Thursday, December 30, 2021

ٻه جريب زمين - وفا صالح راڄپر

ٻه جريب زمين

مختصر ڪهاڻي

وفا صالح راڄپر



جون جي جوڀن جا ڏهاڙا هئا، ڪانءَ جي اک پئي نڪتي. ٽاڪ منجهند جو ٽاڻو هو. ڌنار مال ويهڪين تي ويهاري، ماني ڳڀي لاءِ گهرن ڏانهن پئي موٽيا. ڪي ڌنار ته مال کي ورائي ڳوٺ ڏانهن پئي آيا. ڏينهن جي ڪاڙهي واري تپش مال ڀٽاري کي به ساڻو ڪري وڌو هو. ڄڀون ٻاهر نڪري آيون هئن. دم ساهه جي بيماريءَ ۾ ورتل ماڻهوءَ جيان ساهه جو هانبارو پئي لڳن. سج جي ڪوساڻ کان بچڻ لاءِ ڌنار ويچارا انگوڇا پوتڙا پاڻيءَ ۾ پسائي مٿي تي رکيون پئي آيا.


ڳوٺ جي اڀرندي پاسي وڏي اوطاق ۾ نم جي گهاٽيءَ ۽ ٿڌيري ڇانوَ هيٺان ڳوٺ جا ماڻهو پٽ تي پراڻيون رليون ۽ تڏو وڇائي تاس راند کيڏي رهيا هئا. ته ڪي وري لاٿل قميصون ڪلهي تي رکي سندن مٿان ائين بيٺا هئا جيئن مداريءَ جي کيل تي تماشي ۾ ماڻهو ميڙ ڪري بيهندا آهن.

کانئن پرڀرو ڇانوَ ۾ ڳوٺ جا ٻارڙا بلور راند کيڏڻ ۾ مصروف هئا. بجليءَ جي ڊگهي بريڪ ڊائون ڪري ڳوٺ جا ماڻهون ڏينهن ٺارڻ لاءِ نم جي گهاٽن ڇانوَ ۾ ائين اچي مڙيا هئا، جيئن ڳوٺ ڏانهن ويندڙ آخري بس ۾ ماڻهو سٿجي چڙهندا هئا.

تاس راند جو ٽڙڪن تي هو. گرميءَ جي شدت هوندي به رانديگر راند ۾ ائين گم هئا، جيئن ڪو عاشق پنهنجي محبوبه  جي پيار ڀرين پورن ۾ گم هوندو آهي. راند کيڏندڙن سان گڏ راند ڏسندڙن جي دلچسپي ڏسڻ وٽان هئي. نبن سان تاس جا پتا ريڌل پئي لڳا. تڏهن ته هن مبريءَ مٿان مبري پئي ڏني. هر مبريءَ تي راند ڏسندڙن ۾ نعرا ۽ هوڪريا پئجي ٿي ويا. نبن تاس جي وڏن وڏن کيڏارين کي فٽ بال وانگر لت سان اٿاري پئي ڇڏيو. رانديگرن نبن کي راند ۾ مات ڏيڻ لاءِ ڪيترا ئي حيلا هلائي ڇڏيا هئا پر اڄ نبن جي اڳيان ڪنهن جي به دال نه پئي ڳري. لڳاتار راند ۾ پنهنجي فتح تي نبن ۽ سندس ساٿي رانديگر ڪنول جي گلن جيان پئي ٽڙيا.

اوچتو رمون ڪميت گهوڙي جيان ڊوڙندو، اوطاق ۾ داخل ٿيو. پٺي اگهاڙي ۽ انگوڇي جي گوڏ ٻڌل رمونءَ، اڀساهيءَ واري اکڙيل لهجي ۾ دانهن ڪئي؛ “اڙ...........ي ظل.........م......... ٿي و........يو.......قهه.......ر ٿي........... ويو”

رمونءَ کي هن حالت ۾ ڏسي، تاس کيڏندڙن جا هٿ تاس مان نڪري ويا. سمورن جي بت مان ساهه ڇڏائجي ويو. هر ماڻهو ڪنهن انديشي ۽ انومان کي ذهن ۾ آڻي، صدمي جهڙي ڪفيت ۾ وڪوڙجي ڄڻ سن ٿي ويو.

چاچي خميسي نيٺ ٻوڏاريل لهجي ۾ ڳالهايو؛ “ڇورا خير ته آهي؟ ڇا ٿيو آهي؟ ڳالهه ته ڪر؟”  

گرميءَ جي شدت ۽ تيز ڊوڙڻ جي ڪري رمون هڦجي پيو، بيمار ڍور جيان هليو پئي. رمون جيسيتائين ساهه جائيتو ڪري، ماستر خان کان رهيو نه ٿيو؛ “اڙي، چنڊا.....،.! هاڻ ڦاٽ به سهي. ٿيو ڇا آهي.؟“

سائين....... ! ماستر خانه.......و . ڪارو،.،...............!“

رمون جي واتان رڳو ايترو ئي نڪتو، سهڪي ڪري هو وڌيڪ ڳالهائي نه سگهيو. نڙي ۽ چپ خشڪ ٿي ويس.

بلور راند کيڏندڙن ڇوڪرن جو گوڙ وڌي ويو هو. اهي بلورن راند ۾ گيد ڪرڻ تان پاڻ ۾ تون ڇا تون ڇا ڪرڻ کانپوءِ گارين ۽ رانڀوٽن جي حد تائين وڃي پهتا هئا. هڪ ٻئي کي لتون مڪون ۽ چماٽن جو وسڪارو لائي ڏنو هئائون. ماستر شمن جيڪو ڳوٺ جي اسڪول جو هيڊ ماستر هو ۽ سمورا ڇورا سندس شاگرد هئا، تنهن ڪاوڙ مان ڇوڪرن کي گهروڙي ڀونڊو ڏيندي چيو؛ “اڙي ڪتي جا پٽئو ....... چپ نٿا ڪريو، ڪنهن جي ڳالهه ٻڌڻ به نٿا ڏيو، ڪٻرين وارو ٽيڪو کڻي لاتو اٿئو. هلو نڪرو هتان، ته پٺن تان کل نه لاهي ڇڏيانوَ.”

ماستر شمن جي دڙڪن داٻن تي ڇوڪرن بلور کڻي قميصن جي پاسي وارن کيسن ۾ وڌا ۽ هوڪرا ڪندا اوطاق کان ٻاهر نڪري ويا.

ماستر شمن ڪلهي تي رکيل حاجين واري ڳاڙهي رومال سان منهن اگهندي رمونءَ ڏانهن منهن ڪري چيو؛ “ها رمون.......! هاڻي پيرائتي ڳالهه ڪر، ڇا ٿيو آهي.؟

رمون جنهن جا ساهه ڪجهه سڌير ٿيا هئا، تنهن اٿي نلڪي تان پاڻي پيتو ۽ کٽ تي ويهندي چيو؛ “ماستر خانوءَ کي مانجهيءَ جي چري ڀيڻ شميءَ سان اکين ڏٺو اٿن.”

“اهو وري ڪيئن؟” دروءَ سوال ڪيو.

“گهر ۾ ڪو مرد ڪو نه هو. پاڙي جي ماسي جنت پنهنجي پٽ لاءِ مانجهي جي گهران ٻوڙ مٽائڻ لاءِ وئي، ٻوڙ ۾ ٿوري دير هئي ان ڪري ماسي جنت جهٽ گهڙي شميءَ وٽ ويهڻ لاءِ جيئن ئي ڪمري ۾ داخل ٿي ته ماستر ۽ شميءَ کي خراب حالت ۾ ڏٺائين.” رمونءَ وراڻيو.

“پوءِ ڪاري کي ڇڏي ڏنائون.؟” ربوءَ ڳالهايو.

“ماسي جنت باهه ٿي وئي. سياڻپ ڪري تڪڙ ۾ دروازو بند ڪري، ٻاهران ڪڙو ڏئي ڇڏيائين. ماسي جي رڙين تي گهر جون عورتون گڏ ٿي ويون ۽ ڪڙو کولي ماستر خانوَ کي چپلن، ٿڪن، بجن ۽ موچڙن سان چڱي ڦيهه ڏنائون، پر ماستر عورتن کي ڌڪا ڏئي کسڪي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.“ رمونءَ پيرائتي ڳالهه ڪئي.

“لک جي نالت هجيس. مروان ڀيڻسان! ويچاريءَ چري ۽ اٻوجهه نياڻيءَ مان به نه مڙيو.” چاچي خميسي اشهد آڱر نڪ سان گسائيندي چيو.

“نانگ جا ٻچا به نانگ ئي ٿيندا آهن. پٽ پيءَ جي آڍ ڇڪي. پڻس کي به ته لاڙ مان ڪارو ڪري ڳوٺ نيڪالي ڏني هئائون.“ قالوءَ پوتڙي سان منهن تان ٽمندڙ پگهر کي اگهندي وراڻيو.

“بي ليمڪو، مردار..............، ٻه شاديون ٿيل اٿس، پوءِ به لُنڌي ڪتي وارا جهٽ پيو هڻي.” ٺيڪو ڳالهايو.

“حيف هجيس. ڌوڙ پيس منهن ۾ استاد ۽ استاد جو پٽ هوندي به اهڙي لُنڌپائڻ وارو ڪنو ڪم ڪيو اٿس. ماستر شمن ڏک ظاهر ڪيو.

“اڙي رمون....! خبر پئي ته ڪاڏي ڀڄي ويو......؟“ نبن جي لهجي ۾ ڪاوڙ ۽ ڌڪار هئي.

“ويو هوندو پنهنجي ڳوٺ، ٻيو وري ڪيڏانهن ويندو.” هڪ ئي وقت، هڪ کان وڌيڪ گڏيل آواز آيو.

پوءِ هتي ويهي ڳالهيون ڇو پيا پڇايو. هلو ته هلي پڪڙي ڪارو منهن ڪري، ڏاڙهي مڇون ڪوڙي، گڏهه تي چاڙهي، ڳوٺ جو سرگس ڪرايونس ۽ پوءِ ڳوٺ جي وڏيري حوالي ڪريونس.” نبن فيصلو ٻڌائيندي چيو.

نبن جي صلاح وڻي ته سمورن کي پر ننڍن نيٽن جي ته دل وٽان هئي. دير ڇا جي هئي؟ ڪن جتيون پائي ڊڪ ڀري ته ڪي لٿل قميصون تڪڙ ۾ پائي نڪرڻ وارا ئي هئا ته اڀرندي ويڙهي جي چڱي ۽ نيڪ مرد جي هڪل تي جي جتي هئا سي تتي ڄڻ ڄمي ويا ۽ سوالي اکين سان چاچي جمن ڏانهن ڏسڻ لڳا. هن ڌيرج ساڻ چيو پئي؛ “بيهو اٻهرا نه ٿيو، ابا...... پهرين ڏسون ته ڌڻي ڪهڙو قدم ٿا کڻن.” 

“چاچا ڳوٺ جو مسئلو ناهي ڇا؟ ڌاريو ماستر ٻي ذات ۽ ٻئي ڳوٺ جو، اسان جي ڳوٺ جي عزت ۾ هٿ وڌا اٿس، پوءِ به اسان کي روڪين ٿو؟ شفوءَ ڪاوڙ مان وراڻيو.

“منهن وس پڄي ته ڌڪ سان منڍي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيانس.” نيڪوءَ ڳالهايو.

“بروبر، ابا......!! ماٺ ڪري به ڪو نه ويهنداسين، پر ابا.....! جيڪو ٿيڻو هو سو ته ٿي ويو. ڏڌو کير ٿڻين ڪو نه پوندو. ڏسون ته ڇوڪريءَ جو ڀاءُ مانجهي ڇا ٿو ڪري؟ اسان کي به ان جي صلاح سباب سان قدم کڻڻو پوندو.” چاچي جمن جي ڳالهاءَ ۾ زماني گيري هئي.

“مانجهي وري ڇا ڪندو.؟“ نبن ڳالهايو.

“ابا جتي باهه ٻري، سا جاءِ جلي”. ماٺ ڪري ته ڪو نه ويهندو. ڪجهه عقل ۽ سهپ کان ڪم وٺو. چاچي جمن کين ٿڌو ڪندي وراڻيو.

“ماستر خانوءَ جو من وڌايو ئي مانجهيءَ پاڻ آهي. جڏهن عرس ۽ وارث کيس سمجهايو هو ته ماستر خانوءَ کي گهر اچڻ نه ڏي، تڏهن کين کي چيو هيائين ته؛ منهنجي گهر ۾ امڙ ۽ چري ڀيڻ کانسواءِ ڪير آهي جو ماستر خانوءَ کان ڊپ ڊاءُ ڪريان؟“ خيروءَ ڳالهايو.

اهڙو غيرتي مڙس هجي ها ته ائين ننگ کي اڪيلو ڇڏي شهر نه رهي ها.“ شفوءَ ڳالهايو.

“بروبر بروبر ابا....! پر ننگ هر ڪنهن کي پيارا آهن.” هيڏو ڪارنهن جو معاملو آهي، ڪجهه ته لڇندو ضرور.” چاچي جمن وراڻيو.

شمي ۽ ماستر خانوءَ واري ڳالهه، چاليهي جي باهه جيان سڄي تر ۾ پکڙجي وئي هئي. جيترا وات اوتريون ڳالهيون. واقعي تي ڪچهرين ۾ ڇڙواڳ تبصرا به هليا پئي، ته معاملي ۾ مرچ مصالحا ملائي وڌائي چڙهائي پيش به ڪيو پئي ويو. واقعي جو اطلاع مانجهي کي به ڏنو ويو.

ٽن ڏهاڙن کانپوءِ مانجهي خان ڳوٺ پهتو. تتل ڪاڙهي وانگر ٽچڪيو پئي. مڙس هٿن مان پئي ويو. واڇن مان گڦ پئي ڳڙيس. ان رات پنهنجي گهر برادريءَ جي ڪجهه ماڻهن کي سڏائي، پاڻ سان ٿيل ارهه زورائي تي ساڻن ڳالهيون ڪري کين اعتماد ۾ ورتائين.

ٻئي ڏينهن تي مانجهي، برادريءَ جا ٻه چار ماڻهو ساڻ ڪري ڳوٺ جي وڏيري وٽ دانهين ويو، ته وڏيري جي اوطاق تي سمورو ڳوٺ مڙي آيو هو. ڳوٺ وارن کي مانجهيءَ سان همدردي هئي. وڏيري جڏهن مانجهيءَ کان خبرون چارون ورتيون ته مانجهي ڪاوڙ ۾ ٻانهون کنجي اٿي بيٺو ۽ جذباتي لهجي ۾ چيائين؛ “ڀوتار.....!! منهنجي ڀيڻ شمي اٻوجهه، سڄي ڳوٺ کي خبر آهي ته کيس دنيا جهان جي ڪا خبر نه آهي. هوءَ پاڪ صاف ۽ کير جهڙي اڇي اجري آهي.“

“مانجهي ڳالهه شمي جي ڪانهي، پر ماستر خانوءَ جي آهي.” وڏيري ڳالهايو.

“ڀوتار درست ٿا چئو ماستر خانوءَ سان اسان جي وڏن کان وٺي ڀت ڀائپيءَ جو رشتو آهي. مون سان جيڪا بي واجبي ٿي آهي، ان جو وهنوار ۽ حساب ڪتاب وٺي ڏيو......!!” هو ماٺ ٿي ويو.

ها، ها ........ مانجهي .......” وڏيري چيو.

“ماستر خانو ڪارو نه آهي. علڻ جي زال ماسي جنت، منهنجي اٻوجهه ڀيڻ تي ڪوڙو ڊرامو ٺاهي، الزام هنيو آهي ۽ سڄي ڳوٺ ۽ تر ۾ منهنجي عزت جو تماشو بنايو آهي. ان جو مون کي وهنوار ۽ حساب وٺي ڏي.” مانجهي وراڻيو.

وڏيري سميت ويٺلن جا مٿا چوڏس ڦرڻيءَ جيان ڦرڻ لڳا. ڏندين آڱريون اچي ويون هئن. ماٺ جون مورتون بڻجي ويل ڳوٺ جي ماڻهن جون اکيون ٽڪ ٻڌي مانجهيءَ ۾ برف جيان ڄمي ويون. وڏيري کي اشهد آڱر وات ۾ ڏئي سوچ ۾ ٻڏل ڏسي ڪمدار ملوڪ اڳتي وڌيو. هن پنهنجي منهن وڏيري جي ڪن ويجهو آڻي سنهن سرٻاٽن ۾ کيس ٻڌايو ته؛ “ڀوتار! ماستر خانوءَ جو چاچو ۽ مامو ڪلهه برادريءَ جا ٻه چار ماڻهو ميڙ ڪري مانجهي وٽ شهر ڏي ويا هئا. چيائونس؛ اسان کان خطا ٿي آهي. اسان کي بخش ڪر، ۽ ٻه جريب ٻني، جيڪا تنهنجي زمين ڪلاسٻ ۾ آهي اها به تو کي ڏنڊ ۾ لکي ٿا ڏيون.”

ملوڪ جي ڳالهه ٻڌي، وڏيري ٿڌو ساهه کڻي چپن ئي چپن ۾ چيو؛ “مار.......! ٻه جريب زمين، ماستر خانوءَ کي ڪاري مان کير جهڙو اڇو ڪري ڇڏيو.”

 

(فيسبڪ جي پيج “سنڌي اسٽوري ڪارنر” تان ۱۹ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment