Monday, December 27, 2021

سنگتياڻي - دريا خان شنباڻي

سنگتياڻي

مختصر ڪهاڻي ۴۷

دريا خان شنباڻي



مڙس سُڪي اهڙو ته هڏڙين مُٺ بڻجي ويو ڪاڏي ويس گوشت پوست ۽ ڪاڏي ويس ڳالهائڻ ۾ دهشت ۽ رعب.... پر اکين ۾ اهو ئي درياھ جهڙو شور ۽ شھزوري، پر ڇا ڪجي لڱن ۾ ساھ هجي ته هر شيء ڄڻ مُٺ ۾ پر جي لڱ سنوان ناهن ته مڙس ماڻھو به گوڏن ڀر جهڪيا وڃن، ائين ڄڻ شينهن پوڙھو ٿي ويندو آھي ته گدڙ لُوڪڙ به ڦري اچن ۽ ماس کي پٽي پنهنجا آنڊا گرم ڪري ڇڏن پر هي ته وري به مڙس ماڻھو... ماڻھو ڪمزور ٿيو وڃي پر غيرت جيڪا هوندي سا هوندي ۽ جيستائين قبر ۾ پير نه پون تيستائين ڳالھ هلندي رهندي آھي.


رئيس گُلڻ خان مڙس مڻيادار، الائجي ڪيئن جواني ۾ هڪ غلطي ڪري وڌائين ۽ ان غلطيء سبب سڄي عمر اهڙو ته پنهنجي اندر ۾ پاڻ کي لوئيائين جو اٿي ويٺيء ۾ ڄڻ پاڻ پنهنجي اندر ۾ ٻڏندو ۽ ترندو هجي.

رئيس گُلڻ خان کٽ ورتي ته ماڻھن جا هر گهڙي هشام ۽ طبيعت پُرسي لاء زالين مڙدين ماڻھن جي گهيري ۾ هجي.

ڪو ڏسي اچرج ۾ پئجيو وڃي ته “هل ڀيڻان گلڻ خان، اڄ چمچن ۾ ٿو پاڻي پيئي”

“واه واه گلڻ خان واه، وهاڻي تي ٽيڪ ڏئي جو ويهي ٿو ته ڪو شينهن ڄڻ ويٺو هجي.”

ڊاڪٽرن به جواب ڏئي ڇڏيو ۽ چيو ته “ابا! وڃي ڪي گهڙيون گهر ۾ ئي ويهاريوس ۽ قرآن خوانيون ڪريو”

پٽن ڀائٽن گهر ۾ ته ويهاريس پر هڪ نه ٻي ڏينهن قرآن خوانيون ڪن، ديڳيون لاهن، صدقا ڪڍن.

پر زندگي به ته آخر ڪيتري، پل پورا ٿيڻا هوندا آھن ته پوء ڇا جون خيراتون ۽ ڇا جا صدقا.

اڄ شام جڏھن ڳوٺ ۾ هڪ ٻي پوڙھي گذاري وئي ته سڀئي همراھ اتي ويل هيا، مس وڃي واندڪائي ٿي ۽ رئيس گلڻ خان کي به ڪجھ چوڻ جو وارو مليو ۽ ڀرسان ويٺو هيس صرف وڏو پٽ.

پهريان ته ان کان پاڻي گهريائين ۽ جڏھن ٻه ٽي چمچيون پاڻي جا پي نڙي آلي ڪيائين ته ڳالهائڻ شروع ڪيائين.

“منظور پٽ هڪ راز توکي ٻڌايان ٿو”

منظور ڏانهس وڌيڪ متوجھ ٿيو ۽ سيرانديء کان وڌيڪ سُري ويهي رهيو.

“جي بابا”

“بابا.... ادي ملوڪان ناهي؟”

“ها بابا”

“پر يار منظور، هيءُ ڳالھ اهڙي آھي ڄڻ مئل کي قبر مان ڪڍي ظاهر ڪرڻ”

“بابا ڪهڙي ڳالھ؟”

“بس يار، مولا معاف ڪندو... شال قبر ۾ سڻائي ٿئي ۽ محشر جي سختيء کان مولا پناھ ڏئي”

“بابا مولا پاڪ سڻائي ڪندو، اهڙي وائي ڇو پيا ڪڍو”

“ماڻھين به قبر ڀيڙي ٿي پر اهڙي ته عزت واري جو ڪڏهن به نه چيائين ته تنهنجي منهن ۾ ٻه اکيون،

تون ٻڌي رهيو آھين نه پٽ؟”

“جي بابا”

“ها ته مون ڳالھ پي ڪئي ته ماڻھين به پاڻ سان گڏ هي راز قبر ۾ ئي کڻي وئي”

“ڪهڙو راز بابا؟”

“تنهنجي ڀيڻ ملوڪان......” هو وري خاموش ٿيو

“جي بابا”

“يار توکي ان بابت خبر آھي؟”

“جي بابا خبر آھي؟”

“ڇا خبر اٿئي؟”

“بابا مان ڪيئن چوان پنهنجي واتان!”

“پر وري به ڇا خبر اٿئي؟”

“بابا! اها خبر آھي ته ملوڪان کي اوهان شھر جي ڪنهن چوراهي تان کڻي آيا هيو، ائين نه؟!”

“نه  بابا..... ائين ناهي”

“اصل ۾......” جهٽ کن لاء گلڻ خان خاموش ٿيو ۽ پوء چيائين “جنهن عورت ڄڻيس اها اڃان به جيئري آھي”

“بابا اوهان ان کي سڃاڻو ڇا؟”

“ها مان سڃاڻيانس”

“۽ ملوڪان کي؟!”

“شايد نه، پر جي خبر اٿس به ڪڏھن ٻڙڪ نه ٻوليائين، پر يار جڏھن ملوڪان جي ماءُ مري وڃي ته پوء ڀيڻ کي ان جي قبر تي وٺي وڃجان ۽ چئجانس ته هيء تنهنجي ماءُ جي قبر آھي” رئيس گلڻ خان ڳيت سان پنهنجي نڙي آلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوء چيائين “توکان ننڍي آھي تنهنجي ڀيڻ”

“جي بابا، خبر آھي”

“هن کي به ڪجھ ڪجھ خبر آھي ته اسان يعني مان ۽ تنهنجي ماءُ هن جا اصل ماءُ پيءُ ناهيون پر ڪڏھن به نه ڪُڇيائين ته منهنجا اصل ماءُ پيءُ ڪير آھن، ڪٿي آھن، جيئرا به آھن يا نه؟”

“جي بابا”

“وري ملوڪان ملوڪ اهڙي جو چئي بس ڪر ڪنهن پاڙيواريء هڪ ڏينهن طعنو ڏيندي چيس ته “هل ڙي لڌل”

رئيس گلڻ خان مُرڪيو ۽ پوء چيائين “ڪيتري نه تڪليف ٿي هوندي تنهنجي ڀيڻ کي پر الله...... اهڙيون صبر واريون ته ڪنهن ڪنهن گهر ۾ هونديون آھن ۽ ان طعني واري ڏينهن کان پوء اوچتو منهنجن پيرن تي پوتي اڇلائيندي چيائين “بابا مون کي ڪنهن به ٻئي در نه موڪليو، جيستائين جيئري آھيان هتي ئي هونديس”

رئيس گلڻ خان هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ چيائين

“حالانڪ مان پنهنجي سئوٽ جي پٽ سان هن جو رشتو به طئي ڪري ڇڏيو هيو پر جڏھن نياڻيء پوتي پيرن ۾ رکي ته ڪو به وڌيڪ قدم کڻي نه سگهيس ۽ اڄ سندس مٿي ۾ چاندي چمڪڻ واري اٿس پر ان عمر تائين به پنهنجي عزت کي کير جيان صاف شفاف رکندي آئي آھي” ۽ ڪجھ گهڙين جي خاموشي کان پوء چيائين “پر ٻيلي ڀيڻ جي پارت توکي هر طرح جي آھي”

“جي بابا”

رئيس گلڻ خان اٿڻ جي ڪئي ته منظور ٽيڪ ڏيندي مٿي ڪيس ۽ ٻه کن وهاڻا سوري پٺيء پاسي ڏنائين ۽ رئيس گلڻ خان سنئون ٿي ويهي رهيو.

“مون کي ڪڏھن ڪڏھن ڏک ٿيندو هيو”

“ڪهڙو بابا؟”

“اهو ته جيڪر ملوڪان کي پنهنجي ماءُ سان ملايان ها”

“بابا! پوء اهو ڪم به ڪري وٺو ها ۽ جيڪر اوهان چئو ته مان ئي اهو ڪم ڪريان”

“نه پٽ منظور نه، بدنامي ٿيندي”

“ڪنهن جي بابا؟”

“منهنجي”

“اوهان جي!!!”

“ها پٽ منهنجي ئي بدنامي ٿيندي جو ملوڪان شانان جي ڌيءُ آھي، ڇا تون شانان کي سڃاڻين؟!”

“نه بابا” منظور ڪوڙ ڳالهايو ۽ پيءُ کي ڪيئن ٻڌائي ته چاليهن جي پيٽيء ۾ اڄ به شانان ٽيهن سالن جي لڳندي آھي جيڪا شانان هاڻ هن جي سنگتياڻي آھي.

 

(دريا خان شنباڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۳ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment