Friday, November 19, 2021

سرنگ - شوڪت حسين شورو

سرنگ

(مختصر ڪھاڻي)

شوڪت حسين شورو



ڪنهن ڪنهن وقت هن کي لڳندو هو ته روڊ کي کڻي آڻي سندن گهر ۾ اندر رکيو ويو آهي... ٽرڪون، بسون ۽ موٽر ڪارون در مان ڌوڪينديون اندر پيون اينديون هيون. هڪڙي ڏينهن کٽ تي ليٽيو پيو هو ته کيس لڳو ته گوڙ مٿانئس چڙهندو پئي آيو. هن زور سان چيو؛ ’کڻي وڃو روڊ کي هتان! ڪهڙي مصيبت آهي هيءَ؟‘ ۽ رڙيون ڪندو ڪمري مان ٻاهر نڪري آيو. سڪل ڪاٺيءَ جهڙي ڪمزور پوڙهي ماءُ ڏڪندي هن ڏانهن آئي ۽ لرزندڙ چپن ۾ مڻ مڻ ڪري مٿي آسمان ڏانهن اکيون کڻي ڏٺائين. هو ويتر باهه ٿي ويو. ’ائين چپن ۾ مڻ مڻ ڇو ٿي ڪرين؟ زور سان چئو ته خدا به ٻڌي! مون تو کي ڪيترا ڀيرا چيو آهي ته منهنجي لاءِ دعا نه گهرندي ڪر....‘ ماءُ ڊڄي سوڙهي ٿي پنهنجو پاڻ ۾ ويڙهجي اکيون هيٺ جهڪائي بيهي رهي، پر سندس ڄاڙي پوءِ به پئي ڏڪي. هن کي ماءُ تي رحم آيو ۽ پنهنجو پاڻ تي ڪاوڙ. موٽي اندر ڪمري ۾ هليو ويو، پر گهڻو ڪري هن کي رحم پنهنجو پاڻ تي ايندو هو، پنهنجي ذات تي، پنهنجي بگڙجندڙ ذهني حالت تي ۽ پنهنجي ارد گرد تي. اها ئي ڳالھ هن کي نه وڻندي هئي ته ٻيا مٿس رحم کائين ۽ هن کي به پنهنجو پاڻ تي رحم اچي!


ڪمري ۾ اوندهه گهري ٿي وئي. هن بلب ٻارڻ جو سوچيو، پر بٽڻ هيٺ ڪرڻ جي لاءِ سندس هٿ نه وڌي سگهيو. کٽ تي پئي پئي ٿڪجي پيو هو ۽ هاڻي ڪمري ۾ هانءُ منجهڻ لڳو هوس. هو گهر مان ٻاهر نڪري ويو، روڊن تي رلڻ جي لاءِ. پيرن ۾ چمپل پاتل هوس ۽ ڏاڙهي ٻن ڏينهن کان وڌيل هئس. فوٽ پاٿ تي هلندي هن کي پنهنجو اڳيون پٽيوالو منهن پئجي ويو. هو جڏهن نوڪريءَ ۾ هو ۽ ڪڏهن اتفاق سان بازار ۾ پٽيوالو منهن سامهون اچي ويندو هو ته کيس سلام ڪري، پاسو وٺي هليو ويندو هو. هن ڏٺو ته جيئن ئي پٽيوالي جي مٿس نظر پئي، هو پهرين ٿورو هٻڪي ويو، شايد گهٻرائجي ويو هو. کيس ان حالت ۾ ڏسي، هو هڪدم سلام ڪري سامهون بيهي رهيو ۽ هلڪو جهڪندي هٿ ڏنائين.

”ڇا حال آهي، عاب؟“ هن رسمي طور پٽيوالي کان پڇيو. پٽيوالو پشيمان پشيمان ٿي کيس ڏسي رهيو هو، ڄڻ هن جي نوڪري ختم ٿيڻ جو ڪارڻ پاڻ هو.

”سائين، سڀ خير آهي.... اوهان ته خوش آهيو نه سائين!“

هن جي وڌيل ڏاڙهي ۽ لٿل منهن ڏسي شڪي ٿي ويو. ”اوهان جي طبيعت ٺيڪ آهي؟“

”ها ها، طبيعت ٺيڪ آهي. تون ٻڌاءِ، تون ڪيئن آهين؟ ڪم ڪار ڪيئن پيو هلي؟“ هن کي سمجهه ۾ نه آيو ته ڇو پٽيوالي سان ايتري ڊيگهه ڪرڻ بيهي رهيو هو.

”بس سائين، ڪم مڙيو ئي پيو هلي.... سائين، اوهان....“ پٽيوالي هٻڪيو ۽ رڪجي ويو ۽ سندس چهري تي همدرديءَ جا اهڃاڻ اڀري آيا.

’هي بيوقوف ڇا ٿو سمجهي ته نوڪري وڃڻ سبب آءٌ چرين جهڙو ٿي پيو آهيان.‘ هو زوريءَ مرڪيو ۽ چيائين؛ ”سڀ ٺيڪ آهي، چڱو....“ هن پٽيوالي کي هٿ ڏنو ۽ وڌي ويو. هٿ ملائيندي هن ڏٺو ته پٽيوالي جي اکين ۾ سندس لاءِ رحم هو. هن کي سخت ڪاوڙ آئي. هن جي لاءِ ڪٿي به جاءِ نه هئي. ٻاهر ڪو نه ڪو واقفڪار ملي ويو ٿي ۽ سڀني کيس پنهنجي منافقيءَ سان ڀريل همدردي ڏيکارڻ شروع ٿي ڪئي. گهر ۾ به ڪو سک نه هو. اتي به هانءُ منجهڻ ٿي لڳو ۽ گهر جا سڀ ڀاتي ڄڻ سندس اڳيان پنهنجو پاڻ کي ڏوهاري سمجهندا هئا.

آفيس ۾ آخري ڏينهن تي صاحب جڏهن ساڻس همدردي ڪئي هئي، تڏهن ائين ٿي لڳو ته اهو به پاڻ کي ڏوهاري سمجهي رهيو هو. هن کيس يقين ڏياريو ته ٽرمينيشن ۾ سندس ڪو به هٿ نه هو. نوڪريءَ جي ختم ٿيڻ جو سبب نوڪريءَ واريءَ درخواست تي لکيل سفارشي نوٽ هو.

”مان تنهنجي ڪم مان سيٽسفاءِ آهيان. مون کي خبر آهي ته تون بلڪل افيشنٽ آهين، پر حالتون تون پاڻ ڏسين ٿو. مٿان آرڊر آيو آهي ته جن ماڻهن کي سياسي بنياد تي ڀرتي ڪيو ويو آهي، تن کي ڪڍيو وڃي. مون کي تو سان همدردي آهي، پر مان ڪجهه به ڪري نٿو سگهان....“

هو بور ٿيڻ لڳو. کيس صاحب جي وضاحت اجائي لڳي. هن جلدي جند ڇڏائڻ لاءِ چيو؛ ”آءٌ سمجهان ٿو، سائين، اوهان مجبور آهيو. اوهان کي مون سان همدردي آهي، اها به وڏي مهرباني. چڱو سائين......؟“

هن سوچيو ته جهڙي سولائي ۽ بنا دير جي کيس نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو هو،  تهڙي طرح نوڪري ملي ڪا نه هئي. ان اڌ سٽ واري نوٽ لکائڻ جي لاءِ ڪيترو رليو هو، در در ڀٽڪيو هو ۽ ڪيترن ماڻهن کي ايلاز منٿون ڪيا هئائين. ۽ پوءِ نوڪري وئي ته ان اڌ سٽ جي نوٽ سبب!

هن جي نظر آفيس جي هڪڙي ڪلارڪ تي پئي جو مزي سان سگريٽ جا سوٽا ڀريندو پئي آيو. هو گهٻرائجي ويو ۽ گهت هڻي پاسي واري گهٽيءَ ۾ مڙي ويو. هن سوچيو ته چڱو جو ڪلارڪ جي مٿس نظر نه پئي، نه ته وري اهو ئي رينگٽ شروع ٿئي ها. هو ساڳئي ساڳئي ميسڻي انداز ۾ چيل ڳالهيون ٻڌي بيزار ٿي پيو هو. ڪڏهن من ۾ ايندو هوس ته چئي ڏي: ’نوڪري وئي آهي ته منهنجي وئي آهي، اوهان ڇو اچي منهنجي پويان پيا آهيو؟‘ ۽ هو ڊنو ٿي ته ڪڏهن سچ پچ ڦاٽ نه کائي. ٻرندڙ جبل وانگر ڦاٽي نه پئي.

گهٽي سوڙهي ۽ گندي هئي. لڳو لڳ وهندڙ نالي مان ڪٿي ڪٿي ڪنو پاڻي ۽ ڪچرو اٿلي گهٽيءَ ۾ ڀرجي ويو هو. هو ان گهٽيءَ ۾ پهرين ڀيرو آيو هو. کيس خيال آيو ته پوئتي موٽي وڃڻ کان چڱو آهي ته سڌو هلندو رهي. اها گهٽي نيٺ ته ڪٿي کٽندي ۽ ڪنهن ٻئي روڊ ۾ وڃي پوندي. هونءَ روڊ تي هلڻ ٺيڪ نه هو. آفيس جا ماڻهو پئي ٽڪرايا ان روڊ تي.

هن جلدي گهر  موٽي وڃڻ نٿي چاهيو. هن سوچيو ته هلي هلي جڏهن صفا ٿڪجي پوندو ته پوءِ گهر واپس موٽندو. ٿڪ سبب ننڊ جلدي اچي ويندي، جيڪا رات جو ڪا نه ايندي هئي. جاڳي مٿو ڳرو ٿي پوندو هو ۽ اکيون سور ڪرڻ لڳنديون هيون. جيڪڏهن ننڊ ايندي به هئي ته سخت بي آراميءَ واري- رڳو اٿل پٿل. رکي رکي ننڊ ڦٽي پوندي هئي. هن کي گهر جي ٻين ماڻهن ٻڌايو ته هو ننڊ ۾ رڙيون ڪندو آهي، جهڙوڪر ڪو سخت تڪليف ۾ هجي. سندس ماءُ انهن ڪنجھڪارن تي ڊڄي اٿي ايندي هئي، ته ڪٿي هن جي طبيعت خراب ته نه ٿي پئي آهي. هوءَ هيسيل هيسيل سڏ ڪندي هئي ۽ پوءِ جڏهن پڪ ٿيندي هيس ته هو ستل آهي. تڏهن موٽي ويندي هئي. گهٽيءَ ۾ اٿليل گندي پاڻيءَ تان ٽپندي هن ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته کيس اها عادت ڪڏهن پئي هئي! هن جي ذهن ۾ تمام گهڻيون يادگيريون گڏ وچڙ ٿي ويون ۽ ڪا به ڳالھ چٽي نه هئي. سڄي حياتي ڏک ئي ڏک هئا، محروميون ئي محروميون هيون. بکون، بيماريون ۽ ذلتون. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ٽن سالن تائين بيروزگاريءَ جو پيڙيندڙ عذاب. يادگيريون، جن ۾ رڳي پيڙا هئي، تن جو هڪ ڍير هو ۽ هو ان ڍير مان ڪا هڪڙي يادگيري چونڊي نٿي سگهيو. ننڊ ۾ رڙين ڪرڻ جي عادت کيس گهڻي وقت کان هئي. هن کي ڊپ هو ته جڏهن سندس شادي ٿي ويندي، ته ان عادت سبب نسرين جي ننڊ ڦٽي پوندي. هو ان پريشانيءَ ۾ هو ته اها عادت پاڻ کان ڪيئن ڇڏائي. نوڪريءَ وڃڻ سبب ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ان پريشانيءَ کان ته ڇوٽڪارو مليو هوس. هو من ئي من ۾ مرڪيو.

اوچتو هن جو هڪ پير ڪني پاڻيءَ ۾ وڃي پيو. چمپل گپ ۾ ڦاسي پيو ۽ ڇنڊا اڏامي ڪپڙن تي اچي پيا. هن زور لڳائي چمپل گپ مان ڪڍيو. ڌپ ناسن ۾ گهڙي آئي. گهٽي سوڙهي هئي ۽ ان ۾ پوري روشني به ڪا نه هئي: هو ڇرڪي بيهي رهيو. ’آءٌ ڪٿي آهيان؟ وڃان ڪيڏانهن پيو؟‘ هن پاڻ کان پڇيو. هن کي سمجهه ۾ ڪجهه نه آيو. گهٽي سندس اڻ ڄاتل هئي. اڃا ڪيتري ڊگهي هئي ۽ ڪٿي وڃي کٽڻي هئي، تنهن جي ڪا خبر نه هئي. هو منجهي پيو ته ڇا ڪري. هن کي لڳو ته هو ڳچ پنڌ ڪري چڪو هو. ايتري گهڻي پنڌ ڪرڻ کان پوءِ هاڻ پٺتي موٽڻ ممڪن نه هو. ’ٿي سگهي ٿو هاڻي گهٽي ختم ٿيڻ واري هجي،‘ هن سوچيو ۽ هلڻ لڳو.

’جيڪڏهن نسرين سان منهنجي شادي ٿي چڪي هجي ها، ته هن وقت ڇا حالت ٿئي ها؟.... هوءَ مون کي ڇڏي مائٽن وٽ هلي وڃي ها. ائين ئي ٿئي ها.‘ ان ڳالھ جي کيس پڪ هئي. هن کي حيرت لڳي ته نسرين ۽ هن جي پاڻ ۾ ڪهڙي قسم جي محبت هئي! جيتري قدر هن ٻڌو هو يا ڪتابن ۾ پڙهيو هو، سو ائين هو، ته محبت هر قسم جي لالچ ۽ مفاد کان مٿاهين ڪا آسماني شيءِ هوندي آهي. شايد سندن محبت گهٽ درجي واري هئي. هن کي خيال آيو ته نسرين ۽ سندس محبت روايتي نه، پر وهنواري محبت هئي. ’ها، اصل ڳالھ اها ئي آهي.‘ هو خوش ٿيو ته حقيقت جي تهه کي وڃي پهتو هو. هن سڄي ڳالھ جو تجزيو ڪرڻ چاهيو. هن جي نسرين سان ان وقت کان محبت هئي جڏهن هو اڃا ڪلارڪ هو. هو هڪٻئي کي ڏسندا هئا، ته نظرون اٽڪي پونديون هيون ۽ پوءِ نسرين جي بت ۾ هلڪي ڏڪڻي پيدا ٿيندي هئي، نظرون جهڪائي ڇڏيندي هئي. هن ڪڏهن نسرين سان محبت جو اظهار نه ڪيو هو، پر کيس خبر هئي ته ٻنهي کي هڪٻئي سان پيار آهي. ان وقت سنس ماءُ سڱ گهرڻ  وئي، ته نسرين جي مائٽن انڪار ڪري ڇڏيو. هنن هڪ ڪلارڪ کي ڌيءُ ڏيئي، سندس قسمت هميشه جي لاءِ ڦٽائڻ نٿي چاهي. هن کي پنهنجي محرومين جو شدت سان احساس ٿيو هو. هن اهو ڏٺو ته نسرين کي ان ڳالھ جو ڪو به ڏک نه ٿيو. هوءَ انهن ڇوڪرين مان هئي، جيڪي محبت سڃن سان ڪنديون آهن ۽ شادي شاهوڪارن سان. تنهن هوندي به هو نسرين سان محبت ڪندو رهيو. پوءِ جڏهن وڏي جاکوڙ کان پوءِ سفارش ڪرائي آفيسر ٿيو، ته نسرين جي مائٽن پاڻ سڱ ڏيڻ جي آڇ ڪئي. مڱڻو ٿي ويو. شاديءَ ۾ اڃا ٿورو وقت هو، ته نوڪري ختم ٿي وئي. نسرين جي مائٽن مڱڻو ٽوڙي ڇڏيو. هن کي اميد هئي ته نسرين جيڪڏهن مائٽن جي فيصلي جي مخالفت نه ڪري سگهندي، ته به ان کي ذهني طور نه قبوليندي. هن نسرين سان ملڻ ۽ ڳالھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هاڻي ملڻ مان فائدو ڪهڙو ۽ ڳالهائڻ جي لاءِ ته ڪجهه رهيو ئي ڪونهي، نسرين کيس جواب موڪليو هو. هو هلندي هلندي کليو. هن چاهيو ته هڪ وڏو ٽهڪ ڏئي من جي ڊپريشن کي هلڪو ڪري، پر هن کي ماڻهن جو خيال آيو، جيڪي کيس چريو سمجهن ها. اوچتو هن کي احساس ٿيو ته هو ڪيتري وقت کان گهٽيءَ ۾ هلندو رهيو هو، پر کيس ڪو هڪڙو ماڻهو به نه مليو هو. گهٽي اڃا ڪا نه کٽي هئي ۽ وڌيڪ سوڙهي ٿي وئي هئي. هو بيهي رهيو. کيس ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي محسوس ٿيڻ لڳي. گهٽيءَ ۾ هوا بلڪل ڪا نه هئي. هن مٿي آسمان ڏانهن ڏٺو، پر آسمان نظر نه آيو. گهٽيءَ جي ٻنهي طرف پٿر جون ڊگهيون ديوارون هيون ۽ آسمان غائب هو. اوچتو هن کي خيال آيو ۽ سندس وار ڪانڊارجي ويا. هو جتي بيٺو هو، اها گهٽي ڪا نه هئي، پر هڪ ڊگهي اونداهي سرنگ هئي. هو ڊڄي ويو ۽ سرنگ مان جلدي نڪرڻ جي لاءِ ڊوڙڻ لڳو. اوندهه ۾ پٿر جي ديوارن سان ٽڪرائجي گپ ۾ ڪري ٿي پيو ۽ اٿي وري ڊوڙڻ ٿي لڳو. هن کي پڪ ٿي وئي ته اها سرنگ ڪٿي به کٽڻي ڪا نه هئي، پر تڏهن به هو ڊوڙندو رهيو.....

No comments:

Post a Comment