مهانگائيءَ خلاف
مهم
ڊاڪٽر فهميده
حسين
گذريل هفتي سول سوسائٽيءَ طرفان
فروٽ يا ميوي جي رمضان شريف ۾ مهانگائيءَ
خلاف بائيڪاٽ ڪيو ويو. ٻڌو اٿم ته اهو ڪامياب بائيڪاٽ
هو ۽ هاڻي فروٽ جون قيمتون گهٽ ٿي ويون آهن. الائجي ڪيترا ڏينهن اهي قيمتون گهٽ
رهنديون سا ته خدا کي خبر پر منهنجو مشاهدو ڪجهه مختلف رهيو.
آءٌ سالن کان پنهنجي پاڙي ۾ هڪ ڪمرشل ايريا ۾ گاڏي تي ميوو وڪڻندڙ
هڪ ميمڻ ڳوٺ جي ڪڇي ڳالهائيندڙ ماڻهو کان خريداري ڪندي آهيان. ان ڪمرشل ايريا ۾ ٻه
تمام وڏا ميوي جا جا دڪان آهن جن جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪنديون آهن ۽ گاڏي
واري کان ٻيڻ تي هونديون آهن. انهن کي جڪڏهن چئبو ته؛ ”تنهنجو
فروٽ هنن کان مهانگو ڇو آهي؟ ڪجهه گهٽ ڪر!“
سندن مٿو ايڏو خراب آهي جو اکيون ٻئي طرف ڦيرائي،
چوندا آهن؛ ”پوءِ وڃي انهن کان وٺو نه!
منهنجي فروٽ جي ڪوالٽي اي ون آهي.“ ٻئي طرف اڌ قيمت
تي وڪرو ڪندڙ گاڏي واري سان ماڻهو ريڙهه پيڙهه ڪري اڃا به گهٽ پيا
ڪرائيندا آهن. جيتريقدر ڪوالٽي (معيار) جو
سوال آهي ته اوڻيهه ويهه جو فرق ضرور هوندو آهي. هن بائيڪاٽ کان گهڻا ڏينهن اڳ،
هڪ ڀيري آءٌ فروٽ وٺڻ ويس ته اهو ئي ساڳيو گاڏي وارو زمين تي ڳوڻيون وڇائي
پڙيءَ تي فروٽ وڪڻي رهيو هو. حيرت مان پڇيومانس؛ ”ڇو
اڄ پَٽَ تي ويٺو آهين؟“ روئڻهارڪو ٿي
چيائين؛ ”ڊي ايڇ اي وارا منهنجو گاڏو ضبط
ڪري کڻي ويا آهن ۽ چيو اٿن ته مهيني کان پوءِ ڏنڊ ڀرڻ کانپوءِ واپس ملندو. آءٌ
غريب ماڻهو، منهنجي ٻچن لاءِ روزگار ڪرڻ جو اهو ئي هڪڙو ذريعو هو سو به نه رهيو، مٿان
ڏنڊ جا پئسا جمع ڪرڻا آهن، ڊي ايڇ اي آفيس جا ڏاڍا چڪر هنيا اٿم، ٻه ڏينهن ڊوڙ ڊڪ
۾ رهيو سهيو فروٽ به خراب ٿي ويو ۽ گهر ۾ مانيءَ ڳڀي لاءِ پريشان رهياسين، نيٺ هتي
اچي پٽ تي مال رکيو اٿم ته من ٻه ٽي رپيا ملي پون ته گهر ۾ چلهه ٻري.“
پڇيومانس؛
”ڊي ايڇ اي وارن ايئن ڇو ڪيو؟“
چوڻ لڳو؛ ”انهن چيو ته انڪروچمينٽ (والار)
ڪريو بيٺو آهين، هتان هٽي وڃ. پهرئين ڏينهن ته منٿ ميڙ سان ڇڏي
ڏنائون پر ٻئي ڏينهن وري آيا ۽ ماڳهين منهنجو ٺيلهو (گاڏو) ئي کڻي ويا. آءٌ مسڪين
ماڻهو پنهنجو فروٽ جهولين ۾ ڀري بچائيندو رهيس پر اڌ کان مٿي مال به هليو ويو.“
وري آهستي سان چوڻ لڳو؛ ”لڳي ٿو
ته اهو هنن فروٽ جي دڪاندارن جي شڪايت تي ڪيو اٿن، جيڪي ساڳيو فروٽ ٻيڻي اگهه ٿا وڪڻن،
ان ڪري ماڻهو اسان گاڏي وارن کان وٺندا آهن.“
