Monday, December 27, 2021

انصاف جو بدلو - دريا خان شنباڻي

انصاف جو بدلو

مختصر ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي



مون کي نوڪري ڪندي ويهون سال آھي، مان پنهنجي ڳوٺ کان ڪي سال پهريان سائيڪل تي چڙھي شھر ويندو هيس ۽ پوء اتي سائيڪلن واري دوڪان تي سائيڪل بيهاري اتان کان وري ڊگهي ٻوٿ يا گول باڊين واري بس تي چڙھي ضلعي شھر ۾ پنهنجي نوڪري/دفتر ويندو هيس ۽ جڏھن دور بدليو ته مون بائيڪ خريد ڪئي ۽ بائيڪ به ڪنهن دوڪاندار دوست جي دوڪان سامهون بيهاري ساڳي شھر نوڪري لاء ويندو آھيان ۽ واپس اچي بائيڪ ڪاهي سودو سامان وٺي گهر ايندو آھيان.... مون کي چار ٻار آھن، آچر تي دفتر کان موڪل هوندي آھي ۽ ٻيا هفتي جا سمورا ڏينهن نوڪريء تي ويندو آھيان. نوڪري جي پابندي سبب مان ڪٿي به نڪري ناهيان سگهندو، ڪٿي به گهمڻ ڦرڻ ته پري جي ڳالھ پر شادين مُرادين تي به گهٽ وڃڻ ٿيندو آھي ان ڪري اهڙن ڪمن جو ذمو منهنجي ننڍي ڀاءُ کنيو آھي، مان هن سان مالي معاونت ڪندو رهندو آھيان، وقت هُو ٿو سيڙائي ته پئسا ته ظاهر آ مون کي خرچ ڪرڻا پوندا نه.


پابنديء سان نوڪري ڪرڻ ڪري مان پنهنجي ڌرتي جا ماڳ مڪان صفا گهٽ ڏٺا آھن، موهن جو دڙو به تڏھن گهمي آيس جڏھن مان اٺين درجي ۾ پڙھندو هيس، حيدرآباد صرف انهن ڏينهن ۾ ويس جڏھن مون کي نوڪريء جو آرڊر مليو ۽ اتان ميڊيڪل وغيره ڪرايم بس انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد ڏٺم. ڪراچيء به هڪ اڌ دفعا ويس جڏھن بابا بيمار ٿيو هيو ۽ سول اسپتال ڪراچي ۾  داخل هيو. بابا سان گڏ منهنجو وڏو مرحوم ڀاءُ هيو ۽ مان هڪ ٻن ٻين قريبي رشتيدارن سان بابا کي ڏسڻ ويس، نه ته ڪڏھن سمنڊ ڏٺو اٿم نه قائداعظم جي مزار.... منهنجي زندگي صفا مشيني انداز سان گذري آھي. ڪوٽڏجيء جو هوندي به ڪڏھن ڪوٽڏجي نه ڏٺم باقي ڪوٽڏجي جو وڏن ڪڙولن وارو دروازو ٻاهران کان ڏٺل آھي.

مان جنهن شھر ۾ پنهنجي بائيڪ بيهاريندو آھيان اهو تڏھن ننڍڙو شھر هو جڏھن مان سائيڪل تي چڙھي ايندو هيس. هينئر اهو شھر ڪافي ڦھلجي چڪو آھي.

مان جتي نوڪري ڪندو آھيان اهو ضلعي هيڊ ڪوارٽر آھي.

مون مٿي ٻڌايو آھي ته منهنجي نوڪريء کي ويھ اڪويھ سال ٿيڻ وارا آھن ۽ لائين تي جيڪي گاڏيون هلنديون آھن انهن گاڏين جا ڪنڊيڪٽر ۽ ڊرائيور سڃاڻيندا آھن ۽ “صاحب” چئي مخاطب ٿيندا آھن. اهو به دور هو جڏھن ڀاڙو ڏھ روپيا هوندو هو ۽ اڄ خير سان ستر روپيا ڀاڙو ٿي چڪو آھي.

مان صبح جو سوير گاڏيء ۾ ويهي نوڪريء لاء ويندو آھيان ۽ منهنجي شھر کان پوء جيڪو اسٽاپ آھي اتان هڪ عورت ٻئين ٽئين ڏينهن تي چڙھندي هئي، ان ڳالھ کي به چار پنج سال ٿيا آھن. اها عورت ڏاڍي سهڻي ۽ کهيء واري هئي. مون کي هڪ دفعي ڊرائيور ٻڌايو ته، “جيڪا عورت فلاڻي اسٽاپ تان چڙھندي آھي اها عورت ڪنهن ڪيس جي سلسلي ۾ ڪورٽ ويندي آھي. ۽ اهو پڻ ٻڌايائين ته سندس ٻارهن سالن جي پٽ کي پنهنجي ڪنهن مائٽ گوليون هيون ۽ ٿڏي تي ئي مري ويو. مائي پنهنجي پٽ جي ڪيس جي پوئواري ڪرڻ هر ٽئين چوٿين ڏينهن ڪورٽ ويندي آھي، جيڪي سندس پٽ جا قاتل آھن انهن مائيء کان خون بخشرائڻ لاء وڏا وس ڪيا، ايستائين جو مائيء جي در تي قرآن پاڪ ۽ نياڻيون به ميڙ وٺي ويا پر مائيء پڇاڙيء تائين خون نه بخشيو ۽ مائي پنهنجو ڪيس بنا ڪنهن وڪيل جي پاڻ وڙھندي رهي.”

جڏھن مون کي اهي ڳالهيون ڊرائيور ٻڌايون ته مون کي ان عورت ۾ ٿوري دلچسپي وڌي وئي ۽ منهنجي دل چوندي هئي ته ان عورت سان هڪ دفعو ملان ۽ سموري وارتا پڇي وٺانس. پر مون کي ان جي همت ان ڪري به گهٽ ٿي جو هڪ ته هوء مون کي سڃاڻيندي نه هئي ۽ ٻيو ته هوء ڪا پوڙھي سوڙھي عورت نه هئي، هوء ته اڃان ڏيک ويک ۾ جوان به هئي ته خوبصورت پڻ.

هڪ ڏينهن همت ڪندي گاڏيء مان لهي ان عورت جي ڪڍ ويس، هوء ڪورٽ جي ان ڪمري ۾ گهڙي جتي جج فيصلو ٻڌائيندو آھي. مان دروازي تي ڪجھ پل بيهي پنهنجي آفيس هليو آيس.

ڪجھ ڏينهن کان پوء مون اڳلي ڏينهن جي موڪل لکي ورتي ۽ پنهنجي شھر کان گاڏيء تي ويٺس ته اها عورت به پنهنجي اسٽاپ تان ويٺي. جڏھن گاڏي ضلعي هيڊ ڪوارٽر پهتي ته مائيء سان گڏ مان به لٿس ۽ هوء اڳيان هئي ۽ مان پٺيان. ڪورٽ ٽائيم ۾ اڃان اڌ ڪلاڪ کن هيو جو هوء ڪنهن وڪيل جي آفيس جي ديوار جي ڇانو ۾ رکيل بينچ تي ويهي رهي. مان به دل ٻڌي وڃي ان عورت جي ڀرسان ويهي رهيس ۽ پوء هن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندي چيم “هاء هاء، ڪٿي آھي اڄوڪين ڪورٽن ۾ انصاف”

هوء ڪجھ به نه ڪُڇي ۽ مون هڪ دفعو ٻيهر ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندي پڇيو “ڀيڻ! هتي اوهان خيريت ۾ اينديون آھيو؟”

“ڀلا ڪورٽن جا چڪر خيريت ۾ ڏبا آھن ڀائو”

“بلڪل به نه”

اڃان ڳالهائي ئي رهيا هياسين جو هوء اٿي ۽ ڪورٽ ڏانهن وڃڻ لڳي ۽ مان ڪلاڪ سوا بينچ تي ئي ويٺو رهيس.

عورت نڪتي ته هوء واپس وڃڻ لڳي ۽ مان وري هن جي ڪڍ هلڻ لڳس. اسان ٻئي اسٽاپ تي آياسين گاڏي آئي ته ٻئي پنهنجي پنهنجي منهن ويهي رهياسين.

مهينو سوا کن ڇڏي مون هڪ ڏينهن وري آفيس مان موڪل ڪئي.

هن دفعي مون پڪو ارادو ڪيو ته مائيء کان تفصيل وٺي رهندس سو هوء جيئن ئي گاڏيء مان لٿي ته مان هن جي ڪڍ هلڻ بجاء پاسي سان هلندي چيم “ڀيڻ مون کي سڃاڻين ٿي؟” ته چيائين “ڀائو مون کي اوهان جي نالي جي ته خبر ناهي باقي اوهان کي گاڏين تي ايندي ويندي ڏسندي رهندي آھيان ۽ اڳين ڏينهن ڪورٽ جي ٻاهران به پنهنجي وچ ۾ ٿوري گفتگو ٿي هئي.”

“جي جي بلڪل” مون چيو ۽ مان هن سان گڏ هلندو رهيس ۽ وڌيڪ چيم “ڀلا اوهان جو هتي ڪورٽ ۾ اچڻ وڃڻ خيريت ۾ آھي؟”

“ڀائو ڪورٽ ڀلا خيريت ۾ اچڻ ٿيندو!”

“پر پوء به؟!” مون چيو

“ڀائو اصل ۾ مان هتي جج جو انصاف ڏسڻ ايندي آھيان”

“جج جو انصاف!!!” مون کي ٿوري حيرت ٿي.

“ها مان انصاف ڏسڻ ايندي آھيان”

“پر مون ته ٻڌو آھي تنهنجو ڪو پٽ قتل......” مون ايترو چيو ته هن منهنجي ڳالھ ڪٽيندي چيو “ان جو خون ته مون ٻه ٽي سال پهريان بخشي ڇڏيو آھي”

“جڏھن اوهان خون بخشي ڇڏيو آھي ته پوء هتي اچڻ جو ڪو مقصد؟” مون اهو سوال پڇيو جو ڪورٽ جي دروازي تائين اسان ٻئي پهچي وياسين ۽ هوء اندر هلي وئي ۽ مان ٻاهر بيهي رهيس.

مون ان عورت جو ڪافي انتظار ڪيو پر هن ٻاهر نڪرڻ ۾ ڏاڍي دير ڪئي.

مان آخرڪار هليو آيس ۽ منهنجي اندر ۾ اڻ تڻ وڌي وئي ته آخر ان عورت جي اچڻ جو مقصد ڪهڙو آھي.

جيئن ته منهنجي دل هاڻ نوڪريء ۾ گهٽ لڳڻ لڳي هئي.

آفيس وارن طرفان مون کي دڙڪا ملڻ لڳا ته مون کي آخر ڇا ٿي ويو آھي.

انهن جي سوالن جا جواب مون وٽ ڪوڙ ڳالهائڻ کان سواء ڪونه هيا ۽ گهروارن کي ته اها خبر ئي نه هئي ته مان آخر ٻئي ڪنهن جي معاملي ۾ اٽڪجي پيو آھيان. اهي خوش ته مان روزانو آفيس ٿو وڃان نه ڄاڻ ته مان هڪ عورت جي معاملي ۾ الجهي پيو آھيان. توڙي جو مان ڪنهن غلط ڪم ۾ ته ڦاٿل ڪونه هيس پر ڦاٿل ته ضرور هيس. هڪ اهڙو معاملو جنهن ۾ منهنجو ڪوبه نه نفعو نه نقصان هيو پر پوء به ڪڏھن ڪڏھن وقت جو زيان سمجهندو هيس. دنيا ۾ جيڪي به معاملا ٿي رهيا آھن ڇا ڀلا ضروري آھي جو انهن جي خبر چار رکجي سو ڪڏھن ڪڏھن اهو عهد ڪندو هيس ته مان هاڻ ان عورت سان ڪونه ملندس پر صبح جو منهنجا ارادا تبديل ٿي ويندا هئا ۽ مان هڪ دفعو وري عورت جو ڪورٽ تائين پيڇو ڪرڻ لڳندو هيس. مان بار بار ڪڏھن به ان عورت جي پچر تڏھن نه ڇڏيان ها جڏھن هوء هڪ ئي دفعي ۾ منهنجن سوالن جا جواب ڏئي ڇڏي ها پر هر دفعي منهنجا سوال ته پورا پر هن جا جواب اڌورا هوندا هئا. مون کي هڪ ئي دفعي هوء ٻڌائي ڇڏي ها ته هن جڏھن پنهنجي پٽ جو خون به بخشي ڇڏيو آھي ته پوء آخر هوء ڪورٽ ڇو ٿي وڃي!!

منهنجو سوال هن دفعي هن جي جواب جي انتظار ٽنگيل هيو جڏھن مون هن کان پڇيو ته “جڏھن پٽ جو خون به بخشي ڇڏيئي ته پوء ڪورٽ ڇو ٿي اچين؟!”

مون کي ان سوال جو جواب گهرجي پيو محض ان ڪري ته جيئن مان اطمينان سان ننڊ ڪري سگهان ۽ جيڪو معاملو منهنجو به نه هيو ته پوء ڇو منهنجي ننڊ ڦٽي ٿي؟

تڏھن مون کي اهو خيال آيو ته هيء سموري دنيا ڪنهن سوال وانگر آھي. جيڪڏھن دنيا ڪنهن جواب وانگر هجي ته جيڪر ماڻھوء ۾ ايتري بيچيني ۽ بيقراري هجي ئي نه. هيء ڪائنات جواب هجي ته هي خون خرابا، هي گهمڻ ڦرڻ، روزي رزق جي تلاش، هي ڪوڙ ۽ فريب، مذهبي ۽ سياسي دغابازيون، ڏک ڏولاوا هجن ئي نه. هنن سڀني خرابين جي پاڙ اهي سوال آھن جيڪي جواب جي انتظار ۾ ڌرتيء کان آڪاش تائين ٽنگيل آھن.

منهنجو سوال به ائين ئي ان عورت اڳيان ٽنگيل هيو سو ٻئي ڏينهن مان آفيس ته وڃي رهيو هيس پر سوچيم پهريان ان عورت سان ملان ۽ پنهنجي پڇيل سوال جو جواب پڇان تنهن ڪري مان ڪورٽ پهتس ۽ ٿوري دير کان پوء اها عورت به اچي پهتي ۽ مون تي نظر پوندي هن رستي مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پر مون به اڳ وٺندي چيو “ڀيڻ منهنجي ڳالھ ٻڌو”

“جي ڀائو ٻڌايو”

“ان ڏينهن اوهان منهنجي سوال جو جواب نه ڏنو”

“ڪهڙو سوال!!”

“اهو ته جڏھن اوهان پنهنجي پٽ جو خون بخشي چڪا آھيو ته پوء هتي ڪورٽ ڇو ٿيون اچو؟”

“ان سوال جو جواب ڪونه ڏينديس”

“ڇو ڀلا؟” مون مرڪندي چيو.

“اوهان ٿيندا آھيو ڪير ذاتي سوال پڇڻ وارا” هوء ڪجھ تلخ ٿي پئي.

“جيڪڏھن ان جو جواب اوهان جي ذات سان آھي ته پوء مان واپس هليو ٿو وڃان ۽ مان اهڙي سوال تي اوهان کان معافي به وٺان ٿو”

“معافي جي ڳالھ ناهي، باقي اوهان وڃي سگهو ٿا”

ان ڏينهن مان پنهنجي آفيس هليو ويس ۽ ذهن ۾ اڃان به اهو ئي سوال ته آخر عورت ڪورٽ اچي ڇو ٿي!!

منهنجي تجسس ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ايندو ٿي ويو ۽ هاڻ ڄڻ اهو منهنجو ذاتي معاملو ٿي پيو هو.

ڳالھ هئي جيڪا وسري ئي نه پئي. ننڊ مان اڌ رات جو جاڳان به ته اهو سوال ۽ تجسس. رستي ويندي هلان به اهو سوال... پنهنجي اندر سان به کوڙ ڪروڌ ۽ ڪاوڙ ڪيم ۽ پاڻ تي لعنت ملامت به ڪيم پر سوال هو جيڪو “جواب” پيو ڳولي.

هڪ صبح جو مان گهران سوير نڪتس ۽ اچي گاڏيء ۾ ويٺس ۽ ڪورٽ پهتس ۽ وڪيل جي آفيس جي ديوار جي ڇانو ۾ رکيل ان بينچ تي ويهي رهيس جنهن بينچ تي هڪ دفعو اڳ به مان ان عورت سان گڏ ويهي ڳالهائڻ جي شروعات ڪئي هئي. مون کي ويٺي ڪي ڏھ پندرهن منٽ ٿيا هوندا جو اها عورت به آئي ۽ هن دفعي هن جي مون تي نظر پوندي رستو نه مٽايائين ۽ سڌو اچي بينچ تي ويهي رهي. مون هڪ لفظ به نه ڳالهايو ته عورت پاڻ ڳالهائڻ جي شروعات ڪئي.

“اوهان هتي ڇو ايندا آھيو ڀائو؟”

“مون کي هتي ڪورٽ ۾ ته ڪو ڪم ناهي هوندو پر يقين ڪريو ته مان هتي اوهان جي ڪري ايندو آھيان” مون دل ٻڌي هن سان سچي ڳالھ ڪري ڇڏي.

هن کي ڪا به حيرت نه لڳي ۽ نه ئي منهن ۾ گهنج پيس پر ايترو چيائين “ڀائو مسئلو اهو آھي ته مان هڪ عورت آھيان ان ناتي ڪنهن غير مرد کي ڪي ڳالهيون نه ٿي ٻڌائي سگهان”

“اوهان کي ياد آھي مان پهرين ئي ملاقات ۾ اوهان کي ڀيڻ چئي مخاطب ٿيو هيس”

“جي بلڪل ڀائو، مان به ته اوهان کي ڀائو ڪري سڏيو”

“اها اوهان جي مهرباني پر منهنجي اندر ۾ ايتري ته بيچيني ۽ بيقراري آھي جو اوهان ان جو اندازو نه ٿيون لڳائي سگهو”

“ڇا جي بيچيني ۽ بيقراري؟” هن مرڪندي پڇيو.

“اها ته اوهان هتي آخر اچو ڪهڙي ڪم سان ٿيون؟” مون چيو.

“اوهان مون کي ڀيڻ چوڻ ڇڏي ڏيو ته مان اوهان کي ٻڌائي سگهان ٿي”

“ائين ڇو؟!!” مون تعجب وچان چيو.

“ان ڪري جو هڪ ڀيڻ ڀاءُ اڳيان اهڙي ڳالھ نه ٿي ڪري سگهي”

“ڇا مطلب!!” مان وڌيڪ متعجب ٿيس.

“بس آھي ڪائي وجھ”

مون هڪ ٿڌو ساھ ڀريو، ائين ڄڻ مان لفظ ڀيڻ پنهنجي اندر مان تڙي ڪڍي رهيو هيس پر هڪ رشتو هيو جيڪو جڙي چڪو هو سو ان کي ڪڍڻ ڏاڍو ڏکيو هو.

هوء مون ڏانهن بغور ڏسڻ لڳي ۽ مان ڦڪي مرڪ مرڪي رهيو هيس.

“ڇا خيال آ؟” عورت ڄڻ مون کي ٽوڪڻ لڳي.

“ٺيڪ آھي” مون به چئي ڏنو.

“جيڪڏھن اوهان کي اوهان جي سوال جو جواب ملي وڃي پوء ته پيڇو ڇڏيندو نه؟”

“ها بلڪل” مون جلدي جلدي حامي ڀري ورتي.

“ته پوء ٻڌو، جڏھن منهنجي پٽ کي گوليون لڳيون هيون تڏھن مون ڪورٽ جو در کڙڪايو.... منهنجو مڙس ته ڪي سال اڳ فوت ٿي چڪو هو، اولاد ۾ مون کي ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءُ هئي ۽ منهنجي وڏي پٽ کي ننڍڙي عمر ۾ پنهنجي ئي مائٽ گوليون هنيون. باقي بچيا هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءُ.... مون کي اڄ به زمين جو ٽڪرو آھي جنهن مان ان داڻو ۽ سبزي وغيره ٿيندي آھي. منهنجي پٽ جا قاتل طاقتور هيا سو انهن مهانگا وڪيل ڪيا، جج خريد ڪيائون ۽ ائين هو ٻاهران ضمانتون ڪرائي آزاد گهمندا رهيا. مان رن زال آخر ڪيتري ڀڄ ڊُڪ ڪيان ها پر پوء به ڏاڍي ڀڄندي ڊڪندي رهيس. منهنجي پٽ جا قاتل مون کي خريد ڪرڻ لاء وس ڪندا رهيا پر وڪاڻس مان به نه ۽ نه ئي انهن کان ڊنس به سهي. انهن پنهنجا وس هلايا ۽ آخرڪار ان نتيجي تي پهتا جو مون ڏي ميڙ به کڻي آيا.

جيئن ته مان ڪو وڪيل به نه پي ڪري سگهيس ۽ ٻيو ته مان هڪ ڪمزور عورت هيس سو بهتر اهو ڀانيم ته پٽ جو خون بخشي ڇڏيان ۽ نيٺ مجبوريء وچان خون بخشي ڇڏيم پر مون کي پٽ جي قاتلن کان وڌ ججن تي ڪاوڙ آئي ته آخر اهي ڇو نه ٿا چاهن ته ڪيس اڪلجندا وڃن.

هڪ دفعي مان جج سان جج جي ڊرائيور جي معرفت مليس ۽ جج سان وڃي ملاقات ڪيم ته جج خون بخشائڻ تي ناراض ٿي پيو.

مون به کيس ڇنڊ پٽيندي چيو ته “اوهان انصاف ڪيو ته ماڻھو خون نه بخشين، اوهان انصاف نه ڪندو ته ماڻھو ويچارا نه صرف خون بخشيندا پر اهي وڪامجي به ويندا”

“تو گهڻا پئسا ورتا آھن؟” جج مون کان پڇيو پر مون جج کي چيو “مان ڪا جج ٿورئي آھيان جو پئسا وٺنديس، مون قرآن پاڪ تي خون بخشي ڇڏيو ۽ اوهان جهڙن ججن آسري خون بخش نه ڪيان ها ته بندوق کڻي قتل ڪيان ها؟”

مون ڏٺو ته جج جو چهرو صفا وسامجي ويو ۽ ٿوري دير کان پوء چيائين “تون اڳ ۾ ملين ها ته شايد مان تنهنجي پٽ جي خون سان انصاف ڪيان ها” مان جج جي ٻولي ۽ نيت سمجهي ويس سو چيم “جيڪڏھن اڄ به مان توسان ملان ته تون انصاف ڪندين؟”

“ها ڇو نه” جج مون کي چيو.

“ته پوء هي تون ۽ هي مان” مان پنهنجو چولو کڻي مٿي ڪيو.

“تون ته پنهنجي پٽ جو خون بخشي چڪي آھين هاڻي ڪنهن لاء انصاف ٿي چاهين؟”

“مان انهن غريب ۽ بي پهچ ماڻھن لاء انصاف ٿي چاهيان جن جي اميد اڄ به ڪورٽون آھن”

“ته پوء ٺيڪ آھي جيستائين تون ملندي رهندينء مان انصاف ڪندو رهندس” سڄو قصو ٻڌائي عورت خاموش ٿي وئي ۽ پوء بينچ تان اٿندي چيائين مان صرف هر ٻئين ٽئين ڏينهن اهو ڏسڻ ايندي آھيان ته اڄ جج انصاف ڪيو يا نه! جنهن ڏينهن به ڪو فيصلو ٻڌائيندو آھي ان ڏينهن مان گهر واپس ڪونه ٿيندي آھيان ۽ اها رات مان جج سان گذاريندي آھيان ۽ انصاف جو بدلو چڪائيندي آھيان”

ائين چئي هوء ڪورٽ ڏانهن وڃڻ لڳي.

 

(دريا خان شنباڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۹ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment