Tuesday, November 30, 2021

آرام جي زندگي- انجنيئر عبدالوھاب سھتو

آرام جي زندگي

(فلئش فڪشن)

سوڌ سنوار؛ انجنيئر عبدالوھاب سھتو



هڪ مهاڻي هڪ ٽٽل ڦٽل ٻيڙيءَ ۾، ڏھاڪو کن مڇيون ماري رکيون ھيون. ھاڻي آرام سان ويھي، سگريٽ پي رهيو هو.

هڪ شخص اتان لنگهيو ۽ چيائينس؛ ”يا ته تون بيوقوف آهين يا ته سُست ۽ ڪم چور آھين.!“

”ڇو؟!“ مهاڻي وراڻيس؛ ”تون اھو ڪيئن ٿو چئين؟


”هينئر اڃا ڏينهن جا ڏھ پيا ٿين. تون ڏھ ويھ مڇيون ماري، بس آرام سان ويٺو آهين؟ انهيءَ سان ڇا ٿيندو؟ تو وٽ ڪافي وقت آهي! ڪم ڪرڻ چاھين ته اڃا به مڇيون ماري سگھين ٿو! ويھي مار! ڪن اجايو ويٺو ٿو سوٽا ھڻين!.“

مهاڻي وارڻيس؛ ”جيڪڏهن مان وڌيڪ مڇيون ماريندس ته ڇا ڪندس؟

”ڇا ڪندين؟“ ان شخص سمجھائڻ واري انداز ۾ چيس؛ ”ڪمائي وڌندي، وڌيڪ پيسا ٺهندئي.“

”وڌيڪ پئسا ٺھندا!“ مهاڻي وراڻيس؛ ”پوءِ ايترن پئسن جو ڇا ٿيندو؟

”ڇا وري ڇا ٿيندو!“ ان شخص سمجھائڻ واري نوع سان چيس؛ ”وڌيڪ پيسا ٺهندا ته تون نئين ٻيڙي وٺي سگھندين. نئون رڇ خريد ڪري سگھندين.“

”ڪم ته ھاڻي ٿئي پيو ٿو. روزگار ٿئي ٿو پيو.“ مهاڻي آرام سان سگريٽ پيئڻ ۽ وڌيڪ نه ڪم ڪرڻ لاءِ دليل ڏيندي چيس؛ ”نئون رڇ ۽ نئين ٻيڙي وٺندس ته پوءِ ڇا ٿيندو؟

”ڇا ٿيندو!؟“ سمجھائيندي چيائينس؛ ”اڙي بابا! تون نئين رڇ ۽ نئين ٻيڙيءَ سان اڃا وڌيڪ مڇيون ماري سگھندين.“

”وڌيڪ ته ماري سگھندس.“ مهاڻي وراڻيو؛ ”ڪندس ڪاڏي، انھن جو ٿيندو ڇا؟

”اڙي يار تون ڪو نه سمجھندين.“ واٽھڙوءَ سمجھائيندي چيس؛ ”ٻه ٻيڙيون ٿي پوندئي. ڪاڏي ھڪ ٻيڙيءَ جو ڌنڌو، ڪاڏي ٻن جو! ھڪڙي ڊھي ڪري ته ٻيءَ تي ڌنڌو ھلندو رھي. ان سان ڪمائي اڃا به وڌندي. پئسا ججھا ٺھندا. پيسا ڪمائيندي ڪمائيندي، تو وٽ مڇين جو وڏو ڪاروبار ٿي پوندو.“

”وڏو ڪاروبار ٿي پيو ته!“ مهاڻي وهي ڪاروبار ٿيڻ جو فائدو پڇڻ خاطر سوال ڪيس؛ ”پوءِ ڇا ٿيندو؟

”پوءِ؟!؟ انهيءَ شخص وراڻيس؛ ”پوءِ! تون آرام سان ويٺو هوندين.“

تڏهن مهاڻي سگريٽ جو وڏو ڪش ھڻندي چيس؛ ”باقي مان ھاڻي ڇا پيو ڪيان؟“

No comments:

Post a Comment