Saturday, November 27, 2021

بتين واري ناني - اڪبر جسڪاڻي

بتين واري ناني

(ڪھاڻي)

اڪبر جسڪاڻي



مان جڏهن سمجهه ڀريو ٿيس، تڏهن گهر ۾ بابا ناني کي چوندو هوس. نانو تمام پيرسن هو. ڏاڙهي ۾ اڇا وار چانديءَ وانگيان چمڪندا هئس، نانو مون کي ڏاڍو ڀائيندو هو. هو شهر ۾ چوڪيداري ڪندو هو. صبح جو واپسيءَ وقت اڃا گهر جي در وٽ هوندو هو ته رڙ ڪندو هو؛ ”ٻچڙا!“. مان اڳ ۾ شيءِ جي لالچ ۾، ڪن کڙا ڪيو ويٺو هوندو هوس. آواز ٻڌڻ شرط، ڊوڙي وڃي ڀاڪر وجهندو هومانس، نانو مون کي ڀاڪر پائي شيءِ ڏيندو هو. ايتري ۾ منهنجيون ٻئي ڀيڻون به ڊوڙنديون اينديون هيون. نانو کيسي مان ٻي شيءِ ڪڍندو هو ۽ اها انهن کي ڏيندو هو، منهنجي لاءِ اڪثر مائو وٺي ايندو هو. نانو چوڪيداري کانپوءِ وري نانيءَ سان گڏ شهر ۾ شمعدانن ۾ گاسليٽ وجهڻ ويندو هو.


مان ان وقت بابا به نانا کي سمجهندو هوس. پر پوءِ ٻنهي ڀيڻن جي واتان ٻڌم ته اسان جو بابا حج تي ويو، اُتي ئي مري ويو. ڪڏهن ڪڏهن امڙ به بابا لاءِ روئيندي هئي، ۽ نانيءَ پرچائيندي چوندي هيس: ”ماٺ ڪر- الله تو کي پٽ ڏنو آهي، جيڪو قدرت کي منظور هو، اهو ٿيو. ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا آهن“. اهي لفظ ٻڌي مان حيران ٿي ويندو هوس ۽ امڙ کان پڇندو هوس، ”اما! بابا ڪيڏانهن ويو آهي“. ”امڙ! بابا ڪڏهن ايندو؟“ چوندي هئي ”پُٽ! ايندو“. مان ضد ڪري چوندو هومانس؛ ”اما، نه ته مان وٺڻ ويندومانس.“ اهي لفظ ٻڌي امڙ هارجي ويندي هئي، مون کي ڇاتي ۾ ڪري چوندي هئي؛ ”ٻَچا! شل منهنجي حياتي تنهنجي حوالي ٿئي تون شل جيئين“.

نانو گهڻي ڪم ڪرڻ ڪري بيمار رهڻ لڳو هو. ڊاڪٽرن چيو هو ته هن کي ٽي. بي آهي. گهر ۾ امڙ ۽ نانيءَ پريشان ٿي ويا هئا، ته هاڻي ڇا ٿيندو گهر ۾ اهو سهارو آهي.

نانو روزانو شام جو لٺ کڻي کنگهندو ساهيون پٽيندو ويندو هو، شهر ۾ چوڪي ڏيڻ. ڪيترن ماڻهن- نانيءَ کي چيو ته؛ ”مڙهو، شهر ۾ مئو پيو هوندو. خوامخواهه ماڻهو کلندا. هاڻ نوڪري ڇڏرايوس“. نانيءَ امڙ کي چيو ته؛ ”تون چئينس، منهنجو چوڻ ڪو نه وٺندو“.

امڙ، ناني کي چيو؛ ”بابا تون تمام ڪمزور ٿي ويو آهين، هاڻي چوڪيداري تي نه وڃ. چاڪ ٿي پوءِ وڃجانءِ“. ان وقت شام جو وقت هو. ناني اهي لفظ ٻڌا ۽ شروع ٿي ويو، نانيءَ کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ. ”اها ٿي چئي ته مڙهو، پوڙهو ٿيو آهي. مري ويندو، ماڻهو کلندا، رن کي اها خبر ڪانهي ته ٻچا ڪٿان کائيندا!“ نانو گهٽ وڌ لفظ، نانيءَ کي چوندو، لٺ کڻي کنگهندو روانو ٿي ويو هو، چوڪيداريءَ تي.

پوءِ نانيءَ سوچيو ته هاڻي ائين مڃيندو ڪو نه، سو شهر ۾ دڪاندارن کي چيائين ته؛ ”هاڻ پوڙهو سخت بيمار ٿي پيو آهي. توهان چئوس ته جيسين ٺيڪ ٺاڪ ٿئي، تيسين اسان ٻيو چوڪيدار رکون ٿا“.

هڪ ڏينهن صبح جو نانو وات هڻندو آيو، مان ڊوڙي ويومانس کيسي مان شيءِ ڪڍي ڏنائين. اکين ۾ ڳوڙها هوس، نانيءَ کي ڏاڍا ڳالهاءَ ٿي ڏنائين. چئي؛ ”هاڻ ٻچا ڪٿان کائيندا. هيءَ دڪاندارن کي چئي آئي آهي ته جواب ڏيوس“.

نانو جيئن نوڪري کان موٽي آيو ته اچي کٽ تي پيو. اُتي ئي ماني يا پاڻي پياريندا هئس. اسان ٽيئي ڄڻا (ٻه ڀيڻون ۽ مان) ناني کي زور ڏيندا هئاسين. ان وقت نانو آسمان ۾ اکيون کپائي چوندو هو؛ ”جي ڪجھه وقت مهلت ڏين ها ته ڇا ٿئي ها؟“ اهي لفظ ٻڌي منهنجون ڀيڻون روئينديون هيون ۽ مان به انهن سان گڏ روئيندو هئس، پوءِ نانو پيار ڪري چوندو هو؛ ”ٻچا! چئو پنهنجي قسمت کي“.

سانوڻيءَ جي موسم هئي. بارش تمام تيز پئجي رهي هئي. رات جو وقت هو. نانو سڪرات ۾ هو. ان وقت لڇ لڇان هئس. سامت ۾ آيو ٿي ته چيائين ٿي؛ ”مون کي ٻاهر ڪڍو“. جڏهن ٻاهر مينهن بند ٿئي پيو ته امڙ ۽ هڪ مائٽ حاجي ناني کي ٻاهر ڪڍي اڱڻ ۾ پي آيا. وري جڏهن مينهن تيز ٿيو پئي ته ناني کي اندر وٺي پئي آيا. ائين سڄي رات نانو لڇندو رهيو.

صبح جو کوڙ ساريون مايون اسان جي گهر ۾ گڏ ٿي ويون هيون. مان انهن آيل ٻارن سان راند کيڏڻ لڳو هوس ته مون کي وڏي ڀيڻ وٺڻ آئي. امڙ ڀنل اکين سان چيو؛ ”ابا ناني کي ڀاڪر پاءِ!“ مون ناني کي ڀاڪر پاتو. ناني جي اکين مان لڙڪ نار وانگي وهڻ لڳا. هڪ پوڙهي مائي چيس؛ ”ادا جمعا! ٻچن جي پارت ڪنهن کي ٿو ڏين.“ تڏهن اکين کي کولي، سڀني ڏانهن ڏسي، هٿ مٿي آسمان ڏانهن ڪيائين. پوءِ نانيءَ جون ڪيهون پئجيون ويون. مان به انهن کي ڏسي روئڻ لڳي ويس ۽ خبر پئي ته نانو اڄ اسان کان هميشه جي لاءِ جدا ٿي ويو!

پوءِ مسلسل ٽي چار ڏينهن اسان جي گهر مايون اينديون رهيون ۽ اسان هيٺ تڏي تي سمهندا هئاسين. مون کي ان وقت مزو لڳندو هو، جڏهن اسان جي گهر ۾ ڪا نئين عورت ايندي هئي ته امڙ ۽ نانِي ڏاڍيان روئينديون هيون ۽ ڪجھه وقت کان پوءِ ويهي انهن سان نانَي جون ڳالهيون ڪنديون هيون، جيڪي اڃا به ڪجھه ڪجھه مون کي ذهن تي آهن. پر هڪڙي ڳالهه ته اسان جي گهر ۾ ڪو مرد ماڻهو ڪو نه هو، ان ڪري مردن جو تڏو اسان جي هڪ اڌ پري جي مائٽ ڪيو، جيڪي ڏينهن جو ويهندا هئا. مردن ۾ تڏي تي ناني جون ڳالهيون ڪري ٽهڪ ڏيندا هئا.

ڳالهه- ۱: نانو هڪ ڀيري چؤنڪي ڏيندي سمهي پيو هو، مٿان پوليس پئٽرول تي آئي، انهن ڏٺو ته چوڪيدار ستو پيو آهي، سو هڪ سپاهي چيو ته هن جي لٺ لڪائي کڻي ٿاڻي تي هلجي. سو جيئن سپاهي ڀرسان آيو ته ان وقت نانو ننڊ ۾ هو، سو سپاهي کي ڪو جانور سمجهي ننڊ جي خمار ۾ ٺڪاءِ ڪرايائينس ڏنڊو. ٻيا سپاهي ناني کي ڦري آيا. ناني چيو ته؛ ”مون سمجهيو چور آهن. ان لاءِ مان ڇپ هڻي ويهي رهيو هوس، سوچيم ته اڳتي مٽين يا ڪجھه ڪن ته دانهون ڪري پڪڙايان“. پر اهو سڀ ڪجھه ناني ائين چيو هو، اصل ۾ هو ننڊ پئجي ويو هو.

ڳالهه- ۲: هڪ ٺڳ فقير، ناني کي ڪوڙا ڏٽا ڏيئي ناني کان اجرڪ ورتي. فقير اڃا سڏ پنڌ جو ڪو نه ڪيو ته ناني کي خيال آيو ته مار اجرڪ ته دغا ڪري ڦري ويو، سو اتان وٺي ڀڳو، ۽ ٻن ميلن تي وڃي ان ٺڳ کي پڪڙيائين ۽ پنهنجي اجرڪ وٺي آيو.

ڳالهه- ۳: هڪ دڪاندار ناني کي چؤنڪي جا پئسا ڪو نه ڏيندو هو. ناني شهر جي ٻين دڪاندارن کي چيو، پر هو دڪان وارو صفا ٺڪر هو. هڪ ڏينهن ناني رات جو هڪ ڪتو آڻي ان جي دڪان (جنهن جو دخل روڊ کان مٿي تختي جو ٺهيل هو)، تي ٻڌي ڇڏيو، سڄي رات ڪتي اتي هڻي ڪِن ڪري ڇڏيو. صبح جو نانو گهر هليو آيو. دڪاندار اچي ته سڄو ٻاهريون اڱڻ ڪِن لڳو پيو آهي. ٻين دڪاندارن کي چيائين. جن چيس ته ”يار پئسا ڏين ڪو نه، باقي چوڪيدار جو ڇا وڃي.“ همراهه ڳالهه سمجهي ويو. ان وقت پنج ڇهه رپيا ڀنگيءَ کي ڏيئي دڪان صاف ڪرايائين ۽ گهر ويٺي اچي ناني کي چؤنڪي داري جا پئسا ڏيئي ويو. ٻيا به ڪيترا ئي قصا مون ٻڌا هئا، جيڪي هن وقت ذهن تي ڪونهن.

نانو ڇا گذاري ويو هو، ڄڻ ته گهر ۾ ڪو راڪاس گهمي ويو هو. امڙ روئي چوندي هئي، ”منهنجا موليٰ اڪن جي پيءُ کي ته پنهنجو ڪيئي، پر بابي کي به وٺي وئين.“ نانيءَ دلداري ڏيندي هيس. ناني کان پوءِ اسان جو ابو ۽ نانو، ناني ئي هئي. ناني ويچاري جهور عمر ۾، سڀني ڏکن کي کڻي اکين تي رکيو هو. صبح جو اٽڪل چئين پنجين بجي ڌاري، ڏاڪڻ کڻي وڃي شهر جا شمعدان وسائي ايندي هئي ۽ پوءِ وري صبح جو وڃي انهن ۾ گاسليٽ وجهي ايندي هئي، ۽ شام جو ڏاڪڻ کڻي وڃي، اهي ٻاري ايندي هئي. اتان ان وقت نانيءَ کي ۶۰ رپيا ملندا هئا، جن مان گهر جو خرچ هلائيندي هئي. ان کان سواءِ ڪجھه مينهون هونديون هيون، جن جي کير تي اسان جو گذر سفر هلندو هو. مينهون اسان جو هڪ مائٽ رمضان چاريندو هو. جنهن کي ان وقت ۲۰ رپيا پگهار ڏيندا هئاسين. ان کي عام طور گورنر جي نالي سان سڏيندا هئا، پر قسمت جي اچي اهڙي ڪا ڦٽي، جو اهو ويچارو به ڪُک جي سور پوڻ ڪري گذاري ويو.

پٺيان مينهون ڪجھه بيماري ۾ مري ويون، ڪجھه کپائي ڇڏيونسين. باقي وڃي ٻه ٽي بچيون. مينهن جي ڪري نانيءَ جي ننڊ رات جو حرام هوندي هئي، اڌ رات جو ڪتن جي باهوڙ ٿيندي هئي ته اُٿندي هئي، وڏي واڪي الله کي سڏ ڪندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيو جو رات جو ڪي چور اسان جي گهر جي ٻاهران رستي تان ويا پئي، ناني ”الله“ ڏاڍيان چيو، انهن کي ڪو چرچو سُجهي آيو، ناني کي پٿر اڇلائي هنيايون. ناني وٺي چور چور ڪئي ۽ سڄو پاڙو کڻي ڪٺو ڪيائين.

هڪ ڀيري رات جو جهڙ هو، تارا نظر ڪو نه پئي آيا، نانيءَ سمجهيو ته صبح ٿيڻ وارو آهي. سو ڏاڪڻ کڻي ويئي شهر ۾ شمعدان وسائڻ. ان وقت پوليس پئٽرول تي هئي، نانيءَ کي چيائون ”امڙ تو کي ته مرد هئڻ کپي ها“. هينئر ٻه پيا ٿين، تون آئي آهين شمعدان وسائڻ. ناني چين ”ابا- جهڙ هو. مون کي ڪهڙي خبر.“ ان رات شمعدان وسائيندي هڪ هنڌ پهتي ته ٽي چور ڏٺائين. پر دانهن ڪا نه ڪيائين، چور به سڃاڻي ويا ته فانوسن ٻارڻ واري پوڙهي آهي. سو ڀرسان اچي چيائونس؛ ”امڙ اسان تنهنجا مدا ڪو نه آهيون تو کي پٿر اسان مذاق ۾ هنيو هو. تو ته اسان جو ساهه ڪڍي ڇڏيو هو.“ نانيءَ چين؛ ابا الله سائين سڀ ڪنهن کي ڏسي ٿو.

هڪ ڀيري اسان صبح جو سياري جي موسم هئي، باهه تي ويٺا هئاسين. مان باهه ۾ ننڍڙيون ڪاٺيون وجهي، انهن کي کڻي ڀيڻين کي ڊيڄاري رهيو هوس. امڙ کير ولوڙي رهي هئي ته ٻاهران رڙ ٿي ”امان- مان مري ويس!“ اسان ٻاهر ڀڄندا وياسين نانيءَ سڄي رت ۾ لت پت هئي، هڪ ساڄي ٻانهن سڄي ڀڳي پئي هيس. اسان ٻارن ته وٺي رڙيون ڪيون، امڙ اچي نانيءَ کي کٽ تي ويهاريو، ۽ ڀرسان هڪ ڪنڀر رهندو هو، جيڪو ڀڳل عضون ٺاهڻ جو ڏاڍو ڄاڻو هوندو هو، تنهن کي وٺي آياسين. جنهن ڏسي چيو ”مار! سڄي ٻانهن ڀڳي پيئي آهي، ڇا کي ڳنڍجي“. تنهن هڏين کي ملائي پٽو چاڙهيائين. پٽي چاڙهڻ کان پوءِ امڙ ڊاڪٽر کي وٺي آئي جنهن اچي سور جون سُيون هنيون. نانيءَ سُين کان پوءِ ٻڌايو ته شهر ۾ شمعدان وسائيندي، جڏهن گهٽيءَ ۾ سميع الله جي گهر جي هيٺان شمعدان کي وسائي رهي هئي ته مٿان ڪاٺ جي ڪٽهڙي تي، جيڪو ڇت تي لڳل هو، انهيءَ تي مائيءَ ڪو رلي اڇلائي سڪائڻ لاءِ وڌي. ڪاٺ ڪو پراڻو هو، سو رليءَ سوڌو هيٺ هليو آيو. نانيءَ ان وقت شمعدان مان بتي ڪڍي وري ان ۾ رکي رهي هئي ته اچي مٿان ڪٽهڙي ڦهڪو ڪيو ۽ ناني ڏاڪڻ سميت اچي هيٺ فرش تي ڪري ۽ بيهوش ٿي ويئي. ڪيتري وقت تائين اتي پئي رهي گهر ڌڻين مان ڪوبه ٻاهر نه آيو. پوءِ ڪنهن اسان جي پاڙي واري جي نانيءَ تي نظر پئجي وئي، جيڪو نانيءَ کي اٿاري هوش ۾ آڻي گهر وٺي آيو هو. ڪيترن ماڻهن نانيءَ کي چيو ته فرياد ڪر. پر نانيءَ چيو ته ”مون غريب جي نيت اٿن“.

نانيءَ جي ٻانهن ڀڄڻ کان پوءِ. امڙ بالٽي ۽ ڏاڪڻ ڪلهي تي کنئي. نانيءَ به گڏجي ويندي هئس.

نانيءَ گاسليٽ ٽائون ڪاميٽيءَ مان کڻڻ ويندي هئي. مان به نانيءَ سان شهر گڏجي ويندو هوس. شهر جا اڪثر ماڻهو نانيءَ جي ڪري مون سان مذاق ڪندا هئا. مان گهٽ وڌ لفظ ڳالهائيندو هو مان، نانيءَ ويچاري چوندي هين ”ابا ڇڏيو ٻچڙي کي“. منهنجي خاص چيڙ هوندي هئي اها، جو عمر لوهر مون کي ڏسي مذاق ۾ کنگهندو هو ۽ مان پٿر چٽيندو هومانس. ٻيو هاشم ٿاڌل وارو، جيڪو ڏسي چوندو هو ”آيو آهين، بيهه ته سهي“. پوءِ گهٽ وڌ ڳالهائيندي نانيءَ جي پاسي ۾ لڪي ويندو هوس. شهر ۾ ڪوبه دڪاندار نانيءَ کي فروٽ کان ڪو نه جهليندو هو. ان لاءِ مون کي ڪافي فروٽ کڻي ڏيندي هئي ۽ مان کائيندو هوس، پر مان ڪلفي ڏاڍي کائيندو هوس.

جڏهن مان وڏو ٿيس، تڏهن خبر پئي ته منهنجو والد جڏهن مان ڄائو هوس ته ڇهين ڏينهن منهنجي سنت (طهر) ڪرائي پاڻ حج تي هليو ويو هو. حج تي وڃڻ وقت به جوهي جا همراهه به گڏ هئس، جنهن لاءِ نانيءَ چوندي هئي ته انهن اُتي دشمني ڪري بابي کي ماري ڇڏيو هو ۽ نانيءَ وارن کي ڪو اطلاع ڪو نه ڏنائون. جڏهن موٽي آيا ته نانيءَ وارا پُڇڻ وين ته ابتا سبتا جواب ڏيڻ لڳا.

ٻار پنهنجي پيءُ کي بابا چوندا هئا، تڏهن منهنجي دل ڀرجي ايندي هئي ۽ گهر ۾ اچي روئندو هوس ۽ منهن مٿي ڪري، ٻئي هٿ به مٿي ڪري چوندو هوس ”الله سائين منهنجي بابا کي آڻ مان مٺائي ورهائيندس“. پر بابا هجي ها زندهه ته اچي ها. جڏهن ناني مون کي روئندو ڏسندي هئي ته ڏاڍو دکي ٿيندي هئي ”منهنجا موليٰ- هنن معصومن ڪهڙو گناهه ڪيو جي پيءُ به وين ته نانو به“. نانيءَ جون اکيون ڀرجي اينديون هيون. مون کان منهن ٻئي پاسي ڪري ڳوڙها رئي جي پلوَ سان اگهي ڇڏيندي هئي ۽ مون کي وٺي هلي دڪان تان ڪا شيءِ وٺي ڏيندي هئي.

نانيءَ جي ٻانهن ٺهي وئي هئي، پر ڳنڍ ڪري وئي هئي، ان ڪري وزن ڪا نه کڻي سگهندي هئي. پوءِ به صبح جو شمعدان وسائڻ پاڻ ويندي هئي. مان هاڻ جيئن ڪا ننڍڙي ڇيلي يا ڪو ڌاريل جانور مالڪ جي پٺيان لڳو وتندو آهي. تيئن مان به هر هنڌ نانيءَ سان گڏ هوندو هوس. ناني ويچاري پئي ساهه مون تي صدقو ڪندي هئي. اسان جي ڳوٺ جي ٻاهران الهداد فقير جو ميلو لڳندو آهي. مان چوندو هوس ”ناني، ميلي تي هلون“ ويچاري اسان ٽنهي ٻارن کي وٺي ويندي هئي، چوڏيل- ڦرڻيون گهمائي، شمعدان ٻارڻ جي وقت کان اڳ ۾ گهر وٺي ايندي هئي. ٻه ميل پنڌ ڪري اچڻ کان پوءِ ڏاڪڻ کڻي ويندي هئي، شهر ۾ شمعدان ٻارڻ.

هڪ ڀيري ڇا ٿيو، نانيءَ وٽ پئسا ڪو نه هئا. مون چيو ته ”ناني، ڪلفي وٺي ڏي“ نانيءَ چيو ته ڪميٽيءَ (ٽائون ڪاميٽي) مان گاسليٽ کڻي پوءِ تو کي ڪلفي وٺي ڏيندس. مان ڪاوڙجي پيس. اتي سيڪريٽريءَ کي چيم ته. ”اسان جي گهر ۾ کوڙ سارو گاسليٽ آهي“. سيڪريٽريءَ نانيءَ کي چيو ته ”امان هي ڇا ٿو چئي“ نانيءَ چيو ته ”ابا چئينس ته هلي ڏيکارئي“ سيڪريٽري مون کي چيو ته ”هلي ڏيکار ڪٿي آهي“، تڏهن مون چيو ”سائين نانيءَ ڪلفي وٺي نه ڏني آهي، تڏهن مون چيو آهي“. پوءِ سيڪريٽريءَ مون کي چار آنا ڪڍي ڏنا، جن جون مون ٻه ڪلفيون ورتيون. نانيءَ ٻاهر چيو ”ابا شابس اٿئي! جي هجي ها ڪو خراب آفيسر ته نوڪريءَ مان ڪڍرائين ها. وري به بک توهان ئي مرو ها“. پوءِ هيٺيون پهاڪو ڏيئي ٻڌايائين ”هڪ ماڻهو انڌو هو، جنهن پوٽي کي ورتو هٿ مان ۽ ڏهٽي کي کنيائين ڪلهي تي- اڳيان کڏ هئي، پوٽي چيو ته ڏاڏا کڏ اٿئي، پر ڏوهٽي چيو ته نانا! کڏ ڪا نه اٿئي“. انهيءَ وقت ته اهو پهاڪو ائين ئي لڳو، پر اڄ جڏهن انهن لفظن تي سوچيندو آهيان ته لڙڪ اکين مان لڙي پوندا آهن.

اسان وٽ باقي چار مينهون کن هيون، جيڪي ۱۰ بجي کان پوءِ نانيءَ ۽ مان جهنگ ۾ چارڻ ڪاهي ويندا هئاسين. ٿورو مينهن کي چڪر ڏيارائي پوءِ اچي پاڻيءَ جي شاخ ۾ ويهاريندا هئاسين. اُتي پاسي جا ٻيا به ميهار اچي ويهندا هئا، جيڪي سڀ نانيءَ کي ”ناني“ ڪري چوندا هئا. ٻيو ته نانيءَ جي ڪري ڪو S.D.O يا سرويئر (اوورسيئر) ايندو هو ته نانيءَ کي ڏسي چوندو هو ”امڙ تو کي ڇا چئون سڄي شاخ بند لڳي پئي آهي“. ناني چوندي هئي ابا مال آ گگدام دعائون ڏيندوَ.

ڇوڪرا اچي نانيءَ کي پٽائيندا هئا ته ناني پوڙهي ڪا ڳالهه ٻڌاءِ، پر هجي سچي ڳالهه، نانيءَ جون هيٺيون ڳالهيون مون کي اڄ به ياد آهن، جيڪي هنن کي ٻڌائيندي هئي.

ڳالهه- ۱: نانيءَ پيءُ جي دادلي هوندي هئي. اڳئين وقت ۾ ڪنهن پير جي زيارت تي جي ويندا هئا ته اُٺ ڪري ٽي چار ماڻهو ٿي پوءِ ويندا هئا. هڪ ڀيري ناني به پنهنجي پيءُ سان گڏ هڪ اولياءَ جي زيارت تي ويئي هئي. ان وقت ڪافي پاڙي جون ٻيون مايون به هيون. ڏهه اُٺ ڪري ويا هئا، اتي شام ٿي. مايون ڪنڌ هڻڻ لڳيون. هڪ مائيءَ لاءِ ناني ٻڌايو ته ان کي فقير چيو ته ”ٻانگ ڏي“ ته ڪرڻ لڳي ”ڪڪڙوڪو“ ۽ فقير ٻه ٽي تلهڙون جو هنيس ته چيائين ”سائين مون بس ڪئي، مان وري ڪو نه اينديس“. ۽ پوءِ ناني سڄي رات انهن ڪنڌ وارين ماين تي ٽوڪون ڪندي رهي، جنهن تي ڪافي مايون چڙي پيس ۽ ڪن شام جو وري ڪنڌ هڻڻ وقت چيو ته اسين هن مائيءَ جو ڪنڌ ڀڃنداسون. (انهن مان هڪ مائي اڄ به زنده آهي، جنهن کي مون هڪ ڀيري چيو هو، جنهن پوءِ نانيءَ سان جهيڙو ڪيو هو).

ڳالهه- ۲: اڳئين دور ۾ جهنگ تمام گهڻا هوندا هئا ۽ سوئر ڏاڍا هوندا هئا. ٻنين جون ٻنيون کائي چٽ ڪري ڇڏيندا هئا. نانيءَ اهي سوئر ڪو نه ڏٺا هئا. نانيءَ اڪثر هارين کان پُچندي هئي ته سوئر ڪهڙي رنگ جا ٿيندا آهن. هڪ ڀيري ناني جوئر جي ڪانن مان پن روڙي رهي هئي. هڪ موڙي ڪري ٻڌي اها ڪلر واري صاف جاءِ ڏانهن اڇلايائين. ان جاءِ جي ڀرسان ڪنڊيءَ جو وڻ هو ۽ وري جوئر هئي. نانيءَ جيئن پنن جي موڙي گڏ ڪري رکڻ لاءِ اڇلائي ته اڇلائڻ سان اتان رڙ ٿي ۽ رڙ سان گڏ ناني به وڃي زمين تي ڪري ۽ سوئر اتان اٿي ڀڳو ۽ هليو ويو. نانيءَ گاهه اتي ڦٽو ڪري سڌو اچي گهر ساهه پٽيو.

ڳالهه- ۳: هڪ ڀيري سياري جي رات جو ناني لالٽين کڻي مينهون ڏسڻ وئي. اُتي لالٽين جي روشنيءَ جي ڪري مينهن جو پاڇو ڀت تي هو. ناني ڊڄي ويئي، سمجهيائين ته ڪو جن آهي. سو ڏاڍا ڪلما پڙهيائين، پر پاڇو هٽي ئي نه. ان وقت ڏهڻ لاءِ نانيءَ کي مال ڪڍڻو ڪو نه هو، ڇو ته رات اڃا وڏي هئي. پر نانيءَ سوچيو ته جي ڪنهن کي ٻڌائيندس ته کلون ڪندا. سو اهو سوچي کڻي مينهن جو رسو ڪلي مان ڪڍيائين. مينهن ٻاهر نڪري آئي ۽ بتيءَ جي روشنيءَ جو پاڇو پوڻ لڳو نانيءَ تي ۽ وري نانيءَ جهڙي مائي بيٺي هجي ڀت وٽ. اهو لقاءُ ڏسي ڊڄي وئي، پر اوچتو هٿ مٿي ڪري رئي کي ٺاهيائين ته ڀت تي به ائين ٿيو ۽ نانيءَ جي نظر وڃي پئي بتيءَ تي تڏهن سمجهي وئي ته سڄو ڪرشمو لالٽين جو آهي!

ڳالهه- ۴: ناني ٻڌائيندي هئي ته هڪ دفعي راڻيپور جي پيرن وٽ بابا سان گڏ نانيءَ به وئي هئي. واپسيءَ وقت سکر ۾ ڪو بابا کي دوست ملي ويو، جنهن بابا کي رهايو. اتي بابا کي زوريءَ فلم ڏسڻ لاءِ تيار ڪيائون ۽ نانيءَ کي به چيائون ته ”امڙ تون به هلي فلم ڏس“. سو جڏهن ناني سئنيما هال ۾ ويٺي ۽ فلم چالو ٿي ته اچي ٿو نانيءَ جو مٿو ڦري، اتي ئي کڻي الٽي ڪيائين. اڌ ۾ فلم ڇڏي سڀ واپس موٽي آيا، ان لاءِ چوندي هئي ته ”ابا مئي ڪل جو هلي ته جيئرا جاڳندا ماڻهو وتن ڀت تي هلندا، سو مٿو نه ڦرندو ته ٻيو ڇا ٿيندو؟“

اهي ڳالهيون ٻڌي ٻار، وڏا ميهار وٺي ٽهڪ ڏيندا هئا ۽ سڀئي کلي کلي کيرا ٿي پوندا هئا.

گهر ۾ ناني ۽ امڙ مون کي وڌيڪ ڀائيندا هئا، مان ننڍڙي لاڪر ڏاڍو شرارتي به هوندو هوس. خاص طرح منهنجي وچين ڀيڻ مون سان وڙهندي هئي. اڳرائي مان ڪندو هوس ۽ جلديءَ ۾ روئي به ڏيندو هوس ۽ موچڙن جو وسڪارو وري منهنجي ڀيڻ تي ٿيندو هو. خاص طرح سان اسان جو جهيڙو تڏهن ٿيندو هو، جڏهن گهر ۾ ڪو ڪپڙو کپائڻ کڻي ايندو هو ته پوءِ مان به اهو ڪپڙو پسند ڪندو هوس. جيڪو منهنجي ڀيڻ پسند ڪندي هئي. مان اهو ڪپڙو پائيندو ته ڪو نه هوس، پر ريس جي ڪري وٺندو ضرور هوس، جي ڪو چوڙيون کڻي ايندو هو ۽ منهنجي ڀيڻ کي امڙ وارا ڪو چوڙين جو درجن وٺي ڏيندا هئا ته اُهي ڦُري ويندو هوس، يا ٻانهن ۾ پيل هونديون هيون ته ڀڃڻ جي ڪوشش ڪندو هوس. هڪ ڀيري مون ان جون ڪاون جون چوڙيون کڻي کوڙ ساريون ڀڃي ڇڏيون. ان مون تي چوڙين جي ڪاوڙ مان پڪي سِر کنئي، مون به ان ۾ وڃي ٻئي هٿ وڌا. پوءِ هوءَ ڇڪي پاڻ ڏانهن مان ڇڪيان پاڻ ڏانهن، منهنجي ڀيڻ جي هٿ مان سِر ڇڏائجي ويئي. مان به سر کي کڻي نه سگهيس، سر اچي منهنجي پير تي ڪِري. منهنجو ساڄي پير جو آڱوٺو سڄو چپجي ويو. مون ڏاڍيون رڙيون ڪيون. امان وارا ان وقت گاهه تي ويل هئا، منهنجي وڏي ڀيڻ ڊڪندي آئي ۽ اچي پير تي گاسليٽ هاريائين ۽ اڳڙي ٻڌائين،

امان گاهه ڪري موٽي آئي ته به منهنجو روئڻ چالو هو. جڏهن امڙ منهنجي ڀيڻ کي ٺاهوڪي مار ڏني، تڏهن مون روئڻ بند ڪيو. نانيءَ جڏهن شهر مان واپس آئي ته مون روئي ڏنو، نانيءَ وري امان کي ڳالهائڻ لڳي ته تون هن کي پاڻ سان وٺي وڃي ها. پوءِ مون کي نانيءَ ڊاڪٽر وٽ وٺي هلي، جتان پٽي ڪرائي شيءِ وٺي گهر آيو هوس نانيءَ سان گڏ.

ننڍي هوندي، مان استادن کان ڏاڍو ڊڄندو هوس. جڏهن نانيءَ چوندي هئي ته ”پُٽ اسڪول ۾ پڙهه“ تڏهن مان چوندو هوس ته ”مان ڪو نه پڙهندس“ ۽ جي گهڻو تنگ ڪندي هئي ته چوندو هوس ته ”جي مون کي اسڪول وٺي ويندو ته مان کوهه ۾ ٽپو ڏيندس“. اهي لفظ ٻڌي ناني ويچاري مون کي ڀاڪر پائي چوندي هئي ”ٻچا شل منهنجي عمر به تو کي خدا ڏي ائين نه چئو. تون ڀلي اسڪول نه وڃ“.

اسان جي گهر جي ڀرسان سائين ڪامل خان وارن جو گهر آهي. (هينئر ته سائين گذاري ويو آهي)، جيڪو بابي سان ڀائرن وانگيان هوندو هو ۽ وري هو اسڪولن جي مٿان سپروائيزر، سو نانيءَ سان روز جهيڙو ڪندو هو ته ”تون ڇوڪري کي گهڻو داد ڏيئي، خراب ٿي ڪرينس ۽ اسڪول موڪلينس نه ته رُلي ويندو“. نانيءَ چوندي هئي ادا اکين آڏو هڪڙو آهي، نٿو پڙهي اسان ڇا ڪيونس، ڪڏهن ڪڏهن نانيءَ ۽ سائين ڪامل خان منهنجي ڪري پري وڃي پوندا هئا.

مان جڏهن به سائين کي ڏسندو هوس ته رستو ڇڏي ڏيندو هوس.

منهنجون ٻئي ڀينرون قرآن شريف پڙهڻ لاءِ مسجد ۾ وينديون هيون ۽ اهي ڪڏهن مسجد مان گسائينديون هيون ته امڙ موچڙا به هڻندي هين ۽ دَکيءَ ۾ ڇيڻن جو دونهون ڪري، منهن وٽ جهليندي هئن، جنهن ڪري توبهون ڪنديون هيون ته اسان سڀاڻي مسجد وينديونسين. مون کي به نانيءَ چيو پُٽ جي اسڪول نٿو وڃين ته ڀلا مسجد ۾ قرآن شريف پڙهه. هڪ ڏينهن مون کي نانيءَ مسجد ۾ وٺي وئي، اتي حافظ سڳورو اکين کان نابين هو، تنهن کي نانيءَ چيو ته ”سائين مئي جي نشاني آهي، دعا ڪرينس ۽ قرآن شريف پڙهائينس“، نانيءَ مون کي حافظ صاحب وٽ ڇڏي آئي. مان پٽيءَ تي لکيل الف- ب پڪي ڪري رهيو هوس ته ان وقت هڪ ڇوڪري جو سبق ڪچو ٿي پيو. حافظ صاحب اچي ان کي کجيءَ جي لٺ سان ورتو. مان پٽي اُتي ڦٽي ڪري گهر ڀڄي آيس. پٽي پوءِ منهنجون ڀيڻيون کڻي آيون. مان مسجد ۾ پوءِ پڙهڻ ڪڏهن ويندو هوس ڪڏهن به نه، ۽ آهستي آهستي مسجد ۾ وڃڻ گهٽائي ڇڏيم، وري نانيءَ ويچاري منٿون ڪرڻ لڳي. هڪڙي ڏينهن وري مون کي حافظ صاحب وٽ وٺي هلي. ان نانيءَ کي چيو ته ”هي ڪوڙو آهي، مان هن کي ڪو نه پڙهائيندس، دادلو ٻار آهي، ان ڪري ڪو نه پڙهندو“، نانيءَ گهڻيون منٿون ڪيس، مس مس وڃي حافظ صاحب راضي ٿيو. مان مسجد ۾ روز وڃڻ لڳو هوس، هڪ ڏينهن منهنجو سبق ڪچو ٿي پيو، سائين ڀر ڪري کجيءَ جي سونٽي مون کي هنئي، مان ڀڄي آيس. ان ڏينهن کان وٺي وري ان حافظ وٽ نه ويس.

مون کي پيٽ ۾ سور پوڻ لڳو هو، جنهن جي لاءِ ڳوٺ جا سڀ ڊاڪٽر ڏٺاسين، پر فائدو ڪو نه ٿيو. پوءِ نانيءَ بابا جي دوست ”چاچا الهڏتي“ کي پئسا ڏنا، جيڪو مون کي حيدرآباد وٺي آيو هو. ان وقت ڪوٽڙيءَ واري پل تي ٽيڪس ماڻهن کان به وٺندا هئا، اسان ڪوٽڙي واري اسٽينڊ تي حيدرآباد ۾ گول بلڊنگ وٽ اچي لٿاسين، اسان کي ڊاڪٽر عباسي جي اسپتال ڏٺل ڪا نه هئي. هڪ رڪشا واري کي چيوسين، جنهن اسان کي ڦيرائي گهيرائي اچي اسپتال وٽ لاٿو. اتي ان وقت ڊاڪٽر عباسي ويٺو هو. تمام وڏي عمر جو هو. مون کي ڏسي چيائين ته فوٽو نڪرندو، ايڪسري مشين جي مٿان جنهن وقت مون کي سمهاريائون ته منهنجي دل ڌڙڪڻ لڳي. ان وقت عباسي صاحب جو پٽ به ڊاڪٽري پاس ڪري آيو هو. ان ڪري چيڪ ٻنهي ٿي ڪيو. مون کان ڊاڪٽر عباسي صاحب پڇيو ته پٽ تون پڙهندو آهين؟ مون ڪنڌ سان نهڪر ڪئي. صفا ڪاوڙجي ويو چيائين ”هيڏو سارو ٿيو آهين- پڙهين ڪو نه ٿو. ڏس منهنجو پٽ پڙهيو آهي ته ڊاڪٽر لڳو پيو آهي. تون پڙهندين ته ڪامياب ويندين“. عباسي صاحب ڪلاڪ کن مون کي ليڪچر ڏيندو رهيو. هر هر پئي چيائين ته علم انسان لاءِ ضروري آهي. پڙهندين ته سٺو ٿيندئي. اسان ڊاڪٽر وٽان نڪري ٿورو پنڌ ڪري رسالا روڊ وٽ پهتاسين، اتان رڪشا تي چڙهي راڻي باغ گهمڻ آياسين. ان وقت راڻي باغ مون کي ڏاڍو وڻيو هو. هاڻ جهڙا حال ڪو نه هئس، پر اوج تي هو. ڪيترا ئي جانور هئس. راڻي باغ ڏسي اسان ڪوٽڙي اسٽيشن تي آيا هئاسين. اتان رات جو هڪ بجي ريل هلي هئي، جنهن اچي صبح جو اسان کي دادو ڇڏيو هو. مان چاچا سان گڏ جوهي واري بس ۾ چڙهي شهر ۾ آيس ۽ گهر جي در وٽ ئي هوس ته پري کان ناني ڊڪندي آئي ۽ اچي چمين سان ورتائين، مان خاموش ٿيو بيٺو رهيس.

صبح جو سوير پَٽي اُٿاري کڻي نانيءَ کي چيو ته ناني مون کي اسڪول ڇڏي اچ. نانيءَ اهي لفظ ٻڌي مون کي ڏسندي رهي، پوءِ چيائين ”ابا ڪيئن خدا تنهنجي ذهن ۾ اهو عقل ويهاريو؟“ ڏاڍو خوش ٿي مون کي اسڪول وٺي هلي. اتي مون کي سائين عيدن وٽ هلي ويهاريائين. اهو منهنجو مائٽ هو، پر مارڻو ڏاڍو هو، پر مون کي ڪڏهن چماٽ به نه هنيائين پر روز آنو ٻه آنا خرچي ڏيندو هو، جنهن ڪري مان روز اسڪول وڃڻ لڳو هوس، ناني رسيس جي وقت ۾ اچي ٻاهر بيهندي هئي. مان ٻاهر نڪرندو هوس ته نانيءَ جي هٿ ۾ ڪنهن وقت ٽافيون، يا فروٽ هوندو هو، نه ته ڪڏهن اتي چڻا وٺي ڏيندي هئي. مون کي اها خبر پوءِ پئي ته سائين جيڪي روزانو پئسا ڏيندو هو، سي پنهنجي کيسي مان ڪو نه ڏيندو هو، پر اڳ ۾ نانيءَ پئسا ڏئي ويندي هيس. سائين عيدن جي مار جي ڊپ کان ڪافي ڇوڪرا ڀڄي ويندا هئا ۽ وري نه اسڪول جو منهن ڏسندا هئا، خاص طرح سان سيني ۾ اهڙيون چهنڊڙيون هڻندو هو، جو ڇوڪرن کان رڙ نڪري ويندي هئي. گهڻن کي سؤ سؤ ڀيرا اٿ ويهه ڪرائيندو هو، ڪن جا هٿ فرش تي رکائي، مٿان ڪرسيءَ جي ٽنگ رکندو هون، پوءِ ٻارن جون رڳو آسمان ڏاريندڙ رڙيون هونديون هيون، پر اها سزا گهڻو ڪري گوسڙو ڇوڪرن کي ملندي هئي.

شل نه مون کي ڪو بخار يا مٿي ۾ سور پئي. پوءِ نانيءَ ويچاريءَ جو سُک ڦٽي ويندو هو. هر هر اچي پڇندي هئي ته ”ابا ڪيئن آهين؟“ هڪڙي پُٽ هجڻ ڪري منهنجون ڏاڍيون پِيرن تي سُکائون ڏنائين. خاص طرح سان قلندر شهباز تي چانديءَ جي زبان ٺهرائي ڏني هئائين ۽ ٻيو ڪيترن پِيرن فقيرن تي وڃي خير خيرات يا پَڙ چاڙهيندي هئي. صدقي لاءِ ٽئين چوٿين مهيني ڇيلو خيرات ڪرائيندي هئي. هڪ ڀيري مون کي مدي جو بخار ٿي پيو. علاج ۾ ڪو فرق ڪو نه آيو. هفتي ڏيڍ کان پوءِ ڪجھه فرق پيو. هڪ ڏينهن گهر ۾ آڙي پکيءَ جو پلاءُ ڪيائون، مان ننڍي هوندي کان آڙي پکيءَ جي پلاءُ جو شوقين هوندو هوس ٻيو ته اڪيلي پٽ هجڻ ڪري ٻوٽيون به گهڻيون ملنديون هيون. سو جيسين ٻوڙ کٽندو ڪو نه هو، تيسين مان به چانورن ۽ ٻوڙ جي جند ڪو نه ڇڏيندو هوس.

گهر ۾ جو پکي چڙهيو سو ناني ويچاريءَ جي دل، مون کي چيائين ته ”ابا ٻه ٽي گرهه کڻ“ ٻه ٽي گرهه ڇا مون موج سان پکيءَ جو پلاءُ کاڌو. اڌ رات ٿي، اچي ٿي طبيعت خراب ٿئي، لڇ لڇان هجي، ان وقت ناني ويچاري اڪيلي لالٽين هٿ ۾ کڻي، وڃي ڊاڪٽر کي وٺي آئي، ڊاڪٽر انجيڪشن هنئي پر فرق ڪو نه پيو، سڄي رات لڇندو رهيس ۽ ناني ويچاري سڄي رات دعا گهرندي رهي. امڙ کي ٿوري ننڊ ٿي آئي ته ان کي ٿي ڳالهاءُ ڏنائين، هر هر پوتيءَ جو پلئو ڳاٽي ۾ وجهي خدا کان پي دعا گهريائين. صبح جو هڪ گهر ۾ بيٺل ٻڪري گهرائي ان جو گوشت ورهايائين. مان هفتو ڏيڍ لاڳيتو بستري تي پيو رهيس، دوا هلندي رهي. پر نانيءَ جا عجيب غريب سوڻ به ٿيندا رهيا. خاص طرح سان روزانو صبح جو سوير هڪ ٺڪر جي دکي کڻي پوءِ چوندي هئي ته دکيءَ ۾ اندر منهن وجهي چئو ”دکي جهاتي، منهنجو بخار تنهنجي حوالي مان وڃان ٿو قلندر جي زيارت تي“. پوءِ چوندي هئي ته گهر جي هن در کان نڪري ٻاهر وڃ، ٻئي در کان واپس موٽي اچ. يا ڪڏهن ڪنهن وڻ جو ڇوڏو ٻڌندي هئي ڳلي ۾. ٻيو ته صبح جو سوير اٿاري هلائيندي هئي ۽ پٺيان ڪهاڙي کڻي چوندي ايندي هئي: ”تنهنجو بخار ٻرو ڪپيان، ٻرو ڪپيان، ٻرو ڪپيان“. پوءِ به وري ان در کان اچڻ ڪا نه ڏيندي هئي.

جڏهن مان ٺيڪ ٺاڪ ٿيس، تڏهن چيائين ته مون مخدوم بلاول جي سکا باسي هئي، سو اتي هلي سکا ڏيندس. پاڙي ۾ سڏ ڏياريائين. ٻه ٽي ڏينهن گهر ۾ سهرا هليا ۽ هڪ ڏينهن جيپ ٻڌي، مون کي وٺي هلي سکا ڏيڻ لاءِ مخدوم صاحب تي. ماين جي سهرن جي واڄٽ تي، اسان وياسين مخدوم صاحب تي، اتي مون کي ياد آهي ته هڪڙي مائيءَ سهرو چيو هو ته ”ابل منهنجو ضلعي جو نباب آ“. اتي هڪ بيٺل ماڻهو چيو هو: ”پر مڙس ڏسو آهي تيليءَ کان به سنهڙو ۽ ٿئي ٿو نواب ضلعي جو“. مقصد ته مخدوم صاحب تي پڙ ڏيڻ کان پوءِ باقي ڀٽ شاهه جو ڇيلو باسيل هو، جيڪو پري هجڻ ڪري نه ڏيئي سگهي هئي ۽ ڇيلو اتي خيرات ڪيو هئائين ۽ آخر تائين ايترو يادگيرو هوندو هوس، جو جڏهن مان حيدرآباد مان آيس تڏهن مون کي ان وقت ۳۰ رپيا ڏنا هئائين ته ”ابا اهي وڃي ڀٽائي سائين تي ڏجانءِ“ پر مون اهي ۳۰ رپيا حيدرآباد ۾ ئي کپائي ڇڏيا هئا ۽ اڄ تائين شاهه لطيف جو ۳۰ رپين جو قرضي آهيان.

نانيءَ کي سياري ۾ مٿي ۾ سور يا زُڪام ٿيندو هو ته سنڍ، ٻاجهر جو اٽو ۽ ٿوم اهي ٽيئي گڏائي انهن کي ديڳڙي ۾ وجهي ڪاڙهيندي هئي ۽ جڏهن مَلائي جهڙو ٿيندو هو ته لاهي ٺاري پوءِ کائيندي هئي. اسان گهر جي ڀاتين مان ٻيو ڪير به نه کائيندو هو. چوندي هئي ته ”اهي ٽڪيون کائي اندر ساڙيندئو. هي کائو ته زڪام لهي ويندوَ“. پر اسان ته ويجهو به ڪو نه ويندا هئاسين، ٻيو سونف، مٺي ڪاٺي، دالچيني ۽ ڦوٽو پاڻيءَ ۾ وجهي، ڪاڙهيندي هئي، اهو پاڻي ڪاڙهي ڪاڙهي پوءِ پيئندي هئي، مون اهو ڪاڙهو ڪيترا ڀيرا پيتو هو ۽ زڪام لهي ويندو هو.

اسان جا مائٽ شروع کان وٺي اسان سان ڪو نه ٺهندا هئا. نانيءَ چوندي هئي ته اڃا توهان جو پيءُ هت هوندو هو، تڏهن نانيءَ وارا ٻئي پنهنجي گهر ۾ رهندا هئا، اتي انهن سان مائٽ ڪو نه ٺهندا هئا، ايتري تائين جو انهن کي رات جو پٿر به لڳندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن گهر جي پٺ ۾ ڏيئا ٻرندا هئا، ڏيئن ٻرڻ جي ڊپ کان ناني اوڏانهن ويندي ئي ڪا نه هئي. ناني کي چوندي هئي ته اهو ٻه ٽي ڳالهاءُ ڏيئي سمهي پوندو هو. پوءِ هڪ ڏينهن منهنجو والد اتي رهيو ۽ لڪي جاچ ڪرڻ لڳو، اڌ رات جو ٽائيم هجي ته ڏٺائين هڪ مائي آهي، جنهن وٽ ڪا شيءِ هٿ ۾ آهي ۽ ان جي اندر روشني آهي، جيڪا اچي نانيءَ جي گهر جي پٺيان بيٺل وڻ ۾ ٽنگي ويئي، بابي جو ويجهي کان ڏٺو ته مار! ٺڪر جي دکيءَ کي پاسن کان سوراخ هئا ۽ اندر ٻه ٽي ڏيئا پيا ٻرن. بابا اهو ڏسي، موٽي آيو. ٻئي ڏينهن تي ساڳي ٽائيم کان اڳ ۾، پاڙي جو هڪ وڏو به آڻي ويهاريائين. ان جي خبر ڪنهن کي ڪا نه هئي، ۽ سمهڻيءَ کان پوءِ ساڳي مائي دکيءَ ۾ ڏيئا وجهي کڻي آئي، بابا وڃي ٻانهن کان ورتس، ڪافي اداڪاري ڪيائين ته ”مان جن آهيان! ڍيڍ آهيان“ پر ٻيا ماڻهو ۽ چڱو مڙس به اچي ويو. مائي وائکي ٿي ويئي (مائٽياڻي هئي).

ان ڏينهن کان پوءِ نانيءَ وارا اچي بابا سان گڏ ويٺا. هن پراڻي گهر ۾ جنن جي ڊپ کان سرود به ڪرايو هئائون ۽ هڪ جن ڪڍندڙ فقير به آندو هئائون. ان سرود تي ڪنڌ هنيو، اندر ڪوٺين ۾ به ويو، ناني چوندي هئي ته ”سياري جو وقت هو، سڀ ماڻهو مچ تي ويٺا هئا، هيءَ جيئن ڪوٺيءَ مان نڪتو ته توبهن توبهن ڪندو اچي چيائين ته مچ ٻاريو مچ ٻاريو، هن جن کي ساڙيندس ۽ باهه جي پاسن کان ٽپ ڏيڻ لڳو، اتفاق سان باهه ڪپڙن کي لڳي ويس ۽ مرندي بچيو هو“.

انهن حالتن ڪري نانو ۽ ناني اچي بابا سان گڏ رهيا هئا. نانا جي فوت ٿيڻ کان پوءِ اسان جي مائٽن ڏٺو ته هاڻ هي عورتون آهن سو ڇا ڪنديون. وڌيڪ تنگ ڪرڻ لڳا. اسان جي گهر جي اڳيان رهندڙ احمد کوکر کي چوريائون. ان ڇا ڪيو جو اسان جي گهر واري پاسي کان رات جو کاٽ هڻي صبح جو پوليس وٺي آيو ته منهنجي چوري ٿي آهي ۽ اها حاجي ڄام جي سس ڪرائي آهي. پوءِ صوبيدار جاءِ واردات تي آيو. اتي کاٽ جي ٻاهران اٽو هاريل هو ۽ ڪوڪلا ٻير به. ان صوبيدار، جيڪو بابا جو دوست هو تنهن ناني کان پڇيو، جنهن چيس ته ”ابا بس ذاتي ڪاوڙ آهي، اسان جي مائٽن چوريو اٿس“.

صوبيدار هن کي چيو ته عزت پياري اٿئي سچي ٻڌاءِ نه ڪيانءِ ٿو اندر. هي چور اٽو ۽ ٻير ڇو هاري ويندا. تڏهن همراهه وائڙو ٿي ويو ۽ صوبيدار کي چيائين ته ”مون کي فلاڻن فلاڻن مڇرايو هو“.

ان کان پوءِ اسان جا مائٽ اسان کي پريشان ڪرڻ لاءِ ڪوڙيون درخواستون ڪندا رهندا هئا، پر بابا پهرين پوليس ۾ پيري هوندو هو، ان لاءِ ڪجھه پوليس ۽ جمعدار وغيره ان جا دوست هوندا هئا ان لاءِ درخواستن تي غور ڪو نه ٿيندو هو، ڇو جو انهن کي خبر هئي. ايترين زيادتين جي باوجود نانيءَ ڪنهن مائٽ کي ڪا نه ليکيندي هئي. اسان جي مائٽن اسان جي پيءُ جي پري جي سؤٽ کي مڇرايو ته جاءِ مان حصو وٺين. ان اسان تي مختيارڪار وٽ ڪيس داخل ڪيو. مختيارڪار اهو ڪيس راڄوڻي فيصلي ۾ ڏياري موڪليو. سرائي پنهون خان جيڪو ٻٻر ذات جو هو، تنهن فيصلو ڪيو. مون کي ياد آهي مان ننڍو هوس، اسان جا سڀ مائٽ هڪ پاسي هئا ۽ ناني اڪيلي ڳالهائڻ واري هئي. اسان جي مائٽن سان اهڙي ڪيائين جو فيصلي ۾ ويٺلن ڪافي ماڻهن اهو پي چيو ته ”مائي ته نه آهي، هيءُ مڙس جو مٽ آهي“. فيصلو ٿيو، اسان جي جاءِ بدران انهن جي جاءِ جو اڌ به اسان ڏي پئي آيو. همراهن اها جو حالت ڏٺي ته خاموش ٿي ويا. ناني ويچاري ان وقت ۾ ڏاڍي پريشان هوندي هئي، پر چوندي هئي گهر ۾: ”منهنجا موليٰ، مان ڪنهن جي مدي ڪا نه آهيان، تون ڏسين ٿو. هنن ڇورن ڇنن جي تو کي پارت آ. نه ابو اٿن نه ٻيو ڪو. تو کان سواءِ ٻيو ڪو ڌڻي سائين نه اٿن!“

اسان جي مائٽن جي دل ۾ جيڪي بغض هئا، اهي دل ۾ رکيو آيا. جن ماڻهن ٻڌايو ته اسان جو بابا سعودي عرب ۾ گذاري ويو آهي، تن مان جن ڏانهن بابا جو چوپايو مال بيٺل هو، سي کائي ويا. هڪڙي ڪنڀر کان بابا زمين ورتي هئي، جنهن لاءِ ناني چوندي هئي ته (بابا) حاجن کي هئي حج جي سنبت سو ٻنيءَ جا پئسا ڏنا هئائين مسجد ۾ ۽ فلاڻا فلاڻا شاهد هئا. هن جڏهن بابا جي مرڻ جو ٻڌو ته ڦري ويو چيائين ته ”مون زمين ڪو نه ڏني هئي“. فيصلو ٿيو، شاهد مٿان بيهي ويس. همراهه چيو ته ”مان قرآن کڻندس“. سڀني چيس ته قسم نه کڻ ڪوڙو آهين. پر همراهه قرآن کڻي ڦري ويو ۽ اها زمين ڦٻائي ويو.

ٻيو هڪ بابا جي دوست وٽ ۵۰ ٻڪرين جو ڌڻ بيٺل هو ۽ ان به ڏٺو ته هاڻ حاجي مري ويو تڏهن چيائين ته ”بيماري ۾ سڀ ٻڪريون مري ويون باقي چار ڪن آهن“. ان لاءِ به فيصلو ٿيو، هو قسم کڻڻ لاءِ تيار ٿي ويو. نانيءَ چيس ته ”نيت“ اٿئي قسم لاءِ سنبريو آهين ته کڻي چڪين. هاڻ اسان جي نيت اٿئي. ائين سڄو ڌڻ اسان جو ڦٻائي ويو. ٻين ڪيترن هنڌن تي بابا جو ڳائو ۽ ماهيو مال بيٺل هو، جيڪي سڀ هضم ڪري ويا. ڪي بابا جا جگري دوست هئا.

ناني چوندي هئي ته ”توهان جي پيءُ جڏهن حج تي ويو هو، تڏهن گهر ۾ صرف ۱۰ رپيا پيل هئا“. جيڪي پئسو پنجڙ هو سو سڀ بابا کڻي ويو هو. پوءِ اهو نانو ۽ ناني هئا، جن جي ڪجهه زمين هئي، ڪجھه ماهيو مال هو ۽ ٻيو بتيون ٻاري ۽ رات جو چونڪيون ڏيئي، پاڻ کي ڏکن ۾ رکي، اسان کي پاليائون.

نانيءَ جي ايتري پيار جي هوندي به اسان کي بابا جي پيار جو شديد احساس ٿيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن پاڻ ۾ ويهي (ڀيڻ ڀاءُ) چوندا هئاسين ته ”الله سائين تون بابا کي آڻ ته اسان هيترو ورهائينداسين.“ ڪڏهن ڪڏهن روئندا به هئاسين. پاڻ ۾ ويهي چوندا هئاسين ”اسان الله جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو اسان جو بابا اسان کان ڇني ڌار ڪيو اٿس“.

اسان جي گهر جو ماحول ڪنهن وڏي ڏينهن تي اُداس ٿي ويندو هو. مون کي ان وقت ڏاڍو احساس رهندو هو، جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پٽ کي نوان ڪپڙا پارائي عيد جي ڏينهن تي شهر گهمائڻ لاءِ وٺي ويندو هو. تڏهن مان دل ۾ چوندو هوس ته منهنجو به بابا هجي ها! مون کي ائين وٺي وڃي ها. ڪافي ڀيرا ڪن مائٽن سان گڏجي عيدگاهه تي ويس، جتي هو پنهنجي اولاد کي پاڻ سان گڏ نماز ۾ بيهاريندا هئا ۽ مون کي وري جوتن وٽ حفاظت لاءِ ڇڏي ويندا هئا. هڪ ڀيرو مان بوٽن وٽ ويٺو هوس ۽ ٻين ٻارن کي پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ نماز پڙهندي ڏسي سوچڻ لڳس ته ”جي وڏو ڀاءُ هجي ها ته به چڱو“. پوءِ اتان اُٿي اچي ناني جي قبر تي پهتس. جتي ننڍڙي عمر ۾ دل کولي رنس، ڪي پاڙي جا ماڻهو ڏسي پنهنجي منهن توبهه توبهه ڪندا ٿي ويا. ان ڏينهن مان گهر ۾ اچي وري روئڻ ۾ پئجي ويس. عيد جي خوشيءَ جو ڏينهن غم ۾ تبديل ٿي ويو، ڪنهن به ماني ڪا نه کاڌي هئي، مان روئي روئي وري نانيءَ کي چوندو هوس: ”ناني الله سائين بابو ته ڦري ورتو، پر نانو به هليو ويو ۽ ڪو ڀاءُ به ڪو نه ڏنائين“. ناني ويچاري صرف دلاسا ڏيندي رهي ته ”ابا مان جو ويٺي آهيان!“ امڙ ويچاري ته مون کان وڌيڪ ڏکاري. سا مون کي روئندو ڏسي پاڻ به روئڻ ۾ پوري هئي. اڄ به اهو منظر جڏهن منهنجي ذهن تي تري ايندو آهي ته منهنجي اکين ۾ لڙڪ تري ايندا آهن. ڀلا هڪ ٻار جنهن پيءُ جو پيار نه ڏٺو هجي، جنهن کي ادا چوڻ لاءِ ڀاءُ نه هجي، ماما چوڻ لاءِ مامو نه هجي، چاچا چوڻ لاءِ چاچو نه هجي ته، اهو ٻار ظاهر آهي ته اهو ئي سوچيندو ٻيو ڇا سوچيندو.

اڪيلو ٻار هجڻ ڪري مان شرارتي به ڏاڍو هوندو هوس. هڪ ڀيري امڙ وارا گاهه تي ويل هئا، منجهند جو وقت هو، منهنجي وڏي ڀيڻ ويٺي هئي پنهنجي خيال سان، مون ڇا ڪيو جو ماچيس کڻي تيلي ٻاري، کڻي گاسليٽ جي بالٽيءَ ۾ اڇلايم، گاسليٽ جي بالٽيءَ ۾ تيلي اندر وئي ته وسامي ويئي، مون کي ڏاڍو عجب لڳو، مون ٻيو ڀيرو تيلي ٻاري کڻي بالٽيءَ جي ڀرسان جهلي، اچي ٿي بالٽيءَ جي پاسن کان باهه لڳي. باهه چوڌاري بالٽيءَ کي وڪوڙي ويئي، مان ماٺ ڪيو ڏسندو رهيس، صفا وائڙو ٿي ويو هوس.

منهنجي ڀيڻ جو اهو ڏٺو ته وٺي دانهون ڪيائين، پاڙي جا ماڻهو ڀڄندا آيا، جن اچي گاسليٽ تي مٽي وڌي ۽ باهه وسايائون. اها خبر گاهه ڪندي جڏهن ناني ۽ امڙ کي پيئي ته گاهه ڦٽو ڪري ڀڄنديون آيون. امڙ مون کي ڳالهايو. نانيءَ چيو ته ”ڳالهائينس ڇو ٿي، ٻار آهي، تون ماچيس لڪائي وڃين ها“.

مان گهر ۾ ڪنهن کان به ڪو نه ڊڄندو هوس، پر پاڙي ۾ چاچي محمد خان لاشاريءَ کان ڊڄندو هوس، جي ٿوري حرڪت به ڪندو هوس ته امڙ چوندي هئي: ”ادا محمد خان! اڪبر حرڪت ٿو ڪري“. هو چوندو هو ته ”اچان ٿو.“ پوءِ مان رکندو هوس کڙين تي زور. ننڍي هوندي منهنجو هڪ پاڙي جو دوست هوندو هو. هئاسين ٻئي شرارتن ۾ هڪٻئي کان چٽيل، پر هو مون کي اڪثر استعمال ڪندو هو. پر حرڪت ڪندو مان هوس، موچڙا هي کائيندو هو، ڇو ته نانيءَ جي ڪري مون کي ڪو چوندو ڪو نه هو. وڌ ۾ وڌ دانهن نانيءَ وٽ ايندي هئي، جيڪا صرف ايترو چوندي هئي: ”ابا ڪنهن سان حرڪت نه ڪر. تنهنجو ڪير آهي جو تو پاران پوندو“.

اسان جون حرڪتون به عجيب قسم جون هونديون هيون. خاص طرح سان ڪنهن جو مال وڻ هيٺان ٻڌو بيٺو هوندو هو ته جي وڻ ۾ ماکي هوندي هئي ته ان کي پٿر هڻي اٿاريندا هئاسين، يا ٻنيءَ ۾ پاڻي پوندو هو ته هاريءَ جي اک ٽيٽ ڪري پاڻي ٻنيءَ مان لوڙهي ڇڏيندا هئاسين، يا خاص طرح سان گڏهه ڪاهي ويندا هئاسين، پرايا ڍڪ ۾، ڍڪ منشي اسان کي خرچي ڏيندو هو. جڏهن مالڪن کي خبر پوندي هئي ته اسان ڏئي آيا آهيون، تڏهن منهنجي نانيءَ کي دانهن ۽ هن جي پيءُ کي دانهن ڏيندا هئا. مان ته بچي ويندو هوس باقي هو اهڙا موچڙا کائيندو هو (جيئن اُٺ پتڻ تي ڪٽبو آ). اهڙن موچڙن کان پوءِ شام جو وري اچي ملندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن مون کي ڪنهن سان ويڙهائي پاڻ وري پري ٿي بيهي رهندو هو. هڪ ٻه دفعا مون ٺاهوڪي مار ٻين ٻارن هٿان کاڌي هئي. هي اهڙو استاد هوندو هو جو پاڻ وري انهن ٻارن سان انهن جو يار لڳو وتندو هو. اسان جي پاڙي ۾ ٻارن هودڙي راند شروع ڪئي هئي، هي اتي کيڏڻ لڳو، پر منهنجي لاءِ انهن کي چيائين ته ”هن کي نه کيڏايو“. انهن مون کي کيڏڻ نه ڏنو. پَرپُٺ مون کي وري چوريائين ته بيهي بيهي نيٽ جي لڪڙي ڪيرائي ڀڄي وڃ. مون ائين ڪيو. ڇوڪرا موچڙن هڻڻ لاءِ پٺيان ڊوڙندا هئا ۽ مان گهر ڀڄي ايندو هوس. نانيءَ جي ڳالهاءَ جي ڪري گهر ڪو نه ايندا هئا. مان به وري اهڙو هوندو هوس، جي ڪنهن ٿورو به ڌڪ هنيو ته وٺي رڙيون ڪندو هوس ۽ ناني اُتان چوندي هئي: ”ابا ڪنهن ماريئي، صدقي ڪيان، مان اچان ٿي“. اهو ٻڌي ڇوڪرا ڀڄي ويندا هئا. هڪ ٻه ڀيرا ته مان بهانو ڪري هيٺ زمين تي ڪري پيس. پوءِ ته ناني ڏاڍو لُڙ ڪندي هئي، انهن جي گهر ۾ وڃي انهن جي مائٽن سان جهيڙو ڪندي هئي ته ”منهنجي ڇوري ڇني کي نٿا سهو، سڀ ٿا ماريوس“.

مان به ايڏو اچي ضد پيو مان جو صبح جو سوير ئي گهر جي لوڙهي مان ڍنگهريون پٽي وڃي گرائونڊ تي اڇلائيندو هوس. وري شام جو، جي اچي ڏسندا ها ته ڏاڍي ڪاوڙ  ٿيندي هين.

ٻارن جي ائين ويڙهه ويڙهاند ڪري مان هاڻ اڪثر شهر ۾ گذاريندو هوس ۽ مان ٽئين درجي سنڌيءَ ۾ به پهچي چڪو هوس. پر اسان ٻنهي جي ياري هوندي هئي. هڪ ڀيرو مون کي چيائين ته پئسا ڪيون ته تعويذن جو ڪتاب ٿا وٺون، پوءِ تعويذ ڪرڻ سکنداسين. مان گهر ۾ آيس. ان وقت ڪٻٽ ۾ ۱۰ رپيا پيا هئا، سي مون امڙ ۽ نانيءَ کان چوري ڪري کيسي ۾ وڌا ۽ اچي پنج رپيا هن کي ڏنم ۽ پنج رپيا کڻي شهر ۾ آيس. اتي هڪ رپئي جي پين ورتم، ڪجھه شيءِ ورتم، پنج ئي رپيا ائين کپائي ڇڏيم.

هڪڙي موچيءَ جو دڪان هوندو هو، جيڪو بابي جو دوست هوندو هو، ان جي دڪان تي اچي مان ويهندو هوس، سو ان جي پٽ نانيءَ کي چيو ته ”اڄ اڪبر ڏاڍو خرچ ڪيو آ. پئسا الاءِ جي ڪٿان آندا اٿئين.“ نانيءَ اها ڳالهه اچي امڙ سان ڪئي. امڙ مون کان پڇيو، مون ڪوڙ هڻي بابا جي دوست چاچي الهڏتي جي نالو ٻڌايو ته ان ڏنا آهن. (چاچو الهڏتو اڄ به اسان سان مائٽن وانگيان آهي. بابا جي دوستن مان اهو ئي آهي جو مستقل لاڳاپو رکندو ٿو اچي). امڙ اتفاق سان ڪٻٽ کولي جو ڏسي ته پئسا لڀن ئي ڪو نه، اچي ورتائين مون کي موچڙن سان. ان وقت مون سچي ڪئي ته واقعي مون پئسا کنيا آهن. ناني ان وقت ننڊ ۾ هئي.

ڌڪن جو آواز ڪنن تي پيس ته اُٿي آئي. اچڻ شرط امڙ کي ڌڪ هڻي پري ڪيائين. مان ڊوڙي وڃي ڀاڪر وڌو مانس. امڙ مون کي کانڀڻين مان ڇڪي اچي وري موچڙن سان ورتو. مان رڙيون ڪرڻ لڳس. نانيءَ روئي ڏنو ۽ امان کي ٻه ٽي چنبا هڻي مون کي ڇڏايائين. پوءِ ناني مون کي ٻانهن کان وٺي ڪاوڙجي کٽولو کڻي. پراڻي ڇپر هيٺان هلي وئي. امڙ ڪافي ڀيرا آيس آئي گهر هل. پر ناني اصل ڪا نه آئي، چئي: ”تون ماءُ ٿورو ئي آهين. ڏانئڻ آهين، ٻچڙي کي اهڙو ماربو آهي ڇا؟“

مون کي پئسا ڏنائين. مان بسڪيٽ وٺي آيس. اڳي جهرڪيءَ جي نموني جا بسڪيٽ هوندا هئا، جيڪي چئن آنن جا کوڙ ملندا هئا. امڙ نانيءَ کي چوندي هئي ته ”تون خراب ٿي ڪرينس. اڄ اها چوري ڪئي اٿس سڀاڻي ٻي چوري ڪندو“. پر نانيءَ اصل ڪو نه مڃيو. ان ڏينهن اتفاق سان اسان جي گهر ڪي مهمان آيا، انهن جي ڪري ناني اچي گهر ۾ ويٺي.

امڙ جي اها مار اڄ به مون کي ياد آهي ۽ انهيءَ چوريءَ کان پوءِ مون کي ٻي چوري ياد ڪانهي، جو مون ڪئي هجي. پر مون واري يار جي پيءُ کي جو خبر پئي ته هن اڪبر کي چيو آ ته چوري ڪر، سو همراهه کي کٽولي جي پائي سان ٻڌي ڏاڍي مار ڪڍيائينس ۽ ان مار جو اثر اهو ٿيس جو همراهه پورو هفتو کٽ تي پيو هو ۽ پورا ٻه مهينا اسان پاڻ ۾ ڪو نه ڳالهائيندا هئاسين. پر پوءِ وري پرچي ويا هئاسين ۽ اڄ اهو پاڻ پرائمري استاد آهي. جڏهن ڳوٺ ويندو آهيان ته چوندو آهيانس: ”يار ڏي خبر“ تڏهن چوندو آ؛ ”يار ننڍپڻ ننڍپڻ هو، هينئر ته رڳو آهن ڳڻتيون“.

جڏهن رات ٿيندي هئي، تڏهن مان ۽ منهنجون ڀينرون نانيءَ کي ڏاڍو ستائيندا هئاسين. ڪاوڙ ڪندي هئي، وري پرچائڻ سان پرچي ويندي هئي. نانيءَ جي وات ۾ هڪڙو به ڏند ڪو نه هو. مان اڪثر ڪري پنهنجي آڱر نانيءَ جي ڦد ۾ ڏيئي چوندو هوس ”ناني چڪ هڻ“ ناني منهنجي دل رکڻ ڦد سان زور ڏيندي هئي ۽ مان وٺي ڏاڍا ٽهڪ ڏيندو هوس. سندس چهري تي خوشيءَ جي مرڪ تري ايندي هئي. مان ڏينهن جو ڀڳڙا وٺي ايندو هوس. پوءِ چوندو هوس: ”ناني وات پٽ“ ناني وات پٽيندي هئي، مان ڀڳڙا وات ۾ وجهندو هو مانس. ويچاري نانيءَ کي هجن ڏند ته چٻاڙي. پوءِ چوسي چوسي ڦٽي ڪندي هئي يا ڪڏهن مون کان ٻيا ڀڳڙا وٺي ڪٽي اهي کائيندي هئي. ماني کائڻ وقت گوشت جون ٻوٽيون مون کي پنهنجي ٻوڙ مان ڪڍي ڏيندي هئي. جي هڪ اڌ ٻوٽي وات ۾ وجهندي هئي ته پوءِ ان کي وات ۾ پيئي پنج ڇهه منٽ ڦيرائيندي هئي ۽ پوءِ ڳيت ڏئي ڇڏيندي هئي. ناني ڏندن لاءِ چوندي هئي ته ”ڏند مون اڌ وهيءَ ۾ پاڻ ئي ڀڃي ڇڏيا هئا. ڇو جو ڏندن ۾ سور ڏاڍو پوندو هو ۽ ڪيترا ڀيرا دوا ورتم! پر فائدو ڪو نه ٿيو. پوءِ ويهي جنهن ڏند ۾ سور هوندو هو تنهن کي سڄو ڏينهن لوڏي لوڏي ڪڍي ڇڏيندي هيس“. ائين ٻن مهينن ۾ سڀ ڏند ڪڍي ڇڏيا هئائين.

ناني اڪثر ڪري پنهنجي پُٽ، اسان جي مامي لاءِ چوندي هئي ته؛ ”هينئر هجي ها ته جوان هجي ها. اسان کي اهڙي تڪليف ڪا نه ٿئي ها“. اسان جو مامو ننڍي هوندي ماتا جي بيماريءَ ۾ مري ويو هو. هيءَ انهيءَ وقت جي ڳالهه آهي، جڏهن ماتا واري مريض کي ”ٺار ماتا ٺار، هِندن جي ڳايل لولي ڏيندا هئا“ يا ڪنهن هندو مرد يا عورت کي وٺي اچي ان جي زيارت ڪرائيندا هئا، ڇو جو ماڻهن ۾ اهو وهم هوندو هو ته ماتا هڪ ساهه واري واڻياڻي عورت آهي، جيڪا ٿئي ٿي ۽ هندوءَ جي منهن پوڻ سان هلي وڃي ٿي!

جڏهن گاهه جي موسم ٿيندي هئي، تڏهن منجهند جي وقت ۾ اسان ٻنيءَ تان گاهه کڻڻ ويندا هئاسين. پاڙي مان ڪنڀرن کان گڏهه وٺندا هئاسين، نانيءَ کي چوندو هوس: ناني تون چڙهه. پر پاڻ ڪا نه چڙهندي هئي. هڪ ڀيري چيومانس: ”ناني ڏس جي ٻئي گڏهه تي چڙهي هلون ته جلد هلي پهچنداسين“. تڏهن چيائين: ”توهان ننڍڙا هوندا هئا، مان گاهه کڻڻ اڪيلي گڏهه ڪاهي ويندي هيس، هڪ ڀيري مان گڏهه تي وڃي رهي هيس ته پريان بس پئي آئي، سو گڏهه وٺي ٽاهه کاڌو ۽ ڀڄڻ لڳو. رستو ڇڏي وڃي ٻٻرن ۾ پيو. ابا ڏاڍا ڪنڊا لڳا ۽ ايڏا ته ڪڏ ڏنائين جو مان هيٺ ڪري پيس. مئي لغام جو رسو منهنجي هٿ ۾ ويڙهيل هو، سو ابا گڏهه مون کي ڪافي پنڌ تائين گهليندو ويو ۽ منهنجي سڄي پٺي پٿرن لڳڻ ڪري ڦٽجي پئي ۽ مس مس وڃي گڏهه بيٺي، مان اُٿيس پر منهنجي پيرن ۽ هٿن ۾ به ڪافي ڪنڊا لڳا هئا. اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن مان وري نه گڏهه تي چڙهي آهيان“. جي مان گڏهه تي چڙهندو هوس تڏهن اڪيلو مون کي نه ڇڏيندي هئي، لغام وارو رسو هٿ ۾ هوندو هوس.

هڪ ڀيري زمين تي بٽئي ٿيڻي هئي، نانيءَ ۽ مان گڏجي وياسين. اتي اَن نانيءَ کي گهٽ نظر آيو. ناني ماٺ ڪيو بٽئي ڏسندي رهي. ناني سدائين ڪُڍي اتي انهن هارين کي ڏيندي هئي، پر ان ڏينهن اٿي وڃي جو ڪڍيءَ ۾ هٿ وجهي ته اُن ۾ اَن پيو هجي، نانيءَ چين: ”توهان کي پنهنجو حياءُ ٿئي ها. مان ڪڏهن توهان وٽ لاباري وقت به ڪا نه ايندي هئس. جي گهرڻو هجيو ها ته منهن سان گهرو ها“. هاري خاموش ٿي ويا. نانيءَ اڌ ڪڍيءَ جو ورهائي کڻائي آئي.

ٻئي ڏينهن تي اهو ساڳيو هاري آيو، جنهن اچي نانيءَ کان معافي گهري ۽ چيائين ته؛ ”اهو سڄو ڪم منهنجي ڀائٽي جو آهي، مون کي ڪا خبر ڪانهي“. نانيءَ ان کي به چيو ته؛ ”ابا نيت اٿوَ مان ڪنهن جي مَدي ڪا نه آهيان، جي بي ايماني ڪندو ته به پاڻ پيا لوڙيندو“.

نانيءَ کي شهر ۾ اڪثر ڪري ”ناني بتين واري“ ماڻهو چوندا هئا. جڏهن شهر ۾ ويندي هئي ته ڪيترا ئي ماڻهو مذاق ڪري چيڙائيندا هئس. جن کي ناني ڳالهاءُ ڏيندي هئي. هڪ ڀيري نانيءَ شمعدان ۾ تيل پئي وڌو، اهو شمعدان هڪ وڏي ماڻهوءَ جي در تي لڳل هو. ان نانيءَ کي چيو ته ”تون گاسليٽ بتيءَ ۾ ٿورو ٿي وجهين رات جو جلدي وسامي ٿي وڃي“. نانيءَ ڪاوڙ مان چيو: ”ابا! اچي هڻينس، منهن ۾ بتي ڏسي ته ڀريل آ يا خالي“. انهن جو اهو لفظ ٻڌا ته وٺي ٽهڪ ڏنائون ۽ پوءِ ٽيپ رڪارڊ کوليائون ته نانيءَ جو اهو آواز ۾ ڀرجي ويو. ناني وائڙي ٿي ڏاڪڻ تان هيٺ لهي آئي. ٽيپ رڪارڊ کي گهور ڪري ڏسڻ لڳي. هن چيس ته تو اسان کي گهٽ وڌ ڳالهايو آهي اسان هيءَ رپورٽ وڃي سيڪريٽريءَ کي ٿا ڪيون. نانيءَ چيس ته ”موڪل اٿوَ“. ان وقت اڃا ٽيپ رڪارڊ عام نه ٿيا هئا.

نانيءَ بابي جي انهن پڳ مٽ يارن سان به ڏاڍي جُٺ ڪندي هئي، جن لاءِ چوندي هئي ته مانيءَ تي ڪريا پيا هوندا هئا. پائڻ لاءِ قميص ڪا نه هوندي هين، کائڻ لاءِ اَن ڪو نه هوندو هون ته اچي ميسڻا ٿي چوندا هئا: ”ادا بُک ٿا مرون، ڪجھه مدد ڪر“ ۽ هينئر ان جي ٻچن تي رحم جو هٿ به نٿا ڦيرين.

هڪ ڀيري ٽائون ڪاميٽيءَ ۾ ڪا آڊٽ ٽيم آئي هئي. گاسليٽ کڻڻ لاءِ ناني ويئي ته آڊٽ آفيسر نانيءَ کي چيو ته ”امڙ تون هيترو ٿي ٻڌائين ۽ هت ته وڌيڪ لکيل آهي تنهنجي صحيح به ٿيل آهي“. نانيءَ چيس ته ”سائين مان اڻ پڙهيل آهيان مون کان صحيح وٺندا آهن، پوءِ الاءِ جي ڇا لکندا آهن“. انهيءَ ڳالهه تي سيڪريٽري نانيءَ تي ٻه ٽي ڏينهن ڏاڍو ڪاوڙيو ته تو ائين ڇو چيو. نانيءَ چيس ته ”بي ايماني توهان ڪريو ۽ قيامت ڪاري وري ڪوڙ ڳالهائي مان ڪيان!“ پوءِ جڏهن به ڪو آفيسر ٽائون ڪاميٽيءَ ۾ ايندو هو ته سيڪريٽري نانيءَ کي چوندو هو ته ”ٻن ڏينهن جو گاسليٽ کڻي وڃ، سڀاڻي آفيس نه اچجانءِ.“

پاڙي ۾ ٻارن سان رس نه هئڻ ڪري، مان اڪثر وقت شهر ۾ گذاريندو هوس. هڪ استاد سائين محمد يوسف هوندو هو، جنهن جا اکر موتيءَ جي داڻن جهڙا هوندا هئا. اهو پهريون پڙهائيندو هو. پوءِ تعلقي ماستر ٿيو هو. (استادن کي پگهارون ڏيندو هو) تنهن جي اسان ماني ڪندا هئاسين. مون کي پُٽ وانگر ڀائيندو هو ۽ مان پوءِ سڄو وقت سائينءَ وٽ هوندو هوس. سائين نانيءَ کي امڙ ڪري سڏيندو هو.

سائين ڏاڍو حسابن ۽ سنڌيءَ ۾ هوشيار هوندو هو. مون کي ڏاڍو چيائين ته اکر لکڻ سک، پر مان ڪو نه سکيس. چوندو هو ته ”سڄي شهر جي ٻارن کي مون اکر لکڻ سيکاريا، پر تون پنهنجو ٿي ڪري، ڪو نه سکئين“. سائين پوءِ جلدي رٽائر ڪري ڳوٺ هليو ويو ۽ مان شهر ۾ شام جو والي بال راند ڏسڻ تي وقت وڃائيندو هوس. مون ڇهين درجي انگريزي ۾ داخلا ورتي هئي. ناني ڏاڍو خوش ٿي هئي: ”تون (مئٽرڪ) فائينل ڪري وٺ ۽ روزگار سان لڳ، پوءِ الله سائين ڀلي مون کي ماري“. پر اتفاق اهو ٿيو جو جڏهن مان ستين جماعت ۾ آيس ته جوهي شهر ۾ واپڊا وارن اچي سروي شروع ڪئي. ڳالهه شهر ۾ پکڙجي ويئي. اسان ڏاڍو خوش ٿيندا هياسين، پر ناني ويچاري مايوس ٿي ويندي هئي. مان چوندو هوس ته ”موليٰ جلد بجلي آڻ“ تڏهن چوندي هئي: ”ايترو ٿئي ها، تون (مئٽرڪ) فائينل ڪري وٺين ها، پوءِ بجلي اچي ها! من پنهنجي روزگار جهڙو ٿي پوين ها“.

اسڪول ۾ جڏهن سائين هيڊماستر کي خبر پئي ته مان تمام مسڪين ماڻهو آهيان. تڏهن في ته معاف ڪيائين پر راند جا مهيني ۾ ٻه رپيا هر شاگرد ڏيندو هو، اهي سائين پاڻ ڀريندو هو. ان وقت سائين غلام حيدر سولنگي هيڊماستر هو.

اسان جي مائٽن ڪنهن کي چئي، اسان جي چوري ڪرائي. هڪ ڀيرو چور ڍڳي ڪاهڻ آيا، جيئن هو لوڙهو لتاڙي اندر داخل ٿيا ته ڪتو ڀونڪڻ لڳو. نانيءَ کي ان وقت ننڊ اچي وئي هئي، سو ڪتي ڇا ڪيو جو اچي نانيءَ جي چولي ۾ چڪ وجهي ڇڪڻ لڳو ۽ اتفاق سان چور جيئن ڍڳي ڪاهي اڳتي هلڻ لڳو ته ڍڳيءَ سٽ ڏني ۽ ان وقت چور جا پير، پيش جي ڦڙن تي هئا، جيڪي ڌار ٿيا ٿلهي تي رکيا هئا، سو همراهه اونڌي منهن وڃي ڪريو. آواز تي ناني به ڇرڪ ڀري اُٿي. چور پاڻ سنڀالي ڀڄڻ لڳو. ناني چور چور ڪندي ڪافي پنڌ پٺيان ويس، پر هو ڀڄي ويو. صبح جو هڪ پيري آيو، جيڪو بابي جو دوست هو. جنهن پيرو ڏسي چيو ته مون کي ڪا خبر ڪانهي ته ڪنهن جو پيرو آهي. باقي جاچ ڪندس. پوءِ ته نانيءَ اچي ورتس مهڻن سان چئي: ”ها تو کي ڪا خبر ڪانهي، تر جو چور توکان ڳجهو آهي. اهي ڏهاڙا ياد اٿئي، جڏهن تو وٽ رهڻ لاءِ جاءِ ڪا نه هوندي هئي. ڀاڻين چوريون ڪندو هو. تون ۽ تنهنجو ڀاءُ ڀڳل هوندا هئا. تڏهن توهان جي ٻچن کي ڪنهن پاڻ وٽ رهايو هو ۽ اڄ تون ان جي ٻچن تي هٿ رکڻ ته ٺهيو، پر چوري ٿي وئي آ ته ان جو به نٿو ٻڌائين“. ان سان نانيءَ اهڙي حالت ڪئي جو ماٺ ڪيو هليو ويو. پوءِ بابا جي هڪ ٻئي دوست کي خبر پئي، جنهن وڃي چور ڳولهي هٿ ڪيو. ان چيس ته مون کي خبر ڪا نه هئي ته تنهنجي دوست جو گهر آهي. مون کي ته فلاڻن موڪليو هو. پوءِ شام ڌاري اهو ان چور کي وٺي آيو هو، جنهن اچي معافي ورتي هئي ۽ ان بابي جي دوست نانيءَ کي چيو هو ته امڙ چئين ته ساڳئي ماڻهوءَ کان انهن جي چوري ڪرايان. پر نانيءَ چيس ته ”ابا! نيت اٿن، پنهنجي پگهر ۾ پيا ڳرندا، اسان ڪنهن جا مَٺ گهرا ڪو نه آهيون“.

مان جڏهن شهر ۾ يا پاڙي ۾ ڪنهن وٽ بيهندو هوس ته گهڻا ماڻهو مون کي چوندا هئا ته تنهنجي نانيءَ وٽ جام پئسو آهي ۽ اٿس به اڳئين وقت جا چانديءَ جا ٺهيل رپيا، سي تون وٺينس. مون کي پهرين اعتبار ڪو نه ايندو هو. پر هڪ ڏينهن ڏٺم ته نانيءَ ڪا شيءِ ٽامي جي لوٽي ۾ وجهي گهر ۾ اندر پوري رهي هئي، مون کي شڪ پيو. مون سوچيو ته هاڻ نه پڇانس. ڀلي ڪنهن ڏينهن ڪم سان وڃي ته پئسا ڪڍي کپايان. اتفاق اهڙو ٿيو جو هڪ ڏينهن هڪ همراهه ڪپڙو کپائڻ کڻي آيو. مون چيو مون کي وٺي ڏيو، ان وقت گهر ۾ پئسا ڪو نه هئا. نانيءَ چيو ته؛ ”ابا پئسا ڪونهن، تو کي شهر مان اڌارو ڪپڙو ٿي وٺي ڏيان. هيءُ ٻاهريون ماڻهو آهي رکت ڪو نه ڪندو“. مون کي ڪاوڙ اچي وئي. مون چيو ته ”ها! پئسا ڪونهن، ماڻهو چون ٿا ته تنهنجي نانيءَ وٽ کوڙ سارا اڳئين وقت جا رپيا آهن تون مون کان لڪائين ٿي“. مون ڏانهن ڏسي چيائين ته؛ ”ابا ماڻهن جو آ ڪارو منهن جي پئسا هجن ها ته ائين ڏاڪڻيون کڻي پنهنجي زندگي برباد نه ڪيان ها“. مون ٺهه پهه چيو: ”ها، ڪونهن! دکيءَ ۾ جو پوري رکيا اٿئي“. چيائين ته ”اڙي ابا! اهي ته منهنجي زندگيءَ ۾ ابي جي نشانيءَ جا ڪنگڻ آهن ۽ ٻيو تنهنجي ماءُ جي نٿ آهي. ٻيو ته ڪجھه ڪونهي، انهيءَ ڪري اها پوري ڇڏي اٿم جو اسان عورتون ڀلا ڇا ڪري سگهنديون سين جو ڪير رات جو اچي کڻي وڃي“. پوءِ انهن مان ڪنگڻ به ضرورت وقت کپائي ڇڏيا هئائين. باقي نٿ لاءِ چوندي هئي ته اها تنهنجي ڪنوار پائيندي. اها نٿ اڃا به سلامت آهي. زمين ۾ پوريل ڪانهي، پر گهر ۾ سلامت آهي. مون کي پوءِ به شڪ هوندو هو ته نانيءَ وٽ پئسا آهن. پر ڪڍي ڪا نه ٿي، پر جڏهن وڏو ٿيس تڏهن خبر پئي ته نانيءَ ويچاريءَ وٽ ته ڪوڙو پئسو به ڌار ڪو نه هو جيڪو اسان کان لڪائي رکي ها.

اسان وٽ هڪ زمين مقاطعي تي هوندي هئي. ڪن ماڻهن اهو نه سٺو ۽ جن جي زمين هئي، انهن کي وڌيڪ پئسن جي آڇ ڏيئي، زمين انهن کان خريد ڪيائون. جڏهن اها خبر نانيءَ کي پئي تنهن چين ته مينهون کپائي توهان کي پئسا ڏيان ٿي، ٻني ڏيو. انهن ها ڪئي، پر پوءِ اڃا اسان جا ٻه سال مقاطعو هو ته زمين ڏئي ڇڏيائون. هئا هو وڃائو قسم جا ماڻهو، پنهنجي پيءُ جي سڄي ملڪيت کپائي اُڏائي ڇڏي هئائون. جن لاءِ نانيءَ چوندي هئي ته؛ ”ڪڏهن سڄن پيٽان وڍيا ڄمن، ڪڏهن وڍين پيٽان سڄا“. سو هو اسان جا پئسا کائي پي ويا. مقاطعي جي لکت به ڪا نه هئي. جنهن زمين ورتي اهو هو زور وارو ماڻهو، سو فيصلو ٿيو انهن چيو ته اسان جاءِ کپايون ٿا، اها وٺو ته ڏيونوَ، اسان جاءِ ڪا نه ورتي، ٻئي هڪڙي ماڻهوءَ جاءِ ورتي. اسان جا هزار رپيا هن چيو ته جنهن فيصلو ڪيو هو ان کي ڏيندس.

پئسا اتان نه نڪتا، پر جنهن فيصلو ڪيو تنهن جو ڌنڌو ئي اهو هو ته جتان جهٽ لڳي پئسا هضم ڪجن. سو نانيءَ کي هزار مان پنج سؤ ڏنائين، باقي چيائين ته ”پوءِ ڏيندس“ ان جي دل ۾ اهو هو ته ڦٻائي ويندس. پوءِ پنجن سون لاءِ روز نانيءَ جا پنڌ هوندا هئا، ڪڏهن ڏهه رپيا ڏيندو هو، ڪڏهن پنج، ڪڏهن ته ٻه رپيا به ناني وٺندي هيس. اهي اچي بڪ تي تاريخ هڻي لکرائيندي هئي. هڪ ڀيري هو مختيارڪار جي آفيس ۾ ويٺو هو. ناني اتي ويس. هن نانيءَ کي ڏٺو ته ٻاهر آيو ۽ ڏهه رپيا ڏنائين. ان وقت مختيارڪار ڪيڏانهن وڃڻ لاءِ آفيس مان نڪتو. هن کي ڏهه رپيا ڏيندي ڏسي چيائينس ڇا آهي؟ ان کي چيائين: ”سائين پوڙهي آهي، رن زال سو ڏهه رپيا خيرات ڏني مانس“. نانيءَ اهو ٻڌي ورتو سو اتان ئي چيائينس: ”نه ابا! نه هيءَ خيرات نه پر فيصلو ڪيو هئائين. اهي پئسا پاڻ ورتائين، هاڻ اهو آهي جو ڪڏهن ڏهه ته ڪڏهن پنج پيو ڏئي“. ان وقت هو ڏاڍو لڄي ٿيو هو. ناني شهر ۾ جتي به ڏسندي هيس، پئسا گهرندي هيس. هڪ ڀيرو ڪاوڙ مان چيائين ته اڃا ”تنهنجا پئسا کٽن ڪو نه ٿا؟“ ٻئي ڏينهن تي ناني لکيل بوڪ کڻي ويس، جنهن کي ڏسي خاموش ٿي ويو. باقي رهيل پئسا اسان سياري ۾ ان کان ڪاٺيون وٺي، مس وڃي پورا ڪيا هئا. مان سمجهان ٿو ته اُن وڏيري جي زندگيءَ ۾ اهو پهريون قرض هو، جيڪو ان ڏنو هو، نه ته ڪيترن جا پئسا کائي ويو هو ۽ ماڻهو رڙي رڙي ماٺ ڪري ويهي رهيا هئا.

شهر ۾ ٿنڀا (پول) به لڳڻ شروع ٿي ويا هئا، ناني ڪڏهن ڪڏهن دل کي دلاسي ڏيڻ لاءِ چوندي هئي ته ”اڃا پنج ڇهه سال دير اٿس“. پر اتفاق اهڙو ٿيو جو، چئن پنجن مهينن ۾ وائرنگ به ٿي ويئي ۽ ۱۴ آگسٽ جي رات جو شهر کي پاور ڏيئي اليڪٽرڪ سان روشن ڪيائون. اها سڄي رات نانيءَ ننڊ ڪا نه ڪئي هئي. هر هر ٿڌو ساهه ڀري ٿي چيائين: ”شڪر اٿئي، منهنجا موليٰ شڪر اٿئي......“ وري اتفاق اهو ٿيو جو اسان جون باقي بچيل ٻه ٽي مينهون، جن جي کير تي گذر سفر هوندو هو، سي به ڳنڍ جي بيماريءَ ۾ مري ويون. پوءِ اسان جو آخري پيٽ قوت جو سهارو به کسجي ويو. ٻئي ڏينهن تي نانيءَ کي شمعدان گهٽين مان لاهي، ٽائون ڪاميٽيءَ ۾ جمع ڪرائڻا هئا. صبح جو مون کي ساڻ ڪري ناني هلي شهر جي گهٽين مان شمعدان لاهڻ ۽ هڪڙو گند کڻڻ وارو ڀنگي گاڏي ۾ شمعدان کڻندو ٿي ويو. نانيءَ جو چهرو ڏاڍو ملول هو. ائين پئي لڳو ڄڻ ته جسم جي سڄي قوت هينئر جو هينئر ختم ٿي وئي هيس. ڪيترا ئي ماڻهو نانيءَ کي ڇيڙڻ لاءِ مذاق ۽ فقري بازي ڪرڻ لڳا. پر نانيءَ ڪنهن کي به جواب ڪو نه ٿي ڏنو. نه ته ناني ۽ ماٺ ڪري! کوڙو ئي ڪو نه ٿي لڳو.

شمعدان هلي جمع ڪرايائين. نانيءَ کي اهو آسرو هو ته ۲۵- ۳۰ سالن کان نوڪري پئي ڪيان، سو پينشن به ملندي ۽ گڏ ٿي اٺ- ڏهه هزار به ملندا. پر نانيءَ جا تڏهن ڇهه ئي ڇڄي پيا، جڏهن سيڪريٽريءَ چيس ته ”امڙ تنهنجي نوڪري ڪچي هئي. فنڊ به ڪو نه ڪٽبو هو ۽ پينشن به ڪانهي ڪا، باقي پراڻي ملازم آهين تو کي ٽائون ڪاميٽيءَ طرفان ۵۰۰ رپيا ڏيون ٿا. نانيءَ ويچاريءَ جي ۲۵- ۳۰ سالن جي نوڪريءَ جي عيوضو صرف ۵۰۰ رپيا مليس. ڪافي مٿي درخواستون ڪيائين، پر وريو ڪجھه به نه ۽ ان ڏينهن کان وٺي ناني ڪمزور ڏسڻ ۾ پئي آئي ۽ ويهي ويهي ٿڌو ساهه ڀري چوندي هئي: ”موليٰ شڪر اٿئي شڪر......“ ۽ پوءِ اکين ۾ لڙڪ ڀرجي ايندا هئس.

ناني نوڪري وڃڻ کان پوءِ، امڙ سان گڏ پيش جو واڻ وٺرائيندي هئي. انهيءَ وقت مان به نائين جماعت ۾ هوس. مون سوچيو هو ته پڙهڻ ڇڏي ڪجھه ڪيان، پر نانيءَ جو ضد هو ته پٽ پني به تو کي (مئٽرڪ) فائينل ڪرائينديس. ناني ويچاري جيڪا اڳ ۾ ڏاڪڻ ڪلهي تي بالٽي هٿ ۾ کڻي هلندي هئي، سا هينئر ايڏي ڪمزور ٿي وئي هئي جو لٺ تي هلڻ لڳي هئي. شهر لٺ کڻي ويندي هئي. انهيءَ وچ ۾ نانيءَ کي اهو خيال آيو ته ٻني امڙ جي نالي ڪرائي ڇڏي. متان انهيءَ جي وڃڻ کان پوءِ ٻيا مائٽ جيڪي هينئر ليکن ئي ڪو نه سي نه وارث پيدا ٿي پون. ان لاءِ حبيب الله ميمڻ مختيارڪار کي چيائين، جنهن قاضي تپيدار کي چيو. تپيدار ان وقت پنج سؤ کاتي بدلائڻ جا وٺندا هئا. سو نانيءَ کي چيائين: ”ٽي سؤ رپيا ڏي“. نانيءَ سڌو وڃي مختيارڪار کي چيو، جنهن تپيدار جي اهڙي بي عزتي ڪئي، جو ٻئي ڏينهن تي سڀ ڪاغذ تيار ڪري آڻي مختيارڪار کي ڏنائين. ناني انهيءَ وچ ۾ گيهي مل صوبيدار جي گهر ۾ ٿانو مانجهڻ ويندي هئي ۽ هو ۳۰ رپيا مهينو ۽ منجهند جي ماني ڏيندو هوس. ماني اتي ڪا نه کائيندي هئي، اسان لاءِ کڻي ايندي هئي، هو جلديءَ ۾ بدلي ٿي ويو ۽ ان ڪري گهر ۾ اچي اهو واڻ نوڙيءَ جو ڪم ڪرڻ لڳي هئي. انهيءَ وچ ۾ منهنجي ڀيڻ جي شادي به ٿي. انهيءَ تي ڪيترا مرحلا ٿيا. (تنهن تي لکڻ لاءِ الڳ ڪنهن وقت تي لکبو). انهيءَ شاديءَ ۾ به اسان جي مائٽن ڏاڍو اسان کي ستايو. ناني پوءِ به انهن جي آڏو جهڪي ڪانه، پر انهن جي سڀني ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيائين.

جڏهن مان هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هوس، تڏهن اُتي هڪ استاد هوندو هو، جيڪو اسان کي پي- ٽي ڪرائيندو هو. جنهن شاگرد سان چپ پوندو هو، پوءِ ان لاءِ مصيبت ڪري ڏيندو هو. سندس رهڻي به صفا خراب هوندي هئي. سڄي ڪمري ۾ ڪبوترن جون وٺيون ۽ ڌپ ڦهليل هوندي هئي. هن جي سخت طبيعت هجڻ ڪري، هن جا ٽيئي پٽ جڏهن اٺين نائين جماعت ۾ آيا ته هن کان ڀڄي ويا. سبب صرف خوام خواهه جي سختي هئي، مون سان به اهڙي نموني سان پيش ايندو هو، جو مون سوچيو هو ته پڙهڻ ڇڏي ڏيان هي ليفٽ رائيٽ چوندو (ڪوئيڪ مارچ ڪرائيندو) شهر ۾ وٺي ايندو هو. پوءِ اتي ماڻهن جي آڏو موچڙا هڻندو هو. هن جي سختي ۽ ماڻهن جي آڏو موچڙا هڻڻ ڪري منهنجو ذهن مائوف ٿي ويندو هو. پوءِ هو بيهڻ لاءِ هولڊ چوندو هو ته مان پنهنجي ڌن ۾ پورو اڳتي وڌي ويندو هوس ۽ پوءِ هي اچي موچڙن سان وٺندو هو. مون نانيءَ کي چيو، نانيءَ اچي هن کي چيو، هي نانيءَ سان ڳنڍجي پيو، نانيءَ ۽ هن پاڻ ۾ سٺو جهيڙو ڪيو. ٻئي ڏينهن مون سوچيو ته مون کي موچڙا هڻندو ان لاءِ نانيءَ سان گڏجي هيڊماستر سائين غلام حيدر وٽ آياسين. سائين غلام حيدر هن کي گهرائي چيو، پر هيءُ خاموش رهيو ۽ هيڊماستر صاحب جي ڪمري مان نڪرڻ کان پوءِ وري ناني ۽ هي جهيڙي ۾ شروع ٿي ويا. ڪافي استادن کي مزو اچي ويو. جيڪي نانيءَ کي وڌيڪ جذباتي ڪرڻ لاءِ ها امان سچ ٿي چوين، واقعي مارڻو آهي. هي ڪو نه مڙيو. پوءِ اسان جو ڪلاس ٽيچر سائين مولا بخش پي ٽي ٽيچر جي پيرڊ ۾ مون کي پئسا ڏيندو هو ته چانهه وٺي اچ يا ڪڏهن پوسٽ آفيس موڪليندو هو ته ٽپال کڻي اچ. هن پي ٽي ٽيچر منهنجو نالو رکيو هو ”ٽانڊي ٽوپي“. چوندو هو: ”رڳو ٿو ٽانڊي ٽوپي ڪرين“. هن جو ڪلاس ۾ رعب اٺين تائين هلندو هو. نائين ڏهين ۾ ڇوڪرا ڏاڍي هوٽنگ ڪندا هئس. ڄڻ ته پنهنجين اڳين سختين جو انتقام وٺندا هئا ۽ نائين ڏهين جي پيرڊ ۾ ڪلاس ۾ خاموشيءَ سان اچي ويهي رهندو هو، ڇو ته نائين ڏهين جماعت جي شاگردن کي ٻه ٽي ڀيرا شهر وٺي ويو هو ۽ اتي هي شاگردن کي حڪم هڪڙو ڏيندو هو ته شاگرد ڪم ٻيو ڪندا هئا. هيءَ چوندو هو ته اتر طرف مڙو ته ڇوڪرا اوڀر طرف ويندا هئا. هي بيهڻ لاءِ چوندو هو ته ڇوڪرا هلڻ شروع ڪندا هئا. ان لاءِ شهر ۾ بي عزتي ٿيڻ ڪري نائين وارن کي پي- ٽي ڪو نه ڪرائيندو هو.

ناني جڏهن شهر ويندي هئي، تڏهن ڪيترا ئي ماڻهو نانيءَ کي پئسا ڏيندا هئا، جنهن تي مون کي اسڪول ۾ ڇوڪرا چيڙائيندا هئا: ”ناني وتيس ٿي پنندي ۽ پاڻ وتي ٿو اڇا ڪپڙا پايو.“ مان اسڪول مان اچي نانيءَ تي ڪاوڙ ڪندو هوس: ”ناني تون شهر ۾ پئسا گهرين ٿي، مان ڪو نه پڙهندس“. تڏهن چوندي هئي: ”ابا پاڻ ڏين ٿا مان ٿورو ئي وٺان. مون کي ڏيندا ته مان پئسا وٺنديس، مون به شهر ۾ ۲۵ سال بتيون ٻاريون آهن“. مان ڪجھه ڪڇي نه سگهندو هوس.

نانيءَ کي ڪيترا ئي شهري ماڻهو زوري وڃي هوٽل تي ويهاريندا هئا. انور ڊاڪٽر جيڪو نانيءَ کي امان چوندو هو، تنهن هڪ ڀيرو نانيءَ کي اسڪوٽر تي زوريءَ ويهاري، اسڪوٽر کي ٿورو هلايائين. نانيءَ ويچاريءَ کي ڀوڳن ۾ هن اسڪوٽر ويهاريو، پر نانيءَ جون پاسراٽيون ضربجي پيون ۽ مٿو ڦري ويس، الٽيون ڪرڻ لڳي. سڄو هفتو کٽ تي پيئي رهي. ڊاڪٽر انور ويچارو روز پڇڻ ايندو هوس ۽ دوائون ڏئي ويندو هوس. روزانو معافيون به گهرندو هوس ته امڙ مون کي معاف ڪجانءِ، مون کان غلطي ٿي وئي. ناني، جيڪا پهريان گهٽ وڌ چوندي هئس، پر پوءِ اهي لفظ ٻڌي وري دعائون ڏيندي هيس.

اسان جا مئٽرڪ جا امتحان ٿي ويا هئا. مان ڪجھه دوستن سان گڏ غلط رپورٽنگ تي ٻڌجي ويس. سڀ دوست سورس وارا هئا، جيڪي واري واري سان سڀ نڪري ويا هئا، باقي مان وڃي اڪيلو بچيو هوس. جنهن جو گهر ۾ نانيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو سهارو ڪو نه هو. ۱۹۷۵ع ۾ برساتون به ڏاڍيون پيون هيون، پر انهن برساتن ۾ ناني مون لاءِ روزانو ٿاڻي تي ماني کڻي ايندي هئي. مون کي خوف هوندو هو ته ڪٿي برسات ۾ ڪري نه پوي. پر لٺ هٿ ۾ کنيو ماني کڻي ايندي هئي. مون کي ٻين دوستن اچي ٻڌايو ته شهر ۾ روئندي ٿي وتي ۽ جن توهان تي رپورٽون ڪيون آهن، انهن سان ڏاڍو جهيڙو ڪيو اٿس. پر مون وٽ جڏهن به آئي ته خاموش هوندي هئي. ڪڏهن به مون کي گهٽ وڌ نه ڳالهايائين، سدائين ايندي هئي، چوندي هئي: ابا شوڪت ڏي وئي هيس، دادوءَ ڊي- سي وٽ وئي هيس، پر روزانو ها ها پيا ٿا ڪن. (شوڪت ته ذاتي دوست هو، جيڪو نانيءَ کي ڊي- سي وٽ وٺي ويندو هو) جڏهن ته ٻين دوستن جا مائٽن اتي اچي پٽن کي ڳالهائي ويا ۽ انهن سان گڏ مون کي به، جڏهن ٻيا سڀ نڪري ويا. تڏهن ناني ويچاري ڏاڍي مايوس ٿي ويئي. صرف مون کي ايترو چوندي هئي ابا پيئرن وارا نڪري ويا. تنهنجو به پيءُ هجي ها ته تون به ٻاهر هجين ها. ناني روز دادو ويندي هئي. آخر ۾ ڊي- سي دادو محمد هاشم ميمڻ کان منهنجو ضامن کڻائي آئي ۽ جنهن ڏينهن مان نڪتس، ان ڏينهن ڏاڍو خوش ٿي ۽ پنجن رپين جون ريوڙيون ورهايون هئائين. امڙ ته ايڏي دلير هجي جو هڪ ٻه ڀيرا ٿاڻي تي ملڻ آئي ته سڄي پئي ڏڪي. اڄ به امڙ ڪو خاڪي ڪپڙن سان ماڻهو ڏسندي آهي ته ڊڄي ويندي آهي ته پڪ ڪو پوليس وارو آهي. ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ خبر پئي ته ناني ويچاري هنن بارشن ۾ دادو اچڻ وڃڻ ڪري ٻه ٽي ڀيرا گپ ۾ ڪري به پئي هئي. گهر ۾ اچڻ کان پوءِ جنهن شيءِ جي ڪري آءٌ وڌيڪ رنو هوس، اها هئي جو اسان جي گهر ۾ جيڪي ٽامي جا ٿانوَ هئا، سي ڪو نه هئا. اهي نانيءَ کپائي منهنجي پويان ڇڏائڻ لاءِ ماڻهن کي پئسا ڏنا هئائين. هڪ ٿانون کپڻ جو ڏک هو، ٻيو هڪ منهنجو دوست جنهن کي آءُ پنهنجو سٺو دوست سمجهندو هوس، تنهن چيو ته ”يار ڪمال آهي، ٻين کي ٿانوَ ڏنا اٿوَ، اسان کي ڏيو ها، ساڳيا پئسا اسان ڏيون ها“. اهي لفظ ٻڌي منهنجو ذهن چڪرائجي ويو هو، ته ايڏو سٺو دوست ڏک ته ڪو نه ٿو ڪري، پر رهندو اهو ٿو چوي ته پئسن تي ٿانوَ اسان کي ڏيو ها! مان اها سڄي رات روئيندو رهيو هوس. گهر جي حالت، گهر جا سامان وڪڻڻا پيا ۽ هيڏانهن جن کي سڀ ڪجھه ٿي سمجهيم تن جا لفظ............!

نانيءَ جو پوءِ به ارادو هو ته مان ڪاليج تائين پڙهان، پر گهر جي حالت ڏسي، مون سوچيو ته نوڪري ڪندس. هڪ دوست مون کي چيو هو: ”تون داخلا وٺ. پئسا مان ڏيندس ڪا ڳالهه ڪانهي“. پر عجيب اتفاق اهو ٿيو جڏهن هو ڪاليج ۾ داخلا وٺي مٿين ليول تي وڃڻ لڳو ته مون کان پري ٿيڻ لڳو. جڏهن ته مان هن جي جائز ناجائز هر ڪم ۾ گڏ هوندو هو مانس. اهو لفظ ان ڏينهن منهنجي سمجهه ۾ آيو ته غريب ماڻهو امير ماڻهوءَ سان ڪيترو به خلوص ۾ هلي، ته هو پوءِ به سمجهندو ته مان امير آهيان، ان ڪري منهنجي پويان آهي. منهنجي زندگيءَ ۾ اهي ٻه وڏا حادثا ٿيا آهن، هڪ ٿانو گهر جا کپائڻا پيا، ٻيو جنهن کي مون سڀ ڪجھه سمجهيو، سو ڏکي وقت ۾ ڪم ته (دوست) ڪو نه آيو، پر رهندو پاڻ آهستي آهستي ڪري ڌار ٿي ويو مون کان.

گهر ۾ غريبي حال مون کان ڏٺو ڪو نه ٿي ٿيو ۽ ڪنهن امير ماڻهوءَ کي منٿ ڪرڻ مناسب نه پئي لڳي. پهرين نانيءَ هڪ دڪاندار کي چئي، مون کي منشي رکايو، پر پوءِ اهو دڪاندار ٿورو شڪي مزاج هو، ان ڪري آءٌ ٽي ڏينهن به ڪو نه بيٺس، نڪري آيس رائيس مل ۾ ٻه مهينا منشي ٿي رهيس. ماڻهن انهيءَ مان هزارين رپيا ڪمايا. پر منهنجي ٻن مهينن جي پگهار به کائي ويا. دادو ۾ نئون ديرو شگرمل طرفان سيڪشن آفيس ۾ ٻه ٽي مهينا رهيس، پر اتان به جواب مليو ته سيزن ختم ٿي وئي آهي، ان لاءِ سيزنل اسٽاف ختم ڪجي ٿو. هڪ بيروزگاريءَ جا ڏهاڙا ٻيو مٿان اچي هڪ سال تيز برسات پئي. هڪ اسان جو ڪچو گهر ٻيو هيٺاهين، سڀني گهرن جو پاڻي اسان جي گهر ۾ آيو پئي. پوءِ ته نانيءَ ۽ ٻين پاڙي وارين ماين جو جهيڙو شروع هوندو هو. انهيءَ سال ايتري ته برسات پئي، جو نئين گاج جو پاڻي بچاءُ بند ٽوڙي، جوهي شهر ۾ ڪاهجي پيو. چوڌاري هوڪرا پئجي ويا. اسان جو گهر جو ڪجھه سامان ڪڍي مٿاهين تي رکيو. جبل جو پاڻي اسان جي گهر جي پٺيان اچي بيهي رهيو. منهنجي ڀيڻيوي ۽ مون سوچيو ته ٻار ڪڍي ڪنهن حفاظت واري جاءِ تي رهائجن، متان پاڻي وڌڻ ڪري جاءِ نه ڪري پوي. سو مون سانول وارن کان ڪارخاني جي پريان هڪ جاءِ ورتي. امڙ، ڀينرون سڀ نڪتيون پر ناني گهران نڪري ئي ڪانه. چئي: ”مان جيئري پنهنجي گهر مان نڪري ٻئي هنڌ وڃان! مان ڪا نه وينديس“. ڏاڍيون منٿون ڪيوسينس، پر ڪا نه نڪتي، پوءِ صفا پاڻيءَ جو زور وڌي ويو. منهنجي ڀيڻيوي زوري نانيءَ کي پاڻيءَ مان ڪڍي اتي آندو. ان وقت اڌ رات جو ٽائيم هو. تيسين صبح ٿيڻ کان اڳ ۾ پاڻيءَ کي هيٺاهين ته ڪٽي شهر کي بچائي وڌائون. صبح جو اسان جي اک کلي. ڏسون ته ناني لڀي ئي ڪانه. گوڏي جيڏو پاڻي تانگهي وڃي گهر ڏسون ته گهر جي ٿلهي تي ويٺي آهي. چئي: ”منهنجو پئي هانءُ ڦاٽو پنهنجي گهر کانسواءِ، سو فجر جو هلي آيس“. انهيءَ برسات ۾ ڏاڍو نقصان ٿيو هو. اسان جي گهر جي هڪ پاسي جي ڀت ڪري پئي هئي. ان وقت فنانس وارن طرفان قرض به منظور ٿيا هئا. نانيءَ جو خيال هو ته قرض وٺون پر مون چيو هو مانس ته پئسا جي سڀاڻي نه ٿي سگهن ته پوءِ ڪٿان ڏينداسين. ائين نه ٿئي جو سڀاڻي اچي گهر يا ٻني نيلام ڪن. پوءِ سٺو ٿيو جو اسان قرض ڪو نه ورتو. نه ته اهڙن ماڻهن به قرض انهيءَ آسري تي ورتو هو ته معاف ٿيندو، جن وٽ رهڻ لاءِ پورو اجهو به ڪونهي ۽ جڏهن به نوٽيس ٿا اچن ته همراهه وتن ٿا لڪندا.

جڏهن مون کي حيدرآباد ۾ نوڪري ملي، تڏهن ناني راضي ڪو نه هئي، چوندي هئي؛ ”ابا رکو سکو گهر جو ٽڪر سٺو آ. تون اکين کان ڌار نه ٿي“. پر مان هوس، جنهن کي ضمير ملامت ڪري رهيو هو. حيدرآباد ڇڏيائين، پر انهيءَ آسري تي ته ۱۵ ڏينهن پيو ايندس، ۽ مان جڏهن به ڳوٺ ويندو هوس ته مون کي رات جو ناني زور ڏيندي هئي. ”ابا پرديس مان ٿڪجي آيو آهين“. مان ۲۰- ۲۵ رپيا خرچي ڏيندو هومانس، ان مان پنجن رپين جي شيءِ وٺي ورهائيندي هئي.

نانيءَ جي نظر به ڪمزور ٿيڻ لڳي هئي. هڪ درويش نجف شاهه جيڪو اسان ڏانهن ڪاني ڪرامت جي نالي سان مشهور آهي، تنهن ڏس ڏنس ته اکين ۾ مصري ۽ سنڍ گهوٽي وجهه نانيءَ ائين ڪيو، جيڪو ٿورو گهڻو اکين جو سوجهرو هوس اهو به ختم ٿي ويس. ويجهي جي نظر ٺيڪ هئس باقي پري کان ماڻهو ڪو نه سڃاڻي سگهندي هئي. ان وقت گرمين جي موسم هئي، مون سوچيو هو ته سيارو اچي ته حيدرآباد مان نانيءَ جي اکين جو آپريشن ڪرائيندس، پر نانيءَ جي وڌيڪ طبيعت خراب ٿيندي وئي.

جڏهن ٻيو ڀيرو ڳوٺ ويم ته ناني کٽولي تي ستل هئي. طبيعت خراب هئس، منهنجو آواز ٻڌي اکيون کولي امڙ جي هٿن جي سهاري سان اٿي ويٺي. مون کي ويٺي ڀاڪر پاتائين ۽ ٻنهي پاسي ڳٽن جي چمي ڏنائين. پوءِ ڪافي دير تائين مون سان ڳالهائيندي رهي. ڊاڪٽر دوائون ڏيئي ويو هو. اهي امڙ کان نٿي کاڌائين. مون اهي کارايومانس کاڌائين، پر گورين تي ننڍڙي ٻار وارو کيٽو ڪرڻ لڳي چئي: ”منهنجي پيٽ ۾ وڃي بيهي ٿيون رهن، پيٽ ۾ اندر باهه ٿيون لائن“. ٻه ٽي ڏينهن دوا کاڌائين ته صحت ياب ٿي وئي. مان موڪلائي حيدرآباد آيس، موڪلائڻ وقت ٻه ٽي ڀيرا مون کي سڏ ڪري. وري ڀاڪر پائي وري چئي هاڻ وڃ، وري سڏ ڪري! آخر ۾ اجازت ڏنائين ۽ مان واپس حيدرآباد هليو آيس.

 مون کي ڳوٺان آئي هفتو به ڪو نه ٿيو هو جو هڪ ڏينهن صبح جو سوير ڳوٺان ٽيليفون آيو. مون جڏهن ٻڌو ته جوهي مان ڪال آئي آهي. تڏهن ان وقت منهنجي دل تيز ڌڙڪڻ شروع ڪيو هو. مون کي فون تي سانول جي ڀيڻيوي مولا بخش چيو ته ”ناني سخت بيمار اٿئي اچ“ مان سمجهي ويس ته ناني وڇوڙي جو داغ ڏئي وئي آهي. اتان مان اچي ڄام شوري ڦاٽڪ تان بس ۾ چڙهيس. بس ۾ چڙهڻ کان پوءِ منهنجي حالت الائي ڪهڙي هئي، تنهن جي سڌ نه اٿم. ڪنڊيڪٽر مون کي ٻه ٽي ڀيرا چيو هو: ”يار ڇا آهي، مايوس ڇو آهين؟“ پر مان ماٺ ڪيو گونگو مينهن اکين مان ڳاڙيندو رهيس. جڏهن سيوهڻ بس پهتي ته ازخود مون کان اوڇنگارون نڪري ويون. ڪافي مسافر مون کي ڏسڻ لڳا. ان وقت ٽائيم ٽي کن ٿيو هو. جڏهن دادو کان جوهي واري بس ۾ چڙهيس تڏهن بس مون کي ڄڻ ته ڌارئي شهر جي پئي محسوس ٿي. بس ۾ مون ڪنهن سان به ڪو نه ڳالهايو. جڏهن بس مان لهي، گهر جي در وٽ پهتس ته امڙ ۽ ادين جون اُڀ ڏاريندڙ ڪيهون ٻڌم. مان نانيءَ کي ڀاڪر وجهي سڏ ڪرڻ لڳس. پر اڄ اها ناني خاموش هئي، جيڪا منهنجي اچڻ تي ٽپ ڏئي اُٿندي هئي. ڪيترين ئي ماين مون کي آٿت ڏني. پوءِ زندگيءَ ۾ پهريون دفعو مان ڪنهن پٿر تي ويٺو هوس. نانيءَ کي وهنجاري کنيائون مقام ڏي، جنهن به ٿي ٻڌو ته بتين واري ناني گذاري وئي آهي، تنهن ٿي اچي ڪلهو ڏنو، هر هڪ جي زبان تي هو: ”اڄ بتين واري ناني گذاري وئي“. مقام کان موٽي اچڻ کان پوءِ به، اسان جي گهر اسان پنهنجي نانيءَ لاءِ روئي رهيا هئاسين. منهنجي امڙ ۽ ڀيڻن مون کي ڀاڪر وجهي چيو ٿي ته اسان ڄڻ يتيم ئي اڄ ٿيا آهيون. نانيءَ لاءِ چيائون ته مرڻ کان اڳ ۾ هر هر رڳو چيائين ٿي ته اڪبر کي گهرايو ۽ بيهوشيءَ جي حالت ۾ هئي. ڪنهن چيو ته متان اڪبر لاءِ ساهه ٽنگيل اٿس، سو ڪن ۾ چيائينس ته اڪبر اچي ويو آهي. ان وقت اسان جو هڪ ٻيو مائٽ بيٺو هو، چون ٿا ته بيهوشيءَ جي حالت ۾ نانيءَ اکيون کولي ڏٺو ۽ ڳاٽو لوڏي نهڪر ڪيائين ۽ اکين مان لڙڪ وهي پيس ۽ پنجن منٽن کان پوءِ ۳ بجي ڌاري دم ڏنائين. اڄ به جڏهن انهن لفظن تي سوچيندو آهيان، تڏهن اکين ۾ لڙڪ تري ايندا آهن. ڪاش مان پنهنجي بتين واري نانيءَ سان ٻه لفظ ڳالهايان ها يا ڀاڪر پائي چوانس ها. ”ناني اسان جي پارت ڪنهن کي ڪري ٿي وڃين؟!“ اڄ به مان گهر ويندو آهيان ته ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄاڻ هوءَ گهر جي ڪنهن ڪمري مان نڪري ايندي ۽ اچي مون کي ڀاڪر پائيندي ۽ چوندي: ”ابا ڏاڍي دير سان آيو آهين.“ يا کيسي ۾ هٿ هڻي اٺ آنا خرچي ڏيندي........!

No comments:

Post a Comment