Wednesday, January 6, 2021

پهرين ۽ آخري سيلفي

پهرين ۽ آخري سيلفي

مختصر ڪهاڻي

سيف نياز



هو هڪ فقير هو!

هن ڪڏهن به فيس بوڪ تي پنهنجي ڪا به تصوير شيئر نه ڪئي هئي!

هن جي ويران زندگي ۾ فيس بوڪ ئي اهو آشيانو هو...جتي هو رات جو دير تائين زندگي جا اهي رنگ ڏسندو ھو....جيڪي هو گھڻو وقت اڳ ۾ وڃائي چڪو هو!

اها تلخي جيڪا هن جي هر خواهش ۽ خوشي کي کائي وئي هئي، ان هن کي لکڻ جو ڪمال فن عطا ڪيو هو ...!


هن جون ڪهاڻيون فيس بوڪ تي وڏي مقبوليت ماڻي چڪيون هيون...پيارا پيارا ڪمينٽ ملندا هئس...جن کي پڙھي هو ان عذاب کي وساري ويهندو هو جيڪو هن جي زندگي جو حصو ٿي چڪو هو!

رخسانه به فيس بڪ فرنيڊ ھئس...عجب مان سوچيندو هو،منهنجي محبت  هاڻي فقط فيس بڪ فرينڊ......!!!؟

زندگي جي اهڙي عجيب رخ تي بيحد اداس ٿي ويندو هو...فيس بڪ تي ڀاء ۽ سڀ دوست به ايڊ ٿيل هيس...ڀاء ۽ دوست  هر عيد تي يا سندس سالگره تي هن جي تصوير شيئر ڪندا هئا ۽ ڏاڍا احساس ڀريا جملا لکندا هئا....پڙھي سڏڪي پوندو هو.

هڪ ڀيري ڀاء لکيو هوس:

ڀائو! او مٺڙا ڀائو....

زندگي جي هر گھڙي ۾

۽

خوشي جي هر موقعي تي

تون

ياد آھين

تون

وسريو نه آھين

ڪيڏو ته ڳولهيو آھي توکي

تون الائي ڪٿي آھين

زنده به آھين

الائي...........!!!!

.....اڳتي لفظ نه هئا،سندس تصور ۾ ڀاء جا ڳوڙھا هئا...

فيسبوڪ تي ڏسندو هو ڀاء جا ٻارڙا

رخسانه جا ٻارڙا.....رخسانه جي شادي جو خيال ئي هن لاء فنا برابر هو.هن جي سڀني  تصويرن کي لائيڪ ڪندو هو ۽ ڪمينٽ به ڪندو هو پر سندس انهن تصويرن کي لائيڪ ڪري نه سگھندو هو جيڪي تصويرون هو مڙس سان گڏ شيئر ڪندي هئي!

ڪهاڻين ۽ نثري نظمن جي ڪري هن کي ڪافي مشھوري  ملي چڪي هئي...پر ڪير به هن جي ذاتي زندگي کان واقف نه ھو....!

فيسبوڪ فرينڊس هن سان رابطو ۽ واسطو رکڻ چاهيندا هئا؛هن جي باري ۾ ڄاڻڻ چاهيندا هئا پر هي کين ڪا موٽ نه ڏيندو هو.....سڀني جو زور هيس ته پنهنجي ڪا تصوير شيئر ڪيو.

گھڻو سوچڻ کان پوء....

هن پنهنجي سيلفي ڪڍي شيئر ڪئي!

ڪنهن به ان تي اعتبار نه ڪيو....سڀني هن جي سيلفي کي مذاق سمجهيو....پنهنجي حالت کي ڏسندي هن جي تصور ۾ ڏھ سال اڳ وارو حادثو اڀري آيو....رخسانه سان مڱڻي ٿيڻ جي ٻي ڏينهن تي هن کي آفر آرڊر اچي مليو هو،هن جي خوشي ٻيڻي ٿي وئي هئي...ان جي ٻئي ڏينهن تي هو اسلام آباد نوڪري لاء وڃي رهيو هو جو اسلام آباد جي ويجهو تيز رفتاري سبب ڪوچ ڪيتريون ڪلٽيون کائي ڪري پئي هئي ۽ ان کي باه لڳي وئي هئي.....باه هن جي جسماني سونهن ۽ سڃاڻپ کي ساڙي وئي هئي..جڏهن هن کي اسپتال ۾ ھوش آيو هو ته پنهنجي حالت ڏسي جيئري ئي مري ويو هو...!

هڪ اک مڪمل طور ضايع ٿي وئي هيس.. چھري جي کل سڄي سڙي ڪوجهي ٿي پئي هيس...هڪ هٿ رونڊو ۽ هڪ ڄنگھ جي کل سڙڻ سبب سسي وڃڻ جي ڪري  ننڍي ٿي پئي هيس...جنهن جي ڪري سندس هلڻ بي ڊولو ٿي پيو هو!

سرڪاري علاج جي دوران اسپتال جي عملي وارثن جو ڏاڍو پڇيس پر هن ڪجھ به نه ٻڌايو....هن اهڙي حال ۾  پوئتي واپس ٿيڻ نه ٿي چاهيو...

اسپتال مان فارغ ٿيڻ کان پوء....هن وٽ پني گذارو ڪرڻ کان سواء ٻيو ڪو چارو نه ھو...!

رخسانه به کيس سڃاڻي نه سگھي هئي،ان ڪمينٽ ڪيو هوس....

“ڇڏيو هاڻي مذاق کي...جيڏيون توهانجون ڪهاڻيون آھن ۽ جهڙي توهان جي شاعري آھي ته اوهان پاڻ به ڪمال جا هوندئو!!!”

ڪمينٽ پڙھي اکيون ڀرجي آيس...جواب ۾ لکيائين:

“وقت نه صرف عمارتن کي پر ماڻھن کي به  ڊاهي سڃاڻپ کسي ويندو آھي!”

No comments:

Post a Comment