Thursday, December 2, 2021

توهان جو ڇا وڃي - خالدا ملڪ - ننگر چنا

توهان جو ڇا وڃي...؟

پنجابي ڪھاڻي

ڪھاڻيڪار: خالدا ملڪ

مترجم: ننگر چنا


سڄي ڳوٺ ۾ ماتم متل هو ۽ اڌ ڳوٺ هُنَ جي سامهون بيٺو هو. هُوءَ ٿُلهين متارين شِيخُنِ کي پڪڙيون، ماٺ ڪيون بيٺي هئي. نه ماڻهن جا ڳوڙها ۽ ماڻَھَسِ جا پارَ هُنَ جي چپن کي ڪجهه ٻولڻ تي مجبور ڪري سگهيا ۽ مان حيران بيٺي سوچي رهي هيس ته :‘هيءَ اُهائي شِيدو آهي، جيڪا ايڏي ته زوراوَر هوندي هئي جو جيڪا به شئي کيس نه ملندي هئي ته پوءِ ٻيو به ڪو اُنَ جو مالڪ ٿي نه سگهندو هو. هُوءَ اُنَ کي ڀَڃي ڇڏيندي هئي يا لُواڙي، لتاڙي اُڇلائي ڇڏيندي هئي. اها هُنَ جي پراڻي عادت هئي.’



ملاقات جو ٽاڻو پورو ٿيو. ماڻهو پنھنجن گهرن ڏي موٽيا ۽ منھنجين اکين اڳيان گذري ويل ٽاڻي جو هڪ هڪ ڏينھن اچي بيھي رهيو ۽ مان نه ڄاڻان ڪيئن پنھنجن چئني پاسن کان بيٺل موت جي پاڇن کان لڪي، پوئين زماني ۾ ٽپي ويس.

شِيدو ۽ چاچِيءَ وارن جو هڪ ئي ويڙهو هو. هيڏو سارو ويڙهو، جنھن جي هڪڙي پاسي شِيدو وارا ۽ ٻئي پاسي چاچي فضل وارا رهندا هيا. شفيع شِيدو جِي چاچِيءَ جو پُٽ هو  ۽ شِيدو سندس ننڍي هوندي جي مَڱَ هئي. انهيءَ ڳالهه جي ڪَلَ ته شفيع کي وڏي ٿيڻ کان پوءِ پئي، پر هُنَ جي شفيع سان لڳندي ننڍي هوندي کان وٺي هئي. هُوءَ ساڻس گڏ کيڏندي هئي ۽ جي هُنَ کي ڪنھن سان ڌار کيڏندي ڏسندي هئي ته ڪُٽي سَنهي بُھَه مان ڪڍي ڇڏيندي هيس. هُو به هُنَ جي ڊَپَ کان ٻئي ڪنھن سان کيڏندو ئي نه هو. پر اها ته ننڍي هوندي جي ڳالهه هئي. شِيدو هاڻ جوان هئي ۽ شفيع به. شِيدو ۽ شفيع جي وڏي آڳر وارو سندن گهر ڳوٺ جي ٻاهران هو. اُتان کان ٿورو پرڀرو نَوگزي پيرَ جي درگاهه هئي ۽ اُنَ جا ساوا جهنڊا پري کان ڏسڻ ۾ ايندا هيا. سائين بُوٽا اُنَ درگاهه جو مُجاوَر هو ۽ سائينءَ جي جُهڳيءَ جي آس پاس وارن گهاٽن وڻن جي ڇانوَ هيٺان ڳوٺ وارن جي بيٺڪ هئي. ماڻهو اُتي سڄو ڏينھن ويٺا چلم جا سُوٽا هڻندا رهندا ها، تاسَ جون بازيون کيڏندا رهندا ها ۽ ڳوٺ جا ننڍا وڏا جهيڙا جهٽا به اُتي ئي ويھي نبيريندا هيا. مٿان راتين جو وري سائين بُوٽا ڇيڻن جو وڏو مچ ٻاري ڇڏيندو هو. ڳُڙَ جي چانھه جو وڏو ديڳڙو چڙهيو پيو هوندو هو ۽ ڳوٺ جا پڪا پوڙها، سڀئي اُتي ويھي ڳالهيون مُھاڙيون ڪندا ها ۽ قصا ڪھاڻيون ٻڌندا هيا.

سائين بُوٽا مَنڊو هو. هُو پنھنجي هڪ ڄنگهه ٻي مھاڀاري لڙائي ۾ وڃائي، سُڌَ ناهي ڪٿان اچي هِنَ ڳوٺ ۾ پھتو هو ۽ نَو گزي پيرَ جي درگاهه جو مُجاور بڻيو هو. ماڻهو سندس واتان لڙائيءَ جون ڳالهيون ٻڌندا ها ۽ پوءِ شفيع پنھنجي مٺڙي آواز ۾ مرزا صاحبان ڳائيندو هو ۽ اسان ويڙهي ۾ کَٽن تي سُتي ئي هُنَ جا آلاپ ٻڌندا رهندا هياسين. هڪ ڏينھن شِيدو سويري سويري وڃي هُنَ جي مٿي ۾ لڳي.

“اڙي! توکي مرزا صاحبان کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڳائڻ نه ٿو اچي ڇا؟”

“ٻيو ڇا ڳايان؟ ڙِي شِيدو!”

“اَڙي! تون هِيرَ ڳائيندو ڪر نه.”

تَنھن کان پوءِ ڪنھن شفيع کي مرزا صاحبان ڳائيندي نه ٻڌو. هُو هاڻي هِيرَ ڳائيندو هو.

ڊولِي چَڙهديان ماريان هِير چِيڪان،

مينون لي چلي وي بابلا!لي چلي وي!!

اسان جي ڳوٺ ۾ بابا فضل شاهه جو ميلو لڳندو هو. خلق هر سال پري پري کان ميلو ڏسڻ ايندي هئي.ڏاندن جي گوءِ ۽ ڪُتن جي بَڇَ به ٿيندي هئي. شفيع به هڪڙو وڏو ڊکوڙُ ڪُتو پاليو هو. ڪتن جي ويڙهه جو پِڙُ ڳوٺ جي ڀرسان ئي ٺھندو هو. اسان ڪوٺن تي چڙهي ڏسي رهيا هياسين. شفيع جو ڊکوڙ ڪتو شاهن جي موتيءَ سان جُٽيو پيو  هو. ماڻهن جا هُوڪرا ها. ڪنھن گهڙيءَ موتيءَ جو پاسو ڳورو ٿي پئي ويو ته ڪنھن گهڙيءَ ڊکوڙَ کيس مٿئون ڪري پئي هنيو. پوءِ سُڌَ ناهي ته ڪيئن ڊکوڙ جو ڪَنُ چِيرجِي پيو ۽ هُو پُڇ پائي وٺي ڀڳو ۽ سڌو اچي گهر پھتو. شِيدو ڊُڪندي ڪوٺي تان لٿي، ڪُتي کي پَٽو وجهي ٻڌائين ۽ اندران کيرُ کڻي اچي ڏنائينس. ڪجهه گهڙين کان پوءِ بَڇَ پوري ٿي ته شفيع به گهر آيو. ڪُتو آڳر ۾ سَنئون لَٺِ ٿيو پيو هو ۽ ڪُوڪاٽَ ڪري رهيو هو. هُنَ جي واتان رَت وهي رهيو هو. شفيع وٺي رَڙِ ڪئي، “هِنَ کي ڇا ٿيو آ؟”

شِيدو ڊڪندي ٻاهر نڪري آئي، “اَڙي! هَلُ، پري ٿيءُ. ڇا ٿيو هِنَ کي؟ هِنَ کي ايندڙ سال وري تنھنجي مُنھَن تي دانگي ملڻي هئي. مون هِنَ کي تُوتيو ڏئي ڇڏيو آ.” شفيع ماٺ ٿي ويو.

ڳوٺ جي سڀني ماڻهن کي سُڌَ هئي ته شِيدو شفيع جي ننڍي هوندي کان مڱ آهي ۽ ٻنهين کي هڪٻئي تي وڏو ڀروسو ۽ مانُ آهي.

پر پوءِ ٻنيءَ جي ونڊ وِرڇ تان الائي ڪھڙو جهيڙو ٿيو، جيڪو ويو ڊگهو ٿيندو. هيڏي ساري وڏي آڳر ۾ وِيريون پئجي ويون، ڀتيون کڄي ويون. هيڏَهون جا ماڻهو هوڏي نه پئي وڃي سگهيا ۽ هوڏَهون جا هيڏي نه پئي اچي سگهيا.

پوءِ هڪ ڏينھن ماسي نِيشان ويٺي شِيدو جي ماءُ سان سُس پُس ڪري رهي هئي: “ڏس نه، ڀيڻ! اها ڪا چڱي ڳالهه ته ناهي نه. ڀلا نَنھَن به ڪڏهن ماسَ کان ڌار ٿيا آهن؟ ڀينرن ڀائرن جي وچ ۾ رُساما پَرچاڻا ٿيندا ئي رهندا آهن. ڀلا ائين به ڪڏهن ٿيو آهي ؟ اهو فيصلو شيِدوءَ جي پيءُ ۽ فضل گڏجي ، اڄ کان سال اڳي ڪيو هو. سُڌَ ناهي ته مُئي شفيع کي به الائي ڇا ٿي ويو آ؟ ڌڻي پاڪ ٿو ڄاڻي ته الائي ڇو بيغيرت ٿي ويو آ؟ ڀلا اڄ تائين ڪنھن پنھنجي مڱ ڇڏي آهي؟”

۽ شِيدو جي ماءُ پنھنجن چپن تي آڱر رکندي هورڙيان چيس، “ماٺ ڪر، ڀيڻ! شِيدو ٻڌي نه وٺي.”

پر ڳوٺ ۾ ايڏي ڳالهه ٿي وڃي ۽ شِيدو کي ڪَلَ به نه پَوي! هُنَ به ٻُڌو پئي ته شفيع جو مڱڻو چوڌري بخشوءَ جي ڌيءَ سان ٿي ويو آهي ۽ باک ڦٽيءَ جو ڍورن جي ڳچين ۾ ٽَلين جي آواز ٻڌايس ته شفيع هاڻي هَر ڪاهڻ لاءِ وڃي رهيو آهي.

هُنَ وڃي سندس اَڳُ ورتو.

“اڙي بيغيرت! ڳوٺ ۾ اڄ تائين ڪنھن لَلهنگَ پنھنجو ننگ ڇڏي ڪنھن ٻِيءَ سان وهانءُ ڪيو آ ڇا جو تون ٿو ڪرين!؟”

“پر، شِيدو! اهو منھنجو نه، بابي امان جو فيصلو آهي.”

“اڙي! تون چوڙيون ڇو نه ٿو پائي ڇڏين!؟”

“شِيدو! وات سنڀالي ڳالهاءِ.”

“مان ته وات سنڀالي ڳالهائينديس، پر تنھنجو پرڻو ٿيندو ته مون سان، نه ته ڪنهن سان به نه ٿيندءِ. ڪَنَ کولي ٻڌي ڇڏ!”

“هَلُ، هَلُ!! مان به ڏسي وٺندوسانءِ. جيڪو ڪرڻو ٿَئي سو وڃي ڪر. مان ابي امان کان ڪنڌ نه ٿو ڪڍائي سگهان.”

اڄ شفيع کي الائي ڇا ٿيو هو. هُنَ ڇنڊڪو ڏئي هَرُ ڪُلهي تي سَنئون ڪيو ۽ اڳتي وڌي ويو.

“شَفُو! پَڇتائيندين!؟” شِيدوءَ آخري ڌمڪي ڏنس، پر هُنَ پوئتي لوڻو به نه هنيو.

۽ پوءِ اُها رات ڏاڍي اُجڙيل ۽ ڊيڄاريندڙ هئي. چنڊ ڪڪرن جي پويان لڪل هو ۽ تارن جي لاٽ به جهيڻي هئي. جنھن مھل اڌ رات جو ڪوٺي تان اوچتو شفيع جي رَڙِ اُٿي ته گهڙي پل ۾ سڄو ڳوٺ اچي گڏ ٿيو. شفيع کَٽَ کان هيٺ ڪريو پيو هو ۽ پويان پساهه کڻي رهيو هو. هُنَ جي ڍِڍَ مان رَتَ جي تُوتري هلي رهي هئي ۽ شِيدو جي هٿ ۾ پِڻھَس وارو سَتَ ٺَڪائي چاڪُون هو. ڳوٺ جي ماڻهن کان دانھون نڪري ويون. ماڻھَس پِٽيندي چيس، “اَئي نڀاڳي! اهو ڇا ڪَيُئِه؟ اَڙِي!! اهو ڇا ڪري ڇڏيُئِه!؟؟”

۽ شِيدو شفيع جي کُليل بي نور اکين ۾ اکيون وجهندي ڏسندي رهي، پوءِ پُٺتي موٽي پھريون روئيندڙَ پِٽيندڙَ ماءُ ڏي ڏٺائين ۽ تنھن کان پوءِ وري ڳوٺ جي ماڻهن ڏي ڏسندي هورڙيان چيائين؛ “توهان جو ڇا وڃي!؟”

۽ ٻيھر پنھنجيون اکيون شفيع جي بي نور اکين ۾ کپائي ڇڏيائين.

 

(ماهوار ”هزار داستان“ حيدرآباد جي نومبر ٢٠٢١ع واري شماري ۾، ص۳۴ کان ص ۳۶ تائين، شايع ٿل)

No comments:

Post a Comment