سرنگ
(مختصر ڪھاڻي)
شوڪت حسين شورو
ڪنهن ڪنهن وقت هن کي لڳندو هو ته روڊ
کي کڻي آڻي سندن گهر ۾ اندر رکيو ويو آهي... ٽرڪون، بسون ۽ موٽر ڪارون در مان ڌوڪينديون اندر پيون
اينديون هيون. هڪڙي ڏينهن کٽ تي ليٽيو پيو هو ته کيس لڳو ته گوڙ مٿانئس چڙهندو پئي
آيو. هن زور سان چيو؛ ’کڻي وڃو روڊ کي هتان! ڪهڙي مصيبت آهي هيءَ؟‘ ۽ رڙيون ڪندو
ڪمري مان ٻاهر نڪري آيو. سڪل ڪاٺيءَ جهڙي ڪمزور پوڙهي ماءُ ڏڪندي هن ڏانهن آئي ۽ لرزندڙ چپن ۾ مڻ
مڻ ڪري مٿي آسمان ڏانهن اکيون کڻي ڏٺائين. هو ويتر باهه ٿي ويو. ’ائين چپن ۾ مڻ مڻ
ڇو ٿي ڪرين؟ زور سان چئو ته خدا به ٻڌي! مون تو کي ڪيترا ڀيرا چيو آهي ته منهنجي
لاءِ دعا نه گهرندي ڪر....‘ ماءُ ڊڄي سوڙهي ٿي پنهنجو پاڻ ۾ ويڙهجي اکيون هيٺ
جهڪائي بيهي رهي، پر سندس ڄاڙي پوءِ به پئي ڏڪي. هن کي ماءُ تي رحم آيو ۽ پنهنجو
پاڻ تي ڪاوڙ. موٽي اندر ڪمري ۾ هليو ويو، پر گهڻو ڪري هن کي رحم پنهنجو پاڻ تي
ايندو هو، پنهنجي ذات تي، پنهنجي بگڙجندڙ ذهني حالت تي ۽ پنهنجي ارد گرد تي. اها
ئي ڳالھ هن کي نه وڻندي هئي ته ٻيا مٿس رحم کائين ۽ هن کي به پنهنجو پاڻ تي رحم
اچي!
