Thursday, December 2, 2021

هن شهر ۾ هڪ شهر هو - اختر حفيظ

هن شهر ۾ هڪ شهر هو

(هڪ شهر ۽ پيار جو قصو)

اختر حفيظ



هندستان جي ورهاڱي جتي ماڻهن کان پنهنجي ڌرتي کسي ورتي، اتي اُن سنڌ مان لڏي ويل ماڻهن جي اندر ۾ پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ هڪ ناسٽلجيا کي به جنم ڏنو. ورهاڱو هڪ اهڙو سانحو ثابت ٿيو، جنهن اُن خيال کي جنم ڏنو ته ملڪ آزاد ٿي ويو آهي، اوهين هاڻي ڌرتي ڇڏي وڃو. ان کانپوءِ سنڌ مان جيڪا لڏپلاڻ ٿي، ان ڪري سنڌي ماڻهن جي وڏي انگ هندستان وڃي وسايو. پر ان ورهاڱي جا اولڙا اسان کي ادب ۾ وري به نظر ايندا رهندا آهن. ڪرشن چندر، سعادت حسن منٽو، امرتا پريتم، لڇمڻ ڪومل، علي بابا، ع ق شيخ، ساز اگروال، موهن ڪلپنا، هري همٿاڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي ليکڪن ورهاڱي جي درد ۽ پيڙا کي نثر، افسانوي ادب توڙي ناول جي صورت ۾ پڙهندڙ تائين پهچايو آهي.


تازو ئي جيا جادواڻيءَ جو ورهاڱي واري موضوع تي لکيل ناول “هن شهر ۾ هڪ شهر هو” پڙهڻ لاءِ مليو. جيا جادواڻي هندي ٻوليءَ ۾ لکندي رهي آهي. هندي ٻوليءَ ۾ سندس ڪيترائي ڪهاڻين جا ڪتاب هن وقت تائين ڇپجي چڪا آهن. “مٺو پاڻي کارو پاڻي”، “برف ڪي ڦول”، “وهان مين هون”، “پانچ ڪهانيان”، “اندر ڪي پانيون ۾ ڪوئي ڪانپتا هي” ۽ ٻيا به ڪيترائي ڪتاب هن لکيا آهن.

سندس ناول “هن شهر ۾ هڪ شهر هو”، شڪاپور شهر جي ڪهاڻي آهي. شڪارپور ورهاڱي کان اڳ هڪ اهڙو ته شاهوڪار شهر رهيو آهي، جيڪو دنيا جي خوشحال ترين شهرن ۾ ڳڻيو ويندو هو. اهو ان ڪري به خوشحال هو جو اتان جي گهڻي ڀاڱي آبادي انهن هندوئن جي هئي، جيڪي پئسي پنجڙ ۾ سکيا ستابا هئا ۽ ڪاروباري لحاظ کان به هڪ طاقتور طبقو هئا. اتان جي آرڪيٽيڪچر کان وٺي فلاحي ادارن تائين گهڻو ڪجهه ڏسڻ لائق هوندو هو. هن ناول جي ڪهاڻي ڪراچي شهر ۾ جهاز لينڊ ٿيڻ کان شروع ٿئي ٿي. هڪ سنڌ واسي جيڪو ورهاڱي کانپوءِ هند واسي ٿي چڪو هو، اهو ذوالقفار علي ڀٽي کي مليل ڦاهيءَ وارن ڏينهن ۾ سنڌ ياترا تي ايندو آهي. هن لاءِ ڪراچي ممبئي کان وڌيڪ سهڻو آهي. پر جڏهن هو ڪراچيءَ ۾ لهي ٿو ته کيس جتي ڪٿي سڀڪجهه تبديل ٿيل نظر اچي ٿو، سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ به کيس گهٽ نظر اچن ٿا. ان دوران ناول نگاره ڪردار جي اندر جون جيڪي ڪيفيتون بيان ڪيون آهن، اهي ورهاڱي جي درد جي بهترين عڪاسي ڪن ٿيون. جيئن هڪ هنڌ جيا لکي ٿي ته “مٿي ڪئبن ۾ منهنجي ننڍڙي بئگ پئي آهي، مون سامان گهٽ ۾ گهٽ آڻڻ چاهيو ٿي، جيئن مان پاڻ وڌيڪ ۾ وڌيڪ اچي سگهان.”

هو (نند) ٽن ڏهاڪن کان پوءِ پنهنجي محبوبا سان ملڻ لاءِ شڪارپور وڃڻ چاهي ٿو پر کيس شڪارپور جي ويزا ناهي مليل. پر تنهن هوندي به هو اهو جوکم کڻي ٿو ۽ شڪارپور پهچي ٿو. اها سندس ناسٽلجيا ئي هوندي آهي، جيڪا کيس شڪاپور تائين پهچائي ٿي پر محبوبا لاءِ سندس من ۾ اٻڙڪا ڏيندڙ تانگهه به کيس ان جي سامهون اچي بيهاري ٿي پر جڏهن هو هن جي سامهون اچي بيهي ٿو ته وقت هن جي ۽ سندس محبوبا جي چهري تي ايتريون ته پيريءَ جون ريکائون آڻي ڇڏيون هونديون آهن جو هوءَ کيس سڃاڻي به نه سگهندي آهي پر کيس اهو اطمينان ضرور هوندو آهي ته هن کيس گهر جي بالڪونيءَ ۾ ڏٺو. هو کيس اهو ٻڌائڻ بنا ئي واپس ورندو آهي ته هو ئي سنڌوءَ جو محبوب هو، جيڪو ڪئين ڏهاڪا اڳ ڌرتي ڌڪاڻو بڻجي سنڌ مان هليو ويو هو.

هيءَ ناول جتي ورهاڱي، سڃاڻپ واري سوال، ناسٽلجيا ۽ ڌرتي ڌڪاڻن جي درد کي بيان ڪري ٿو، اتي شڪارپور جي اوج ۽ زوال جي قصن سان ڀرپور هن ناول ۾ نه رڳو سنڌ جي ماضيءَ جون حسناڪيون بيان ڪيون ويون آهن پر ان سان گڏ هڪ اهڙي پيار جي ڳولا به آهي، جيڪو هڪ نوجوان کان ٽي ڏهاڪا اڳ ورهاڱي سبب وڇوڙي ۾ تبديل ٿي ويو هو. اسين سدائين ورهاڱي کي هڪ واقعو سمجهون ٿا پر ان هڪ اهڙي نفسيات کي به جنم ڏنو آهي، جنهن ۾ هندو - مسلم ته الڳ الڳ قومون لکيون ويون پر انهن جي کائڻ پيئڻ جون ساڳيون ئي شيون مذهبي چولو پائي استعمال ٿينديون رهيون. جيئن هن ناول ۾ به “هندو پاڻي ۽ مسلم پاڻي” جو ذڪر ڪيو ويو آهي. پر پاڻيءَ جو ته ڪو مذهب ناهي ٿيندو. مذهب ته ڪنهن اڃايل۽ بکايل جو ٿي سگهي ٿو.

ان کانسواءِ ٻوليءَ جي يتيمي جو ذڪر به ناول ۾ جتي ڪٿي نظر اچي ٿو، خاص طور تي ڪراچي شهر ۾ جتي ورهاڱي کان ترت پوءِ سنڌي آبادي گهٽجي وئي هئي ۽ ان شهر تي انهن ماڻهن اچي والار ڪئي هئي، جن جي نه ٻولي هتان جي هئي نه ئي وري ڪلچر. جيا ناول ۾ هڪ اهڙو ڪردار به ڏيکاريو آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ ڳالهائڻ لاءِ سِڪي ويندو آهي. جڏهن کيس هڪ سنڌي اميگريشن آفيسر ملي ٿو ۽ هو سندس ملاقات پنهنجي پي سان ڪرائي ٿو. جيڪو هن سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائي خوشي محسوس ڪري ٿو ۽ پنهنجين ڪيفيتن کي بيان ڪندي چوي ٿو.

“توسان ڳالهائي سٺو لڳو. هن مهل تائين مان آرسيءَ جي سامهون پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڳالهائي هوس. پر ڪنهن آرسيءَ ۽ ماڻهوءَ ۾ گهڻو فرق هوندو آهي. آرسيءَ ۾ مان پنهنجو پاڻ کي ڏاڍو پرائو لڳندو هوس. پر تنهنجين اکين ۾ ڏسي لڳو ته مان بلڪل تو جهڙو آهيان ۽ ۽ تنهنجي اکين ۾ درد جو رنگ آهي. اڃا هلڪو آهي. هن کي گهاٽو ٿيڻ ڏي. هن کي پچڻ ڏي. وري ڪڏهن هن پاسي اچين ته ملجانءِ ضرور.....”

ناول ۾ جتي به شڪاپور جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اتي ان جي تاريخي پسمنظر کي ضرور پيش ڪيو ويو آهي. گڏيل هندستان ۾ شڪاپور، ڪراچي حيدرآباد ۽ ڪجهه ٻيا شهر تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ هئا، تنهنڪري انهن شهرن جو زوال به تڏهن ئي شروع ٿيو جڏهن هتان کان اصلوڪا ماڻهو لڏي ويا ۽ پويان هڪ اهڙو طبقو رهجي ويو يا هتي لڏي آيو، جنهن وٽ نه سرمايو هو ۽ نه ئي وري ايتري تعليم هئي. ناول ۾ شڪارپور رڳو هڪ شهر ناهي پر هڪ تهذيب جي علامت آهي. جنهن ۾ زندگيءَ جو هر رنگ شامل هو. جيڪڏهن شهرن کي ويران ڪرڻو هجي ته پوءِ اتان کان اصلوڪن ماڻهن کي لڏائي ڇڏجي ۽ ڌارين جي يلغار شهرن کي پاڻهي ئي ڀڙڀانگ ڪري ڇڏيندي آهي. شڪارپور سان به ائين ئي ٿيو. جيتوڻيڪ ناول ۾ ڪانگريس جي سياسي ڪردار جو ذڪر ٿيل آهي پر مسلم ليگ جيڪي ڪلور مذهبي سياست کي هٿي ڏيندي ڪيا هئا، انهن جو ذڪر ناهي.

ورهاڱي جهڙي سانحي کي بيان ڪندي ناول نگاره لکي ٿي.”ورهاڱو صرف ٻاهر ئي نه ٿيو هو.... ورهاڱي ماڻهن جي دلين ۽ چهرن جا نه ڄاڻ ڪيترائي ٽُڪر ڪري ڇڏيا هئا. اڄ پاڻ کي چوان ٿو، تون ڪڏهن طئه نٿو ڪري سگهين ته تون ڪهڙي ٽڪري سان گڏ رهڻ چاهين ٿو؟ تون گهڻو جلدبازيءَ ۾ چونڊي وٺندو آهين ۽ سالن جا سال تو کي خبر ئي نه پئجي سگهندي آهي ته جيڪو تون ڇڏي آيو آهين.... اهو ئي دراصل تنهنجو اصلي ٽڪر هو.”

هيءَ ناول سنڌيءَ جي ڪجهه سٺن ناولن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته هيءَ رڳو ورهاڱي جي حالتن کي بيان نٿو ڪري پر ان مان جنم وٺندڙ انهن نفسياتي مسئلن کي به سٺي نموني چٽي ٿو، جيڪي اڄ به لکين انسانن جي ذهنن تي پنهنجا اثر ڇڏي رهيا آهن. ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ ان کان وڏو ڏک ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو ته هن کان سندس ڌرتي کسي وڃي ۽ هو پنهنجي ڌرتي هوندي به سڄي دنيا ۾ دربدر لکيو وڃي. جيا جادواڻي ناول ۾ ان درد کي سهڻي نموني پيش ڪيو آهي.


(فيسبڪ جي پيج تخليق تان کنيل)

No comments:

Post a Comment