اساٽ” جي عنوان سان لکيو آهي.

سائين وھاب سھتي صاحب “ڇر ليٽ” جي عنوان سان پيش لفظ لکيو آهي. جنھن ۾ پاڻ وضاحت سان ڪھاڻي، ان جي گھاڙيٽي، قسمن ۽ تبديلين، توڙي ابتدا کان وٺي ھينئر تائين جيڪو فن ۽ فڪر جو ارتقائي سفر طئي ڪري اسان

تائين پھتي آھي، ان کي خوبصورت طريقي سان بيان ڪيو آهي.

“برسات ۽ ٻوڏ“ ۾ سمورين ڪھاڻين ۾ ڳوٺاڻي ماحول جو پس منظر آھي.

جيئن ڪھاڻي “عقل ۾ اڌورو” ۾ پروء ۽ نوري جي ٻن ڪردارن وچ ۾ مينھن بابت گفتگو ٿيل آهي. موسميات وارن جي اڳڪٿي آھي ته ۱۲۰ کان ۱3۰ ملي ميٽر مينھن پوڻ جو امڪان آهي. پروء کي انھن ملي ميٽرن جي ماپي جي اندازي جي ڄاڻ نه ھئڻ ڪري فصل جي ٻڏڻ جي خوف ۽ خدشي ۾ ورتل رھي ٿو. ھن ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ ٻھراڙيءَ جي اڻ پڙھيل ۽ اٻوجھ ماڻھون جي تمام گهڻي سادگي ڏيکاريل آهي.

جيئن ڪھاڻي ”اسان جو خير آھي” ان ڪھاڻي ۾ انساني پورھئي ڪرڻ جي سگھ جي جڳھ تي مشينري کي ڏيکاريو ويو آهي. ھن ڪھاڻيءَ ۾ اھو احساس ڏياريل آهي ته جيڪڏهن مشينون لابارو ڪنديون، ڳاھ ڳاھينديون يا اھڙي قسم جا ٻيا ڪم ڪنديون ته ويچارن انسانن جو ڇا ٿيندو؟

ڪھاڻي “عادل سان انصاف” ۾ ھڪ اھڙي زميندا جو ذڪر آهي جيڪو برساتي ٻوڏ وقت پنھنجي ٻنين جو پاڻي ننڍن زميندارن جي پاسي نيڪال ڪري انھن سان بيواجبي ڪري ٿو. پنھنجي ڪمدار سونھاري کي چئي ٿو ته بلدياتي اليڪشن ۾ ورڪ ڪرڻ دوران جنھن ڳوٺ مان جيڪا موٽ ملي پئي اھا ياد رکجان اليڪشن کان پوءِ کين ثابت ڪري ڏيکاربو ته وڏيري عادل وٽ عدل آھي يا نه....

صفحي 74 تي “اشارا” ڪھاڻي ۾ برسات جي پراڻي ياد جو ھڪ منظر ڏنل آهي. ھن ڪھاڻيءَ جو مکيه ڪردار سياڻي آھي. جيڪا برسات جي ھاڃي جي ڪري ڦٽل واھ وٽ ڀڏي تي سندن اصلي ڳوٺ کان منو ڪلوميٽر کن پنڌ تي لڏي اچي جھوپڙيون اڏي ويٺا هئا. سياڻي اڃا جاڳي پئي ته اوچتو کانئس ڇرڪ ڀرجي ويو. سياڻي کي پنھنجي ڌيءَ سڀائي جيڪا هن وقت تيرھن جي سالن جي عمر جي هئي. انھن تيرھن سالن کان اڳ ۾ ٿيل وارتا جي يادگيري اچي ٿي. تڏھن سياڻي جي جواني ھئي برسات جي ڪري ڳوٺ ٻڏو ھو ۽ ھر شيء تباھ ٿي وئي هئي. سياڻي کي جواني ۾ پيل اھا برسات ياد آئي ۽ جيڪي ڪجھ برسات ۾ ٿيو. سندس پيءُ جو ننڍي ھوندي جو دوست ملھار جو پيءُ ھو. سي سڀ برسات جي ڪري وٽن اچي ترسيا هئا. سڄو ڏينهن مرد عورتون مزدوري ڪندا هئا اتي سياڻي جو ملھار سان پيچ اٽڪي پيو ھو. ان ڪري سندن شادي ڪرائي وئي هئي. اڄ سياڻي کي اھو ڏينھن ان ڪري ياد آيو ته ماڻڪ جون اکيون سندن جھوپڙي ۾ پوڻ ۽ سڀائي جي ھجت ماڻڪ جي ڀيڻ سان وڌڻ جو شڪ پيو ھو، رات ٿيڻ کان اڳ ھن سڀائي ۽ ماڻڪ کي اشارا ڪندي ڏسي ورتو هو. سياڻي پاڻ اھڙي قسم جي جواني ۾ غلطي ڪري چڪي ھئي ماضيءَ کي ھڪ دفعو ٻيھر دھرائجڻ سان کانئس ڇرڪ نڪري ويو. ھي ھڪ تمام بھترين ۽ سبق آموز ڪهاڻي آهي.

ڪھاڻي “برسات ۽ ٻوڏ” ھن ڪھاڻيءَ جو مک ڪردار سوجھرو آھي. جيڪو پنھنجن مائٽن جي خبر گيري لھڻ لاء ڳوٺ اچي ٿو. ڳوٺاڻي ماحول موجب مھمان جو ٻڌي سڄو ڳوٺ اوطاق تي اچي گڏ ٿئي ٿو. سوجھرو ڪچھري ۾ ڳالھ اٿاري ٿو ته برسات الله سائين جي رحمت آھي پر اھي ڪھڙا سبب يا محرڪ آھن جيڪي رحمت کي زحمت ۾ تبديل ڪن ٿا. ڳوٺاڻا توجه سان سندس ڳالھ کي ٻڌن ٿا ۽ سوجھرو پاڻ ئي ٻڌائڻ شروع ڪري ٿو ته مٿانھين وارا آبادگار پنھنجي فصلن جو پاڻي ھيٺانھين زمين وارن آبادگارن جي فصلن ۾ موڪلي انھن جا فصل ٻوڙين ٿا. جيڪي پاڻي جا قدرتي وھڪرا گس ۽ گھيڙ ھئا انھن تي قبضا گير ماڻھن قبضا ڪري ڇڏيا آهن. سرڪار وٽ به ڪا منصوبا بندي نه ٿيل آھي. روڊن ۽ رستن جي تعمير وقت پاڻي جي گذر لاء ڪا به موري يا پل نه جوڙي ويندي آھي. انھن سبب ڪري برساتون ھيتريون تباھيون مچائين ٿيون. ھي پوري ڪھاڻي سوجھري جي ليڪچر تي مشتمل آھي. جنھن ۾ ھي ڳوٺاڻن ماڻھن ۾ سجاگي ۽ ھمت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

ھن ڪتاب ۾ موجود سموريون ڪھاڻيون با معني ۽ با مقصد آھن. ھنن ڪھاڻين ۾ ھڪ واضع پيغام ڏنل آهي ۽ وڏيون سمجهاڻيون سمايل آهن.

ڪتاب جو ٻيو حصو نظم ڪھاڻين تي مشتمل آهي. انھن نظم ڪھاڻين جو موضوع پڻ برسات آھي. منھنجي خيال ۾ نثر جي ڀيٽ ۾ نظم وڌيڪ موثر ٿئي ٿو. مٺل سائين به ھن مان فائدو وٺندي نظم ڪھاڻي جو انوکو ۽ منفرد تجربو ڪيو آهي. سندس سموريون نظم ڪھاڻيون بھترين ۽ ساراھڻ جوڳيون آهن. پر خاص طور تي “امداد” واري عنوان واري نظم ڪھاڻي وڏي سبق آميز ۽ غور فڪر تي مجبور ڪرڻ واري نظم ڪھاڻي آھي

امداد

امداد جي آسري ۾ ماڻھن،

پنھنجا گھر پاڻ نه ٻوڙيا آھن

پنھنجي سوچ بدلايو،

يا ھڪ ڏينھن جي لاءِ،

پنھنجي ڪٽنب سميت،

ڪنھن ڪيمپ ۾ گذاريو،

ملندڙ امداد به وٺي ڏسو،

مستقل لاء سوچو،

ڪجھ سٺو سوچو،

ڪڏھن ڀي،

ڪٿي ڀي،

ڪنھن سان ڀي،

ٿي سگھي ٿو،

ڪجھ ڀي،

مختصر لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي ته ھي مجموعو انساني اھنجن، ايزائن اميدن ۽ نااميديءَ جي احساسن جو مجموعو آھي. سنڌي ادب جي کيتر ۾ ھيء ھڪ انمول تحفو ۽ واڌارو آھي.

 

(روزاني “آجيان” شڪارپور، اربع ۲۵ مئي ۲۰۲۲ع)

No comments:

Post a Comment