بتين واري ناني
(ڪھاڻي)
اڪبر جسڪاڻي
مان جڏهن سمجهه ڀريو ٿيس، تڏهن
گهر ۾ بابا ناني کي چوندو هوس. نانو تمام پيرسن هو. ڏاڙهي ۾ اڇا وار چانديءَ
وانگيان چمڪندا هئس، نانو مون کي ڏاڍو ڀائيندو هو. هو شهر ۾ چوڪيداري ڪندو هو. صبح
جو واپسيءَ وقت اڃا گهر جي در وٽ هوندو هو ته رڙ ڪندو هو؛ ”ٻچڙا!“. مان اڳ ۾ شيءِ جي لالچ ۾، ڪن کڙا ڪيو ويٺو هوندو هوس. آواز ٻڌڻ شرط،
ڊوڙي وڃي ڀاڪر وجهندو هومانس، نانو مون کي ڀاڪر پائي شيءِ ڏيندو هو. ايتري ۾
منهنجيون ٻئي ڀيڻون به ڊوڙنديون اينديون هيون. نانو کيسي مان ٻي شيءِ ڪڍندو هو ۽
اها انهن کي ڏيندو هو، منهنجي لاءِ اڪثر مائو وٺي ايندو هو. نانو چوڪيداري کانپوءِ
وري نانيءَ سان گڏ شهر ۾ شمعدانن ۾ گاسليٽ وجهڻ ويندو هو.
