Friday, December 31, 2021

گهٽين جا ڪُتا - دريا خان شنباڻي

گهٽين جا ڪُتا

سال ۲۰۲۱ع جي آخري ڪهاڻي ۵۲

دريا خان شنباڻي



هوءَ جهڙيءَ مهل ڪاليج لاءِ مڪمل تيار ٿي بيٺي ته سندس ماءُ کي لڳو ڪجھ پريشان آھي.

“ڇا ڳالھ آھي افشي، ڇو پريشان آھين؟!”

“بس ائين امان!”

“ڪاليج لاءِ دل نه ٿي چوئي ته اڄ کڻي نه وڃ!”

“نه امان وڃڻو ضروري آھي، ايگزام مٿي تي آھن.”


“ته پوءِ ان لاءِ پريشان آھين ڇا!”

“نه امان ان لاءِ ته ڪو نه آھيان پر........”

“پر ڇا!!”

“امان ڪجھ ڏينهن کان ٻاهر گهٽيءَ ۾ هڪ ڪتو مون کي گهوري ٿو!”

“گهٽيءَ جي ڪتي کان ٿي ڊڄين؟!”

“هائو امان!”

“گهٽيءَ وارا ڪتا کائيندا ته ناهن.”

“ڪڏهن ڪڏھن ڪتو گُري به ٿو، امان!”

“چڱو ڀلا مان ڪمري مان پڻھين کي وٺي اچان، اهو تو کي اڳتي ڪري اچي!”

“ٺيڪ آھي امان!”

سندس پيءُ آيو ۽ هوءَ پنهنجي پيءُ سان ٻاهر نڪتي. گهٽيءَ مان نڪري روڊ تائين آيا ته پڻس چيو؛ “ڌيءُ هاڻ مان ڀلي واپس وڃان!”

“ها بابا ڀلي وڃو!”

“پر ڌيءُ اڄ ته گهٽيءَ ۾ ڪو ڪتو ڪو نه هيو!”

“بابا! ڪتو بيٺو هيو، پر اوهان شايد نه ڏٺو.”

“چڱو چڱو، الله پاڪ جي امان پناھ ۾ هجين شال، هاڻ مان وڃان ٿو!”

“ٺيڪ آ بابا”

سندس پيءُ هليو ويو پر ان کي ڪهڙي خبر ته ڪجھ ڏينهن کان هڪ اوباش قسم جو نوجوان افشيءَ کي گهٽيءَ ۾ گهوريندو به هيو ته ڪڏھن ڪڏھن ڪي جملا به چوندو هيو ۽ اڄ جڏھن افشيءَ سان پنهنجو والد گڏ هيو ته اهو نوجوان ڪنڊائتو ٿي بيٺو.

 

(دريا خان شنباڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳۱ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment