Sunday, December 5, 2021

قصو ڪيڪٽس سٽيءَ کان آيل گراھڪ جو

قصو ڪيڪٽس سٽيءَ کان آيل گراھڪ جو

(آمريڪي ڪھاڻي)

او ھينري

انجنيئر عبدالوهاب سهتو



ھيءَ ڪھاڻي ارڙھين صديءَ جي آخر ڌاري جي آھي، جڏھن آمريڪا جو ڪيڪٽس سٽي، مسين ۷۰ ھزار کن ماڻھن تي مشتمل، ھڪڙو ننڍڙو شھر ھيو. ھن شھر اندر، صرف ھڪڙو وڏو اسٽور ھيو، جيڪو Navarro & Platt جي نالي سان مشھور ھيو ۽ گھڻ-ماڙ تي مشتمل ھيو، جتان شوقين عورتن ۽ مردن لاءِ اعليٰ ڪوالٽيءَ جو سامان مليو ٿي. ڪيڪٽس سٽيءَ جا گھٽ ۾ گھٽ ويھارو ھزار سرنديءَ وارا ماڻھو، ھن اسٽور ۾ وڃي، دل تي پنھنجو ڌن خرچيندا ھيا.



مسٽر ناواڙو Mr. Navarro ھن اسٽور جو سينيئر ڀائيوار ھيو، جڏھن ته نوجوان ۽ ڇڙو ڇانڊ John Platt ھن جو جونيئر ڀائيوار ھيو.

ھر سال بھار جي مند جي منڍ ۾ مسٽر ناواڙو، ڊگھو ۽ ٿڪائيندڙ سفر ڪاٽي، سامان خريدڻ لاءِ نيويارڪ ويندو ھيو. مگر ھاڻي ٻه سال کن ٿيندا جو وڏي عمر ھئڻ سبب، ھو ٿڪاوٽ محسوس ڪرڻ لڳو ھيو. تنھنڪري ايندڙ سال جي بھار جي مند کان ٿورو آڳاٽو، ھڪ ڏينھن ھن پنھنجي جونيئر پارٽنر جان پلئٽ کي چيو؛

”ڏس جان! ھاڻ مان ڪراڙو ٿي ويو آھيان. تنھنڪري ھن سال نيويارڪ، سامان وٺڻ لاءِ، تو کي وڃڻو پوندو.“

جان بيزاريءَ منجھان چيس؛ ”نيويارڪ! آھي ته گوناگون، ٿڪائي ڇڏيندڙ ۽ بي رونق شھر، پر اوھان زور ٿا ڀريو ته پوءِ مان ئي ھليو ويندس.“

ٿورن ڏھاڙن پڄاڻان جان، ھڪ بھترين ۽ خوبصورت ٽيڪساس جو روايتي سوٽ پايون، لوئر براڊ وي ۾ واقع Zibbaun & Son جي شاندار شو روم منجھ داخل ٿيو ھيو. شو روم جي مالڪ، جنھن جون نظرون عقابي ۽ يادادشت ھاٿيءَ جھڙي ھئي، جان کي پري کان ئي سڃاڻي ورتو ۽ وڏي گرمجوشيءَ سان اڳتي وڌي کيس ڀليڪار ڪرڻ بعد چيو؛

”تو کي ڏسڻ سان ئي سمجھي ويو ھيس ته ھن سال ٿڪائي ڇڏڻ وارو ڪم، منھنجي جھوني دوست، تنھنجي حوالي ڪيو آھي. چڱو! پھرين اھو ٻڌاءِ ته مون وارو يار ڪيئن آھي؟“

”ھان! اھو بلڪل ٺيڪ آ ۽ تو لاءِ خاص طور سلام ڏنا ھيائين.“

زبان زز Zibbaun Zizz مرڪي، ھاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ چيائينس؛ ”جان! ڪاروباري ڳالھيون ته پيون صبحاڻي ٿينديون. ٻيو ته شو روم به بند ٿيڻ وارو آھي. تنھن ھوندي به اڄ مان مٿئين فلور تي تو کي صرف نئين فيشن جا جوڙا ٿو ڏيکاريان، جيڪي اڄ ئي آيا آھن.“

مٿئين فلور تي ويندي، زز ھڪ ڪلارڪ کي چيو ته؛ ”مس آشر کي ته مٿي موڪلجانءِ!“

جيئن ئي جان، مس آشر کي ڏٺو ته ڏسندو ئي رھجي ويو. سندس دل جو دھڪو تيز ٿي ويو. ھو ائين بيھجي ويو جيئن پاھڻ جو بت بڻيو، پھاڙ جي چوٽيءَ تي بيٺو ھجي ۽ سندس اکيون، ڇنڀجڻ بنا مس آشر کي ئي تڪي رھيون ھيون. جان کي ائين، پاڻ ڏانھن ڏسندي، گھڙي پلڪ لاءِ ته مس آشر شرم ۾ ٻڏي وئي. ھوءَ زز جي ٽاپ ماڊل سيلز گرل ھئي. سندس ڪم ھيو ته گراھڪ کي مال جا تفصيل ٻڌائي ۽ خاص خاص جوڙن جا ڪوٽ، ھينگرن تان لاھي، پاڻ پائي ڏيکاري. مس آشر پنھنجي سونھري وارن ۽ خوبصورت چھري ۽ پنھنجي ڊگھي ھاٺيءَ سان گڏ، ھڪ وڏي پر ڪشش ڇوڪري ھئي. کيس زز جي شو روم ۾ ڪم ڪندي ٻه سال ٿيا ھيا. ٻيو ته ھوءَ پنھنجو ڪم، چڱيءَ طرح سان ڄاڻندي ھئي. ڪڏھن به ائين نه ٿيو ھيو ته گراھڪ ھٿين خالي موٽي ويو ھجي.

اچانڪ زز چيو؛ ”جان، مردن جا ڪجھ جوڙا ته تو ڏٺا، ھاڻ مس آشر تو کي شھزادين جا ڪجھ گائون ڏيکاريندي، جيڪي ھلڪن ڦلڪن رنگن ۾ آھن ۽ توھان جي علائقي جي آبھوا جي لحاظ کان ڏاڍا آرامده رھندا.“ اھو چوندي زز، ھڪڙي گائون ڏانھن اشارو ڪندي چيو؛ ”مس آشر، ھن کان شروع ڪر!“

مس آشر، ڦڙتيءَ سان اھو گائون کڻي ڊريسنگ روم ڏانھن وئي ۽ جھٽ پلڪ ۾ اھو گائون پائي ٻه چار وکون، پنھنجي سھڻي جسم کي لوڏيندي، واپس ڊريسنگ روم ڏانھن ھلي وئي ۽ ڦٽاڦٽ ھڪڙو ٻيو گائون پائي آئي. اھو سلسلو لڳ ڀڳ ٽيھارو کن منٽ ھليو. جان تي سحر واري ڪيفيت طاري ھئي. ڪڏھن ھن گائون کي پئي ڏٺو ته ڪڏھن صرف مس آشر کي، جنھن ھن جي ذھن ۾ ھڪڙو عجيب مانڌاڻ مچائي ڇڏيو ھيو. جڏھن ڊسپلي ختم ٿيو ۽ جان خاموش ٿيو بيٺو رھيو ته زز کي ڳڻتيءَ ورايو ته ڪٿي سندس گراھڪ ڪنھن ٻئي شو روم ۾ اھڙيون ڊريسون ڏسڻ جي باري ۾ ته ڪو نه پيو سوچي. پوءِ اچانڪ زز جو آواز آيو؛

”جان! تو کي ڇا وٺڻو آھي. اھو فيصلو ڪرڻ جي ڪا به تڪڙ ناھي. چڱو آ ته تون رات جو سوچجانءِ ۽ صبحاڻي فيصلو ڪجانءِ. البته مان اھو ضرور چوندس ته اسان جي ڪوالٽيءَ جھڙو سامان، سو به اسان وانگر مناسب اگھ تي سڄي نيويارڪ ۾ ڪنھن ٻئي ھنڌ نه ملي سگھندو. ٻيو ته مان اھو به سوچيو پئي ته تو جھڙي وضعدار نوجوان کي نيويارڪ جھڙي خشڪ ماحول ۾ بيزاري پئي محسوس ٿيندي ھوندي. ڇا تون ان ڳالھ کي پسند ڪندين ته ڪا سٺي ۽ سھڻي ڇوڪري، رات جي مانيءَ تي تو سان گڏ ھجي. مان سجھان ٿو ته مس آشر جھڙي پياري ڇوڪري تو سان گڏ ھجي ته ڀلو رھندو.“

جنھن وقت زز اھي ڳالھيون ڪري رھيو ھيو ته ان وقت مس آشر ڊسپلي ڪري، ھيٺ وڃي چڪي ھئي.

”مگر، ھوءَ ته مون کي سڃاڻي به ڪا نه!“ جان چيو.

زز پنھنجي ٿلھن ڀِروونئن کي تاءُ ڏئي چيو؛ ”ھوءَ بلڪل سڃاڻندي، جڏھن مان کيس مناسب طريقي سان چوندس.“ اھو چئي ھن ٿورو وڏي واڪي مس آشر کي رڙ ڪري سڏيو.

جڏھن ھوءَ آئي ته زز معنيٰ خيز نگاھن سان مُرڪي کيس چيو؛ ”ٻڌ! مس آشر، جان جو ھتي ڪو به سنگتي ساٿي ڪونھي. جيڪڏھن تنھنجي ڪا خاص مصروفيت ناھي ته ھو چاھي ٿو ته اڄ شام ڊنر تي ان جو ساٿ ڏي.“ اھو چئي، زز ھيٺ ھليو ويو.

مس آشر، جھٽ پلڪ لاءِ ڇت ڏانھن ڏسي، مرڪي چيو؛ ”بلڪل! مان ھلندس، اھا ته مون لاءِ فخر جي ڳالھ آھي.“

شام جو ستين بجي، ٻئي براڊ وي ريسٽورنٽ جي ھڪ ميز تي ويٺا ھيا. مس آشر کي، ڪاري رنگ جو اسڪرٽ پاتل ھيو، جنھن ۾ ھوءَ اڃا وڌيڪ سھڻي پئي لڳي. جڏھن جان، مس آشر کان مشورو ڪري، ڊنر جو آرڊر پئي ڏنو ته مس آشر کي چيائين؛ ”ڇا توھان ڪجھ ڊرنڪ لاءِ گھرائڻ پسند ڪندئو؟“

جواب ۾ مس آشر، دلفريب مرڪ سان چيس؛ ”مان ڊراءِ مارٽيني وٺڻ پسند ڪندس.“

جڏھن ويٽر، ڊراءِ مارٽينيءَ جو گلاس رکي ھليو ويو ته جان، ڪچھريءَ جي شرعات ڪرڻ لاءِ چيس؛ ”مس آشر! اوھان جو پورو نالو ڇا آھي؟“

”منھنجا ويجھا دوست، مون کي ھيلن چوندا آھن.“

”ھيلن ڏس! مان ھاڻي پنھنجي باري ۾ ٿوريون عجيب پر دلچسپ ڳالھيون ٿو ٻڌايان. ڪجھ سالن کان، جڏھن به ڪيڪٽس سٽي ۽ ان جي اوس پاس بھار جي مند ايندي آھي ته ھر ڏِسا رنگارنگي گل ڦل نکري پوندا آھن. ان وقت مان پنھنجي دل ۾ عجيب قسم جي خمار چاڙھيندڙ ڪيفيت محسوس ڪندو آھيان ۽ ڪنھن اھڙي ساٿيءَ بابت پيو سوچيندو آھيان جنھن سان ڪڏھن مليو نه ھجان، ڪڏھن کيس ڏٺو نه ھجي، نه ڪڏھن سندس باري ۾ ڪنھن کان ٻڌو ھجي. نه وري اھو ته ھوءَ ڪير آھي، ڪاٿي آ جنھن کي منھنجي دل پئي ڳولي ٿي. ڪڏھن ڪڏھن منھنجي دل چوندي آھي؛ ھوءَ مون کي اوچتو ڪٿي نه ڪٿي ملي ويندي. پوءِ وري ائين ئي ٿيو ته اڄ جڏھن مون تو کي ڏٺو ته منھنجيءَ دل چيو ته اھا تون ئي آھين، جنھن جي مون کي ڳولا ھئي.

وري تو جڏھن پھريون دفعو مون ڏانھن ڏٺو ھيو ته مون کي تنھنجي اکين ۾ ٿوري عجيب چمڪ نظر آئي ھئي، جنھن مان مون محسوس ڪيو ته تو کي مون سان ملڻ، ڀلو لڳو ھو. ھاڻ منھنجي ڳالھ ڌيان سان ٻڌ! مان صبحاڻي موٽيو ٿو وڃان ۽ تون مون سان گڏ ھوندينءَ. پنھنجي انھن جذبن جي تو کي پڪ ڏيارڻ خاطر، اڄ جڏھن مان تو کي وٺڻ، تنھنجي اپارٽمينٽ ڏانھن پئي آيس ته رستي مان، مون تنھنجي لاءِ ھڪڙو تحفو پڻ ورتو آ.“

اھو چئي، جان پنھنجي کيسي مان ھڪڙي ٻن قيراطن جي ھيري واري منڊي ڪڍي، ھيلن ڏانھن وڌائي. ھيلن، اتي جو اتي، پنھنجي فورڪ سان جان ڏانھن موٽائي ڇڏي ۽ ٿورو سخت لھجي ۾ چيائينس؛ ”تون پاڻ فيصلو ڪرڻ وارو ڪير آھين؟“

”ھيلن ڏس! مان ھڪ لک ڊالرن کان وڌيڪ جي حيثيت وارو ماڻھو آھيان. مان تو کي ڪيڪٽس سٽيءَ ۾ ھڪڙو خوبصورت گھر ٺھرائي ڏيندس.“

”منھنجا عزتدار ’گراھڪ‘، تون مون کي خريد ڪري نه ٿو سگھين، ڀلي کڻي تنھنجي حيثيت ڏھ لک ڊالرن کان به وڌيڪ ڇو نه ھجي. جڏھن مون تو کي پھريون دفعو ڏٺو ھيو ته مون محسوس ڪيو ھيو ته تون ٻين گھڻن اچڻ وارن گراھڪن کان مختلف ھوندين، مگر ھاڻي سمجھيم ته تون به ٻين مرد گراھڪن وانگر آھين، جيڪي اھو سمجھندا آھن ته جيڪي ڇوڪريون انھن سان ڪمپنيءَ جي طرفان ڊنر تي اينديون آھن، سي ويڪائو مال وانگر آھن.“

جان، سڌو ٿي ڪرسيءَ تي ويھي رھيو. ھڪ ڊگھو ساھ کنيائين. پوءِ چيائينس؛ ”ڇا تنھنجو مطلب آھي ته تون ائين جڏھن ڪمپنيءَ طرفان خاص گراھڪن سان ٻاھر ويندي آھين ته اھي سڀ تو سان ان قسم جون ڳالھيون ڪندا آھن، جيئن مون تو سان ڪيون آھن؟“

”ھا! اھي سڀ وڏا وڏا ڊاڙ ڊش ھڻندا آھن. قيمتي ھيرن جواھرن جون ڳالھيون ڪندا آھن. تو ۾ ۽ انھن ۾ صرف ھڪڙو فرق آھي ته ھو فقط ڳالھيون ڪندا آھن، مگر تون ھيري جي منڊي ھٿ ۾ کنيون آيو آھين.“

جان مرڪندي چيس؛ ”تنھنجي ڳالھ ٻڌي، مون کي ٿورو قرار ٿيو ته مان ٻين گراھڪن کان ٿورو گھڻو بھتر ماڻھو ثابت ٿيو آھيان. چڱو ھاڻي ائين آھي ته صبحاڻي مان اوھان جي اسٽور تي پھچي، ھڪڙي گاڏي خريد ڪندس ۽ تو کي ساڻ ڪري ڪيڪٽس سٽي روانو ٿيندس.“

اتي اچانڪ ھيلن ڳالھ کي ڪٽيندي چيس؛ ”بس بس! پليز! ختم ڪر! مان اھڙيون ڳالھيون ٻڌي ٻڌي ٿڪجي پئي آھيان.“

ماني کائڻ پڄاڻان، جڏھن ٻئي اپارٽمينٽ جي دروازي تي پھتا ته شب بخير چوندي، جان ھيلن کي پنھنجي ڇاتيءَ سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ھيلن پنھنجي پوري وِتَ سان، پنھنجي کليل ھٿ جي تريءَ سان، جان کي ڳٽي تي زمائتي ٿڦڙ وھائيندي چيو؛ ”آخر، آھين نه تون به انھن منجھان ھڪ.“

پنھنجي ڳٽي کي مھٽڻ لاءِ، جيئن ئي جان پنھنجو رومال ڪڍيو ته ان سان گڏ ڪا شيءِ نڪري دروازي جي فرش تي ڪري پئي. جان، نِوڙي کڻي ورتي ته ھيلن چيس؛ ”معزز گراھڪ! پنھنجي ڪِنَ جھڙي منڊي ته کنيئي، ھاڻي پيرن ڊاھڻ جي به ڪر!“

”نه! ھيءَ ساڳي منڊي نه ھئي.“ جان، پنھنجي تري کوليندي چيس؛ ”ھيءَ ته وھانءَ جي لاءِ، مون سون جي منڊي ورتي ھئي.“

ھيلن، حيرت وارين اکين سان وھانءَ واري منڊيءَ کي ڏسندي چيس؛ ”ڇا! واقعي! تنھنجو اھو ئي ارادو ھيو؟“

انھيءَ اپرانڌ، ڪنھن اپارٽمينٽ جو دروازو کولي ڇڏيو.

”شب بخير! ھاڻ صبحاڻي اسٽور تي ملاقات ٿيندي.“ اھو چوندي، جان ڦڙتيءَ سان تڪڙيون وکون کڻندي، واپس موٽي آيو.

مس آشر، ڊوڙي ڏاڪڻيون چڙھندي، زور سان پنھنجي ڪمري جو دروازو اچي کوليو ۽ پنھنجي ساٿياڻي ايما، جيڪا ستي پئي ھئي، تنھن کي ڌونڌاڙي جاڳايو. ايما گھٻرائجي پڇيس؛ ”ھيلن! ڇا ٿيو آھي؟ ڪاٿي باھ لڳي آ ڇا؟“

مس آشر چيس؛ ”نه! ڪنھن ٻئي ھنڌ نه لڳي آھي، صرف منھنجي دل ۾ لڳل آھي.“

ايما چيس؛ ”ڪيڪٽس سٽي، وينيزولا ۾ ھڪڙو ننڍڙو زرعي شھر آھي، جتي زلزلا ايندا رھندا آھن. گھڻو تڻو، اتي حبشي ۽ باندر رھندا آھن. اتي مليريا جو تپ عام آھي ۽ ٻيو ته اتي آتش ٻرندڙ جبل به جام آھن. مگر ھيلن! اھو سڀڪجھ تون ڇو ٿي پڇين، سو به اڌ رات جو ھن بيگاھ وقت.“

”مون کي انھن ڳالھين جي ڪا به پرواھ ناھي.“ مس آشر، وڏي جوش سان جواب ڏيندي چيس؛ ”سڀاڻي مان پنھنجي نئين زندگيءَ جي شروعات ڪرڻ لاءِ، سدائينءَ لاءِ اتي پئي وڃان.“

 

(سنڌي روپ: سيد ارشاد وارث جي ڪيل اردو ترجمي تان)


(ماھوار مئگزين ھمسري حيدرآباد جي شماري ڊسمبر ۲۰۲۱ع ۾ ص ۵۲ ۽ ۵۳ تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment