Sunday, November 21, 2021

سمنڊ ۽ هيڪلو روح - شوڪت حسين شورو

سمنڊ ۽ هيڪلو روح

(مختصر ڪھاڻي)

شوڪت حسين شورو



آسمان جو رنگ گهاٽو نيرو هو ۽ ان تي ڪڪرن جا ٽڪرا، ڪپھ جي پوڻين وانگر، ٽڙيا پکڙيا پيا هئا. هيٺ سمنڊ جو رنگ به آسمان جهڙو هو. سمنڊ، ماٺو هو. طوفان ڪڏهوڪو ختم ٿي چڪو هو، پر سمنڊ جي تھ کي اُٿلائي ۽ هر شيءِ کي ٽوڙي. گذري ويل طوفان جي هڪ نشاني، هڪ تختو، لهرن جي رفتار تي لڙهندو پئي ويو. ۽ هو ڊنل ۽ هيسيل، تختي کي چنبڙيو پيو هو. هن جو سڄو گم ٿي ويل هوش، موٽي آيو هو - اَڌوريءَ ۽ ٽٽل حالت ۾. هر طوفان کان پوءِ، سمنڊ نئون لڳندو آهي. هن کي به سمنڊ بلڪل نئون نظر آيو. رکي رکي هن کي لڳو ٿي ته هو ترندو پئي ويو. ’شايد منهنجو ذهن ستل ۽ جسم ٿڪل آهي، تڏهن ٿو ائين محسوس ٿئي.‘ هن سوچيو؛ ’جهاز وانگر، منهنجو وجود به ٽٽي چڪو آهي، ۽ سوچ به. پر اها ٽٽل سوچ، ٽٽل شيشي وانگر منهنجي ذهن ۾ چڀي رهي آهي.‘ هن چاهيو ته مٿو تختي تي زور سان ٽڪرائي ۽ اُن چڀ چڀ کان ذهن کي آجو ڪرائي. ’پر جي تختو ڇڏائجي وڃي ته....‘ هن کي ٽٽل جهاز جو فقط اهو هڪ تختو ئي هٿ آيو هو، اهو به غنيمت هو. ’مون کي هن تختي تي گهڻا ڏينهن ٿي ويا آهن؟‘ هن ياد ڪرڻ چاهيو. هو ڊڄي ويو. هي منهنجي ذهن کي ٿي ڇا ويو آهي؟ يادگيريون ڪيڏيون ڌنڌليون آهن- سمنڊ جي پاڻيءَ وانگر ڪار-سريون. محسوس ائين ٿو ٿئي، ڄڻ ته مان ازل کان وٺي ان صورتحال ۾ موجود رهيو آهيان. ڪيڏي عجيب ڳالھ آهي!‘ هڪ ڀيرو هن ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته اکيون پوري پاڻ کي موجوده حالت ۾ غير موجود ۽ ڪنهن ٻئي هنڌ ۽ ٻيءَ حالت ۾ موجود سمجهي. هو هڪ ڀرئي ڀُڪلئي جهاز ۾ سوار هو، جنهن ۾ کلندڙ ڪڏندڙ بيپرواھ ماڻهو هئا. جهاز، سمنڊ ۾ ڏاڍي شان ۽ مزي سان پئي ويو ته اوچتو ئي اوچتو ..... ’پر اهو ته مان زبان سان به چئي سگهان ٿو. ذهن ۾ تصويرون ڇو نٿيون اُڀرن! پر آخر فرق ڪهڙو ٿو پئي. ياد ڪرڻ مان ڪو به فائدو ڪونهي. ڄڻ ڪو ماضي آهي ئي ڪو نه، ۽ نه مستقبل جو ڪو يقين آهي، فقط حال آهي، ۽ موجوده صورتحال ئي سچ آهي. ٻيو سڀڪجھ بڪواس آهي منهنجي لاءِ..... منهنجي ٽٽل وجود جي ٽٽل ذهن مان سڀ يادگيريون ٽٽي وڃائجي ويون آهن.‘ هن بيزار ٿي اکيون کولي ڇڏيون. ’سمنڊ ڪيڏو وسيع آهي، ۽ آءٌ ان تي هڪ ڪک وانگر لڙهندو پيو وڃان. جي آءٌ ٻڏي ويس ته ڪهڙو فرق پوندو. سمنڊ جون ڇوليون ائين ئي اينديون وينديون رهنديون. ڪڏهن نه کٽنديون- ويرون، لهرون ۽ موجون.... ڪيڏي عجيب ڳالھ آهي. آخر ھي لهرون ۽ ويرون ڪٿان ٿيون اچن، ۽ ڪيڏانهن ٿيون وڃن؟ ڪٿي کٽن به ٿيون يا نه؟ ھيءُ پاڻي ساندھ پيو وهي. ڪا شيءِ ايڏي حيرت انگيز ڪانھي، جيڏو ھي سمنڊ- جنهن ۾ ڪئين ڳجهه، طوفان ۽ تبديليون سمايل آهن.... ۽ ڪيڏي عجيب ڳالھ آهي، ھر ڪا اُٿندڙ لهر مون کي سواليہ نشان جي شڪل ۾ نظر ٿي اچي. ھيءُ شايد حيرتن جو وهڪرو آهي، جنهن ۾ مان لڙهندو پيو وڃان. گهڻو سوچڻ اجايو آهي. ڪجھ به سمجھ ۾ نه ايندو. گهڻي سوچڻ کان پوءِ مون کي خود منهنجو ذهن به ڌاريو لڳندو آهي. مان شايد مري چڪو آهيان. پر منهنجو ذهن مئل ناهي، فقط ٽٽل آهي.‘ هن پڪ ڪرڻ لاءِ تختي کي محسوس ڪرڻ چاهيو، پر هن جي ساڻي بت کي ڪجھ به محسوس نه ٿيو. وري سندس سڪل آڱرين، جسم کي ڇهيو. تڏهن به هن کي ڪا خاطري نه ٿي. ’نه، مان جيئرو آهيان. گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته سمجهي سگهان ٿو. هيءَ ايڏي ساري جدوجهد زندھ رهڻ لاءِ ئي ته ڪري رهيو آهيان، نه ته هڪ معمولي تختي جي سهاري جيئڻ ڪيڏو ڪٺن آهي. مون کي هر وقت ٻڏڻ جو ڊپ آهي. جيڪڏهن حياتي پياري نه هجيم ها ته رات- ڏينهن هن تختي کي ڇو چنبڙيو پيو هجان ها. ڄاڻان به ٿو ته هن جو سهارو دائمي ڪونهي. آخر ڪيستائين؟  نيٺ ته اهو سهارو به ختم ٿي ويندو. ڪو به سهارو هميشه جي لاءِ نٿو رهي. سهارا بدلجندا ئي رهندا آهن. پر منهنجي خواهش ڪا ايڏي غير معمولي ته ڪانھي. مون کي ڌرتيءَ جو سهارو کپي. ڌرتيءَ جي سهاري سڄي حياتي گذاري سگهجي ٿي. پر جي ڪنهن موزون هنڌ سهارو ملي.‘


’مان وڌيڪ ڪجھ به نه، فقط ڌرتيءَ تي پير رکڻ ٿو چاهيان.‘ ڌرتيءَ تي پير رکڻ جي لاءِ هن جي خواهش ڪيڏي ڪيڏيءَ مهل تمام زور وٺي ٿي ويئي. تڏهن هن خدا کان مدد جي لاءِ دعا ٿي گهري. هن سمجهيو ٿي ته فقط ڪو معجزو ئي کيس بچائي ٿي سگهيو.

’مان ڪٿي ٻئي هنڌ به پيدا ٿي سگهيس ٿي.‘

هو هڪ ٽٽل جهاز جو مسافر هو. پاڻ به ٽٽل، ۽ سهارو فقط هڪ تختي جو.

’جيڪر جهاز صحيح سالم ۽ مضبوط هجي ها.‘

رکي رکي گگھ اوندھ، هن جي اکين ۾ گهڙيو ٿي آئي. هن زور ڪري، اکيون ڦاڙي پاڻ کي هوش ۾ رکڻ ٿي چاهيو... يا شايد سمنڊ جو رنگ ئي اهڙو هو. ذهن ڪنهن ڌارئي شخص جو ٿي لڳو- اهڙو ڌاريو، جنهن کي ماڻهو پاڻ به سمجهي نه سگهي. ’هيءَ عجيب صورتحال آهي. مون اڳي ڪڏهن به ائين محسوس نه ڪيو آهي. مان تمام گهڻو ٿڪل آهيان. اصل سَنڌُ سَنڌُ ٿڪجي، ساڻو ٿي پيو آهي. ۽ جڏهن ڪا شيءِ پنهنجي هوندي به ڌاري محسوس ٿئي....‘ گگھ  اوندھ وري به هن جي اکين ۾ گهڙي آئي. هن زور-مس ڪري اکيون کوليون ۽ پاسي بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي.

’مان به هڪ عام انسان ٿي سگهيس ٿي....‘

’جيڪڏهن مان سوچيان نه ته اُڦٽ مري پوان. جسم ساڻو ٿي ساھ ڇڏي چڪو آهي. فقط لڳاتار سوچيندڙ ذهن اهو يقين ٿو ڏياري ته آءٌ اڃا جيئرو آهيان. ڪيڏيءَ ڪيڏيءَ مهل مون کان اهو به وسريو وڃي ته مان هينئر ڪٿي آهيان. آخر ھي سفر ڪڏهن وڃي کٽندو؟ ڪٿي کٽندو؟ مان سخت بيزار ٿي پيو آهيان. آخر ڪا حد هوندي آهي. سڀ وسيلا ختم ٿي چڪا آهن. زندھ رهڻ جي لاءِ انهيءَ اڻکٽ خواهش ۽ ٿڪائيندڙ جدوجهد مون کي وڌيڪ ٽوڙي ڇڏيو آهي. مان ڌرتيءَ تي، ڪنهن مضبوط هنڌ تي، پير رکڻ ٿو چاهيان. تختي جي سهاري لڳاتار لڙهندو رهڻ، ڏينهون ڏينهن منهنجي سهپ کان ٻاهر ٿيندو وڃي. ڪٿي مان......‘ آسمان سانڊي وانگر رنگ بدلائيندو رهيو ۽ تختو لڙهندو ويو.

هن جون اکيون ڦاٽي ويون. اهي ڌنڌ جون عجيب شڪليون هيون، يا واقعي ٽڪريون هيون. هن پوريءَ ڪوشش سان جاچي ڏٺو- واقعي ٽڪريون هيون. ڌنڌليل...... ائين لڳو، ڄڻ نظرن کي اوچتو گگھ اوندھ ۾ هڪ چمڪندڙ تارو نظر آيو هو، جيڪو ترت گم ٿي ويو. ’مون ته سنئينءَ سڌيءَ ڌرتيءَ تي پير رکڻ لاءِ دعا گهري هئي. ماڻهو چاهي ڇا ٿو، ۽ کيس ملي ڇا ٿو. هنن پهاڙن تائين پهچڻ منهنجي لاءِ ممڪن ڪونهي- مون ته ڪڏهن اهو چاهيو ئي ڪو نه هو.‘ سمنڊ جي ڪناري بيٺل پهاڙن جي هن پار ڄڻ ته زندگيءَ جون راهون ختم پئي ٿيون. ’سچ ته اهو آهي ته مان سمنڊ کان ڌار ٿيڻ نٿو چاهيان.‘ هن کي خيال آيو، پر هڪ تختي جي معمولي سهاري، هوا جي ٿپيڙن تي، ڪو ڪيستائين لهرن ۾ لڙهندو رهندو. سمنڊ ۾ رهڻ جي لاءِ هڪ مضبوط جهاز جي ضرورت آهي. اها به قسمت جي ڳالھ آهي.‘

هو هاڻي ٽڪرين جي ويجهو اچي پهتو هو. اتي سمنڊ ۾ ڏاڍو شور هو. سطح کان وٺي تري تائين هڪ زبردست ولوڙ هئي. سڄو بنياد اٿلي رهيو هو. هو تختي کي زور سان چهٽي پيو.

’نه نه، مان هن تختي کي نه ڇڏيندس.‘

سمنڊ جون وڏيون وڏيون لهرون ٽڪرين جي چوٽيءَ تائين زور سان ٽڪرائجي گجنديون وري موٽي ٿي آيون. هن تي هيبت ڇانئجي ويئي. زوردار لهرن ۾، هن جو تختو ڪک وانگر اُڇلجڻ لڳو. اوچتو هڪ وڏي وير اٿي، ۽ هن اکيون پوري ڇڏيون.

شايد معجزو ئي ٿيو هو. هو اڃا جيئرو هو. ڳچ وقت تائين ڊپ ۾ اکيون پوري، پنهنجي جيئري هجڻ تي عجب کائي رهيو هو. ڊڄندي ڊڄندي اکيون کوليائين، ۽ اکيون کولي ڊڄي ويو. هن پاڻ کي هڪ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي موجود ڏٺو. مٿان تيز هوا لڳي رهي هئي، ۽ هيٺ سمنڊ گجي رهيو هو. هن پنهنجي بت کي ڪوئڻ جي ڪوشش ڪئي. ڊپ، ڪوهيڙي وانگر هن جي من تي ڇانئجي ويو. ’بچڻ جي ڪا به واھ ڪانھي. ڇا؟ مان هيئن اڪيلو پنهنجي منهن مري ويندس؟ انسان جو روح ايڏي اڪيلائي ڇو ٿو محسوس ڪري؟‘ موت ۽ ڊپ، سڀ ان اڪيلائيءَ جي پيدائش آهن.‘ هن جي اڳيان وسيع، بي انتها ۽ لا محدود سمنڊ هو- ۽ سندس اڪيلو روح. سمنڊ ۾ کيس ڄڻ پنهنجي اڪيلائيءَ جو پاڇو نظر آيو... هڪ هيبتناڪ راڪاس جهڙو. هن هڪدم ڊڄي نظرون ڦيرائي ڇڏيون. هن چوڌاري چتائي نهاريو. ٽڪريءَ جي پٺيان گهاٽو ڌنڌ هو. ڌنڌ ۾ کيس ڪجھ نظر ئي نه آيو. هن محسوس ڪرڻ چاهيو، اهو ڇا ٿي سگهي ٿو! ڪو به اندازو لڳائڻ مشڪل هو. شايد ڪا بي انت اونداهي گهري کاهي هوندي، گهاٽي ڌنڌ سان ڍڪيل. ’مان سمنڊ ڏانهن موٽي وڃڻ ٿو چاهيان.‘ هن وري سمنڊ ڏانهن ڏٺو، جنهن جون ڇوليون ان ٽڪريءَ جي چوٽيءَ سان لڳي وري واپس موٽي ٿي ويون. پر بنا سهاري جي سمنڊ ۾ گهڙڻ مشڪل آهي. هن کي تختو ياد آيو، پر اهو ٽڪريءَ تي ڪو نه هو. هڪ معمولي تختي جو سهارو هو، پر اهو به هاڻي ڪو نه رهيو. ’اها مون کي اڳ ۾ ئي خبر هئي ته ڪو به سهارو هميشه جي لاءِ نه هوندو آهي. ڪو به ماڻهو ڪنهن سهاري کي خوشيءَ سان ڇڏڻ نه چاهيندو آهي، پر اهو ڄڻ ڪٿي نه ڪٿي وڃائجي ويندو آهي. انسان، آخر انسان آهي. ڪک، آخر هڪ ڪک آھي. پر ٻنهي ۾ هڪڙي ڳالھ ساڳي آهي؛ ٻنهي جو هڪڙي هنڌ ٽڪاءُ تمام مشڪل آهي. هڪ ازلي طوفان ٻنهي کي پنهنجن بنيادن مان اکوڙي، ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي اڏائيندو رهندو آهي، ۽ نيٺ وڃي ڪنهن گهريءَ کاهيءَ ۾ اُڇلائيندو آهي.‘ هن اکيون پوري ڇڏيون. ’مون کي اها خبر پوءِ پئي ته جهاز تباھ ٿيل هو. مان ڄاڻي واڻي ٽٽل جهاز ۾ ڪو نه چڙهيو هوس. طوفان جي لڳاتار ڌڪن جهاز کي ٽوڙي ڇڏيو هو. بچاءَ جو هر ڪو طريقو ڪتب آندو ويو- پاڻ کي بچائڻ لاءِ، ۽ پنهنجيءَ دنيا کي بچائڻ لاءِ. جهاز به هڪڙي ننڍڙي دنيا هئي. اسين سڀ خوش هئاسين، ۽ بيپرواھ هئاسين، مگن، پنهنجين ننڍڙين ننڍڙين خوشين ۾ وندريل. جهاز جا بنياد، آهستي آهستي اکڙجڻ شروع ٿيا. اسين سڀ ڳڻتيءَ ۾ پئجي وياسين. ٽٽڻ جو سلسلو تمام ڍرو هو، ۽ اهو سڀڪجھ اسان جي اکين اڳيان ٿيندو رهيو. پنهنجي وسان ڪير ٿو گهٽائي پر جتي بنياد ڪمزور ٿي اکڙجڻ لڳن، اتي ڪو ڇا ٿو ڪري سگهي؟! اسان کي هڪ ٻئي کان جدا ٿيڻ جو غير شعوري طور انتظار هو. اسين سڀ دکي هئاسين. پنهنجي باري ۾ ڪجھ وڌيڪ. هاڻي اها ڳالھ چٽيءَ طرح اڳيان آئي ته اسان کي نيٺ ڌار ٿيڻو آهي. هر ڪنهن کي پنهنجي اڪيلائيءَ جو ڊپ هو. وقت بيرحم آهي يا حالتون ظالم آهن؛ ٽٽندڙ پن لاءِ اهو سوچڻ اجايو ۽ بي معنيٰ آهي. ڪرڻ وقت فقط ڪرڻ جي ڳالھ ذهن ۾ هوندي آهي. هٿ لوڏي جدا ٿيڻ ۽ اوچتو ئي اوچتو جدا ٿيڻ ۾ فرق آهي. پر ماڻهو جدا ٻنهي حالتن ۾ ٿئي ٿو. پوءِ به هن نموني ۾ جدا ٿيڻ، پنهنجي اکين اڳيان پنهنجن کي ۽ پاڻ کي ٻڏندو ڏسڻ- ان وقت ڪنهن جي به دل ۾ اها خواهش نٿي اُڀري ته هٿ لوڏي هڪٻئي کان جدا ٿيون. جهاز مڪمل طرح ٽٽي چڪو هو، ۽ سڀني زندھ رهڻ ٿي چاهيو. ڪي ٻڏي ويا ۽ ڪن کي تختن جو سهارو ملي ويو. آءٌ جن حالتن ۾ هيستائين پهتو آهيان، اهو فيصلو ڪرڻ مون لاءِ مشڪل آهي ته آءٌ خوشنصيب آهيان يا بدنصيب. هاڻي ته ڪو ڳوڙهو به نه رهيو آهي، جيڪو گذريل وقت کي ياد ڪري وهائجي. پر مون کي ته گذريل وقت به ياد ڪونهي. ڄڻ ته گذريل وقت جو ڪو وجود ئي ڪو نه هو. وقت جي اهميت تيستائين رهندي، جيستائين آءٌ جيئرو آهيان. مرڻ کان پوءِ مون لاءِ ڪنهن به شيءِ جي اهميت نه هوندي.‘

هن هڪ عجيب بيچيني محسوس ڪئي. هن جي من ۾ آيو ته ان اڻڏٺل، ڌنڌ ۾ گم ٿيل، کاهيءَ ۾ ٽپو ڏئي. ٽڪرين سان ٽڪرائيندڙ ڇولين جو زوردار آواز ان خيال تي ڇانئجي ويو. ’مون کي اهڙيون ڳالهيون نه سوچڻ کپن. مون ۾ اڃا ساھ آهي، ۽ ساھ جي سگھ آهي. شايد مان خوفناڪ ٽڪريءَ تان سلامتيءَ سان لهي وڃان. پر سمنڊ ۾ گهڙڻ جو ڪو وسيلو ته هئڻ کپي. مان هيئن خالي، ٽٽل سگھ سان هن ويران ٽڪريءَ تي بيهي ڇا ٿو ڪري سگهان! آءٌ ڪڏهن هوس، پر هاڻي ڪجھ به نه رهيو آهيان، هاڻي به اهو مان ئي آهيان، پر اهو ساڳيو نه آهيان. ائين ڇو ٿو ٿئي؟ مان ڪجھ ٿي سگهيس ٿي. مون ته فقط ڌرتيءَ تي پير رکڻ جي دعا گهري هئي- ڪيڏي نه معمولي ۽ سادي سودي دعا. ان ۾ ڪنهن کي ڪهڙو نقصان هو؟ مان ڀليل هوس، مون کي خبر ڪا نه هئي ته معمولي دعائون ڪڏهن به پوريون ڪو نه ٿينديون آهن. مون سان ويساھ گهاتي ٿي آهي. پر اعتراض ڪرڻ فضول آهي. هتي چونڊ  جو حق ڪنهن کي ڏنو ئي نٿو وڃي. مان گهڻو ٿو سوچيان ته نيٺ نصيب جهڙي واهيات ۽ مهمل شيءِ تي اعتبار ڪرڻ جي لاءِ مجبور ٿيو پوان. سمنڊ مون کي ٽوڙي ڇڏيو. مون کي چونڊ جو ڪو به حق نه ڏنو ويو. جيڪڏهن ڪو حق ڏنو ويو آهي ته فقط ڌنڌ ۾ گم ٿيل گهريءَ کاهيءَ ۾ ۽ بنا ڪنهن سهاري جي وسيع ترين سمنڊ مان ڪنهن هڪ کي چونڊڻ جو. مان موجوده صورتحال ۾ وڌيڪ وقت رهي نٿو سگهان. مون کي ڪو نه ڪو فيصلو ڪرڻو ئي آهي. ايڏي ساري سفر کان پوءِ به هڪ مهمل منزل تي ئي پهچي سگهيو آهيان، جتي ٿڪ ڀڃڻ جي به اجازت ڪانھي، ۽ سڀڪجھ غير يقيني آهي، سڀ ڪجھ بڪواس آهي.. فريب آهي، بڪواس آهي، بڪواس آهي... بڪواس، بڪواس... او! بند ڪر... بند ڪر... بند ڪر... ھي ذهن به بڪواس آهي- سڀ بڪواس آهي‘... هو رڙيون ڪرڻ لڳو. پوءِ اُبتي مٺ پوري زور سان هنيائين پنهنجي نراڙ تي.

هن وڏيءَ مشڪل سان پاڻ تي ضابطو آندو.’جيڪڏهن ٿڪل ٽٽل ذهن ضابطي مان نڪري ويو ته پوءِ خاتمو يقيني آهي. پر ههڙيءَ حالت ۾ ته ذهن کي ضابطي ۾ رکي ئي نٿو سگهجي. اهو ته پاڻمرادو سوچيندو رهي ٿو. مون کي ڪو نه ڪو حيلو هلائڻ کپي.‘ پر جنهن ڳالھ هن کي ڊيڄاريو ٿي، سا هئي تيز هوا. هو ڪنهن به وقت ڌنڌ ۾ گم ٿيل کاهيءَ ۾ ڪري سگهيو ٿي. هن مهمل خيالن کي روڪڻ جي لاءِ هتان نڪرڻ جا طريقا سوچڻ چاهيا، پر ذهن قبضي ۾ نه هو. اهو آٽوميٽڪ مشين وانگر پئي هليو. هن کي خار آيو ته ذهن کي زور سان پٿرن تي اُڇلائي چپ ڪرائي ڇڏي... سندس ذهن ۾ تيز واچوڙو اُٿيو. هن کي لڳو- هو ويو... ويو..... هن پنهنجيءَ ٽٽل سگھ کي ميڙي پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. ’مان پاڻ پنهنجي ذهن کي ڇيڙي سندس تباهي آڻي رهيو آهيان.‘ هن ڪاوڙ وچان سوچيو. پوءِ هن ذهن کي پنهنجي مرضيءَ تي ڇڏي ڏنو، ۽ پاڻ لا تعلق ٿي ويهي رهيو. خيالن جون لهرون ۽ ويرون هيون، ۽ هن اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون.

وقت گذريو پئي يا هڪ هنڌ بيٺل هو، ان ڳالھ جو هن کي سماءُ ڪو نه هو. ’ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ڌنڌ ۾ گم ٿيل کاهيءَ کي پنهنجي آخري منزل سمجهان؟‘ پر اڻڏٺل لاءِ اهو فيصلو کيس نه آئڙيو. ’وڻڻ ۽ نه وڻڻ جو احساس اڃا به ٿئي ٿو!‘ هن پاڻ تي کلڻ چاهيو- ’جيڪڏهن کلڻ بند نه ٿئي ته پوءِ... جي مان هتي چريو ٿي پوان؟ هن کي اهو خيال ڏاڍو دلچسپ لڳو. وري کيس ٻيو خيال آيو؛ ’مان پنهنجي مرضيءَ تي کلي به نه ٿو سگهان! شايد ڪنهن به شيءِ ۾ منهنجي مرضيءَ جو دخل نه رهيو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ چونڊ ۽ فيصلو ڪرڻ،  مون کي فقط بيجان لفظ ٿا لڳن. منهنجو اندر خالي آهي، خال وانگر، ۽ لفظ بيجان آهن. ڪٿان گرمي ملڻ جو امڪان ئي ناهي.‘

’ڇا مان ائين چپ چاپ مري وڃان؟‘ هن سوچيو.

ان وقت هن پنهنجي اندر ۾ هڪ تبديلي محسوس ڪئي. هن جي دل مايوسيءَ جي پاتال مان نڪري، مٿي سطح تي آئي. ’مان  جيئڻ چاهيان ٿو. مون اڃا ڪيو ئي ڇا آهي. اڃا به موقعو آهي، شايد مان ڪجھ ٿي سگهان... گهٽ ۾ گهٽ هڪ رواجي انسان.جيئڻ جي خواهش هن جي ٿڪل ٽٽل ذهن کي ڪجھ تازگي ڏني. هو هاڻي اڳي کان بهتر محسوس ڪرڻ لڳو. ’هڪ ٽٽل ماڻهوءَ جي لاءِ جدوجهد ڪيڏي ڪٺن آهي. پر نه، مون کي هڪ ڀيرو وري ٻيهر شروعات ڪرڻ کپي. هڪ ڀيرو وري آزمائڻ کپي. ٿي سگهي ٿو... ٿي سگهي ٿو ته‘.... ٻڏندڙ آس وري اُڀري آئي. هو هاڻي ٻيهر شروعات ڪرڻ جا گهاٽ گهڙڻ لڳو.

هو ٿڪل، خالي ۽ ويران نظرن سان سمنڊ کي ڏسندو رهيو، ۽ بچاءَ جا طريقا سوچيندو رهيو. اوچتو هن کي پري کان هڪ نقطو اُڀرندو نظر آيو. هو ان نقطي کي چتائي ڏسڻ لڳو. ’اهو ڇا  ٿو ٿي سگهي؟‘ نقطو ويو وڌيڪ اُڀرندو- اهو هڪ جهاز هو. هو خوشيءَ ۾ اٿي بيهي رهيو. ’مان بچي سگهان ٿو!.... مان بچي سگهان ٿو!‘.... جهاز ويجهو ايندو ويو. هو هڪدم پنهنجي قميص لاهي، زور زور سان ڦيرائڻ ۽ لوڏڻ لڳو. ’من مون تي نظر پئجي وڃين ۽ هن اوڙاھ مان بچائين.‘ جهاز اڳيان وڌي ويو. هو قميص کي جهنڊو بنائي هوا ۾ لوڏيندو رهيو، ۽ جهاز ويو پري ٿيندو. ڦنڊيل دل سسي ويئي. هن جون اکيون جهاز تي ڄميل هيون، ۽ ٻانهون مٿي قميص کي جهليو بيٺيون هيون. هن کي ياد آيو ته هو هڪ ڀيرو ڊوڙندو ڊوڙندو پليٽفارم تي آيو هو، ۽ گاڏي هن جي اڳيان ڇٽي وڃي رهي هئي. ساڪت ٻانهون ٽٽل ٽاريءَ وانگر هيٺ اچي ڪريون. نقطو هن جي اکين اڳيان نچڻ لڳو. هاڻي ڪنهن جو به آسرو نه رهيو هو. ’جيڪڏهن ڪجھ ٿي سگهي ٿو ته اهو فقط مان ئي ڪري سگهان ٿو. ٻيا آسرا بيڪار آهن.‘

هن ترهي ٺاهڻ جو سوچيو، ۽ هتان هُتان ڪاٺيون ميڙڻ شروع ڪيون. ڏاڍي مشڪل سان ايتريون ڪاٺيون هٿ ڪري سگهيو، جن مان هڪ معمولي ترهو ٺاهي سگهجي. هن ڪپڙا ڦاڙي، نوڙيون ٺاهي، ترهي کي ٻڌو. ترهو مضبوط نه ٺهي سگهيو، پر هن زندھ رهڻ ٿي چاهيو. ’مان چپ چاپ مري وڃڻ نٿو چاهيان. هن معمولي ترهي جي سهاري، حالتن سان ٽڪر کائيندس. زندھ رهڻ جي جدوجهد ڪرڻ جي لاءِ اڃا ڪجھ همٿ آهي.‘ سوچ سان گڏ هن جا هٿ به ڪم ڪندا رهيا. هاڻي ترهو بلڪل تيار هو. هو ترهي کي ڇولين کان بچائڻ جي لاءِ سڻائي مهل جو انتظار ڪرڻ لڳو.

هو وري سمنڊ ۾ هو.

’ڪيڏي عجيب ڳالھ آهي،‘ هن سوچيو؛ ’مان وري نئين سر شروعات ڪري رهيو آهيان، سڀڪجھ نئين سر حاصل ڪرڻ جي لاءِ. اهو مان نٿو ڄاڻان ته ڪجھ حاصل به ٿيندو يا نه. جيڪڏهن ڪو ڄاڻي، ته پوءِ ايڏي مٿا-ڪُٽ ڇو ڪري؟ ممڪن آهي ته مون کي ڪجھ به حاصل نه ٿئي. ممڪن آهي ته منهنجو ترهو ٽٽي پئي. پر پوءِ به سمجهان ٿو ته آءٌ جو ڪجھ ڪري رهيو آهيان، بهتر ڪري رهيو آهيان. مان وجود جي بار کان ڀڄڻ نٿو چاهيان. جيستائين ٿي سگهيو، اهو بار کڻندس. اها به ڄڻ سزا آهي، جيڪا هر حالت ۾ ڀوڳڻي آهي.‘

آسمان کي ڄڻ  ڪنهن ڌوئي صاف ڪري ڇڏيو هو. هيٺ وسيع ۽ لامحدود سمنڊ تي ترهو، ڪک وانگر ترندو پئي ويو. هن کي خبر هئي ته ترهو ڪمزور هو. اهو معمولي سٽ به سھي نٿي سگهيو. سامهون هر ڪا لهر ڏسي هو ڊڄي ٿي ويو. ان کان تختو وڌيڪ مضبوط هو. ’خبر ناهي ڇو، جيئن پوءِ تيئن سهارا ويندا آهن ٽٽندا ۽ ڪمزور ٿيندا.‘ ٽڪرين جا سلسلا ختم ٿي چڪا هئا، ۽ هو پري نڪري ويو هو. ’مان سنئينءَ سڌيءَ ڌرتيءَ تي پير رکڻ ٿو چاهيان.‘ هن پنهنجيءَ خواهش کي دل ۾ ورجايو. ڪمزوريءَ ۽ هيڻائيءَ هن جي جسم کي ڳاري ٺانٺو ڪري ڇڏيو هو. هن چڱيءَ طرح ڄاتو ٿي ته هن پنهنجيءَ ٽٽل سگھ کي ميڙي، اها آخري ڪوشش ڪئي هئي. ترهو لهرن تي لڙهندو ويو- ڪٿي تکو، ڪٿي ڍرو. وقت جو ڪو احساس ڪو نه هو. هڪ هنڌ ساڪت هو، يا نظرن کان به وڌيڪ تيزيءَ سان گذرندو پئي ويو. ڪا ڳالھ چٽي ڪا نه هئي. مستقبل تي پردا چڙهيل هئا، جن کي ترهو هڪ هڪ ڪري لاهيندو پئي ويو... پر اهي پردا کٽا ئي ڪو نه ٿي. مستقبل جا پردا به شايد بصر وانگر هوندا آهن. کلون وينديون هڪٻئي پٺيان لهنديون، تان جو باقي ڪجھ به نه بچندو. مستقبل جي آخري پردي کان پوءِ رڳو خال آهي، جنهن جي بي انت اوندھ ۾ ڪجھ به نظر نه ٿو اچي.‘

ڏسندي ڏسندي، آسمان تي الائي ڪٿان ڪڪر گڏ ٿيڻ شروع ٿيا. صاف آسمان ڪارن ڪڪرن سان گدلو ٿي ويو ۽ سمنڊ جو رنگ وڌيڪ گهرو ڪارو ٿي ويو. هن کي وايو منڊل عجيب ۽ دهشتناڪ لڳو. کيس سخت بيچيني محسوس ٿيڻ لڳي. هوا ۾ تيزي ايندي ويئي، جيڪا ويئي وڌندي. لهرون هوا جي تيز مرليءَ تي نانگڻ جيان ڪَرَ کنيو نچنديون آيون. هو ڪنبي ويو، ۽ ترهي کي مضبوطيءَ سان چنبڙي پيو، جيڪو لهرن جا ڏنگ کائي هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ لڳو. هن جي دل ٻڏي ويئي. مرڻينگ حالت ۾ ترهي کي چنبڙيو پيو هو. لهرن، ترهي کي هڪڙي هنڌان کڻي، ٻئي هنڌ اڇلائي ٿي ڇڏيو. اوچتو هن کي محسوس ٿيو ته ترهو ڪاٺي ڪاٺي ٿي رهيو هو. اهو نيٺ ٿيڻو ئي هو! پر اهو ڄاڻندي به، هو ان لاءِ تيار نه هو. هو ڌار ٿيندڙ ڪاٺين کي مضبوطيءَ سان چنبڙي پيو. پر ترهو مڪمل طرح ٽٽي چڪو هو- ۽ ان سان گڏ هو پاڻ به.

.... ’جهاز هلندي هلندي بند ٿي ويو آهي. ڪو به آواز ڪونهي. آخر ڳالھ ڇا آهي! ماڻهو ڪيڏا نه خوش هئا، پر سندن کل، ٽهڪ، هل ۽ گوڙ بند ڇو ٿي ويا آهن. ڪو به آواز ڪونهي. ڪا به روشني ڪانھي. مون کي ڪجھ سور پيو محسوس ٿئي. هانءَ ۾ ولوڙ آهي، ڄڻ ان کي ڪو نپوڙي پيو. ڪيڏي عجيب ڳالھ آهي! سڀ مون کي اڪيلو ڇڏي هليا ويا آهن. مان به وڃڻ ٿو چاهيان. ڏسڻ ٿو چاهيان ته سڀ ويا ڪيڏانهن آهن. مون کي ڪا به خبر نٿي پئي. جهاز ايڏو ڇو لڏي رهيو آهي- ڄڻ ڪا تيز لڏندڙ پينگھ آهي. مان اٿڻ ٿو چاهيان، پر اٿي بيهي نٿو سگهان. منهنجا خدا! مان ڏسڻ ٿو چاهيان... هيءَ هيڏي اوندھ ڇو آهي؟‘-

”ڪو آهي؟ روشني ڪريو.. ٿوري روشني ڪريو!“

”اڃا جيئرو آهي. شايد ڪجھ چوڻ چاهي ٿو.“

هن کي مکين جي ڀون ڀون ٻڌڻ ۾ آئي. هو واريءَ تي ليٽيل هو، ۽ ڪيڏي عجيب ڳالھ هئي ته هو وري به بچي ويو هو. هن جي چوڌاري ماڻهو بيٺا هئا، گول ٺاهيو. ماڻهو چئي رهيا هئا ته هو ڀاڳن وارو هو جو ڪناري کي ويجهو اچي پهتو هو ته طوفان شروع ٿيو. جيڪڏهن ڪناري کان پري هجي ها..... پر ڪنهن ٻڌايو ته هو سڪرات ۾ آهي. ماڻهو هن تي افسوس ڪرڻ لڳا، ۽ همدردي ظاهر ڪيائون. هو هاڻي مڪمل طرح ٽٽي چڪو هو. ذهن ڦٽل گهڙيال وانگر هلي هلي بيهي ٿي ويو. هن زور ڪري اکيون کولي ڏسڻ چاهيو. آسمان جو رنگ ڪارو هو، يا آسمان پنهنجيءَ جاءِ تي هو ئي ڪو نه؟ رڳي ڪاراڻ هئي، چؤطرف. فيصلي ڪرڻ واري ڪا شيءِ نه رهي هئي، هن جي اندر ۾. هن وري به ڏاڍي ڪوشش ڪري پنهنجي آسپاس ڏٺو. هن کي ڪاراڻ ڪجھ جهڪي نظر آئي. شايد ڪنهن روشني ڪئي هئي- هن سمجهيو. پر سندس چؤطرف ڪهڙي عجيب مخلوق بيٺي هئي! هئا ته ماڻهو، پر صفا پتڪڙا پتڪڙا، جهڙا لليپٽ جا ڄامڙا. هن کي ڏاڍو عجب لڳو. رکي رکي، اهي پتڪڙا ماڻهو به اکين کان غائب ٿي ٿي ويا. هن زوردار ڪوشش ڪري وري اکيون کوليون. پري پري تائين ڌنڌ هئي، جيڪا وري آسمان جي رنگ سان گڏجي ڪاري ٿي ويئي هئي. اها گهري ڪاري ڌنڌ وڌندي آئي، ۽ نظر ايندڙ پتڪڙا پتڪڙا ماڻهو ان ۾ گم ٿيندا ويا. پوءِ اها ڌنڌ تمام ويجهي اچي پهتي، ۽ هن جي کليل اکين ۾ گهڙي آئي.

No comments:

Post a Comment