Wednesday, November 10, 2021

اڀوءِ - آخري ڪهاڻي - غفار سومرو

اڀوءِ!

آخري ڪهاڻي

غفار سومرو



“حال ڏي!”

“جيڪو پڇين”

ڪالھ جو همراه جي پٺيان لڳو وئين، ڪو چاڙھو ٿيو؟”

“ڪٿي يار! رڳو دوکو هو.”

“جائي ٻڌاء.”


“قسم سان! تو پاڻ ته ڏٺو هو، ڏاٽي ڪپڙو کڻي ماءُ سان گڏ گاه تي ويندي، ڪيئن نه ناز نخرا ٿي ڪيائين، ٻانهن جي لوڏ، ھٿن جا اشارا ڪندي پٺيان اچڻ لاء ٿي چيائين.”

“هائو يار! پوء تون به ته پٺيان لڳو وئينس، مون بيٺي توهان کي ڏٺو، او هن ٽاريء وٽ توهان ٻنهيء کي هڪ ٻئي جي ويجهو ايندي.”

“سچو آھين، مان هتان وڃي ٽاريء جي اوٽ ۾ ٿي بيٺس.

هوء ماءُ کان اک بچائي گاھ ڪندي ڪندي ويجهو هلي آئي هئي.”

“وڏي دلير آ، پوء ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون؟”

“پوء ڇا! هو ويجهو اچي بيٺي ڄڻ سفيد ڪپھ جي گلن سان جهنجهيل وونئڻ جو ڊگهو ٻوٽو، سنهڙي چيلھ تي مٿي واري رئي جو ڪانبو ٻڌل، ڏاٽو هٿ ۾، مان ته سندس حسن جي جهلڪ ڏسي  ڪپھ جيان چونڊجي سندس ڪانبي ۾ وڃي پيس.

چيومانس: “مون سان دوستي رک! خبر ٿئي ڇا ورندي ڏنائين؟”

“ڇا چيائين.”

“هيڪر ته شوخيءَ ۽ ڪروڌ مان اکيون کڻي منهن ۾ ڏٺائين، هٿ ۾ ڪٽيل گاھ جي مٺ، ڪانبي ۾ وجهندي

چوڻ لڳي: “دوستي رکنديس پر اڳ ۾ ٻه هزار وارو وڳو وٺي ڏي!”

“هل ڀيڻيان! ٿڏي تي فرمائش، پوءِ؟”

“پوء ڇا! مون کڻي هٿ پٽيا ۽ پويان پير ڪيا”

“سچ!”

“سچ، جتي پڄڻ ناهي جاء، تتي ڀڄڻ ڪم وريام جو”

“الا!”

“هائو نه يار! اسان پاڻ اسٽوڊنٽ ماڻھو، ڪاليج بند،  سانده گهر رهڻ سبب خرچي به نه ٿي ملي، ڪٿان اچي ٻه هزار وارو وڳو!”

“ههههههه،  مون کي چئين ها بابا جي کاتي مان سيٺ کان وٺي ڏياريائين ها، اهو ڪو وڏو مسئلو آھي ڇا.”

“هون! تون وري ڪهڙو مفت ۾ وٺي ڏينهن ها، وياج سميت وصول ڪرين ها ٻيو!”

“ڇو يار!  مون مان ڪو ڏک  پهتو ٿئي ڇا؟”

“ ڇڏ يار! ياد ڪونه ٿئي! اڳين رات،  ڪيتري جٺ ڪئي ٿئي مون سان،  ڳوڏن ۽ ٺونٺين جون چتيون لهي پيون آھن،  ٻيو ته اڃان تائين پاڻي لڳڻ سان به ساڙ ٿيندو آھي!”

“هههههه!”

“بس بس هاڻي ڏند نه پٽ! هو ڏس.”

“ابوء ڙي! واه جو جوڙي آ”

“ڀر واري ڳوٺ جون ٿئي”

“هان! مان به چوان، پنهنجي ڳوٺ ۾ ته آھن سڀ ڪوجهيون، ڪارڙيون، گدليون، هي موملون ته ڪنهن ٻي ڪاڪ جون ٿيون پسجن!”

“ٽور ڏسين ٿو، ڄڻ سئا ڳئون گاه چري ڀريل اوه لوڏي وٿاڻن  ورنديون هجن،

“ڏي حال ڀلا ڪڏھن اهڙين ڳئن جو کير پيتو ٿئي!”

  هاء!  نه يار،  پنهنجا اهڙا نصيب ڪٿي، “

“هاڻ ڏس،  مٿي تي ڪاٺين جي ڀري ٻنهي هٿن سان جهليل، ڇاتيء جو ڇلڻ،  الا مري نه وڃجي!”

“واه استاد! غضب آ ٻيو ڇا”

“رڳو غضب! نسورو ناحق آ، نور مٺي سان.”

“هو ڏس، پاڻ ڏانهن نهاريندي ڪيئن نه هڪ هٿ سان سيني کي رئي جي پلئه سان ٿيون ڍڪين!”

“هائو يار! وڏيون ڪنجوس آھن، گهڙي کن اکيون ٺارڻ به نه ٿيون ڏين”

“هاڻي ڏس، هل ڇا ته لوڏ آ”

“ابو ڙي! يار مري ويس،  پٺ آ يا  جاڙا ڍولڪ!”

“ههه! تون به ته ڍولڪي جو شوقين آھين نه!”

“هائو يار! واه جو وڄندا، صفا مست!”

“ڇڏ، نه ڏسين، هو ڪراڙو پاڻ ڏانهن نهاريندو اچي.”

“هائو ٻيلي! ڪير آهي؟”

“الاء جي ڪير آھي، ڳوٺ جو ته ڪونه ٿو لڳي!”

“پاڻ کي سڏي ٿو ڇو؟”

“ھائو ير! “

ڪراڙو ويجهو اچي بيهي رهيو، گهور ڪري کين ڏسندي پڇڻ لڳو.

“ابا ڪير جوان آھيو؟:

“چاچا اسين هن ڳوٺ جا آھيون، “

“ڪنهن جا ڇوڪرا آھيو؟”

“چاچا مان وليداد جو،  هي رسول بخش جو پٽ.”

“اڇا! ابا پڻهين ته اهڙا ڪونه آهن،  توهان الاء  ڪنهن تي ويا آھيو، رستي تي ويهي پراين نياڻين سياڻين کي ٿا ڏسو، ٻيلي ڪجه غيرت ڪريو، حيا ڪريو، نوجوان آھيو، ڪم ڪار ڪريو، پڙھو لکو، ڇڏيو لوفرائي بابا”

هو ٻئي ڪنڌ جهڪائي ويهي رهيا، ڪراڙو ڀڻ ڀڻ ڪندو اڳتي هليو ويو.

ڳوٺ کان ٿورو پر ڀرو، عام رستي جي کاٻي طرف واري زمين جي لڳ وهندڙ واٽر ڪورس جي ٻني تي پاڻ مرادو ڦٽل ڇٻر مٿان ٻنهي ڄڻن ويٺي ڪچهري ڪئي، سج سڄو ڏينهن ڄڻ باه ۾ جلڻ کان پوء وسامندڙ فٽ بال جيان اولھ پاسي رڙھندو ٿي ويو، هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ، ڏکڻ جي ٿڌڙي هوا ۾ لهرائيندڙ ڪپھ جو فصل، گل ٻاٽي، گلن ۽ گوگڙن سان ٽٻٽار ٿيل، رستي سان ايندڙ ويندڙ عام ماڻھو، گاه پٺي ۽ ٻني ٻاري جي سار سنڀار لهڻ لاء ويندڙ هاري ناري کين هڪ نظر ڏسندا پئي ويا، هو ٻئي ڄڻا بي اونا بي فڪرا ٿيا گفتگو ۾ گم هئا.

روزانو جيان، جڏھن کان ڪاليج اڻ ڄاتل مدي تائين بند ٿيا هئا، هنن ٻنهيء جي اها ئي روٽين هئي، ڪيئن به ڪري شام جو هتي اچي ضرور ويهندا هئا. ڪچهري، ٽوڪ، مذاق، رستي ويندڙ مردن،  عورتن تي تبصرو، ديدار بازي، هاء واء ۽ ٿڌا شوڪارا.اڄ به ساڳي ڪرت، ساڳي کيچل، ڪنهن تي ٽوڪ، ڪنهن سان مذاق، هٿ جا چالا، اکين جا اشارا، رستي تي ويهڻ جا آداب وساري صفا مست ٿيا ويٺا هئا.

ڪراڙي چاچي جي نصيحت،  ٻن منٽن ۾  سندن دل تان  لهي وئي، ساڳيا لاٽون ساڳيا چگھ، ھري جي هير، ڄنگھ ڀڄيس توڙي پير. ڪو لسڙو ڇوڪرو سائيڪل هلائيندو اچي رستي تان گذريو،

“هاء ڇا ته ڇورو آ، صفا مکڻ جو چاڻو!.

“پوء ڪڏھن ٿو چکين اهو مکڻ جو پيڙو؟”

“ڪيڏانهن ويندو! نيٺ ايندو اسان جي هٿن ۾.”

“ها آھين تون به باز، تو کان ڪير بچي سگهي ٿو.”

“هههه تعريف لاء مهرباني.”

ٿوري دير ماٺ، هڪ ٻئي سان کيچل، سٿرن تي چهنڊڙيون، هلڪا ٽهڪ، کل، کجڪار، هٿن تي ڪتڪايون، گوڏي ٿي هلڪي ٿپ، اکين جو اشارو.

“وڃ!”

“وري ڇا ٿيو؟”

“هو ته ڏس!”

“هائو يار! گهمڻ ڏسينس، ڌرتي ڌٻي ٿي ٻيو ڇا، ڇا ته ڇوري آ.”

“پري کان ايڏي خوبصورت لڳي ٿي ويجهو آئي ته بنا ڪاتيءَ جي ڪسجي وينداسين.”

 “ساڻ ڪير اٿس؟”

“هوندس ماءُ ٻيو ڪير، اهي سهڻيون ڇوڪريون اڪيليون الاء ڇو ڪونه ٿيون نڪرن، نانگ کائيندو اٿن ڇا!”

“نانگ به  جيڪر سندن حسن جي منڊ ۾ منڊجي وڃي.”

“بس ادا،  مالڪ اهڙيون شيون فرصت ۾ ٺاهيندو  ٿئي، اصل پنهنجي هٿن سان!”

“هائو نه! ڏس يار، ماڻس به ٺاهوڪي ٿي لڳي!”

“متان ڀيڻ هجيس؟ لڳن ته ٻئي هنسن جي جوڙي ٿيون.”

“ٻڌ!”

“چئو”

“اها ننڍي منهنجي!”

“هان! هل ڀلا وڏي مان ٿو رکان، ڇا ياد ڪندين.”

“مهرباني.”

“ابا هو ڏس! تو واري،  وڻ جي اوٽ ۾ لڪل هن ڇوڪري کان ڪا شيءِ وٺي چولي جي ڳچيءَ مان ٽپائي، لڪائي ڇڏي!”

“ها يار! اهو ڇوڪرو ڪير آھي؟

“الاء يار، ويجهو هلي ڏسجي؟”

“ترس، هي ٻئي هتان گذري وڃن پوءِ ٿا ڏسونس، ويندو ڪيڏانهن، هڻونس ٿا پادر!”

“اڙي هو ڏس! اها مائي ڪٿان آئي، جيڪا پاڻ ڏانهن اشارو ڪندي کين ڪجه چوي ٿي شايد!”

“هائو يار! مان سمجهان ٿو پاڻ بابت ڪا شڪايت ڪندي هوندي.”

“ڇو سائين! اسان جي شڪايت ڇو ڪندي هوندي؟”

“ان ڪري جو پاڻ به دڳ جا ٿڏا ٿيا ويٺا آھيون”

“پوء ڇا ٿي پيو، ديدار بازي الله راضي.”

“ماٺ ڪر، هو ٻئي ويجهو ٿيون اچن، شايد گاه ڪري گهر واپس ٿيون وڃن.”

وري ماٺ، خاموش حرڪتون، هٿن جي کيچل، سٿرن تي چهنڊڙيون، سس پس، تبصرا، آئينده جو پروگرام، ڪيئن ٺاهجين، ڪٿي ملجين، هڪ ٻئي کي مدد ڏيڻ جو وچن، هلڪا ٽهڪ.

“اٽڪل سان ڏس ته ڪير آھن؟”

“هائو يار! شايد آھن ته پنهنجي ڳوٺ جون.”

“الا!”

“ڏسان ته سهي!”

“ها يار تون سڃاڻ مون کان ته سڃاڻجن ڪونه ٿيون. ڏس تو واري ننڍي ڏسي کلي ٿي پاڻ کي.”

“اڙي ڀيڻسان!”

“ڇا ٿيو!؟”

“نظرون هيٺ ڪر،  بلڪل نه ڏسجانء.”

تڏھن هوء ٻئي به ويجهو پهچي چڪيون ھيون،  مٿي تي کنيل گاه جي ڀريء کي منهن کان مٿي ڪندي،  وڏي مائي  هڪ هٿ سان کين ڀونڊو ڏيندي چوڻ لڳي؛ “ابا هيڏانهن ڏسو! هي  ته وٺو، لخ جي لعنت اٿئو، ڄمندي رات نه مئا  هئائو.”

“اڙي! هي مائي ته صفا ڇتي آ”

“ماٺ ڪر ڪٿي ٻڌي نه وٺي”

“ڇو؟”

“هوءَ منهنجي امڙ آھي!”

“اڀوءِ!”

No comments:

Post a Comment