Monday, December 27, 2021

پنهنجو پنهنجو فيصلو - دريا خان شنباڻي

پنهنجو پنهنجو فيصلو

ڪهاڻي 49

دريا خان شنباڻي



عورت؛ “تون ته صفا ڪو بيغيرت انسان آھين ۽ تنهنجي رڳن ۾ پنهنجي ماءُ جي ٿڃ نه پر پيءُ جو مُ..... آھي!”

ان ڳالھ تي همراھ پنهنجي زال جي ڇاتيءَ جو هڪ بُبو ڪپي ڇڏيو.

ڳالھ سردار تائين پهتي! سردار فيصلو ڏنو ته؛ “همراھ جو نازڪ عضوو ڪپيو وڃي.”

ان فيصلي تي زال مڙس راضي نه ٿيا.


عورت رياستي عدالت پهتي.

جج فيصلو ڏنو ته؛ “عورت جي ڇاتيءَ جو ٻيو بُبو به ڪپيو وڃي.”

عدالت جي اهڙي فيصلي تي ٻئي زال مڙس راضي نه ٿيا ۽ جج سان ڪوڙ ڳالهايائون ته؛ “هو هاڻ هڪٻئي سان ٺهي هلندا! سو سزا معاف ڪئي وڃي.”

هو ٻئي گهر آيا ۽ پنهنجي ڏيڍ سال جي پٽ سان پيار ڪرڻ لڳا.

اڌ رات جو اٿي، مڙس زال جي پيرن تي ڪريو ۽ چيائين؛ “مون کي معاف ڪر.”

زال اهڙي ڳالھ تي ڪاتي کڻي مڙس جو ڪنڌ ڪپي ڇڏيو.

 

(دريا خان شنباڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۶ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment