Thursday, December 2, 2021

هي ڪرشن جو ڪمال آهي

هي ڪرشن جو ڪمال آهي

(ڪرشن کٽواڻيءَ جي ناول ترندڙ بادل جو اڀياس)

احمد شاڪر



آئون ان ڳالهه تي ويچاريندو رهندو آهيان ته سنڌ اندر نثر جي ڀيٽ ۾ نظم وڌيڪ ڇو پيو لکيو وڃي؟ ۽ ان سوال جي جواب ڳولڻ جي مون پنهنجي سر ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان نتيجي تي پهتو آهيان ته اسان وٽ نثر کي ڏکيو ۽ نظم کي سولو ٿو سمجهيو وڃي. پاڻ ان ڳالهه کي ماضيءَ سان نه ٿا ڀيٽيون صرف حال کي ڏسون ٿا ته اها ڳالهه وڌيڪ چٽي ۽ واضع نظر اچي ٿي ته اڄ جو نوجوان نظم طرف تمام گهڻو دلچسپي وٺي رهيو آهي ۽ هو ان کي سولو ته سمجهي ٿو پر هن کي تڪڙي شهرت به ان ئي ڀاڱي ۾ وڌيڪ نظر ٿي اچي پر ايئن هر گز ناهي. تخليقي ڪم ڪهڙي به شاخ جو هجي، اهو سرجڻ ڏکيو آهي. پاڻ ڳالهه پئي ڪئي اڄ جي نوجوانن جي نظم ۾ دلچسپيءَ جي ته اڄ جو نوجوان سهل پسند وڌيڪ ٿي ويو آهي، هو سمجهي ٿو ته نظم هلندي ڦرندي لکي سگهجي ٿو ۽ نثر لکڻ لاءِ وڌيڪ محنت ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي، وڌيڪ مطالعي ۽ مشاهدي جي ضرورت پوي ٿي پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي ته نظم لکڻ لاءِ به مطالعي ۽ مشاهدي جي ضرورت پوي ٿي ۽ اندر ۾ هٿ وجهندڙ شعر چوڻ لاءِ به ايڏي ئي محنت گهرجي ٿي، جيڏي ڪنهن افساني لکڻ لاءِ...


هن ناول کان اڳ مون کي خبر ناهي ته ڪيترا ناول پڙهيا آهن پر ايتري سُڌ ضرور اٿم ته شاعري ۽ ٻين موضوعن جي ڀيٽ ۾ مون ناول وڌيڪ پڙهيا آهن، ناول جي ڪائنات جو ڪئنواس ايترو ته وسيع آهي، جنهن کي ڪنهن به تشبيهه ۾ قيد نه ٿو ڪري سگهجي. توڙي جو سنڌ اندر ناول ٻين موضوعن جي ڀيٽ ۾ گهٽ لکيو ويو آهي پر جيترو لکيو ويو آهي، اهو سنڌي ادب جي حصي ۾ پنهنجي هئڻ جو نه صرف ڀرپور احساس ڏياري رهيو آهي پر پڙهندڙ جو ڌيان به پنهنجي طرف ڇڪائي رهيو آهي. هڪ ڳالهه مون کي اڄ ڏينهن تائين سمجهه ۾ ناهي آئي ته اسان وٽ اهو تاثر ڇو ڏنو ويو آهي ته ناول لکڻ ڏکيو آهي؟ اهو سوال منهنجي ذهن ۾ بار بار آيو آهي ۽ مون ان سوال تي کوڙ ڀيرا ويچاريو به آهي، اها ڳالهه طي آهي ته تخليق سرجڻ بلڪل به ڏکي هوندي آهي، پوءِ ڀلي اهو ڇو نه مضمون ئي هجي. پر اهو تاثر عام ڪرڻ بنهه بُرو ٿو لڳي، ڇاڪاڻ ته هڪ نئون لکندڙ جڏهن اها ڳالهه ٻڌي ٿو ته اهو ان ڳالهه جو شديد شڪار ٿي وڃي ٿو. مان سمجهان ٿو ته سنڌ ۾ ناول گهٽ لکڻ جو هڪ سبب اهو خوف ئي آهي، جنهن جو پاڻ مٿي ذڪري ڪري آيا آهيون، پر گذريل پنجن، ڇهن سالن ۾ سنڌ اندر جيئن شاعري ججهي مقدار ۾ ڪئي وڃي ٿي ۽ ان ئي انداز سان ناول به لکجڻ شروع ٿيو آهي، معيار تي پاڻ نه ٿا ڳالهايون اهو هڪ جدا موضوع آهي. هتي ڳالهه روايت ۽ خوف کي ٽوڙڻ جي آهي.

”ترندڙ بادل“ پڙهندي ڪيترا ئي ڀيرا منهنجي اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا ۽ ڪيترا ئي ڀيرا وقفي وقفي سان ناول پڙهندو رهيس. هيءُ ناول درد جو دريا آهي، جنهن ۾ هڪ اهڙو شخص ٻُڏي رهيو آهي، جنهن جو هر گفتو تاريخ جو ورق آهي ۽ اهو شخص حشو ڪيولراماڻي آهي. ڪرشن کٽواڻيءَ جي دل کي شابس آهي، جنهن ايڏي ڪرب کي قابو ڪري هن ڪتاب (ناول) ۾ آندو آهي ۽ اهو به فڪشن ۾... مون هندستان جي جن به سنڌي ليکڪن کي پڙهيو آهي، انهن جي ٻولي گهڻو مڪسچر آهي. لڇمڻ ڪومل جي ٻولي پُراسرايت جا پنڌ کولي ڇڏيندڙ ۽ نج نبار سليس آهي، جنهن کي پڙهندي پڙهندي وقت کٽي وڃي ٿو يا ڪتاب پورو ٿي وڃي ٿو پر سندس ٻوليءَ جو تاثير بکايل ٻار کي ٿڃ جيئن گهربل هجي ٿو ۽ ٻيو ڪرشن کٽواڻي آهي، جنهن جي ٻولي پڻ ٻاجهاري آهي، جنهن کي پڙهڻ سان وقت وسري وڃي ٿو. ان جو وڏو مثال سندس هيءُ ناول آهي. توڙي جو ناول جو پلاٽ سُور جو سمنڊ ۽ درد جو دريا آهي پر ان کي اظهاريت سليس انداز سان ڏني وئي آهي، اهو سڄو ڪمال ڪرشن کٽواڻيءَ جي ٻوليءَ جو ئي آهي.

حشو ڪيولراماڻيءَ تي لکڻ مان سمجهان ٿو ته ڪو ايڏو سولو ناهي، هو ننڍي کنڊ جي ٿورن ذهين ماڻهن مان هڪ هو. هن تي بهتر انداز ۾ سائين جي ايم سيد يا شيخ اياز ئي ڳالهائي سگهن ٿا. اياز جيڪو ڪجهه به حشو تي لکيو آهي، اهو سندس شخصيت جي اکيل ۽ ذهانيت جو مجسمو تراشيندي نظر اچي ٿو. ماضي قريب ۾ حشو سنڌ ۾ وڌيڪ دريافت ٿيو آهي ۽ هڪ قومي هيري جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. اها تاريخ جي سچائي به آهي ته هن پنهنجي ماضيءَ جي ورقن مان سنڌ کي هڪ اهڙو جينيئس ماڻهو ڳولي ڏنو آهي، جنهن جي سنڌ کي پلپل ضرورت رهي آهي، حشو ڪيولراماڻيءَ جي ڪتاب ”پاڪستان ايڪسريزڊ“ جو سنڌي ترجمو ۽ سندس متعلق لکڻيون ڊاڪٽر پارس نواز ”سنڌي سرويچ ۔ حشو ڪيولراماڻي“ نالي سان سهيڙي آندو آهي. ان کان علاوه هڪ ڪتاب ”حشو ڪيولراماڻي ۔ نه وسرندڙ شخصيت“ مدد علي سنڌي هڪ مختصر پر پُر اثر ۽ ڄاڻ ڀريو حشو جي خطن ۽ سندس يادن تي لکيو/ سهيڙيو آهي ۽ ان کان علاوه وڌيڪ ٻي خوشي جي اها به ڳالهه آهي ته حشوءَ تي ايوب کوسو هڪ ناول ”مَري جِي ڏٺوسين“ لکي ڪري پنهنجو قومي فرض نڀايو آهي ۽ اهو فرض ايوب جهڙو سچيت سرجڻهار ئي ادا ڪري سگهيو ٿي. انهن ٽنهي ڪتابن کان پوءِ سنڌ اندر قومي سوچ رکندڙ نوجوانن حشو ڪيولراماڻي کي وڌيڪ پنهنجو سمجهڻ لڳا آهن. انهن ٽنهي ڪتابن کي پڙهڻ کان پوءِ مون حشوءَ متعلق وڌيڪ مواد جي ڳولا ڪئي ۽ ان جو نتيجو اهو نڪتو جو ڪرشن کٽواڻيءَ جو هيءُ ناول ترندڙ بادل هٿ لڳو ۽ جڏهن هيءُ ناول منهنجي هٿن تائين پڳو ته سچ اهو آهي جو مون ٻيا سڀ ڪم ڇڏي ڪري هيءُ ناول رات پيٽ ۾ پڙهي پورو ڪيو.

”ترندڙ بادل“ هڪ ئي ساهي ۾ پڙهي ڪري ان راءِ تي پهتس ته نه وري ٻيهر پڙهجي ٻه دفعا پڙهڻ کان پوءِ به جهڙوڪ اڃ رهي پئي آهي ۽ اهو سڄو ڪمال ٻوليءَ جي حسناڪيءَ جو ته آهي ئي آهي پر ناول جو جيڪو پلاٽ آهي ان جي ڪماليت کان ڪير ٿو انڪار ڪري سگهي؟ سنڌي افسانوي دنيا کي اهڙا ئي ناول عالمي ادب جي قطار ۾ نه صرف بيهاري سگهن ٿا پر پنهنجي الڳ ٿلڳ حيثيت به ڏياري سگهن ٿا. ڇا ڪردار آهن، چند ئي ته ڪردار آهن ۽ انهن کي هن ناول ۾ هيڏي نفاست سان ادا ڪرڻ مان سمجهان ٿو ته اهو ڪرشن کٽواڻي جي قلم جو ئي ڪمال آهي ۽ ان کان علاوه هيءُ ناول پڙهندي هڪ ٻي اها به راءِ جوڙي سگهجي ٿي ته اهڙو ناول اهو ئي تخليقڪار لکي سگهي ٿو، جيڪو ساڃاهه جو سرچشمو هجي ۽ ڪرشن کٽواڻي هيءُ ناول ان ڪري به ڪاميابيءَ سان لکي سگهيو آهي، جو خود هن کان به ڌرتي ڇڏائي وئي آهي. تڏهن ئي ته هن ناول جي ڪردار ”هيم“ کي ايڏي ذهني دٻاءُ کان ويندي جلاوطنيءَ جي درد کي ڀوڳيندڙ ڏيکاري سگهيو آهي. ”هيم“ ۽ ”سجاتا“ هيءُ ناول جا ٻئي مرڪزي ڪردار آهن، انهن جي به وطن سان اڪير ڏيکاريل آهي، صحيح معنيٰ ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته هيءُ ناول نه صرف حشوءَ تي لکيل آهي پر هر ان فرد تي لکيل آهي، جنهن جنهن به وطن کان جدائيءَ جو درد ڀوڳيو آهي ۽ ان پيڙاءُ جي پاتال ۾ گم ٿيو آهي.

ڪرشن کٽواڻي جو آئيڊيل ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي آهي، جنهن تي هن هڪ زبردست مضمون به لکيو هو. ان کان علاوه پنهنجي جڳ مشهور ناول ”منهنجي مٺڙي سنڌ“ (هيءُ ناول ورهاڱي کان اڳ سنڌ جي صورتحال تي لکيل آهي) ۾ ڪامريڊ سوڀي کي مرڪزي ڪردار جي شڪل ڏني آهي ۽ ان کان علاوه هُن هِن ناول ”ترندڙ بادل“ جي ارپنا ۾ به ڪامريڊ سوڀي کي ناهي وساريو. اها سندس وطن سان وفائي حقيقي هيرن سان دلي وابستگيءَ جو چٽو مثال آهي، جو هن پنهنجن ناولن جا ڪردار به پنهنجي وطن جا واهرو چونڊيا آهن. اها ئي تخليق دل تي اثر ڇڏي ويندي آهي، جيڪا مٽيءَ مان ڳوهيل هجي ۽ اهڙي ئي هڳاءُ سان ڪرشن کٽواڻيءَ جون تحريرون انهيءَ عمل ۾ ڪَني تار آهن.

ڪرشن کٽواڻي جا سنڌ اندر لڳ ڀڳ ٽي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، انهن ۾ ”هڪ ڇوڪري هئي“ (ڪهاڻيون ۽ ناول) ”منهنجي مٺڙي سنڌ“ (ناول) ”هِن پار مان، هُن پار تون“ (ڪهاڻيون، شاعري، مضمون، تقريرون ۽ آتم ڪٿا) هيءُ چوٿون ڪتاب آهي، جيڪو پڻ ناول آهي ۽ ڇپجي رهيو آهي. ان کان علاوه ٻيا ڪيئي ناول ۽ ڪهاڻين جا مجموعا سندس شايع ٿيا آهن، جيڪي هند ۾ ڇپيا آهن، انهن کي سنڌ ۾ به ڇپائي پڌرو ڪيو وڃي ته بهتر ٿيندو. ڪرشن کٽواڻي توڻي جو ڪيترائي ناول لکيا آهن، هو ناول نگار هئڻ سان گڏوگڏ هڪ معتبر ڪهاڻيڪار پڻ آهي، ان کان علاوه هن شاعري به ڪئي آهي، اهي سڀئي حوالا هن جي حصي ۾ اچن ٿا ۽ هڪ ڪامياب قلمڪار ڪنهن به شعبي ۾ لکي ٿو ته هو پنهنجي قلم جو معيار برقرار رکيون ايندو آهي. ڪرشن جو هيءُ ناول صحيح معنيٰ ۾ هڪ اهڙو ناول آهي، جنهن کي ڪنهن به ٻِي لکڻي جي سهاري جي ضرورت ئي ناهي. معياري ادب اوڀر مان اڀرندڙ اهو سج آهي، جنهن جي پنهنجي الڳ ٿلڳ سڃاڻپ هوندي آهي.

هڪ ڳالهه نوٽ ڪرڻ جي آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل افسانوي ادب لڳ ڀڳ هڪ سئو ٽيهن سالن جي تاريخ تائين ڦهليل آهي، ان سڄي تاريخ ۾ توڙي جو سون جي تعداد ۾ ڪتاب لکيا ويا آهن ۽ انهن مان ڳڻپ آڱرين ته ڳڻڻ جيترن ڪتابن جي آهي، اها ڳالهه پاڻ کي ضرور مڃڻي پوندي ته اوليت وري به معيار کي ئي آهي، اها ته ٿي ماضيءَ جي ڳڻپ هاڻي حال ۾ نون لکندڙن کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته لکجي اهڙو جنهن کي تاريخ جاءِ ڏئي ۽ ماڻهن جي من ۾ آکيرو اڏي ڇڏي، انهن سڀني ڳالهين جي اهميت پنهنجي جاءِ تي ته بلڪل آهي پر انهن کان اڳتي هڪ ٻِي به ڳالهه آهي، جنهن طرف اڄ ڏينهن تائين ڪنهن جو ڌيان ناهي ويو ۽ اها ڳالهه آهي، پڇاڻو... هتي ٿئي ڇا ٿو، جيڪو لکيو، سو اگهاميو. ڪير پڇاڻو ڪري؟ ادبي ادارا آهن ڪونه جيڪي ڪتابن جي جاچ پڙتال ڪن. نتيجي ۾ ڇا ٿو ٿئي ته رف ڪتاب ڇپجيو وڃن. هاڻي ته ظلم اهو ٿو ٿئي جو، پڙهندڙن جو ذائقو متاثر ٿي چڪو آهي، ان جو اثر سنڌي ڪتابن جي وڪري تي پيو آهي. ادارا ته ادارا پر سينيئر ليکڪ به نون لکندڙن جي لکڻين جي جاچ پڙتال نه ٿا ڪن. جيستائين ڪا لکڻي تنقيدي عمل مان پاس ٿي نه نڪرندي، تيستائين ان ۾ ڪچايون رهڻيون آهن.

ان سڄي ڳالهه کي ايئن سهيڙجي ٿو ته جيڪو ڪجهه لکجي ان کي بار بار پڙهجي ۽ بار بار لکجي. ان ڳالهه تي ويچارڻ انتهائي ضروري آهي ته آخرڪار ٿورا ئي ڇو ڪتاب ڳڻپ ۾ اچن ٿا؟ ان جو حاصل مطلب اهو ٿو نڪري ته جيڪي ڪتاب ڳڻپ ۾ اچن ٿا، انهن تي نظر ثاني کان ويندي مسلسل محنت ۽ نور نچوئيل هجي ٿو. ان ڪري نون لکندڙ دوستن کي گذارش ضروري ٿو سمجهان ته ڪتاب ڇپرائڻ ۾ تڪڙ هر گز نه ڪجي، ڪتاب اهڙو ڇپرائجي جيڪو صدين تائين پڙهندڙ ۽ هڪ مڪمل دور تي پنهنجي ڇاپ ڇڏي وڃي. هي جيڪو ناول (ترندڙ بادل) اڄ به اهميت ڀريو آهي، ان جو مطلب اهو هر گز ناهي ته هيءُ حشو ڪيولراماڻي تي لکيل آهي، ان ڪري. هيءُ ناول ان ڪري ڪارائتو به آهي ته هن ۾ هڪ به اهڙي سٽ ناهي، جنهن کي غير ضروري چئجي.

ڪير ڪيترو به تاريخ جي تهن تي مِٽيءَ جا تهه چاڙهيندو رهي پر وقت جو وهڪرو هڪ ڏينهن انهن تهن کي هٽائي ڇڏيندو آهي ۽ سچائي سان تاريخ جا سنهري ورق اڇا اجرا ٿي عام اڳيان آڻيندو آهي ۽ ايئن ئي هيءُ ناول ۽ ان جو ڪردار هيم... اڄ پنهنجن اصل وارثن اڳيان آهي ۽ اها اسان جي ڪاميابي چئجي يا تاريخ جي مهرباني... جنهن اسان کي ناياب ڪتاب ۽ حقيقي هيرو هٿ تري تي آڻي رکيو آهي.

آخر ۾ آئون نئون نياپو اڪيڊمي جي چيئرمين ۽ سنڌ جي سڄڻ سنڌي انعام کي لک شابس ڏيندس، جنهن هيءُ ڪارائتو ڪتاب اسان اڳيان ڇپائي آندو آهي. اها سندس وطن دوستي ئي چئي سگهجي ٿي جو هڙان وڙان هر ڀيري طالبِ علم جي هٿن ۾ ڪو نه ڪو قيمتي ڪتاب جو گلدستو پڪڙائي ڇڏيندو آهي.

 

(احمد شاڪر جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۳ نومبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment