Tuesday, December 1, 2020

غفور - ”هريڪانت“

غفور

هريڪانت



سانجهيءَ ٽاڻي، سورج ديوتا جڏهين ڳوٺ جي ڍنڍ تي، پنهنجي جلوي جا آخرين ڪرشما ڏيکاري، اُن جي گهاٽي نيلي پاڻيءَ اندر ٻڏي ويو، تڏهين ڳوٺ جا ڪڙمي ڪاسبي به ڍڳا ڍور ڪاهيو، پنهنجن اَجهن ڏانهن ورڻ لڳا. ڳوٺ ڏانهن ويندڙ ڪچي سڙڪ جـِي اَپار ڌوڙ غريب هارين جا ننگا پير چمي، مست ٿي هڪوار آسمان ڏانهن اُڏامڻ لڳي.


پريان ڳوٺ منجهان لوڙهن سان گهيريل جهوپڙين جي ڏيڍيءَ مان ڪنهن ڪومل- هرديه ناريءَ جا نماڻا نيڻ جڏهين انتظار ۽ الجهن منجهان ڌنڌ سان ڍڪيل سڙڪ ڏانهن نهاري رهيا هئا، ۽ ڪو محنت ڪش هاري ڪلهي تي هـَرُ رکيو خوشحاليءَ ۽ مڌر- ملن سندا گيت ڳائيندو، پنهنجي ماڳ موٽي رهيو هو، تڏهين ڍنڍ جي مست لهرن سان جنگ جوٽيندو، ٻڍڙو غفور به پنهنجي ٻيڙيءَ جو ونجهه سنڀالي ڪناري ڏانهن وڌيو.

ڪناري ته بنهه سناٽو ڇانيل هو: صرف بڙ جي گهاٽي درخت جا ساوا ساوا پن، هوا جي تيز جهوٽن  وس، تاڙيون وڄائي، پنهنجي گونگي ڀاشا ۾ غفور جي آجيان ڪري رهيا هئا. هر روز شام جو، ڪناري جي ويرانـِي ۽ سناٽو پـَسي، غفور جي نماڻيءَ دل کي هڪ قسم جو گهرو گهاءُ رسندو هو. گذريل چند ورهين جون مٺڙيون مٺڙيون ڳالهيون ياد ڪري، غفور جي جهور ڪوماڻيل اکڙين منجهان گرم گرم لڙڪن جي هڪ ڌار وهي نڪرندي هئي. کيس ياد هو اڄ به اهو زمانو، جڏهين سنجها ويلي ڪوهيڙي ۽ ڌنڌ سان ڍڪيل شاهي ڍنڍ ڪناري، مسجد جون اوچيون ديواريون پار ڪري، ڪنهن خدا ترس انسان جي گلي مان نڪتل نماڻي ٻانگ جو آواز، پريان دور دور تائين ڦهليل پهاڙن تائين گونجي اٿندو هو؛ ۽ ڍنڍ جي ٻئي ڪلناري، بڙ جي گهاٽي وڻ هيٺان، ڀڳوان ٻُڌ جي پراچين مندر ۾ وڄندڙ سنجها جي مڌر گهنڊن جو پڙلاءُ، پڙاڏي جي روپ ۾ دور دور تائين ڦهلجي، ٻانگ جي آواز سان هڪ ٿي ويندو هو: تڏهين خوشيءَ وچان مست ٿي غفور ڍنڍ جي سونهري سطح تي پنهنجي ننڍڙي ٻيڙي ڪاهيندو ڪناري طرف موٽندو هو. اِنهيءَ ئي بڙ جي وڻ هيٺان سڪل گاهه جي جڙيل سندر جهوپڙيءَ لڳ ٻه معصوم مسڪراهٽون سندس سواگت ڪنديون هيون. ساڻن گلي ملي، ۽ سندن مٺڙيون توتليون باتيون ٻڌي، غفور پنهنجي سڄي ڏينهن جي ٿڪاوٽ ڀلجي ويندو هو. ليڪن . . . . . ليڪن کيس چٽيءَ ريت ياد هو ته قدرت جي مٺيءَ ۽ شانت گود ۾ وسيل هن ننڍڙي ڳوٺ ۾ هڪ دفعي طوفان آيو هو- هڪ اهو طوفان، جنهن جي دهشتناڪ رفتار ۾ مذهبي تعصب جي آگ سمايل هئي . . . ۽ . . . ۽ اها آگ، جنهن ڪيترن ئي آباد ڪٽنبن جي خوشحاليءَ کي جلائي ڀسم ڪري ڇڏيو. غفور به ان ئي طوفان جي ڪٺورتا جو شڪار بڻيو، ۽ ان بعد سندس زندگي ويران ۽ پريشان ٿي ويئي هئي!

مٺڙي ماضيءَ جي دک ڀري ياد تازي ڪندڙ اهي ئي ڳالهيون سوچيندي، غفور ونجهه وڌايو. اڄ الائي ڇو سندس روزانو سفر ئي وڌي پيو هو. ڍنڍ جي اوجل اوجل جل ۾ پنهنجي عڪس پسندڙ مسجد جي اونچي گنبذ مان ٻانگ جو مٺڙو آواز سڻي، غفور ويچارن جي ننڊ مان سجاڳ ٿيو- کيس به ته نماز پڙهڻي هئي! هن تڪڙو تڪڙو پنهنجن بازوئن جو زور لڳايو.

نماز پوري ڪري، مسجد جي شاهي ديوار تي ويهي، هو ڍنڍ جي چنچل ڇولين جو ناچ ڏسڻ لڳو. يڪايڪ سندس نگاهه سامهون مندر تي پيئي. ڍنڍ جي صاف پاڻيءَ ۾ سندس ڊگهو ڊگهو پاڇو ڏسي، غفور جي دل ۾ ويچارن جو هڪ طوفان مچلجي اٿيو. سندس ڪومل دل قدرت جي هن انوکي نظاري ۾ هڪ گهري راز جو اَنڀؤ ڪيو. هو سوچڻ لڳو، ”مٽيءَ ۽ پٿر مان جڙيل هنن بيجان آسٿانن ۾ ڪيتري نه سمجهه آهي! ڪيڏي نه حُب ۽ همدردي آهي! پاڻ ۾ گلي ملڻ لاءِ سندن دليون پاڇولا بڻجي، نازڪ ڪچڙين لهرن تي سوار ٿي، ڍنڍ جي اَجهاڳ وڇوٽي پار ڪرڻ لاءِ آتر رهن ٿيون! ليڪن هي انسان . . . ! ڳوٺ وارن جي رَوش جو ويچار ايندي ئي غفور جي جان ۾ سياٽو پئجي ويندو هو. هندو- مسلم فساد جو تصور ڪندي، سندس اکين اڳيان پنهنجي معصوم جان جگر پـُٽڙي ۽ مٺڙي ڌيءَ جا مرجهايل چهرا تري ايندا هئا. قميص جي ميري پلاند سان اکيون اُگهي غفور پنهنجي جهوپڙيءَ ڏانهن وڌيو.

چوطرف اوندهه ڦهلجندي ٿي ويئي. گهر پهچي غفور ڏيئو جلايو. سندس ننڍڙي جهوپڙي روشنيءَ سان ڀرجي ويئي. ليڪن اڄ، الائي ڇو غفور پنهنجي دل ۾ هڪ قسم جو انڌڪار محسوس ڪري رهيو هو.زمين ۾ پٿاريل ڦاٽل رليءَ تي ويهي، هو ويچارن جي گهري ساگر ۾ غوطا کائيندو رهيو. گذريل جيون جي ڪٺور آزمودن تي لڙڪ وهائيندي، سندس اک لڳي ويئي.

آڌي رات جي ڀيانڪ سناٽي ۾، ڀر واري جهوپڙيءَ منجهان ڪنهن دکي اِنسان جي روئڻ جو آواز ٻڌي، غفور ڇرڪ ڀري اُٿي کڙو ٿيو. اکيون مهٽيندي اَٻهرائيءَ مان جيئن ئي جهوپڙيءَ کان ٻاهر نڪتو، وڄ جي هڪ تيز چمڪي سندس اکيون کولي ڇڏيون. سڄي آسمان ۾ ڪارا ڪارا بادل ڇانئجي ويا هئا. غفور جي جهور ڪماڻيل اَکڙين اُنهن ڪارن ڪڪرن ۾ زبردست طوفان ۽ وڏ ڦڙي برسات جا آثار ڏٺا. اَڳ به ڪيترائي دفعا ڳوٺ مٿان طوفان آيا هئا، مصيبت جون آنڌيون آيون هيون، ۽ برباديءَ جا بادل گرجيا هئا؛ خطرناڪ برساتيون پيئون هيون، ۽ قهري ٻوڏون آيون هيون؛ فصل لڙهي ويا هئا، جهوپڙيون ٻڏي ويون هيون، ۽ . . . . ۽ غفور وڌيڪ ڪجهه سوچي ڪين سگهيو. هيٺائينءَ تي هئڻ سبب ڳوٺ کي هميشه ٻوڏ جو خطرو رهندو هو.

چانورن جا لهلهائيندڙ کيت لاباري لاءِ تيار بيٺا هئا. مٿان آسمان ۾ هيءُ شور ڏسي، قدرت جي اِيندڙ ڪوپ جي هولناڪ نتيجي جو تصور ڪندي ئي ويچارن هارين جي ڌرن ٿي ڏڪي.

غفور جي ڀرسان رهندڙ جوتـُو ڪسان ٽن ڏينهن کان بستري داخل هئڻ سبب، پنهنجو لاباري لاءِ تيار بيٺل فصل به ڪٽي ڪين سگهيو هو. اوچتو آسمان ۾ مصيبت جي سنديش ڏيندڙ بادلن جي دهشتناڪ گجگوڙ ٻڌي، هو پنهنجي مجبوريءَ تي هنجون هاري رهيو هو.

ڊپڇ ٻڏل نگاهن سان اونداهي آڪاس ڏانهن ڏسندي، غفور هڪوار ڳوٺ جي سڪل گاهه جي ڪچين ڀونگين ڏانهن ڏٺو. بجليءَ جي تيز چمڪي ۾، گهنگهور گهٽائن جي دل دهڪائيندڙ گجگوڙ ۾، سڄو ڳوٺ ڪنبي رهيو هو. هلڪا قدم کڻندو غفور جوتوءَ جي جهوپڙيءَ ڏانهن وڌيو. سڪل گاهه جي سوراخن مان جهاتي پائي ڏٺائين؛ ۽ ديپڪ جي ڌنڌلي روشنيءَ ۾ جوتوءَ جي اکين مان آنسن جو درياه وهندو ڏٺائين. ڀرسان ئي ڪنڌ هيٺ ڪري سندس هيسيل ٻار ويٺا هئا. چئن سالن جو ننڍڙو رامو ڪيتري نه اٻوجهائيءَ مان پنهنجي مجبور پيءُ ڏانهن نهاري رهيو هو. سندس ننڍڙين گول اکڙين ۾ لڙڪ ٽمڪندا ڏسي، غفور جي دل ڀرجي آئي. راموءَ جي معصوم چهري ۾، غفور کي پنهنجي جان جگر شيخوءَ جي جهلڪ نظر آئي. هو وڌيڪ پاڻ جهلي ڪين سگهيو، ۽ هڪدم پويان پير ڪري پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ پهتو.

جوتوءَ جي روئڻ جو آواز اَڃا تائين سندس ڪنن ۾ گونجي رهيو هو. بارش ۽ ٻوڏ اَچڻ کان اڳ ۾ ئي جوتوءَ جو فصل لڻي، ڪنهن سلامتيءَ واري هنڌ تي پهچائي، غفور کيس تباه ٿيڻ کان بچائي سگهيو ٿي- هو اهي ئي ويچار ڪري رهيو هو- پر اوچتو پنهنجي معصوم پٽڙي کي ياد ڪندي، کيس جوتوءَ جا گذريل ڪرتوت اکين آڏو اچي بيٺا.

ٽي سال اڳ، جڏهين ڳوٺ ۾ مذهبي طوفان آيو هو، قدرت جي مٺڙيءَ گود ۾ وسيل هن ننڍڙي ڳوٺ ۾ فساد جي آگ ڀڙڪي اُٿي هئي، تڏهين. . . تڏهين ڏڪندڙ جسم سان پنهنجي جان جگر شيخوءَ کي هنج ۾ لڪائي، غفور، جوتوءَ جي در وٽ پهتو هو. هن کيس پنهنجي شيخوءَ جي بچاءَ لاءِ ڪيترو نه ليلايو، ٻاڏايو ۽ پڪاريو هو، ليڪن سنگدل جوتوءَ ورهين جي وسـِريل ۽ معمولي دشمنيءَ جو ذڪر ڪندي، کيس پنهنجي دروازي تان ٺڪرائي ڇڏيو هو! . . . ۽ . . . اُن بعد درپيش آيل واقعي جو تصور ڪندي ئي غفور جو هنيو ٿي ڇڳو. هڪ ٿڌو ساهه کڻي، هو ڪنڌ کي هٿ ڏيئي ويهي رهيو. ٽي سال اڳي مذهبي طوفان سمي، جوتوءَ، غفور کي پنهنجي پٽ جي وڇوڙي جي آگ ۾ جلايو هو؛ ۽ اڄ جوتوءَ کان بدلي وٺڻ ڪاڻ قدرت ڪارن ڪڪرن جو روپ ڌاري آسمان ۾ گرجي رهي هئي.

”بدلو . . . بدلو . . .“ غفور جي ڀيڪوڙيل ڏندن مان هڪوار زور سان نڪري ويو ”بدلو . . . .!“ ۽ هڪ ٽهڪ ڏيئي هو لت کوڙي سمهي پيو. ٻاهر زور زور سان بادل گرجي اٿيا. بجلي چمڪي اٿي ۽ طوفان شروع ٿي ويو.

جوتوءَ جو درديلو آواز هوا جي سرد سوساٽن ۾ سوار ٿي اڃا تائين سندس جهوپڙيءَ ۾ پهچي رهيو هو. آهستي آهستي اُهو آواز وڌندو ٿي ويو. غفور اِئين محسوس ڪرڻ لڳو، گويا سندس جهوپڙيءَ جي ٻاهران ئي زور زور سان روئي، جوتو کيس مدد لاءِ ٻاڏائي رهيو هو. غفور جي دل ۾ آشانتيءَ جو هڪ طوفان برپا ٿي ويو. هڪ طرف هئي پراڻي دشمنيءَ جي بدلي جي ڀاونا، ۽ ٻئي طرف هئي انسانيت؛ هڪ طرف هئي شيطاني منورتي، ۽ ٻئي طرف هئي آتما جي پڪار! غفور بدلي جي ڀاونا جي اونداهي راهه اختيارڪرڻ جو ارادو ڪيو هو، پر ”گهـُو گهـُو گهـُو“ ڪندو، هوا جو هڪ تيز جهوٽو، جهوپڙيءَ جي سوراخن مان پار اچي، غفور جي ڪنن ۾ نه ڄاڻ ڪهڙو نياپو ڀـُڪي ويو. هو ڇرڪ ڏيئي اٿي کڙو ٿيو. جاري ۾ رکيل ڏيئو اجهامڻ کان اڳ هڪوار زور زور سان ڀڙڪي اٿيو. سڄي جهوپڙيءَ ۾ تيز پرڪاش ڦهلجي ويو. غفور جي دل ۾ به هڪوار ٽمٽمائيندڙ ديپڪ جي روشنيءَ چمڪي اٿي. هو اٿي کڙو ٿيو. شايد پنهنجي جيون- جوت جي وسامجڻ کان اڳ هن به هڪوار چوطرف پرڪاش ڦهلائڻ ٿي چاهيو. ڪنڊ ۾ پيل ڏاٽو کڻي، هو اُٻهرائيءَ منجهان جهوپڙيءَ کان ٻاهر نڪري ويو.

ڍنڍ جو ساڄو ڪنارو وٺي، هو تمام تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيو هو- اڳتي ۽ اڳتي. ٻيا به ڪيترائي هاري، پنهنجي محنت جي ٻل سان هن ايندڙ مصيبت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ، مشعلون جلائي، پنهنجي کيتن ۾ فصل لڻڻ کي جنبي ويا هئا. آسمان ۾ گهٽائن دل دهڪائيندڙ گجگوڙ ڪري، وايو منڊل ۾ اَشانتي ۽ ڀؤ جو ناد ٿي وڄايو. رکي رکي بجليءَ جي ڪنهن تيزچمڪي غفور جي راهه روشن ٿي ڪئي.

هو ڪاٺ جي پل لڳ پهتو. طوفان جي رفتار ۾ تيزي آئي. ڪاٺ جي ڪچڙيءَ پل تي قدم ڌريندي ئي غفور کي خطري جو احساس ٿيو؛ ليڪن ڍنڍ جي ٻئي ڪناري جوتوءَ جي کيت ۾ بيٺل فصل جا اوچي ڳاٽ بيٺل سلا ۽ سنگ، طوفان جي جهٽڪن ۾ جهومي، کيس پنهنجي فرض جي ياد ڏياري رهيا هئا. غفور سستيءَ مان قدم اڳتي وڌايو.

”ڌڙام“ جي هڪ ئي دهشتناڪ گجڪار سان سڄي ماٿري گونجي اُٿي. ڪاٺ جي ڪمزور پل طوفان جي هڪ ئي جهٽڪي سان ٽٽي پيئي، ۽ غفور هڪ وڏي ڇلانگ هڻي ڪناري تي پهچڻ لاءِ جيئن ئي ٽپو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ته سندس پير ٿاٻڙجي ويو ۽ سندس ٻڍڙو جسم ڪناري تي پيل نوڪدار پٿر سان وڃي ٽڪريو. مغز تي کيس گهري چوٽ آئي. رت ريلا ڪري وهڻ لڳس، ۽ مٿي ۾ سخت سور محسوس ڪيائين؛ پر هڪوار زخم کي زور سان دٻائيندي، هو پنهنجي فرض ادا ڪرڻ ۾ جٽجي ويو.

سنهي سنهي برسات شروع ٿي ويئي. بارش ۾ زخم ڀڄائيندي، ۽ سڄي رات پنهنجي جان جي بازي لڳائيندي هو فصل ڪٽيندو رهيو. سندس اَنگ اَنگ ۾ درد هو؛ پر غفور کي ان جي ڪا چنتا ئي ڪين هئي. هو ته پنهنجي ئي مستيءَ ۾ مست هو. سندس ڪمزور باوزئن ۾ اَلائي ڪٿان اَچي شڪتي پلٽي هئي- بنا هٻڪ ويو ٿي فصل ڪاٽيندو، بند لڳائيندو!

پرهه کان گهڻو اڳ، لڻيل فصل جون ڀريون کڻي، کيت جي وچ ۾ مٿاهينءَ تي ٺهيل ڇپري هيٺ رکڻ شروع ڪيائين. هاڻي هن کي پنهنجي بدن ۾ ڪجهه پيڙا محسوس ٿيڻ لڳي هئي، ليڪن اڃا سندس فرض اَڌورو هو. سهڪندي، سٽون هڻندي، هو پنهنجو فرض پاڙي رهيو هو.

وڄ جي هڪ تيز چمڪي ۾ خالي کيت ڏانهن ڏسندي، غفور سامت جو ساهه کنيو. ڳورا ڀريل قدم کڻندو، هو ڇپري وٽ پهتو. سندس لڳ لڳ درد کان ٽٽي رهيو هو. دروازي وٽ پهچندي ئي غفور جو مغز ڦرڻ لڳو ۽ ساڻو ٿي اتي ئي ڪـِري پيو. سندس ڦاٽل پراڻا ڪپڙا محنت جي پسيني ۽ مينهن ۾ ڀـِڄي آلا ٿي ويا هئا، ۽ سندس اڇـِي سونهاري مغز جي زخم مان وهندڙ رت ۾ رڱجي لال بڻجي ويئي هئي. آهستي آهستي سندس جسم ٿڌو ٿيندو ٿي ويو.

آسمان ۾ هڪوار زور زور سان بادل گرجي اٿيا. وڏ- ڦـُڙي برسات شروع ٿي ويئي.

صبح سمي، مسجد جون اوچيون ديوارون پار ڪري، ڪنهن خدا ترس شخص جي گلي مان نڪتل نماڻيءَ ٻانگ جو آواز، دور دور ڪوهڙي ۽ ڌنڌ سان ڍڪيل پهاڙ تائين گونجي اٿيو، ۽ مندر ۾ وڄندڙ اُشا ڪالين گهنڊ جو مڌر آواز به پڙاڏي جي روپ ۾ پري پري تائين ڦهلجي، ٻانگ جي آواز سان هڪ ٿي ويو... پوءِ، غفور جو آتما- پنڇي سندس ويران جسم جي پڃري مان اُڏامي، ايڪتا جو سنديش ڏيندڙ ان پڙاڏي سان ملڻ لاءِ، دور دور اُڏامي، زمين جي ويڪراين ۽ آسمان جي اوچاين ۾ گم ٿي ويو.

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۳-۱۹۵۶ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment