Tuesday, December 28, 2021

ناول پنهون جو جائزو

”پنهون“ ناول جو تنقيدي جائزو

اڪبر لغاري



ادب جا ڪيترا ئي قسم آهن. هڪڙو ادب رڳو عڪاسي ڪندو آهي ۽ ٻيو عڪاسي ڪرڻ سان گڏ مزاحمت به ڪندو آهي. مزاحمت سياسي ۽ سماجي به ٿيندي آهي ته فڪري، نظرياتي ۽ ثقافتي پڻ. منظور ٿهيم جو هي ناول به مزاحمتي آهي، جنهن ۾ مزاحمت جا سڀ ئي رنگ موجود آهن پر سياسي رنگ وڌيڪ نمايان آهي.


ڄام درڪ هڪ سڄاڻ نوجوان آهي جنهن جي يادگيري ۾ اهو ڀيانڪ منظر نقش ٿيل آهي جنهن ۾ ننڍي هوندي هن جي ڳوٺ تي بمباري ڪئي ويئي هئي. هن جي ملاقات هڪ ٻي نوجوان توڪلي سان ٿئي ٿي جيڪو هڪ محبتي، انقلابي ۽ مدبر ماڻهو آهي. توڪلي جي ڳوٺ مان هڪ نوجوان اچانڪ غائب ٿي وڃي ٿو جنهن جو نالو پنهون آهي. پنهون توڪلي جي ڳوٺ ۾ مهمان بنجي آيو هو ۽ ڪوئيٽا يونيورسٽي جو شاگرد هو. هو يونيورسٽي ۾ هر دلعزيز ۽ هڪ انقلابي جي حيثيت سان سڃاتو ويندو هو.

پنهون جي غائب ٿيڻ سان، سڄي بلوچستان جي نوجوانن ۾ سخت بيچيني پکڙجي وڃي ٿي ۽ هو سندس زندگي بابت فڪر مند ٿيندي، هن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏين ٿا. لاهور ۾ نيشنل ڪاليج آف آرٽس ۾ باران بلوچ پڙهي ٿو جيڪوپڻ پنهون وانگر هر دلعزيز آهي. سندس چوياري ۾ سرائيڪي ڇوڪري خديجه، سنڌي ڇوڪري رتنا ۽ اردو ڳالهائيندڙ طلعت آهي. اهي ڇوڪريون مائٽن سان بغاوت ڪري، آرٽس جي تعليم پيون حاصل ڪن. باران انهن کي پنهون بابت پنهنجي فڪر مندي کان آگاه ٿو ڪري جنهن تي سڀئي ڄڻا پنهون جي بازيابي لاءِ ڪوئيٽا جو رخ ڪن ٿا.

ڪوئيٽا ۾ هي گروپ، توڪلي، سندس ڀاءُ پيرڪ، ڄام درڪ ۽ پنهون جي ڀيڻ فرزانه، سڀ گڏجي پنهنجي جدوجهد جو آغاز ڪن ٿا. هو پريس ڪانفرنسون ڪن ٿا، ڪورٽ ۾ پٽيشن دائر ڪن ٿا، باغين سان ملن ٿا، يونيورسٽي جي استادن ۽ شاگردن سان ملاقاتون ڪن ٿا پر پنهون جو ڪو اتو پتو نٿو ملي. آخر هنن جون اميدون دم ٽوڙڻ لڳن ٿيون پر ان وقت توڪلي هڪ وڏو فيصلو ڪري ٿو. هو پنهون جي بازيابي لاءِ، پريس ڪلب ٻاهران، مرڻ گھڙي تائين بک هڙتال تي ويهي ٿو. ٻي ڏينهن، يڪجهتي طور، وڏي تعداد ۾ ماڻهو ساڻس گڏ بک هڙتال تي ويهن ٿا. چند ڏينهن ۾ ميڙ ايترو وڏو ٿي وڃي ٿو جو انتظاميه کي حرڪت ۾ اچڻو پوي ٿو. پريس پنهنجو پورو فرض نڀائي ٿي ۽ جدوجهد هڪ وڏي طوفان ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. هفتي کن کان پوءِ ، پنهون کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪو ڏوه ثابت نه ٿيڻ سبب، ڪورٽ کيس بري ڪري ڇڏي ٿي.

هن ناول جي ٻولي سليس ۽ عام فهم آهي ۽ منجهس پڙهڻ جو چس به آهي. پڙهڻ وقت گھڻو سوچڻ جي ضرورت نٿي پوي تنهنڪري پڙهڻ ۾ رواني اچي وڃي ٿي. ناول ۾ بلوچستان جي سياسي ۽ سماجي حالتن جي تمام سٺي عڪاسي ڪيل آهي. بلوچستان جا هونئن ته گھڻا ئي مسئلا آهن پر انهن ۾ قومي ۽ طبقاتي مسئلا سرِ فهرست آهن. فاضل مصنف، مختلف بحثن جي ذريعي، انهن مسئلن کي خوب نروار ڪيو آهي جن جو تت ڪجھ هن ريت بيهي ٿو:

بلوچن کي وفاق کان شروع کان وٺي شڪايتون رهيون آهن ته وفاق ۾ شامل ٿيڻ سان هڪ ته سندن تشخص ختم ٿي ويو آهي ۽ ٻيو سندن وسيلن تي سندن مالڪي نه رهي آهي. سردار ۽ انهن جا پوئلڳ، وفاق سان گڏ رهڻ نٿا چاهين.

انگريز جي زماني کان وٺي، بلوچ سردار، پنهنجي عوام تي ظلم مٿان ظلم ڪن ٿا پر ڏاڍي جي اڳيان ۽ اقتدار ۾ حصي خاطر، هو غلام ٿيڻ لاءِ به تيار آهن. پڙهيل لکيل نوجوانن جو هڪ تعداد قومي جدوجهد جي بجاءِ طبقاتي جدوجهد جي حق ۾ آهي ۽ هو سرداري نظام مان جند ڇڏائڻ چاهي ٿو. اها سوچ ان وقت تمام زور هئي جڏهن سوويت يونين اڃا زنده هو ۽ افغانستان ۾ سوشلزم اچي چڪو هو. هو چون ٿا ته سرداري نظام جي موجودگي ۾، جيڪڏهن بلوچستان، الڳ ٿي به ويو تڏهن به عام ماڻهو ساڳي ٻوهي ۾ هوندو.

ان کان علاوه، مصنف، فرقيواريت جي باه ۾ ٻرندڙ ۽ سرداري رسمن جهڙوڪ چر ڀيلي ۾ سڙندڙ، غربت، بيماري ۽ جهالت ۾ پچندڙ، بي رحم ۽ غير انساني روايتن جي پڻ چڱي عڪاسي ڪئي آهي.

مجموعي طور ڪردار نگاري به بهتر آهي پر ڪيترن ڪردارن جي ڪردارنگاري اڌوري ٿي محسوس ٿئي. طلعت، رتنا ۽ خديجه جي ڪردارن تي وڌيڪ لکڻ جي ضرورت هئي. شروع ۾ ائين لڳو ته ڄام درڪ مک ڪردار آهي پر اڳتي هلي توڪلي مک ڪردار بنجي ويو ۽ ڄام درڪ ۽ خديجه مددي ڪردار بنجي ويا. پنهون جي ڪردارنگاري به مختصر آهي. پنهون نالو شايد علامتي به آهي ڇو ته سسئي وارو پنهون به پنهنجي دور ۾ کنڀجي ويو هو.

هن ناول ۾ بحثن جي ڪثرت آهي. هر مسئلي تي ڊگها بحث موجود آهن. خديجه، ڪوئيٽا يونيورسٽي ۾ وڃي، اتي جي شاگردن کان ڊگها انٽرويو ٿي وٺي، بلڪل ائين جيئن، سياسي رسالن ۾ ڇپجندڙ ڊگها سياسي انٽرويو هوندا آهن. وري توڪلي جي محفل هجي يا ڪا ٻي چوياري، سڀ جا سڀ دانشورن وانگر ڳالهائين ٿا ۽ ڊگها سياسي توڙي سماجي بحث ڪن ٿا. ان وقت ائين لڳي ٿو ته ڪو سياسي ڪتاب يا رسالو پيو پڙهجي يا ڪو ليڪچر پيو ٻڌجي. ناول جو خيال ئي دل مان محوَ ٿيو وڃي. ناول ۾ جان ان وقت پئجي وڃي ٿي جنهن وقت، توڪلي مرڻ گھڙي تائين بک هڙتال جو اعلان ٿو ڪري ۽ اهو به ناول جي آخري پندرهن صفحن ۾. نه نه ته طويل بحث ذهني طور ٿڪائي ڇڏين ٿا.

بلوچستان جي قبائلي زندگي، عام ماڻهو جي حالتِ زار، سماجي ۽ معاشي ناهمواري وغيره جي خبر به رڳو ڪچهرين ۽ انٽرويوز مان ٿي پوي. قصه گوئي جي کوٽ شدت سان محسوس ٿئي ٿي. قصه گوئي ناول ۾ دلچسپي پيدا ڪندي آهي. هتي ڪجھ ننڍيون ننڍيون ڪهاڻيون ۽ واقعا تخليق ڪري، اهي مسئلا، بيان ڪرڻ جي بجاءِ، ٿيندي ڏيکاريا وڃن ها، ڪجھ ڪهاڻيون سردارن جي ظلم جون، ڪجھ غربت ۽ جهالت جون ته ڪجھ محبت ۽ سخاوت جون به هجڻ گھرجن ها. باقي جيڪڏهن هر مسئلي تان پردو کڻڻ لاءِ ، رڳو گفتگو جو ئي سهارو وٺڻو آهي ته پوءِ ان کي ناول سڏڻ جو تڪلف ڇو ڪجي. ڪو ٻيو نالو به ڏئي سگھجي ٿو.

پنهنجي ڪجھ خامين جي باوجود، هي هڪ بهتر ناول آهي.


 

 

 

ناول ”پنهون“ جو تنقيدي جائزو

ڪليم ٻُٽ

عام طور تي لکڻ جون بنيادي ٽي ڪيٽيگريون آهن، هڪ نصابي لکڻي، جنهن ۾ نصابي ڪتاب ۽ تحقيق کي شامل ڪيو وڃي ٿو، هن قسم جون لکڻيون هميشه نان فڪشن ئي هونديون آهن، سواءِ ادب جي شعبي جي. ٻي آهي صحافتي لکڻي جنهن ۾ خبر، مضمون، فيچر اسٽوري، ايڊيٽوريل، پروفائيل، انٽرويو وغيره شامل هوندو آهن، هي به نان فڪشن هوندي آهي ۽ ٽين قسم جي لکڻين کي ادبي لکڻيون سڏيو ويندو آهي، جنهن ۾ فڪشن ۽ نان فڪشن ٻئي شيون اچي سگهن ٿيون، ادبي لکڻيون يا ته نثر ۾ هونديون آهن يا وري شاعري ۾.

نثر ۾ ناول، ڪهاڻي، ڊرامو وغيره فڪشن ۾ شمار ٿيندا آهن ته وري پروفائيل، ادبي انٽرويو، ڪتاب تي تبصرو، ادبي تنقيد وغيره نان فڪشنل هوندو آهي. سموري دنيا ۾ ادب جي صنف ناول کي تمام گهڻي مقبوليت مليل آهي. ناول هڪ اهڙي صنف آهي جنهن ۾ ليکڪ هڪ خيالي دنيا جوڙي ڇڏيندو آهي، عام طور تي ناول زندگي جي عڪاسي ڪندو آهي. ناول جا به ڪيترائي قسم آهن جهڙوڪر رومانوي ناول، سياسي ناول، تاريخي ناول، سماجي مسئلن تي لکيل ناول، جاسوسي ناول ۽ ڀوائتا ناول وغيره.

ڪو زمانو هو جو ٻڌندا هئاسين سنڌي ٻوليءَ ۾ ناولن جي کوٽ آهي، ناول نٿو لکيو وڃي، هڪ انٽرويو ۾ سنڌ جي مشهور ناول نگار آغا سليم چيو هو ته “ناول لکڻ سالن جو پورهيو آهي، جيئن ته ناول گهڻ رخي ڪهاڻي هوندي آهي ۽ جيستائين ان جي هر پاسي کي نه ڀرجي ايتري تائين ناول اڻپورو هوندو آهي، انڪري اسان ناول جهڙي ڏکي صنف ۾ هٿ وجهڻ کان ڪيٻائيندا آهيون.”

پر هاڻي دنيا جي ٻين ٻولين جيان سنڌي ٻوليءَ ۾ به ججها ناول ڇپجي رهيا آهن ۽ ان ڪري اسان جهڙن پڙهندڙ کي اهو موقعو ملي وڃي ٿو ته سنڌي ۾ ڇپجندڙ ناولن تي پنهنجي راءِ ڏئي سگهون، انهن جي فني پاسن، ڪردارن، ٻولي ۽ پلاٽ تي ڳالهائي سگهون.

ڪجهه وقت اڳ مون سائين منظور ٿهيم جو ناول ”پنهون“ پڙهيو ۽ دل گهريو ته ان حوالي سان ٻه اکر لکجن. ان کان اڳ مان منظور ٿهيم صاحب جو هڪ ٻيو ناول ”گذري وئي برسات“ پڙهي چڪو آهيان، ٻنهي ناولن جو پلاٽ سياسي آهي. هي ناول پنهون روشني پبليڪشن ڇپرايو آهي، ناول جو موضوع اسان جي اڄ جي دور جو اهم ۽ حساس موضوع کنڀي گم ڪيل ماڻهو (ميسنگ پرسنز) آهي، هي موضوع ايترو ته حساس آهي جو ان جو نالو کڻڻ سان لڱ ڪنڊارجو وڃن، پر اها اسان جي سنڌي ليکڪن جي همت آهي جو اهي اڪثر اهڙن موضوعن تي قلم کڻي پرهندڙ جو ڌيان پاڻ ڏانهن ٿا ڇڪائين.

پنهون ناول هڪ اهڙي باصلاحيت نوجوان جي ڪهاڻي آهي جنهن کي کنڀي گم ڪيو ٿو وڃي ۽ ان سان گڏ ناول ۾ سياسي صورتحال، ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندڙ حالتن جو ذڪر ملي ٿو، هي هڪ اهڙو موضوع آهي جيڪو پڙهندڙ کي جذباتي ڪري ڇڏي ٿو ۽ پڙهندڙ اهو سوچڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو ته جيڪڏهن اڄ پنهون کنڀجي ويو آهي ته ڇا سڀاڻي کنڀجڻ جو وارو منهنجو آهي....؟

پر ان هوندي به ناول ۾ ڪجهه ڪمزوريون رهجي ويون آهن، مثال طور طويل مقالما جن کي پڙهندي پڙهندي منجهارو ٿئي ٿو ۽ هڪ ڳالهه کي ٻئي ڳالهه سان ڳنڍڻ ۾ ڏکائي ٿئي ٿي. ناول رڳو ڪنهن واقعي يا حادثي کي خبر جيان بيان ڪرڻ جو نالو نه آهي، ناول زندگي جي علامت هوندو آهي هڪ سٺو ناول نگار پنهنجي ڪردارن کي زندهه ڪري پيش ڪندو آهي ۽ ناول پڙهڻ دوران ائين لڳندو آهي ته اهي ڪردار افسانوي بدران حقيقي ڪردار آهن. اهي ساهه کڻندا آهن، هلندا آهن، خوش ٿيندا آهن، ڏکي ٿيندا آهن ۽ انهن جذبن جو اظهار به ڪندا آهن، جيڪو هن ناول ۾ گهٽ ڏسڻ وٽان ملي ٿو. ٻيو اهو ته هن ناول دوران ليکڪ اها ڪوشش ڪئي آهي ته وڌ کان وڌ شيون ناول ۾ رکجن، جنهن سان اهو ٿيو ته اهي ڳالهيون به ناول ۾ اچي ويون آهن جن جي ضرورت نه هئي.

سنڌي ٻولي جو وڏو ڊراما نويس عبدالقادر جوڻيجو صاحب چوندو آهي ته اصل آرٽ اسٽوري ٽيلنگ هوندو آهي، سڄي دنيا جا اديب ان تي محنت ڪندا آهن، ادب جو ڪمال اهو نه آهي ته اوهان ڇا ٿا چئو، پر ادب جو ڪمال اهو آهي ته اوهين ڇا کي ڪيئن ٿا چئو؟ ناول پنهون پڙهندي به ڪيترين ئي جاين تي اهو محسوس ٿئي ٿو ته ناول بدران ڪا انويسٽگيٽو رپورٽ پئي پڙهجي، جنهن تي به ڌيان وڃي ها.

اميد آهي ته هن ناول جي ايندڙ چاپن ۾ انهن ڳالهين کي ڌيان ۾ رکيو ويندو ۽ ناول پنهون سنڌي ٻولي جي اهم ناولن ۾ شمار ٿيندو.


 

ناول پنهون جو جائزو

ناول نگار: منظور ٿهيم

جائزو: ڊاڪٽر پيار علي جتوئي

لکڻ ئي محض ضروري ناهي، بلڪه هر اها شي جيڪا پنهنجي اصل ۾ جيئن آهي ان کي اهڙي طرح بيان ڪرڻ ۽ ان جي گرد موجود رهڻ، مرده شين ۾ ساه وجهڻ، زندگي خاموش نظم کان جذبن ۽ آدرشن جي صورت ۾ بيان ڪرڻ، زندگي سان سرشار هجڻ، لفظ، ٻولي ۽ خيال جو سنگم ئي دراصل (لکڻ) آهي. اهڙي قسم جي لکڻي جو مان هميشه متلاشي رهيو آهيان ۽ بلاشبه منظور ٿهيم جي ٻن ناولن پنهون ۽ منڇر ۾ مونکي ان معيار جي لکڻي جو احساس ٿئي ٿو. منظور بحيثيت فرد ۽ منظور بحيثيت رائيٽر مون لاءِ باعث فخر رهيو آهي. مان زندگي ۾ تمام ٿورن ماڻهن مان متاثر ٿيو آهيان، ڇاڪاڻ ته مون جهڙو ماڻهو جنهن زندگي کي بيحد قريب سان ڏٺو آهي، ڪيترن ماڻهن جي ويجهو اچڻ کانپوءِ پاڻ مٿان هڪ قسم جي رحم جوڳي حالت کي حاوي ٿيندي محسوس ڪيو آهي. ماڻهو ڪيترن موقعن تي بي تڪا، ۽ بي معني نظر اچن ٿا. هي جيڪي شخصيتون جن کي وڏا ماڻهو چئي مخاطب ٿيون ٿا.  جيڪي اسان کي ڪتابن جي ٽائيٽل تي ملن ٿا يا جيڪي اخبارن جي سرخين ۾ نظر اچن ٿا، حقيقت ۾  ڪيترن موقعن تي انهن مان  ڏاڍو نااميد ٿيو آهيان. هي وڏا ماڻهو جن جي شان ۾ اسين گيت ڳائيندي ٿڪبا ناهيون، انهن مان اڪثر تمام ننڍڙا ۽ بندرا، هلڪڙا ماڻهوهوندا آهن. تنهنڪري مان هميشه ڊپ ۾ رهندو آهيان ته ڪٿي منهنجي دل آزاري نه ٿي پئي..

پر منظور سان ملڻ جو  تجربو مختلف رهيو. هي شخص الاهي مختلف آهي. منظور ٿهيم سان هڪ دفعو ملڻ کان پوء بار بار ملڻ لئه اتاولو ٿيندو رهيس ۽ اها سڪ اڃا وڌندي رهي. سائين تمام گهڻي عزت ڏيندڙ، هڪ سچو پچو ڪامريڊ، هڏڏوکي ۽ درد دل رکندڙ انسان آهي. سائين يارن جو يار آهي ۽دوستي نڀائي ڄاڻي.منظور ٿهيم صاحب ظاهري طور طبيعت ۾ جيترو ماٺيڻو، صابرين ۽ سٻاجهو آهي سندس قلم ۾ انجي ابتڙ انقلابيت، سرفروشي، ۽ مدلل دليل نظر اچن ٿا.بلڪل ائين جيئن سائين تقرير ۾ جيترو پراثر، جذباتي نظر ايندو آهي، لکڻ وقت ان کان به وڌيڪ پراثر ۽ انقلابي نظر ايندو آهي. شيخ اياز جي شعر وانگر، “ٿي تند وڙهي تلوارن سان” وانگر۽ جهڙو..

ڪالهه مون سندس ڪتاب منڇر ۽ ان کان اڳ ۾ پنهون پڙهيو هو. ڪي ماڻهو رياست کي ماءُ سان ڀيٽ ڏين ٿا. منظور ائين نه ٿو سمجهي. هي ائين سمجهي ٿو ته رياست، خاص طرح پاڪستان جي رياست، جبر جي اعلي شڪل آهي جيڪا جبر کانسواءِ قائم نه ٿي رهي سگهي. جنهن ملڪ جي قديم قومن جي سماجي، سياسي ۽ ثقافتي قدرن کي تباه ڪري پنهنجا انسان دشمن قدر قائم ڪيا آهن. ۽ اهو به جبر وسيلي. پنهون ناول دراصل ان جبر ۽ ناانصافي جي پيداوار آهي جيڪا پاڪستان جي رياست پنهنجن ماڻهن سان روا رکي ٿي. جيڪا هر وقت سنڌين ۽ بلوچن مٿان ظلم جا پهاڙ ڪيرائيندي رهي ٿي. مسنگ پرسن جي تاريخي تقسيم کان به پوءِ خاص طرح  جنرل مشرف واري دور ۾ عروج تي پهتي. جيڪو سنڌين کي ڌاڙيل  ۽ بلوچن کي غدار ڪري مخاطب ٿيندو هو. اهڙيء طرح هتان جا سنڌي توڙي بلوچ جوان هر روز کنڀجندا رهيا ۽ هاڻ تائين کنڀجندا رهن ٿا ۽ وڏي ڳالهه ته انهن کي اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به ڪورٽ ۾ پيش ناهي ڪيو ويو. ڪا ئي داد و فرياد ناهي. ڪيئي مائرن جون جهوليون اجڙي ويون، ڪيئي ونيون جون سينڌيون ميريون ٿي ويون، ڪيترين جوانڙين جا ڳڀرو عاشق ڪهبا رهيا. وري ٻئي طرف کنڀجي گم ٿيلن جي باري ۾ ڳالهائڻ به جرم. منظور صاحب جي اها همت چئبي جو سائين نه رڳو ان موضوع کي شاندار ادبي ڪمال سان پيش ڪيو آهي. جيڪو پنهنجي طرح سان جرعت جو ڪم آهي ئي آهي پر ساڳي وقت، ادب ۾ هڪ شاهڪار صنف جو اضافو به آهي. اهڙي طرح منڇر ناول به سنڌ جي مٽي پاڻي جي ذريعن خاص طرح منڇر ڍنڍ ۽ انجي مهاڻن متعلق هڪ شاندار تحرير آهي جيڪا ٻڌائي ٿي ته انهن منڇر جي آلوده ٿيڻ کانپوءِ انهن مهاڻن جو ڇا ٿيو ۽ ڪيڏانهن ويا؟ سنڌ جي نوجوانن کي هي ٻئي ناول ضرور پڙهن گهرجن ڇاڪاڻ ته هڪ وڏي عرصي کانپوءِ سنڌي ادب پنهنجي فڪر ۽ اسلوب ۾ جاندار ٿي اڀريو آهي جنهن کي ڀليڪار ڪرڻ گهرجي ۽ مان ڏجي.

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد جي ڪاوش مئگ ۲۲ آگسٽ ۲۰۲۱ع ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment