Thursday, December 23, 2021

ٺپ ئي ٺري وين - مٺل جسڪاڻي

ٺپ ئي ٺري وين

(مختصر ڪھاڻي)

مٺل جسڪاڻي



ڪڏھن ڪڏھن ڪِي به محسوس نه ٿيندڙ، عام، ننڍڙا ماڻھو به تمام سٺو سبق ڏيڻ جھڙي، سدا سھڻي ڳالھ ڪري ويندا آھن.

مائٽن پاران رکيل نالي مطابق، ملوڪ خان آھي. پر سندس ڏسڻ وائسڻ، ڳالھائڻ ٻولھائڻ، اٿڻ ويھڻ ۽ سوال جواب جو انداز ڪجھ غير معمولي آھي. ساڻس ھر ڪو پنھنجي طرفان رکيل کل، ٽوڪ، ڀوڳ، چرچي جھڙي نالي سان سڏيندو ۽ مخاطب ٿيندو آھي.


شام جي وقت، اوطاقن ۾ ويٺل ڪچھري ڪندڙن جو ذري گهٽ ھجوم ئي ھوندو آھي. اتي سنجيدگيءَ سان جاري ڀَرِي ڪچھريءَ ۾، سرت، سمجھ، ساڃاھ وارن جي حوالي سان ٿيل ڪنھن ڳالھ جي ردعمل ۾، اوچتو ملوڪ ٽپو ڏيندي چيو؛ ”انڌن ۽ اٻوجهن وانگر ڪم علم، احساس ڪمتري توڙي احساس برتري جي شڪار ماڻھن کي، سھارن جي ضرورت ھوندي آھي، ان ڪري کانئن پري پري نه، پر ساڻن گڏ گڏ رھڻ کي اوليت ڏيڻ گهرجي.“

ملوڪ اوچتو اھڙي ڳالھ ڪئي جو ڇڇورن مٿس ڇڇورپائيءَ جو ئي مظاھرو ڪري ڏنو. پر سياڻن ۽ سمجھ وارن جا ته ٺپ ئي ٺاري ڇڏيائين.

 

(مٺل جسڪاڻي جي فيسبڪ مسينجر ذريعي ۲۳ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي پھتل)

No comments:

Post a Comment