Tuesday, December 28, 2021

ادو عبدالرحمان - امر لعل ھنڱوراڻي

ادو عبدالرحمان

(مختصر ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: امر لعل ھنڱوراڻي

ڪمپوزنگ / ٽائپنگ: صاحب خان ’سورھ‘ ميراڻي



ڪي کيس مست ڪري چوندا ھئا ۽ ڪي وري کيس درويش سمجهندا هئا. شايد مست به ھو ۽ درويش به ھو. بدن جو پتلو سنھڙو ڪڻڪ رنگو هو. عام رواجي قد کان ڪي قدر ڊگهو. بدن تي اوڍيندو هو فقط گودڙي، صفا ننگو به ڪو نه ھوندو ھو.

ھميشه پنهنجي رمز ۾ رتو پيو هوندو هو. ڪڏهن مڙھيءَ ۾ ته ڪڏهن مسجد ۾، اڪثر شام جو سکر ۾ بندر تي “ميوو” رستي تي ريلوي گڊس آفيس جي ويجهو جتي ھٽن جي ڀرسان تن ڏينهن ساميءَ جا سلوڪ پڙھندا هئا، ويھي ڪن ڏئي رس سان ٻڌندو ھو، بعضي بعضي ائين ڀڻ ڀڻ ڪندو ھو “ادا عبدالرحمان، سمجهين ٿو ڪين نه؟ الائي ڪڏهن اک کلندءِ!”


ھڪڙي ڀيري رستي تي ايندي پٿر جي پير تي چوٽ لڳس. پاڻ کي چوڻ لڳو:

“ادا عبدالرحمان ڪيڏو نه مٿو ڦري ويو اٿئي! اکيون اٿئي آڪاس ۾، جيڪڏهن اکيون کولي هلين ها ته پٿر تو کي ڪين لڳي ها.” اتي ويچار ۾ ويٺو رھيو. ساعت رکي چيائين؛ “ادا عبدالرحمان ڏس ڪھڙو خود مطلبي آھيان! ادا عبدالرحمان، ائين ڪو جڳائي جو پٿر پٽ تي ڇڏي رمندو رهين؟ سڀاڻي ٻي ڪنهن واٽھڙوءَ کي لڳي وڃي!” وري ٿورو دم جهلي ۽ ويچار ڪري چوڻ لڳو “ادا عبدالرحمان، جي چڱو مڙس آھين ته پٿر کڻي پري ڦٽو ڪر.” ۽ پٿر کڻي پري ڦٽو ڪيائين.

اها سندس عادت هوندي هئي ته ھميشه پاڻ سان ڳالهائيندو هو ۽ پاڻ کي سڏيندو هو “ادا عبدالرحمان” شايد پاڻ ڏسي پاڻ ۾ پيهي رمز ڀري گفتارڪندو هو .جيڪڏهن ڪو کڻي پڇندو هوس ته؛ “عبدالرحمان، ماني کائيندين؟” ته پھريائين پاڻ کان پڇندو هو؛ “ادا عبدالرحمان، پڇئي ٿو ته ماني کائيندين؟” وري پاڻ کي جواب ڏيندو هو؛ “خوردن برائي زيست است، نه زيست برائي خوردن.” يعني کائجي ٿو ته ماڻھو رهي سگهي ۽ زندگي انهيءَ لاءِ نه آھي ته پيٽ ڪٽي پيٽ ڪٽجي. اھڙي طرح صلاح مصلحت ڪندي جواب ڏيندو هو. پارسيءَ جو شاعر هو. شايد حافظ ته بر زبان ياد هيس. شاھ ساميءَ ۾ به ماھر ھو. سچل سائين جو ته پوئلڳ اردو به پڙھيل هو .ڪڏهن ڪڏهن جي اردوءَ ۾ پنجاب کان خط ايندا هئا ته عبدالرحمان کي ڳولي پڙھائيندا هئا. سڀاءُ جو سانتيڪو هو ٻي ڪا لالچ ڪا نه ھيس. ٿورڙو روٽيءَ ٽڪر کائي گذران ڪندو هو. گودڙي ھميشه سياري اونهاري ڪلھي تي هوندي هيس. رات جو اها گودڙي پائي تاڻي سمهندو هو. شايد محبوب سان لوڪان لڪي روح رھاڻ ڪندو هو.

ھڪڙي ڀيري ڪو غريب اچي ناحق ۾ ڦاٿو. مٿس فرياد ھئي ته وٽائنس چوريءَ جي واچ نڪتي آھي. پوليس سندس تلاشي ورتي ھئي. مشيرن جي روبرو واچ سندس قبضي مان نڪتي ھئي. واچ به سوني، مسلمان سيٺ جي ھئي. فرياد مهينو اڳ ٿيل هئي، جوابدار تي ثابتي قوي ۽ مضبوط هئي، ڇٽڻ محال هو. ھوڏانهن سيٺ به بيٺل هو. جوابدار جو بچاءُ اهو هو، ته هو هڪڙي سيٺ جي گهر هيٺان لنگهيو هو. سيٺ کي شڪ پيو ته هي سندس عورت کي اشارو ٿو ڏئي، سو کيس اتي پڪڙي مار ڪڍي هئائون، جيڪڏهن عبدالرحمان وچ ۾ نه پوي ها ته ماري سندس ساھ ڪڍن ها.عبدالرحمان جي وچ ۾ پوڻ سان ڪو سيٺ مڙڻ وارو هو ڇا؟ چي “اسان جي شرمن ڏانهن بد نظر ٿو ڪري اسين عزت وارا ماڻھو آھيون” عبدالرحمان گهڻو ئي وچ ۾ پيو، پر هنن نه مڃيو. تڏهن عبدالرحمان پاڻ کي چوڻ لڳو ته “ ادا عبدالرحمان هي سيٺ باز نه ايندو. کيس عزت جو خيال آھي. ۳۵ ورهين جي ڀيڻ ويٺي اٿس ته ان کي حق بخشائي ڏنو اٿس ته متان اباڻو حصو ڇڪي. پوءِ جي مڙس ڪونهي ته ضرور ..... ؟” ايترو چوندي بس ٿي ويو ۽ وري پاڻ کي چوڻ لڳو “عبدالرحمان، تون ڪنهنجو پڙدو نه کول. وري سيٺ کي ھٿ جوڙي سمجهاءِ ۽ جي نه سمجھي ته پوءِ سچ چئي ڏي” عبدلرحمان پاڻ سان ڳالهائيندو هو ته ڪا ڀڻ ڀڻ ڪو نه ڪندو هو سڀ ٻڌندا هئا. ماڻھن اشارو سمجهي ورتو ۽ سيٺ به ٻڌو .

ائين غريب جي جند آزاد ٿي. عبدالرحمان پردو ڦاڙڻ نه چاهيو ته به ڳالھ ماڻھن جي وات پيئي ۽ سچي ڪي ڪوڙي سيٺ جي ڏاڍي پچار ٿي. جوابدار اهو بچاءُ ٿي ڏنو. ٻيا جيڪي ماڻھو هئا آس پاس وارا، سي شاھديءَ ۾ گهرايا هئائين. سيٺ شاهديءَ ۾ ڪورٽ ۾ سڄي ڳالھ بنھ انڪار ڪري ويو. جوابدار ٽي ڀاڙي وارا شاهد ڏنا هئا ۽ چوٿون هو عبدالرحمان. چار پنج شنوايون ته شاھد آيا هئا، پر ڪيس ڪو نه ھليو، ٻن شاھدن کان ته جوابدار کي ھٿ کڻڻو پيو، جو سيٺ جُوفو ڏئي پنهنجي پاسي ڪيا هئا. هڪڙو شاهد ڪو هڪڙي شنوائي تي ڪو نه آيو هو، ته مئجسٽريٽ وٺي وارنٽ ڪڍيا ۽ ڪن وچ وارن چيس، ته جيڪڏهن تون سبب ڏيندين ته سائين مون کي ڪا به خبر ڪا نه آھي ته مئجسٽريٽ معاف ڪندو. ٽيون ويچارو ائين پنهنجي جند ڇڏائي ويو باقي رهيو عبدالرحمان. جوابدار جو وڪيل چوي ته ھھڙي شاھد تي ڪيئن بيهندو، پر جوابدار جو عبدالرحمان تي اعتقاد هو ته ھو خدا ترس ماڻھو آھي، ڪنهنجو به لحاظ ڪو نه رکندو. عبدالرحمان کي ڪورٽ جو سڏ ٿيو “ ادا عبدالرحمان ڪورٽ جو سڏ ٿيو آھي.” عبدالرحمان جُتي شد مد سان سان پاتي. گودڙي ٻٽي ڪري ڳچيءَ ۾ وڌائين. اڃان اندر گهڙيو ته پٽيوالي چيس ته جتي ٻاھر لاھ. عبدالرحمان پاڻ کي چوڻ لڳو “ادا عبدالرحمان، ڪورٽ جو پٽيوالو چوي ٿو ته جتي ٻاھر لاھ چئينس ته ڪورٽ جي لاءِ ته جتي وٺي آيو آھيان .” ائين ڪندي اندر گهڙيو، مئجسٽريٽ ھن کي ڏسي کلي ڏنو. اڃان پڃري ۾ بيٺو هو ته مئجسٽريٽ کڙڪي سان پڇيس رلي ڪلهي تي ڇو رکي آيو آھين؟ عبدالرحمان پاڻ کي چوڻ لڳو ته “ادا عبدالرحمان مئجسٽريٽ پڇي ٿو ته گودڙي ڳچيءَ ۾ ڇو پاتي اٿئي. ڪورٽ ۾ آيو آھين. سمجهي پورو جواب ڏي. مئجسٽريٽ صاحب کي چويس ته سائين هندو جڏهن ڪورٽ ۾ ايندا آھن ته بوڇڻ، دپٽو يا ٽوال ڳچيءَ ۾ پائي پوءِ اظھار ڪندا آھن. مون به انھيءَ ڪري گودڙي ڳچيءَ ۾ وڌي آھي. ڪورٽ جي ادب رکڻ لاءِ” (ڪورٽ کي) “سائين هندو جڏهن ڪورٽ ۾ ايندا آھن ته، دپٽو يا ٽوال ڳچيءَ ۾ پائي پوءِ اظھار ڪندا آھن. مون به انھيءَ ڪري گودڙي ڳچيءَ ۾ وڌي آھي.” جواب پورو لاثاني هو .

سرشتيدار: چئو ته خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي سچ چوندس ۽ سچ کان سواءِ ڪجھ ڪين چوندس .

عبدالرحمان: (پاڻ سان) “ ادا عبدالرحمان سرشتيدار چوي ٿو ته خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي سچ چوندس ۽ سچ کان سواءِ ڪجھ ڪين چوندس. سرشتيدار چوي برابر سچ ٿو .” (سرشتيدار کي) خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي سچ چوندس ۽ سچ کان سواءِ ٻيو ڪجھ به ڪين چوندس.”

سرشتيدار: نالو

عبدالرحمان: (پاڻ کي) “ ادا عبدالرحمان سرشتيدار صاحب نالو ٿو پڇي؟”

چئينس عبدالرحمان. (سرشتيدار کي) “عبدالرحمان”

اڪثر ڪورٽ ۾ ڪي قدر ٽھڪڙو هو. مئجسٽريٽ ته پھريائين مشڪيو ٿي، پر پوءِ ٿورو خفي ٿيڻ لڳو. وڪيلن مان هڪڙي وڪيل اٿي مئجسٽريٽ کي انگريزيءَ ۾ سمجهايو ته ھن جي اصلي اها عادت آھي. جڏهن سرشتيدار پڇيس “مذھب؟”

عبدالرحمان: (پاڻ کي) “ادا عبدالرحمان، سرشتيدار صاحب مذھب ٿو پڇي. ادا عبدالرحمان ياد ڪجانءِ ته قسم کنيو اٿئي ته سچ کان سواءِ ڪجھ ڪو نه چوندس. سوال ته ڏاڍو اگرو آھي. جي چوان ٿو ته مسلمان، ته ھندو ڪندا دل ۾، سچ ڪري چئُه. اڙي ادا عبدالرحمان ٿوري ۾ منجهي پيو آھين. ٻڌائينس سچل جو گفتو هندو مومن نه آھيان جو ئي آھيان سو ئي آھيان .”

سرشتيدار مئجسٽريٽ ڏانهن منهن ڪري نهارڻ لڳو. مئجسٽريٽ (سرشتيدار کي) “لکينس مسلمان”

سرشتيدار: “عمر؟”

عبدالرحمان: “ادا عبدالرحمان، سرشتيدار صاحب عمر ٿو پڇي، اسان چئون مسلمان نه آھيون ته مئجسٽريٽ صاحب لکي مسلمان. سرشتيدار کي چوينس ته ڀل اهو به مئجسٽريٽ “کان پڇي” (سرشتيدار کي) “سائين اھو به ڀل مئجسٽريٽ کان پڇو.”

عبدالرحمان جي فقط ايتري چوڻ جي دير ھئي. مئجسٽريٽ کي گجي اچي وئي ۽ ڌمڪائي عبدالرحمان کي چيائين ته “ڄٽ چڱيءَ طرح اظھار ڏي. ڪورٽ ۾ آيو آھين.” عبدالرحمان مشڪندو رهيو ۽ پاڻ کي چوڻ لڳو “ادا عبدالرحمان، مئجسٽريٽ چوي ٿو ته ڄٽ چڱيءَ طرح اظھار ڏي. عبدالرحمان مئجسٽريٽ کان پڇ ته ڄٽ ڪنهن کي چئجي.” اڃا عبدالرحمان مئجسٽريٽ کي چويئي چوي ته مئجسٽريٽ چيس ته “ڄٽ اڻ پڙھيل کي چئبو آھي.”

عبدالرحمان -- (پاڻ کي) “ادا عبدالرحمان! مئجسٽريٽ صاحب چوي ٿو ڄٽ اڻ پڙھيل کي چئبو آھي. ادا عبدالرحمان! تڏهن ته تون ڄٽ ڪو نه ٿئين. تون سنڌي، پارسي، اردو، سنسڪرت ۽ هندي ڄاڻين. تون پنج ٻوليون ڄاڻين، مئجسٽريٽ صاحب کان پڇ ته پاڻ گھڻيون ٻوليون ڄاڻي.”

عبدالرحمان ---- (مئجسٽريٽ کي) “سائين! -----”

مئجسٽريٽ اڌ ۾ ڪپي چيس ته “ڄَٽُ اھو جو انگريزي نه ڄاڻي.” عبدالرحمان (پاڻ کي) “ادا عبدالرحمان مئجسٽريٽ صاحب چوي ٿو ته ڄٽ اهو جو انگريزي نه ڄاڻي، پاڻ انگريزي ڄاڻي ٽوپڻمل جو پٽ!”

پڻس ڍڪ منشي، پڇيس ته سائين تڏهن توهان جا ابا ڏاڏا جي انگريزي نه ڄاڻندا هئا، سي به ڄٽ ھئا. يعني توهان ٿيا ڄٽ جا ......” مئجسٽريٽ گرم ٿي ويو. يڪدم پنو ۽ قلم کنيائين ۽ عبدالرحمان کي چيائين ته “تو تي ڇو نه قائدي جي ڪارروائي ڪجي، ته تون ڪورٽ جي بي ادبي ڪئي آھي. ھينئر گهڻو نه ڳالهاءِ جيڪي لکڻو هجئي لکي ڏي.”

عبدالرحمان قلم ۽ پنو کڻي هيٺين ريت لکيو :

جناب مئجسٽريٽ صاحب!

ادي عبدالرحمان ڪورٽ جي بي ادبي نه ڪئي آھي. اڄوڪي ڏينهن ۾ ٻين شاھدن کي گاريون ڏنيون اٿوَ. ادي عبدالرحمان کي گاريون سندس گودڙيءَ جي پلئَو کي به لڳن. توهين ماڻھن جا حاڪم نه آھيو پر سندن نوڪر. اسان شاهد ڪورٽ ۾ پاڻ ته ڪو نه آيا آھيون. توهان گهرايو آھي ۽ آئي جو آڌر به اهو!. ڪير توهان جي ڪورٽ کي شاهدي ڏيندو، جي شاھدن کي گارين جي ورکا پوندي؟ توهين سبب ڏيکاريو ته توهان کي ڇو نه موقوف ڪيو وڃي، جو توهان ڪورٽ ۾ شاهدن کي گاريون ڏنيون آھن. ادي عبدالرحمان ته، جيئن توهان کائنس قسم کڻايو آھي ته “خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي سچ چوندس، سچ کانسواءِ ٻيو ڪجھ ڪين چوندسس، سو ئي سچ چيو آھي.”


(فيسبڪ جي پيج “سنڌي ادب” تان ۲۳ جون ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment