Showing posts with label سمنڊ ۽ هيڪلو روح، مختصر ڪھاڻي، شوڪت حسين شورو، افسانو،. Show all posts
Showing posts with label سمنڊ ۽ هيڪلو روح، مختصر ڪھاڻي، شوڪت حسين شورو، افسانو،. Show all posts

Sunday, November 21, 2021

سمنڊ ۽ هيڪلو روح - شوڪت حسين شورو

سمنڊ ۽ هيڪلو روح

(مختصر ڪھاڻي)

شوڪت حسين شورو



آسمان جو رنگ گهاٽو نيرو هو ۽ ان تي ڪڪرن جا ٽڪرا، ڪپھ جي پوڻين وانگر، ٽڙيا پکڙيا پيا هئا. هيٺ سمنڊ جو رنگ به آسمان جهڙو هو. سمنڊ، ماٺو هو. طوفان ڪڏهوڪو ختم ٿي چڪو هو، پر سمنڊ جي تھ کي اُٿلائي ۽ هر شيءِ کي ٽوڙي. گذري ويل طوفان جي هڪ نشاني، هڪ تختو، لهرن جي رفتار تي لڙهندو پئي ويو. ۽ هو ڊنل ۽ هيسيل، تختي کي چنبڙيو پيو هو. هن جو سڄو گم ٿي ويل هوش، موٽي آيو هو - اَڌوريءَ ۽ ٽٽل حالت ۾. هر طوفان کان پوءِ، سمنڊ نئون لڳندو آهي. هن کي به سمنڊ بلڪل نئون نظر آيو. رکي رکي هن کي لڳو ٿي ته هو ترندو پئي ويو. ’شايد منهنجو ذهن ستل ۽ جسم ٿڪل آهي، تڏهن ٿو ائين محسوس ٿئي.‘ هن سوچيو؛ ’جهاز وانگر، منهنجو وجود به ٽٽي چڪو آهي، ۽ سوچ به. پر اها ٽٽل سوچ، ٽٽل شيشي وانگر منهنجي ذهن ۾ چڀي رهي آهي.‘ هن چاهيو ته مٿو تختي تي زور سان ٽڪرائي ۽ اُن چڀ چڀ کان ذهن کي آجو ڪرائي. ’پر جي تختو ڇڏائجي وڃي ته....‘ هن کي ٽٽل جهاز جو فقط اهو هڪ تختو ئي هٿ آيو هو، اهو به غنيمت هو. ’مون کي هن تختي تي گهڻا ڏينهن ٿي ويا آهن؟‘ هن ياد ڪرڻ چاهيو. هو ڊڄي ويو. هي منهنجي ذهن کي ٿي ڇا ويو آهي؟ يادگيريون ڪيڏيون ڌنڌليون آهن- سمنڊ جي پاڻيءَ وانگر ڪار-سريون. محسوس ائين ٿو ٿئي، ڄڻ ته مان ازل کان وٺي ان صورتحال ۾ موجود رهيو آهيان. ڪيڏي عجيب ڳالھ آهي!‘ هڪ ڀيرو هن ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته اکيون پوري پاڻ کي موجوده حالت ۾ غير موجود ۽ ڪنهن ٻئي هنڌ ۽ ٻيءَ حالت ۾ موجود سمجهي. هو هڪ ڀرئي ڀُڪلئي جهاز ۾ سوار هو، جنهن ۾ کلندڙ ڪڏندڙ بيپرواھ ماڻهو هئا. جهاز، سمنڊ ۾ ڏاڍي شان ۽ مزي سان پئي ويو ته اوچتو ئي اوچتو ..... ’پر اهو ته مان زبان سان به چئي سگهان ٿو. ذهن ۾ تصويرون ڇو نٿيون اُڀرن! پر آخر فرق ڪهڙو ٿو پئي. ياد ڪرڻ مان ڪو به فائدو ڪونهي. ڄڻ ڪو ماضي آهي ئي ڪو نه، ۽ نه مستقبل جو ڪو يقين آهي، فقط حال آهي، ۽ موجوده صورتحال ئي سچ آهي. ٻيو سڀڪجھ بڪواس آهي منهنجي لاءِ..... منهنجي ٽٽل وجود جي ٽٽل ذهن مان سڀ يادگيريون ٽٽي وڃائجي ويون آهن.‘ هن بيزار ٿي اکيون کولي ڇڏيون. ’سمنڊ ڪيڏو وسيع آهي، ۽ آءٌ ان تي هڪ ڪک وانگر لڙهندو پيو وڃان. جي آءٌ ٻڏي ويس ته ڪهڙو فرق پوندو. سمنڊ جون ڇوليون ائين ئي اينديون وينديون رهنديون. ڪڏهن نه کٽنديون- ويرون، لهرون ۽ موجون.... ڪيڏي عجيب ڳالھ آهي. آخر ھي لهرون ۽ ويرون ڪٿان ٿيون اچن، ۽ ڪيڏانهن ٿيون وڃن؟ ڪٿي کٽن به ٿيون يا نه؟ ھيءُ پاڻي ساندھ پيو وهي. ڪا شيءِ ايڏي حيرت انگيز ڪانھي، جيڏو ھي سمنڊ- جنهن ۾ ڪئين ڳجهه، طوفان ۽ تبديليون سمايل آهن.... ۽ ڪيڏي عجيب ڳالھ آهي، ھر ڪا اُٿندڙ لهر مون کي سواليہ نشان جي شڪل ۾ نظر ٿي اچي. ھيءُ شايد حيرتن جو وهڪرو آهي، جنهن ۾ مان لڙهندو پيو وڃان. گهڻو سوچڻ اجايو آهي. ڪجھ به سمجھ ۾ نه ايندو. گهڻي سوچڻ کان پوءِ مون کي خود منهنجو ذهن به ڌاريو لڳندو آهي. مان شايد مري چڪو آهيان. پر منهنجو ذهن مئل ناهي، فقط ٽٽل آهي.‘ هن پڪ ڪرڻ لاءِ تختي کي محسوس ڪرڻ چاهيو، پر هن جي ساڻي بت کي ڪجھ به محسوس نه ٿيو. وري سندس سڪل آڱرين، جسم کي ڇهيو. تڏهن به هن کي ڪا خاطري نه ٿي. ’نه، مان جيئرو آهيان. گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته سمجهي سگهان ٿو. هيءَ ايڏي ساري جدوجهد زندھ رهڻ لاءِ ئي ته ڪري رهيو آهيان، نه ته هڪ معمولي تختي جي سهاري جيئڻ ڪيڏو ڪٺن آهي. مون کي هر وقت ٻڏڻ جو ڊپ آهي. جيڪڏهن حياتي پياري نه هجيم ها ته رات- ڏينهن هن تختي کي ڇو چنبڙيو پيو هجان ها. ڄاڻان به ٿو ته هن جو سهارو دائمي ڪونهي. آخر ڪيستائين؟  نيٺ ته اهو سهارو به ختم ٿي ويندو. ڪو به سهارو هميشه جي لاءِ نٿو رهي. سهارا بدلجندا ئي رهندا آهن. پر منهنجي خواهش ڪا ايڏي غير معمولي ته ڪانھي. مون کي ڌرتيءَ جو سهارو کپي. ڌرتيءَ جي سهاري سڄي حياتي گذاري سگهجي ٿي. پر جي ڪنهن موزون هنڌ سهارو ملي.‘