Wednesday, November 10, 2021

روءُ نه ٻچڙا - ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري

روءُ نه ٻچڙا

(ڪينيائي ليکڪ گگي وا ٿيونگو جو ناوليٽ جو تعارف)

ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري



ترجما ثقافت ۽ ٻولي جو حسن هوندا آهن جيڪي نه صرف داخلي محسوساتن پر خارجي حقيقتن کي به سامهون آڻي نئين دنيا ڏانهن ڏسڻ ۽ سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا. ماڻهو يا سماج صرف پنهنجي ساخت ۾ جيئرا نه رهندا آهن پر ٻاهرين حقيقتن جو عڪس به انهن تي پوندو آهي. ترجما اسان کي ٻڌائيندا آهن ته ٻي دنيا به وجود رکندي آهي انهن جون ثقافتي ۽ ادبي حالتون به ٿينديون آهن انهن به پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت ۾ جيئڻ جو رستو ڳوليو آهي ۽ انهن انهن سڀني تضادن کي به منهن ڏنو آهي جيڪو اسان سهيوڳي دور ۾ ڏيئي رهيا آهيون. پنهنجي سماج جي دنيا ۽ ٻي سماج جي دنيا ۾ ڪهڙيون فڪري ۽ ثقافتي هڪجهڙايون رهيون آهن ۽ ڪهڙا تضاد رهيا آهن ڇوته دنيا ۾ انسانن جي سوچ، سمجهه، فڪر يا فلسفي جي اوسر اڪيلي سر نه ٿيندي آهي پر سموري وايو منڊل جو واءُ سواءُ هوندو آهي.


اهڙي طرح دنيا جي ادب ۾ هڪڙو ادب بيٺڪيت پڄاڻان وارو به رهيو آهي جيڪو پنهنجي بيٺڪي فطرت مان اسري نڪتل هوندو آهي جيتوڻيڪ اهو سهيوڳي روايتن سان ٽڪر ۾ هوندو آهي پر تاريخي ساخت کي به بچائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هوندو آهي جهڙوڪ جوروگي جو پيءَ هالينڊس سان ٽڪر ۾ ان ڪري نه ايندو آهي جو متان زمين جي مالڪي تا هٿ ڌوئڻا پئجي وڃن. اهو رويو هومي ڀاڀا جي لفظن ۾ Ambivalence آهي جنهن ۾ توهان ڪنهن شيءِ کي خراب به سمجهو ٿا پر ان کي پنهنجايو به ٿا. اصل ۾ ڳالهه ترجمن جي هئي ته ادبي ترجما صرف ڪهاڻي جو ترجمو نه پر سوچن ۽ فڪر جو ترجمو هوندا آهن. اهڙي طرح اهي پڙهندڙ کي ٻي دنيا جي سوچ ۽ فڪر سان روشناس ڪرائين ٿا ته دنيا ۾ ڏک، تڪليف، خوشي ۽ ڪاوڙ جا ڪهڙا طريقا رهيا آهن ته ساڳئي وقت ظلم ۽ ظالم وارا تصور به پسائين ٿا. اختر حفيظ ويجهڙي عرصي ۾ ٻه بهترين ترجما ڏنا آهن جيڪي ڪينيائي ليکڪ گگي وا ٿيونگو جو ناوليٽ “روءُ نه ٻچڙا” ۽ ٻيو ٻي عالمي جنگ جي ڪهاڻي جا ڪتاب آهن جيڪي نئون نياپو پبلشر طرفان شايع ٿي پڌرا ٿيا آهن. ٻنهي ڪتابن جي هڪڙي اهم مماثلت پسمنظر جي آهي ته انگريز ٻي عالمي جنگ ۾ شڪست جو بدلو هيڻن قومن تي قابض ٿي پنهنجي بيٺڪي راڄ جي جسٽيفاءِ ڪندي نظر ايندا آهن. ٻنهي جي پٺيان ٻي عالمي جنگ جو وجود موجود آهي.

روءُ نه ٻچڙا هڪڙي خاندان جي ڪهاڻي آهي جيڪو ڪينيا جي هڪڙي ڳوٺ جا رهواسي آهن جتي هڪڙو انگريز مقامي غدارن سان ملي مقامي ماڻهن جي زمينن تي قبضو ڪندو آهي ۽ سبب عالمي جنگ ۾ وڙهڻ ڄاڻائيندو آهي، انهي جنگ ۾ به جوروگي جي وڏي ڀاءُ بورو کي زبردستي ٻي عالمي جنگ ۾ ڀرتي ڪري وٺي ويندا آهن جتي کيس ڏکيو تجربو ٿئي ٿو ۽ سندن وڏو ڀاءُ انهي جنگ ۾ مارجي وڃي ٿو. بورو ۽ ڪوري موٽي اچي انگريزن خلاف ٿي بيهن ٿا جڏهن ته سندن پيءِ ٻه واٽي تي هوندو آهي پر هڪڙي هڙتال ۾ ويندو آهي جتي جهڙو ٿي پوندو آهي ۽ جوروگي جو پيءِ پنهنجي نوڪري وڃائي ويهندو آهي ۽ کيس پنهنجي زمين تا هٿ ڌوئڻا پئجي ويندا آهن پر وٽس جيڪا ارادي جي قوت هوندي آهي اها لاجواب آهي ته انگريزن يا زمين تا قابض ماڻهن کان آزادي وٺڻي آهي. ڪڏهن انگريز حڪمرانن خلاف وڙهندڙ پٽ به نه وڻندا آهن جو هو سمجهي ٿو ته ايئن ڪرڻ سان ابن ڏاڏن جي زمين کسجي ويندي پر ٻي طرف انهن قابضن تي ڪاوڙ به ڏاڍي هوندي آهي. انهي سموري پسمنظر ۾ سندن پٽ جوروگي هڪ اميد هوندي آهي جيڪو اڃا پڙهندو پيو هوندو آهي. سموري ناوليٽ جي ٿيم ۾ ۳ اهم ڳالهيون هونديون آهن، هڪ ته زمين بابت سوال هوندو آهي ته اسان جي زمين ڪيڏانهن وئي؟ ٻي اهم ڳالهه تعليم جي حاصلات هوندي آهي جنهن جي لاءِ چيو ويندو آهي ته تعليم ڪينيا لاءِ سوجهرو آهي ۽ ٽين ڳالهه مائو مائو جي تحريڪ هوندي آهي.

ناوليٽ جي پلاٽ ۾ زمين جو سوال اهم آهي ته زمين اسان جي پيرن مان نڪري وڃي رهي آهي جيڪا صورتحال اسان سنڌين سان پيش اچي رهي آهي پر اسين بي خبري واري حالت ۾ ستل نظر ٿا اچون. جڏهن ته زمين ۽ آسمان بشمول ثقافت نئين بيٺڪي نظام جي پنجوڙن ۾ اچي چڪي آهي، حڪمران مهياڪي جي پيءَ جيان قابض قوتن سان گڏ بيٺل آهي وچون طبقو مراعاتن جي انتظار ۾ آهي ۽ هيٺيون طبقو بي سمجهه ۽ بي پهچ بڻيل آهي. جڏهن ته ٻيو نقطو تعليم جو آهي جيڪو ڪينيا ته ڇا پوري دنيا لاءِ سوجهري وانگر آهي پر اسان وٽ ڪجهه ڏهاڪن کان تعليم به تباهه آهي ۽ معيارِ زندگي ان کان به هيٺ هلي وئي. اسان جي سموري جذباتي سياست تعليم کي تباهه ڪرڻ ۾ لڳي وئي ۽ تعليم ڪاروبار بڻجي وئي. تعليم جون راهون تبديل ڪيون ويون نصاب کي گروهن جي نظرياتن جي طابع ڪيو ويو ۽ حڪمران طبقي صرف حڪمراني وارا مزا ورتا. جڏهن آخري نقطو مائو مائو يعني سياسي جدوجهد آهي ناوليٽ ۾ مائو مائو زمين ۽ تعليم جي حاصلات لاءِ سياست جو فارمولو ڏنو جنهن سان سمورن مسئلن جو حل ڪڍي سگهجي ٿو خاص طور بنيادي شيءِ غلامي واري آهي غلامي کي زتم ڪرڻ سان زمين به واپس ملي سگهي ٿي، زمين تي مالڪن جا حق به ملي سگهن ٿا ۽ قوت به ملي سگهي ٿي. غلامي جي خاتمي سان زمين سان گڏوگڏ تعليم جي بهتري به اچي سگهي ٿي. غلامي جو هن وقت جيتوڻيڪ تصور جسماني غلامي نه آهي پر ذهني غلامي آهي جيڪا بيٺڪي نظام جي پيداوار آهي. هاڻ ڪينيا جي ناوليٽ جيان اسان کي جسماني سان گڏ ذهني بيٺڪيت جو خاتمو آڻڻو آهي ۽ لارڊ ميڪاولي جي طعني کي رد ڪرڻو آهي تو ٽين دنيا جي سمورن ملڪن جون لائبريريون يورپ جي هڪڙي بڪ شيلف جهڙيون به نه آهن جنهن مان ماڻهو علم ۽ عقل جا ڏاڪا چڙهي سگهي. اهي اسٽيريو ٽائيپ ٺپا جيڪي حاڪمن ٽين دنيا جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، سوچ فڪر ۽ فلسفي تي هنيا آهن اهي مٽائڻا آهن. ان پسمنظر ۾ اختر حفيظ جي ٻنهي ترجمن جي وڏي اهميت آهي جيڪي پڙهندڙن کي لوڏي رکڻ جي صلاحيت رکن ٿا اهي به پنهنجي پسمنظر ۾ سوال ڪن ته اسان جي زمين ڪيڏانهن وئي آهي؟ اسان کان تعليم جو حق ڇو کسيو ويو آهي ۽ تعليم ۾ معيار ڇو نه آهي جيڪو حاصل ڪندڙ کي تنقيدي شعور ڏئي تهذيب جا درس ڏي؟ ۽ اسان وٽ سياسي سجاڳي يا شعور جي نالي ۾ ڌوڪا ڇو آهن؟ جيڪڏهن اسان اهي ٽيئي منزلون حاصل ڪري ورتيون ته يقينن ڪينيا جي بيٺڪي آزادي جيان اسان به ذهني بيٺڪيت مان آزادي حاصل ڪري سگهون ٿا. اهڙا ترجما ٻولي جي شاهوڪاري سان گڏ اسان جهڙي سماج کي فڪري پرورش لاءِ به اهم هوندا آهن جنهن لاءِ اختر حفيظ جي جس هجي.

 

(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment