Friday, December 31, 2021

مٿاڇري نظر آخري اسٽيشن تي

مٿاڇري نظر آخري اسٽيشن تي

بشير جتوئي



ڏسو ته سنڌي ادب ۾ تاريخي، سياسي ۽ رومانوي موضوعن تي ڪيترا ئي ناول ڇپجندا رهن ٿا. ان جديديت سنڌي ناول-نگاريءَ جي سفر ۾ رزاق سهتي پڻ پير پاتو آھي. هن ناول ۾ سياسي جهلڪيون به آھن ته سماجي به! ۽ رومانوي پڻ. ڪِٿ ڪِٿ ائين ڳالهيون ڀڙڪو ڏئي ذھن جي ڪينواس تي ڇانئجي وڃن ٿيون جو ڄڻ پڙھندڙ اُن ناول جو مُک ڪردار هجان.


مُک ڪردار ڪامريڊ آھي، جيڪو شروع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ سان ڪم ڪندو آھي. جيلن ۾، ٽارچر سيلن ۾، جوانيءَ جا ڏينهن گذاريندو آهي. هيءُ اهڙو ته سرگرم هوندو آھي جو سڀ ڪجھ وساري ويهندو آھي. جنهن سبب مڱيندي به ڇڏي ڏيندو آھي ۽ هوءُ ڪنهن ٻئي سان شادي ڪري ڇڏيندي آھي.

ڪميونسٽ پارٽيءَ مان باغي تڏهن ٿيندو آھي، جڏهن ضياءَ جي دور ۾ سنڌ ۾ پيدا ٿيل ڏُڦيڙ سبب پارٽيءَ ۾ ٽوڙ ڦوڙ ٿيندي آحي. جنھن جي ڪري هيءُ به (ڪامريڊ) تنگ ٿِي پارٽيءَ مان نڪري، آزاد زندگي گذارڻ لڳندو آھي.

۽ پو۽ پڇتاءُ ڪندو آھي، ڇڏيل منڱينديءَ تي، جنهن سان بي پناھ پيار ڪندو هو. هاڻ ڇا ٿيندو؟ ڪجھ به نه! سوچيندو آھي؛ خودڪشي ڪريان. نيٺ ان ارادي سان ڳوٺ مان ريل ۾ چَڙھي پوندو آھي. بوگيءَ ۾ ويهي سوچيندو آهي؛ منهنجو سفر، آخري اسٽيشن آھي. ۽ پوءِ ڪلاچي، جتي زندگيءَ جو انتُ ڪندس. پر زندگي نئين موڙ کي جنم ڏيندي آھي. اهو آھي زاهد بلوچ جيڪو ڪلاچيءَ جي هوٽل ۾ اتفاقي طور ملي ٿو. (ساڻس جوانيءَ ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۾ ڪم ڪيو هو) جيڪو هن جي زندگيءَ ۾ بهارون پيدا ڪري ڇڏي ٿو. پوءِ خودڪشيءَ جو خيال ميسارجي وڃيس ٿو. ڪلاچيءَ ۾ رهندي، دوست زاهد سان ماضيءَ جي سياست تي خوب ڪچھريون، ٽھٽڪا ڪندو رهي ٿو ۽ معمول مطابق زندگيءَ جا لطف ۽ مزا پڻ ماڻيندو رهي ٿو. نيٺ سهڻيءَ (مڱيندي) جو مڙس فوت ٿي وڃي ٿو ۽ هي خواهش ظاهر ڪري ٿو ساڻس شادي ڪريان. اها ڳالھ ڀاءُ جمالدين کي ڪن تي هڻي ٿو، جيڪو ڳوٺ جو زميندار آھي. ۽ هوڏانهن سهڻيءَ جا ساهرا گهڻي انڪار کان پوءِ راضي ٿين ٿا. ۽ نيٺ ڪامريڊ، سهڻيءَ سان شادي ڪري سڪون جي زندگي گذارڻ لڳي ٿو.

ناول ۾ جدت آھي. يقينن هڪ ساهيءَ ۾ پڙھڻ جهڙو هيءُ ۴۰۰ صفحن جو ناول، مون ٻِن ويهڪن ۾ پڙھي پورو ڪيو.

هن ناول جي اها به ڪمال جي خوبي آھي، جو نه مهاڳ، نه رايو، ۽ نه ئي پنهنجي پاران ۾ ٻه اکر لکيل اٿس.

سنڌي ناول جيڪو يڪسانيت ۾ ڦاٿل ھيو، هن ناول جمود کي ٽوڙي ڇڏيو آھي. پڙھڻ جهڙو ناول آھي. خاص ڪري سياسي، سماجي شعور رکندڙ ذھن ھي ناول ضرور پڙھن.

آخر ۾ ڪجھ ٽڪرا رکندس جيئن اوهان به پڙھي ڏسو؛

* شاعر عشق نه ڪندو ته بندوق هلائيندو. ص۴۲

* جيڪي مذھبي رسمون ڄاڻيندا ها، اهي اقتدار تي خدا ۽ ڀڳوان جون مهرون هڻندا هئا. ص۱۰۶

* ڪتاب اهڙو دوست آھي، جيڪو ڏيندو گهڻو ڪجھ آھي، پر وٺندو رڳو وقت آھي. ص۱۰۷

* پاڻ وارو ڪامريڊ ڄام ساقي سرڪاري نوڪري قبولي صلاحڪار ٿي ڪيترين ئي دلين کي رنجائي ڇڏيو. ص۱۱۱

* مريد - پيرن، ميرن، مرشدن جي لاءِ اڄوڪي زماني جي اي ٽي ايم (مشين) آھن. اهي ڪيئن چاهيندا سندن مانُ مرتبي ۽ مال ۾ گهٽتائي اچي. شاھ عنايت شهيد جهڙو نعرو ڪنهن ڏنو ”جو کيڙي، سو کائي.“ جنهن کي ماريو ئي ان نعري جي ڪري ويو. ص۱۲۵

* جي ايم سيد عجيب ماڻھو آھي. پاڪستان جي ٺھراءَ جي حمايت ڪيائين. سندس تقرير موجود آھي. اسان هندُن کي هتان ڪڍي رهنداسين. ٿورو پنڌ ڪري رُسي ويهي رهيو. نه کپي نه کپي، پاڪستان نه کپي. ڀائي ڳالھ ٿي، مشڪري ٿي. ص۱۳۵

* جيڪڏهن قومي اسيمبليءَ ۾ نانگ ورهايا ويندا ته ڇا اسان کي اهي به وٺڻ کپن. ته پوءِ نه کپي جو نعرو ته ضرور لڳندو. ص۱۳۵

* جنهن کي پاڻ عادت هجي، عورت سان ڪهڙو ميلاپ ڪندو. ص۱۶۹

* سيڪس کي انجواءِ ڪرڻو آھي، عورت سان ملي ڪجي يا هم جنس پرستي ڪجي. ص۱۷۸

* سٺا دوست به جسم جي حصي جيان هوندا آھن. جدا ٿيڻ سان لڳندو آھي، ڄڻ بدن جو اهم حصو الڳ ٿي ويو. ص۱۹۹

* زندگي ڪيڏي به ڪڙي ۽ ڪساري آھي پر خوبصورت آھي. ص۲۹۱

* چڪلي جي عورت، سياستدان کان بهتر آھي. ص۳۳۴

 

(رزاق سھتو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳۱ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي، سندس راءِ؛ ”پياري بشير جتوئي جا وڏا وڙ جنهن ناول پڙھي پنهنجي قيمتي راءِ جو اظھار ڪيو آھي۔ اوهان به پڙھي ڏسو۔“ سميت کنيل)



سنڌي ناول ۾ هڪ ٻيو واڌارو

ننگر چنا

سنڌي ناول ويھين صديءَ جي ڀيٽ ۾ ايڪويھين صديءَ جي هِنَ پھرين چوٿائيءَ ۾ ڇوھَ مان اڳتي وڌيو آهي. هِنَ ڪيئي وکون کنيون آهن ۽ موضوعاتي حوالي کان جديد ترين ادبي لاڙن يعني جادوئي حقيقت نگاري، ڏندڪٿا ۽ آکاڻي واري اسلوب کي به پاڻ سمائي هليو آهي ته روايتي حقيقت نگاري، تاريخيت، تصوف وارن لاڙن کي به پيش ڪندو رهيو آهي.

گذريل ڪجهه ورهين ۾ جتي؛ “نجومي”، “اوڻويھَه صورتون”،“قالو بلا”، “دنيا دَمُ درياھُ”، “ڪُتا” ،“اَڌَ ڏکوئي آهيان”، “طريقت جو سج”، “عشق تمام برھ تمام”، “واپسي”، “ڪلاس فور جي محبوبا”، “يوٿوپيا” ۽ “آگم پريت” جھڙا ناول اسان جي روح کي سرشار ڪري ويا ته ٻئي پاسي وري اسان جو پيارو ڪھاڻيڪار رزاق سھتو ۽ نور راهوجو به نوان ميدان والاريندا اڳتي وڌي آيا آهن. نور راهوجي به لاڳيتو چار ناول لکيا آهن ۽ اسان جو مانَ وارو رزاق سھتو ڪھاڻين جي ٻن ڳٽڪن کان پوءِ پنھنجي نئين ۽ ٿُلهي ٿَنڀري ناول “آخري اسٽيشن” سان پڙهندڙن جي اڳيان آهي.

رزاق سھتي جو ناول پڙهيو ڪو نه اٿم، هٿن ۾ آهي. تنھنڪري وچور سان گڏ ٻئي ڀيري. باقي واڌايون رزاق سھتي کي جنھن روسين وانگر اهڙو وڏو (ضخيم) ناول لکي ورتو آهي ۽ سنڌي ادب خاص ڪري ناول جي جهول کي اڃا وڌيڪ وَڙائتو ڪيو آهي.

واحد ڪانڌڙي کي به واڌايون، جنھن ايلسا پبليڪيشن پاران اهو ناول ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.

وڌيڪ اوڀاريون لھواريون ناول پڙهڻ کان پوءِ.

 

(ننگر چنا جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳۱ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)


 

 

محترم گل محمد عمراڻي جن گهڻ پڙھي شخصيت ۽ ادب جا عاشق آھن. اسان لاء نهايت احترام لائق آھن. سندن ناول ”آخري اسٽيشن بابت راءِ منهنجي لاء اتساھ جو ذريعو آھي. ويجهڙائيءَ ۾ سندن آتم ڪٿا جو ڪتاب آيو آھي. (رزاق سھتو)

Gul Mohammad Umrani

Latest novel of Razzaq Sahito "Akhri Station" is the tale of complex   Web of uncanny sentiments of human psyche concerning the phenomenon underneath the subconscious cross currents of   our Freudian sexual and    innocuous    wells of hitherto undisclosed love, affection, fidelity, betrayal, travelling marooned at the Last Station of Hope. Wahid Kandhro has given concise yet erudite presentation in preface of Novel coming in the last month of the Year by this publication through his Elsa concern. The novel is a  synthetic organic whole of the Post Modern linguistic Literary Culture.

 

محترم گل محمد عمراڻي جن گهڻ پڙھي شخصيت ۽ ادب جا عاشق آھن. اسان لاء نهايت احترام لائق آھن. سندن ناول ”آخري اسٽيشن بابت راءِ منهنجي لاء اتساھ جو ذريعو آھي. ويجهڙائيءَ ۾ سندن آتم ڪٿا جو ڪتاب آيو آھي. (رزاق سھتو)


 

تخليقڪار ماڻهو مرندو ناهي

ناول ‘آخري اسٽيشن’ تي ھڪ نظر

ساحل سڪندر جروار

تخليقڪار ماڻهو پنهنجي تخليقن وسيلي قومن ۾ شعور جي شمع  ٻاريندا آهن. جيئن شاعر قومن جا سفير هوندا آهن ائين ئي اديبُ پنهنجي لکڻين ذريعي قومن جي ترجماني ڪندو آهي. تخليقڪار مرندو ناهي هو لکڻين ذريعي زنده هوندو آهي ۽ هر دور ۾ انهن جون لکڻيون اسان جهڙن ماڻهن لاءِ اتساهه جو سبب بڻجنديون آهن.  ادب ۾ مخلتف صنفون آهن، پر ناول منهنجي پسنديده صنف آهي ائين سائين رزاق سهتي جو ناول ‘آخري اسٽيشن’ يڪساهي پڙهي ويس. اسان جو نوجوان نسل ڪئمپس تي لکيل ناول شوق سان پڙهندو آهي جنهن ۾ مختلف ليکڪن جا نالا سرفهرست  آهن. طارق عالم ابڙي کان وٺي منير چانڊيو تائين پر هر ليکڪ جي لکڻين جو انداز پنهنجو آهي هر ڪنهن جو پنهنجو ڊڪشن هوندو آهي. منفرد ڳالهيون هونديون آهن ۽ ڪلائيميڪس به ڪمال جو هوندو آهي. سنڌي ادب ۾ سڀ کان پهرين ڊاڪٽر جانسن جو  انگريزي راسيلاس ناول سنڌي ۾ ترجمو ٿيو هو جنهن کانپوءِ مختلف پرڏيهي  ناول  ترجمو ڪيا ويا ۽ سنڌي اديبن به ناول  تي خوب طبع آزمائي ڪئي جنهن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي جو ‘سانگهڙ’ ۽ آغا سليم ‘ھم اوست’ به تاريخي پسمنظر ۾ ناول لکي اسان جي ادب کي  ھٿي ڏني. جڏهن ته سراج ميمڻ، امرجليل ۽ ماڻڪ سميت ڪيترن ئي ناول نگارن، تاريخي پسمنظر کان ويندي رومانوي ناول لکي، سنڌي ادب ۾ نئون روح ڦوڪيو آهي.

موجوده صورتحال ۾ ناول ته گهڻو لکجي رھيو آھي پر معياري ناول جي کوٽ محسوس ڪئي پئي وڃي. سائين رزاق سهتي سگھارو ناول لکي کوٽ  پوري ڪئي آهي،  آخري اسٽيشن ناول  سنڌي ادب ۾ يقينن واڌاروآهي. خيرپور ضلعي جي ڳوٺ صوفائي سهتو ۾ جنم وٺندڙ رزاق سهتو آخري اسٽيشن ناول ۾ خوب نڀايو آهي، بهترين اسلوب سان لکيل هي ناول سچ پچ ڪمال جو آهي جنهن ۾ نه رڳو ٻولي ڪمال جي  پر ڪلائمڪس به لاجواب آهي.

سال ۱۹۷۸ع ۾ ادب ۾ پير پائيندڙ رزاق سهتي، اهڙو منفرد ناول لکي، اسان تي ٿورو ڪيو آهي ۽ ان مک ڪردارن سان به واهه جو نڀايو آهي. هن ناول ۾ رڳو رومانس ناهي پر سياست جا عڪس پڻ شامل آهن. جنهن لاءِ واحد ڪانڌڙي لکيو آهي ته آخري اسٽيشن ناول ۾ پيار محبت وفا دغا وڇوڙي سفر سميت زندگي جي سمورن لقائن جون دنيائون آهن ليڪن سياست جي وهندڙ دريا جي لهرن ۾ اميدن جون ڪيئي ٻيڙيون ترندي ۽ ٻڏندي نظر اچن ٿيون.

هن ناول ۾ ٽارچر سيل جي عذابن جو قصو آهي ۽ انهي دوران ڪميونسٽ پارٽي جي ٽوڙ ڦوڙ کي پڻ فوڪس ڪيو ويو آهي. ناول ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته روس جي ٽٽڻ سان ڪامريڊن مٿان نئون عذاب نازل ٿئي ٿو ۽ ڪيترا ئي ڪامريڊ سياست کي الوداع ڪري مذهب ۾ پناهه وٺن ٿا پر مک ڪردار انور، آخر تائين ثابت قدم رهي ٿو. ناول ۾ پونم لال ورما جو ڪردار به ساراهڻ جوڳو آهي جيڪا ڪاروباري عورت آهي ۽ سنگاپور ۾رهندڙ هڪ سنڌياڻي آهي، جنهن پنهنجي ٻوليءَ ۽ ڌرتي سان چاهه رکيو ۽ ان پنهنجي ٻوليءَ سان ڪڏهن به ڪنارا ڪشي ناهي ڪئي. ناول جي اها پيرا به ڏاڍي وڻندڙ آهي جنهن ۾ ٻولي سان بيحد  محبت جو حوالو ڏنل آهي.

انهي کان علاو به کوڙ دلچسپ ڳالهيون آهن جيڪي ناول کي سونهن بخشين ٿيون. سائين رزاق سهتي ناول تي نه رڳو سٺي محنت ڪئي آهي پر نيئن موضوع کي جان بخشي آهي،  ناول ۾ ڪامريڊ انور، زاهد بلوچ، رقيه ۽ ديبا جلال سميت کوڙ ڪردار آهن جنهن سان ليکڪ خوب نڀايو آهي.

انهي اميد سان پڄاڻي  ڪيان ٿو  ته سائين رزاق سهتو اڃا به منفرد موضوعن سان سٺا ناول ۽ ڪهاڻيون لکي ادب جي جهول ۾ وجهندو. هي ڪتاب ايلسا پبليڪشن پاران ڇپرايو  ويو آهي، چار سؤ صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت پنج سؤ رپيا آهي. سڀني نوجوانن کي هي ناول ضرور پڙهڻ گهرجي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۴ جنوري ۲-۲۲ع تي ڇپيل)


 

 

رزاق سهتي جو ناول ”آخري اسٽيشن“ ۽ سماج جا عڪس

عبدالواحد سومرو

آخري اسٽيشن ناول پڙهڻ شروع ڪيم. جيڪو ويجهڙ جي سنڌ جي سياست ۽ سياست ۾ ٿيندڙ سازشن هڪ ٻئي تي الزام تراشي جا عڪس نروار ٿي اچن ٿا. گهري مطالعي، تجربي وارن سياسي ڪارڪنن کان اڳواڻن تائين اڳيان چٽيل ڪردار پڙهندي اڳيان پنهنجي محسوس ٿين ٿا.

”آخري اسٽيشن“  ناول ۾ هي ڪردار موجود آهن. جيڪي ڪتاب جي منڍ ۾ ليکڪ ڏنا آهن. جيڪا به هڪ نئين روايت آهي. هونئن ته ٻاهرين ملڪن جي ڪجهه قتل وارن ناولن ۾ ڪردار ڏنل هوندا آهن.

بهرحال هي ڪردار، اندر ڪتاب ۾ ساهه پساهه کڻندي، گهمندي، ڦرندي، ٿيندڙ واقعن، حادثن، لقائن کان ويندي ذات تائين زندهه، هشاش بشاش، تازا توانا، تندرست موجود آهن، جيڪي هي آهن.

(۱) انور-ڪامريڊ (۲) سهڻي-انور جو پيار- (۳) زاهد بلوچ-انور جو ڪميونسٽ دوست- (۴) ديبا جلال-انور جي ڪامريڊياڻي دوست-(۵) رقيه – روشن خيال فيمينسٽ عورت- (۶) حامد علي- انور جو ڪميونسٽ دوست- (۷) پونم لال- سنگاپورين سنڌياڻي- (۸) سبطين احمد- انور جو ڄائو پٽ- (۹) جانڪي-رقاصه ۽ سهاڳڻ- (۱۰) جمال الدين- انور جو ڀاءُ.

ناول جنهن جي چؤگرد هي سڄا سارا چار سئو صفحا لکيل آهن. جيڪو ترقي پسند ڌر جو هڪ ڪارڪن، اهو پنهنجو قصو، ڪٿا هينئن شروع ڪئي آهي: هُو سفر تي نڪري پيو. پاڻ هر تو محسوس ڪيائين ته متان زندگيءَ جو آخري سفر هجي. مٿس خودڪشي جو رومانس طاري، سندس منزل پڻ آخري اسٽيشن، ريل گاڏي، تيز رفتار سان ڊوڙندڙ، رات جو وچون پهر، مسافرن جو گهڻو انگ ننڊ ۾، رکي رکي کيس آتم هتيا جو خيال پئي آيو.

..........

سهڻيءَ هڪ نهار انور کي ڏٺو ۽ انور سهڻيءَ کي ته هڪ ٻئي جا مشتاق ٿي پيا.

منهنجي مري وڃڻ سان سنسار جي هل چل ۾ ڪو فرق نه پوندو. اميد پرست شخص رهيو آهيان. هي خودڪشيءَ جو ريچڪ ڪيئن چڙهيو آهي.

سهڻيءَ سان ڪيل پهرين ملاقات سندس اندر ۾ لهي آئي.

ٻئي ڪمري ۾ اڪيلا هئا. نويڪلائي ٻنهي جي وجودن کي ويڙهي ماٺيڻو ڪري ڇڏيو هئو. انور چيو هئو ”ڪيئن آهين سهڻي؟“

”ٺيڪ آهيان ۽ تون؟“

”ٺيڪ“

انور پيار ڀرئي لهجي ۾ سهڻيءَ جي سراپي تي نهار ڪندي چيو هئو.

”تون ڪپڙن ۾ نکري پئي آهين سهڻي“.

........ ايئن چوندي سهڻي موڪلايو. هوءَ ٻه ٽي قدم اڳتي وڌي. انور سَڏُ ڪيس. هوءَ بيهي رهي.

انور اڳتي وڌي سُهڻي جو ساڄو هٿ پڪڙي هٿ جي پُٺيءَ تي چُمي ڏني. ڪنواري وجود تي آسماني کنوڻ ڪِري سارو سراپو روشنيءَ جي تيز شعائن سان وڪوڙجي ويس.

هوءَ تيز قدمن سان ڪمري مان هلي وئي.

..................

انور کي منزل شهر جو هوٽل هئو. جتي زندگيءَ جون سڀ سهولتون موجود هجن. پاڻ ڪلاچي شهر ۾ گهڻو وقت گذاري چڪو هئو. اسٽيشن کان ٿوري پنڌ جي فاصلي تي مهراڻ هوٽل جي طرف منهن ڪيائين.

...... هن شهر کي ڇڏئي ڪيترا سال وهامي ويا هوندا. زندگي نئين ٽڙيل مکڙيءَ مان گلاب ٿي نوجواني جو وقت ڪلاچي شهر ۾ روپوشيءَ ۾ گذاريم. ٽارچر سيل ۾ اکين تي پٽي ٻڌي کڻي ويندا هئا خبر ئي ڪانه پوندي هئي ته ڪهڙي جاءِ تي آهيون.....

پنهنجو پاڻ سان ڳالهائي اڳتي وڌي ويو. چڱيرڙو پنڌ ڪيائين ته هڪ سينٽر جي اڳيان کيس پنجوڙ لڳي ويا. بُت بڻجي بيهجي ويو. سينٽر ۾ رهندڙ رقيه سندس حواسن تي ڇانئجي ويئي.

”مٿي چڙهي وڃان ... نه ٿو وڃان. رقيه اتي رهندي به هوندي الائي نه ... ٻار به ٿي ويا هوندس .“

.......”هاڻ به رابطو ٿيو ته هوٽل تي هلي ايندي. عجيب مزاج جي ڇوڪري هئي. ان وقت ننڍي وهيءَ ۾ سامائي ڪو سال کن ٿيو هوندس. اسان جو به نوجواني ۾ پير هئو. پهرين ملاقات ادبي اسٽڊي سرڪل ۾ ٿي هئي. خبر ناهي الائي ڪنهن تعارف ڪرايو هئو. هوءَ ڪا جسماني ٺاهه ٺوهه بيهڪ ۾ ڪا گهڻي خوبصورت ڪا نه هئي. پر جنسي، ڪشش بلا جي هوندي هئس. ڇاتي پاڻ ئي تاڻي هلندي هئي. قد وچولو هئس. هوءَ هر وقت ڪو نه ڪو جوان ڀر ۾ رکندي هئي.

........

پوئين ٽن ڏهاڪن کان اسان سنڌي اربنائيز ٿيا آهيون. هاڻي ماڻهو ڪاروبار طرف اچن پيا. پر ڌارين جي آبادڪاريءَ سنڌ جي ڊيموگرافي ۾ تبديلي آڻي ڇڏي آهي. ڪلاچيءَ ۾ ته مڪسچر ٺهي ويو آهي. هتي سنڌين جي ڪيتري به آبادي وڌائجي پر اقليت ۾ ئي رهنداسين. اندرين شهري ۾ اسان جي اڪثريت آهي.“

ڪامريڊن کي ڇا ٿي ويو آهي. پاڻ وارو حامد علي پڪو مُلا ٿي ويو. تبليغي جماعت ۾ هليو ويو. ساڻس فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ابا نو لفٽ ڪري ڇڏيائين ... ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ڪو نه ٿي اچي...“

يار زاهد- هن عورت ۾ عجيب پنهنجائپ هئي. ڄڻ سالن جا سال گڏ رهيا هُجون. ڇا ته سندس اخلاق، اٿڻ ويهڻ، ڳالهائڻ سڀ نرالو هو. اسان جي مٽيءَ جي خوشبوءِ سڀ کان انوکي آهي. موهن جي دڙي کان مون تائين جو سفر مٽيءَ جي ڪشش ڪري ئي اسان ڪيو آهي. اسان کي ڪير به مٽي کان جدا ڪري نٿو سگهي.“

ڪلاچيءَ جي موسم دلربا ٿي پئي هئي. اولهه جي هوا گُهلي رهي هئي. سمنڊ طرفان ايندڙ هوا محبوب جي مرڪ جيان پئي لڳي. هوٽل ۾ چهل پهل هئي. پر انور ۽ زاهد بلوچ ڪير ڪري اٿيا.

......

پي آءِ اي جي اڏام لاهور کان ڪلاچي لاءِ رواني ٿي هئي. سا ايئرپورٽ کان صرف چند منٽن جي فاصلي تي شهري آباديءَ ۾ ڪري تباهه ٿي وئي.

” .... يا خدا هي ڇا ٿي ويو. ديبا جلال ڪٽنب سميت جهاز ۾ موجود هئي. سڀ جا سڀ. اُف قهر ٿي ويو. انساني جانيون ايئن سڙي رک ٿي وينديون.

......

ادا چوندا ناهن. دل کوٽي عُذر گهڻا .... ادي ڀيڻ، مون ئي سهڻي کي ڌتڪاريو. منهنجي محبت ۽ مڱ هئي. پر سياست جو اهڙو نشو چڙهيو جو وساري ويٺس. جڏهن نشو لٿو. سڀ ڪجهه ختم ٿي چڪو هئو.“

..........

”جانڪي- ايڏيون وڏيون ڳالهيون ڪٿان سکي آهين.“

”سر- مجلسي علم ڪتابن ۾ ناهي ملندو. ڪچهرين مان گهڻو پرايو اٿم. هر قسم جي ماڻهو سان واسطو رهي ٿو.“

”تون چوندو هُئين وڏو اڳواڻ ٿيندس. ٿيئن ته ڪجهه ڪونه، ساڳيو جو ساڳيو آهين. پوءِ مون کي ڇو ڦٽو ڪري ڇڏيئي.“

...... سهڻي پليز ايئن نه ڳالهاءِ مان انهن ماڻهن مان ناهيان جيڪي تلوار سان نه جملن جي ڪڙاڻ سان ئي مري ويندا آهن.“

.......

انور ڪلاچيءَ ۾ پنهنجي فليٽ ۾ ويٺو هئو جو جانڪيءَ جي فون آيس. ”سر ڪهڙا حال آهن؟“

”ٺيڪ آهيان“

”ڪلاچي واپس اچي ويا.“

”جي گهر ۾ آهيان“

سر خوشي جي خبر ٻڌايان، منهنجي شادي ٿي رهي آهي.

”سچ“

”جي سر“

”ڪنهن سان ٿي ڪرين؟“

سر معروف سياستدان آهي. اڳ ۾ ٻه شاديون ٿيل اٿس. شادي جسٽ لائيڪ بزنس.

رزاق سهتي پنهنجي قلم مان سنڌ جو سياسي، سماجي آدبي آئينو چٽيو آهي. سياست ۽ سماج اندر تبديل ٿيندڙ روايتن سڀني کي هن انور، زاهد ۽ مسڪان ۽ ان کانپوءِ جانڪي جي ڪردار کان ويندي ڪميونسٽ جيڪو حامد اڳتي هلي تبيليغي جماعت ۾ شريڪ ٿيو ۽ موت ان جو بم ڌماڪي ۾ ٿيو ۽ ديبا جلال جهاز حادثي ۾ ختم ٿيڻ جهڙن منظرن کي به سهڻي نموني چٽيو آهي.

رزاق سهتي هڪ ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي. جس ۽ کيرون لهڻي....!!

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۴ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

آخري اسٽيشن - ڪلاچيءَ جي ڪهاڻي

(ناول ‘آخري اسٽيشن’ جو تنقيدي جائزو)

اختر حفيظ

سنڌي ادب ۾ ناول جو سفر تيزيءَ سان جاري آهي، ڪنهن به ٻوليءَ جي ادب ۾ جيستائين ناول جي صنف سگهاري نٿي ٿئي، ان وقت تائين اهو ادب اڻپورو ليکيو ويندو آهي. دنيا ۾ جڏهن صنعتي انقلاب آيو ته ان وقت انسان جي سماجي، نفسياتي ۽ معاشي مسئلن کي بيان ڪندڙ صنف ناول هئي. جنهن عام ماڻهوءَ جي داخلي توڙي خارجي مسئلن کي سٺيءَ ريت بيان ٿي ڪيو. ائين ناول سڄي دنيا ۾ تيزيءَ سان مشهور ٿي ويو. جديد ناول جي حوالي سان ڪيترن ئي ناول نگارن نوان نوان تجربا پڻ ڪيا آهن، جيڪي پڙهندڙن کي پڻ وڻن ٿا.

تازو ئي سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري ڪهاڻيڪار رزاق سهتي جو پهريون ناول ‘آخري اسٽيشن’ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ان کان اڳ رزاق سهتي جي ڪهاڻين جا ٻه ڪتاب ‘اڌ وهي’ ۽ ‘لمحي جو سواد’ ڇپجي چڪا آهن. سندس هڪ سڃاڻپ ڊراما ليکڪ طور به آهي پر سنڌي پڙهندڙ کيس ڪهاڻيڪار طور وڌيڪ سڃاڻن ٿا. اڄ جڏهن اسان جا ڪي پڙهندڙ ڪهاڻين ۾ ڪو نقطو يا نياپو ڳولڻ ۾ لڳا پيا آهن، اتي رزاق سهتي جون ڪهاڻيون انساني داخليت ۽ جنسي پاسن کي بيان ڪندي پاڻ ئي ڪيترا سوال اٿارين ٿيون. ڪهاڻيڪار يا ناول نگار پنهنجي لکڻي وسيلي ڪهڙو نياپو ڏئي ٿو يا ڪوبه نياپو نٿو ڏئي، ان کان به اهم ڳالهه اها هوندي آهي ته سندس لکڻي ۾ ڪهڙن انساني جذبن کي پيش ڪيو ويو آهي ۽ ڪهڙن سوالن کي اٿاريو ويو آهي. هي دور ناصحاڻو ادب لکڻ جو دور ناهي. تنهنڪري جيڪي ماڻهو ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ به اهو سوال ڪن ٿا ته هن جو مقصد ڪهڙو آهي ته پوءِ انهن کي نصابي ڪتاب پڙهڻ گهرجن.

رزاق سهتي جي ناول ‘آخري اسٽيشن’ جي سيٽنگ ڪراچي شهر آهي. هن ناول جا موضوع، ڪميونسٽ سياست، ڪراچيءَ جون حالتون، سنڌي ماڻهن جي ويڳاڻپ ۽ مک ڪردار جي محبت آهن. ناول جو مُک ڪردار انور ڪنهن زماني ۾ سياست سان واڳيل رهيو آهي. پر سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ جيئن ته ڪميونسٽن جو خواب به ٽٽي پيو هو، ان ڪري هو به ان ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿئي ٿو. پر جيئن ته هو پاڻ مڇي مانيءَ وارو آهي، تنهنڪري کيس ڪا معاشي تنگي ناهي. ٻني ٻارو هجڻ ڪري هو ڪافي آسودو لڳي ٿو. ناول جي ڪهاڻي ٽرين کان شروع ٿئي ٿي. جنهن ۾ انور سفر ڪندو، ڪراچي ڏانهن نڪري ٿو ۽ ائين هو ٽرين جي سفر دوران مختلف مسافرن سان ملندو، ڪراچي پهچي ٿو. جتي هو مهراڻ هوٽل ۾ ڪمرو بوڪ ڪرائي رهي ٿو ۽ پوءِ ڪراچيءَ جي گهٽين ۾ گهمڻ لاءِ نڪري ٿو وڃي، ڪراچيءَ ۾ کيس پراڻو ڪامريڊ زاهد بلوچ ملي ٿو، جيڪو ڪراچيءَ ۾ هن لاءِ ڄڻ وڏو ڀرجهلو ثابت ٿئي ٿو. انور کي ڪراچيءَ ۾ رهائڻ جو بندوبست ڪري ڏيڻ، گهر سيٽ ڪرڻ کان وٺي ذاتي معاملن ۾ به هو سندس گهڻي مدد ڪري ٿو.

نوجوانيءَ ۾ انور ڪامريڊ دبيا جلال سان راتيون رنگين ڪري ٿو ۽ جڏهن ديبا پيٽ سان ٿئي ٿي ته هو ان ٻار کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي پر جيئن ته اهو زمانو ضيا شاهيءَ جو زمانو هو، تنهنڪري ايبارشن ڪرائڻ به مشڪل هوندو آهي ۽ ديبا پاڻ کي بيوس سمجهي نيٺ روس هلي ٿي وڃي. ان کان پوءِ اهو سلسلو به ختم ٿي ويندو آهي، پر انور پنهنجي سئوٽ سهڻيءَ سان پيار ڪرڻ لڳندو آهي، جنهن جي ساڻس شادي نه ٿي سگهندي آهي. هو کيس ساريندو رهندو آهي. ڪراچيءَ ۾ هوٽل ۾ کيس نوجوان جوڙو ملي ٿو، جنهن کي انور گل ڏئي مبارڪون ڏئي ٿو پوءِ اڳيان هلي خبر پوي ٿي ته جنهن ڇوڪري کي هو گل ڏيندو آهي هو سندس اڳ ڄائو پٽ هوندو آهي، جيڪو کيس ديبا جلال مان ٿيو هو. اڳيان هلي، هوٽل ۾ سندس ملاقات پونم ورما سان ٿئي ٿي، جنهن جا مٽ مائٽ سنڌي رهيا آهن پر هوءَ ڪاروبار جي سلسلي ۾ ٻاهر رهي ٿي، سا کيس سنڌ ۾ ڪاروبار سنڀالڻ جو چوي ٿي. سهڻي جيئن ته بيوه ٿي چڪي هوندي آهي، ان ڪري انور هن کي پنهنجي ڪنوار بڻائڻ ٿو چاهي. پر اهو مرحلو ايترو سولو نه هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته سهڻيءَ جي ساهرن جي سختيءَ سبب ان سڱ لاءِ ڪئين رنڊڪو کڙيون ٿي وينديون آهن پر اڳيان هلي نيٺ هو سهڻيءَ کي ماڻي ٿو وٺي ۽ کيس ڪراچي وٺي ايندو آهي.

ناول کي پڙهڻ کان پوءِ اهو احساس ٿئي ٿو ته هن ۾ هڪ ڪهاڻي آهي، جيڪا سڀني ڪردارن کي گڏ کڻي هلي ٿي. ڪراچي جيڪو بنيادي طور سنڌين جو شهر رهيو آهي، پر ان شهر ۾ جيڪو ويڳاڻپ جو سوال آهي، ان کي به ناول نگار بحث هيٺ آندو آهي. ان کانسواءِ ناول نگار سڄي ناول ۾ ڪراچيءَ کي ڪلاچيءَ جي نالي سان لکيو آهي، جيڪو هن شهر جو اصلي نالو آهي. اها هڪ بهترين ڳالهه آهي جو ليکڪ شهر جي نالي جي سنڌي ويس کي قائم رکيو آهي. انور جو ڪردار جيئن ته مرڪزي ڪردار آهي، تنهنڪري سڄي ناول ۾ اهو نظر اچي ٿو. سندس اندر ۾ ٿيندڙ آنڌ مانڌ ۽ چوڌاري ماحول کي به هو بيان ڪندو رهي ٿو. انور نه رڳو هڪ رنگين مزاج ماڻهو آهي پر هو ڪميونسٽ لڏي جي هڪ اهڙي آخري علامت پڻ آهي، جنهن جي اکين ۾ سنڌ جي خوشحاليءَ جا خواب آهن. ڪراچي جهڙي شهر ۾ رهي، ان کي پنهنجو سمجهڻ ۽ تبديل ٿيندڙ سياسي سماجي صورتحال کي ناول نگار سٺي نموني چٽيو آهي. ڇاڪاڻ ته ناول ۾ نه رڳو هاڻوڪي دور جا قصا شامل آهن پر ماضي جا قصا حوالن جي صورت ۾ ڏنا ويا آهن. جن کي پڙهي هڪ نئون پڙهندڙ اهو اندازو لڳائي سگهي ٿو ته ماضي ۾ سنڌ ڪهڙي ريت سياسي طور ضياءَ شاهي سان وڙهي ۽ سنڌي قوم ڪيتريون اذيتون سٺيون. ناول جو نالو آخري اسٽيشن پڻ هڪ علامتي نالو آهي. ڇاڪاڻ ته انور جي آخري اسٽيشن هڪ پاسي ته ڪراچي شهر وسائڻ آهي ۽ ٻيو سهڻيءَ کي ماڻڻ هوندو آهي. ان کانسواءِ پونم ورما سان دوستيءَ ۽ ان ڏانهن ڇڪ کائڻ واري ڪيمسٽري به اصل ۾ ٻن وڇڙي ويل ڌرتي واسين جو پاڻ ۾ ميلاپ هوندو آهي. هي ناول ڪيترن ئي حوالن سان هڪ پڙهندڙن کي متاثر ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته رزاق سهتو ناول جي ڀرپور پڄاڻي ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.

ناول جي سمورين خوبين جي هوندي به ڪي اهڙيون ڳالهيون آهن، جن تي بحث ڪري سگهجي ٿو. اهو بحث ڪردارن جي حوالي سان به آهي ته ناول جي ٻين پاسن جي حوالي سان به آهي. انور هڪ سياسي ڪارڪن رهيو آهي، پر هن جي متاثر هجڻ وارو عمل گهڻي ڀاڱي سنڌ تائين محدود آهي. هن جي ڳالهائڻ ۽ پڙهڻ جا حوالا به سنڌي ماڻهو ۽ ليکڪ ئي آهن. هو سڄي جهان جو درد پنهنجي اندر ۾کڻي هلي ٿو پر ديبا جلال جي پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار کي قبولڻ لاءِ انڪار ڪري پنهنجو پاڻ کي ننڍڙو ماڻهو ٿو ثابت ڪري. ان کانسواءِ هن ڏانهن جيڪا به عورت نهاري ٿي سا هڪدم متاثر ٿيو وڃي يا هن سان ڳالهائڻ شروع ڪريو ڇڏي. جيئن ٽرين جي پهرين سين ۾ هڪ جوان عورت گهرڀاتين سان چڙهي ٿي ته اها به انور سان شروع ٿيو وڃي ۽ ائين ئي پونم لال آهي، جيڪا هوٽل جي هال ۾ کيس ڏسي ڳالهائڻ لڳي ۽ هڪدم پاڻ ۾ گهرا ٿيو وڃن. ايستائين جو هڪ هنڌ پونم اهو به چوي ٿي ته "اسان جي دوستي قائم رهندي تون فڪر نه ڪر سمجهه ته پاڻ جنم جنم جا ساٿي آهيون." هي جملو پونم ان ڪيفيت ۾ چئي سگهي ٿي، جڏهن هوءَ انور جي پيار ۾ گرفتار ٿي هجي يا انور جو لاڙو به اهڙو هجي. ان کانسواءِ جتي جتي به سياسي تاريخ کي پيش ڪيو ويو آهي، ان جا ايڏا تفصيل ڏيڻ جي ضرورت ڪانه هئي، جيئن ابوالڪلام آزاد جو انٽرويو بيان ڪرڻ جي ضرورت نه هئي.

ڪردار کي فليش بيڪ اچڻ وقت ناول نگار انور جي ڪردار کي فرسٽ پرسن نئريٽر طور کڻي آيو آهي، جڏهن ته ڪهاڻيءَ جي شروعات ۾ نئريٽر ڪردار ناهي. پر ڪهاڻي ٻڌائيندڙ آهي. ٿي سگهي ٿو، ليکڪ ائين ڄاڻي واڻي رکيو هجي.

پر انهن سڀني ڳالهين هوندي به رزاق سهتي جو هيءَ ناول سنڌ جي سياسي تاريخ، سماجي ڀڃ ڊاهه ۽ سنڌي ماڻهن جو ڪراچي جهڙي وڃايل شهر کي وري ماڻڻ جي ڪهاڻي بيان ڪندڙ هڪ سٺو ناول آهي.

 

(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس ڪراچيءَ ۾ ۲۷ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

ناول - آخري اسٽيشن تي هڪ نظر!

ڪاشف گاڏهي

 آئون وڏو نقاد ناهيان جو ڪنهن جي به تحرير تي رد ڪرڻ واري ليڪ ڪڍي ڇڏيان، پر هيءُ ناول پڙھندي ڏاڍا جهول محسوس ٿيم. ڪلائيميڪس ڪمزور آھي. هيءُ ناول پڙھندي رهجي ويل منظر وانگر متاثر نه ٿو ڪري. ۽ نه ئي پڙھندڙ جي من ۾ ڪنهن سنجها ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جو سپنو اتپت ٿئي ٿو. وقت بوقت سنڌ جي سياست سان هٿ چراند ڪئي وئي آھي، ۽ سياست کي بدنام ڪرڻ لئه اٽڪلون ڪيون ويون آھن. سياسي ليڊر به وڪامجندا رستا تبديل ڪندا رهيا آهن. آئون رزاق سهتي کي داد ڏيندس ته هِن ماضيءَ واري سياست ۽ ليڊرن جي هلچل تي وڏي بهادريءَ سان ڏاڍو اتم لکيو آھي. پر ڪٿي ڪٿي ناول جي رواني ٽٽي وڃي ٿي ۽ چس مارجي وڃي ٿو، ۽ پڙھندڙ بوريت محسوس ڪرڻ لڳي ٿو.

مون هن ناول ۾ جدت محسوس نه ڪئي!

اهي ساڳيون عام رواجي ڳالهيون جيڪي سدائين ڪهاڻين ۽ ناولن جي ذريعي ٿينديون رهيون آھن. هن ماڊرن دور ۾ به اسان اتي ئي بيٺا آھيون جتي ڪيئي سال اڳ هئاسين.

باقي ڪنهن جي به محنت رائيگان نه ويندي آھي. هر ڪو پنهنجي پئداوار جو فصل لڻندو آھي، ۽ ميون جي لذت ماڻيندو آھي. اوڻائيون ۽ سٺائيون گڏجي لکڻ منهنجي عادت آھي. تنقيد برا۽ اصلاح ڪرڻ گهرجي، تنقيد برا۽ تنقيد نه. ۽ نه ئي پاڻ کي معتبر خان سڏائڻ لا۽ لکڻ گهرجي.

مون ناول کي جنهن سوچ آھر پرکيو آھي شايد مونسان ڪو مطمئن نه به هجي! پر ڪنهن جي مطمئن هجڻ سان منهنجو ڇا وڃي ۽ ڪير مطمئن نه هجي ته آئون لکان ئي نه. ڪنهن دوست لکيو ته توکي هن ناول ۾ جدت نظر ڇو ڪونه آئي؟

جڏهن ته مون مرڪندي هن کي هيءَ سٽون ناول مان کڻي موڪليون ته همراھ ماٺ ڪري کلڻ لڳو؛

” گهر جي واهپي جون شيون وٺندي، دڪاندارن کي ائڊريس ڏيندا ويا ته سامان گهر پهچائجو. مارڪيٽ ۾ شام لڙي وين

ٿڪجي به پيا هئا، زاهد هاڻي بس ٿا ڪيون. سنهيون شيون رهيون آھن اهي پيو وٺندو رهندس. ها۔ صلاح ٺيڪ آھي. هونئن به فليٽ تي سامان اچڻ شروع ٿيڻ وارو هوندو.

انور مرڪندي چيو

بک جو لڳي آھي، ان جو ڇا ڪجي ڪو مسئلو ئي ناهي، پنهنجي گهٽي ۾ ئي ڪي ايف سي آھي.

آرڊر ڏيو ٿا هلون فليٽ تي پهچائي ويندا.

اها ٺيڪ صلاح آھي“.(صفحو ۱۲۰)

هن سٽن ۾ ڪهڙي جدت آهي ۽ اهڙيون عام رواجي ڳالهيون ناول ۾ ڪافي هنڌن تي هر هر ورجايايون ويون آھن.

اسانجي عام زندگيءَ ۾ ڏينهن به ڏينهن اهڙي ٻولي استعمال ڪئي ويندي آھي. هنن سٽن جي آڌار تي به ناول کي ڪير رد نٿو ڪري سگهي. پر مون ائين ٿي چوڻ چاهيو ته ماڊرن دور آھي. هن دور ۾ جدت جي ججهي گهرج آھي. دنيا ٽئڪنالاجي سان کيڏي رهي آھي ۽ پاڻ عام زندگيءَ ۾ ٿيندڙ ڳالهيون ادب کي ڏئي ڇا نئون ڏئي رهيا آھيون؟

”ها جهوني ۔ ليکڪ جي ڪن ڳالهين ۾ وزن هوندو هئو پر اسانجي روايت رهي آھي. مخالفت جي انتها تي هليا ويندا آھيون

مخالفت آھي ته ۔ دوري آھي سندس چڱي ڳالھ به ٻڌڻ لا۽ تيار ناهيون هوندا .

سهپ جو مادو اسان ۾ گهٽ آھي“.

( صفحو۔ ۱۳۵)

آئون روز ههڙيون ڳالهيون ٻڌندو رهندو آھيان ۽ انهن عام رواجي ڳالهين کي اڻ ٻڌو ڪندو رهندو آھيان

ڀلا مٿي ڪيل ڳالهين ۾ ڪهڙي جدت محسوس ڪئي؟ ۽ هنن سٽن تازگيءَ جو احساس ڏياريو هجي؟ مان جدت جو ڳولائو هنن سٽن منجهان ڇا حاصل ڪيم هن ناول ۾ ھڪ ڳالھ ڏاڍي ڇرڪائيندڙ آھي!

انور جنهن نئين شادي شده جوڙي کي هوٽل تي گلدستو گفٽ ڪندو آھي. ۽ گڏجي گروپ تصوير ڪڍرائيندو آھي. اڳتي هلي اهو ئي نوجوان سبطين احمد ميسنجر تي ميسيج ڪندو اٿس. پنهنجي فئمليءَ جي گروپ تصوير موڪليندو اٿس. ۽ سبطين ان ئي ديبا جلال جو پٽ آھي جنهن سان انور ڪيئي ورهيه اڳ همبستري ڪندو رهيو هو، مطلب سبطين ديبا جلال جي پيٽ مان انور جو پٽ ٿي جنمندو آھي. ۽ اوچتو سبطين ڊيوٽيءَ جي سلسلي ۾ پنهنجي ماءُ ديبا جلال سان گڏ ڪراچي ايندي جهاز مان ڪِري فوت ٿي ويندو آھي. جنهن جو ڏک انور کي جهوري وجهندو آھي.

ليکڪ کي شايد شادين ۽ سهرن جو وڏو مشاهدو آھي. ناول ۾ شاديءَ کان اڳ عورتن جي سهرن ۽ دهل جي وڄت بابت ايڏي ته سهڻي انداز سان لکيو اٿائين جو پڙھندي مونکي ڳوٺ جي هڪ شادي ياد اچي وئي، جنهن ۾ عورتون ٿال وڄائيندي لاڏا ڳائي رهيون هيون.

هن ناول ۾ ڪٿي ڪٿي اهڙيون رومانٽڪ ڳالهيون پڻ آھن جو شلوار تحرڪ ۾ اچي وڃي ٿي. ۽ لڱ لڱ ۾ گرمي ڀڙڪو ڏئي اٿي ٿي، پڙھندڙ ڪجھ دير لئه شلوار ۾ ھٿ سوگها ڪري ٿو.

”بت تان ڪپڙا اھڙي مهارت سان لاهيندي وئي،

جو جهمر ھڻڻ هڪڙي پل لاءِ نه روڪيائين.

ڊانس تي سندس ارھ، پولھ پيٽ مطلب پورو جسم ٿڙڪيو ٿي. انور طرف جيڏي مهل جهڪي ٿي ته ارهَه جهڙوڪ انور طرف اٿلي ٿي آيا.

انور کي سرور به چڙھي ويا هئا.

واھ واھ پئي ڪيائين.

پو۽ ٻه ٽي ڦيرا جانڪيءَ سان گڏ ڏنائين ڦيرا ڏيندي جانڪيءَ جي بت کي ٻانهن تي ڪري سندس چپ چمي ورتائين.

ڪلام پورو ٿيو ته جانڪي رموٽ سان ايل سي ڊي بند ڪئي.

انور اڳتي وڌي سندس انگي مٿي ڪري ارھ چوسڻ لڳو. جانڪيءَ سسراٽي ڀري اڀا ساھ کڻڻ لڳي. انور جي جسم سان چمبڙي وئي.

هوءَ انور جي ٻانهن ۾ ھئي.

کير جهڙا جانڪيءَ جا لڱ انور پائيندي مزي ۾ اچي ويو. انور سڌو ٿي سمهيو ته ڪپڙن کان جانڪيءَ آجو ڪري جسم جو اهڙو مساج ڪيو، جو انور جو جسم هلڪو گلاب جهڙو ٿي پيو. سنجوڳ جو لمحو اچي ويو.

پاڻ ھڪ ٻئي کي ارپي ڇڏيائون.

واندا ٿيا.

انور ٽشو پيپر سان پاڻ صاف پئي ڪيو ته جانڪي سمورا ڪپڙا کڻي واش روم ۾ ھلي وئي“.

هنن سٽن ته في الحال مونکي واش روم ڏانهن اماڻي ڇڏيو هو.

ابا جواني گهوڙي سوار آھي، بيهڻ جي ڪوشش ڪري ئي نٿي. جذبن تي قابو نه پائي سگهيو هوم.

هنن سٽن ۾ جدت محسوس ڪيم ڇو ته اسان وٽ سنڌي ادب ۾ اهڙيون ڳالهيون رومال ۾ ويڙھي ڪيون وينديون آھن. پر شابس آھي رزاق سهتي کي جو دليريءَ سان ائين لکيو اٿائين.

ڪا به شئي ائڊ ان في نيٽم نه هوندي آھي.

بس تاريخ جي جهوليءَ ۾ اسانجو ڪيل پورهيو ئي رهجي ويندو. ۽ اسان ان پورهئي جي شڪل ۾ زنده رهندا آھيون، ۽ سڃاتا ويندا آھيون.

ناول ڪٿي ڪٿي بور ته ڪري ٿو، پر ڪٿي اهڙيون ته رومانٽڪ ڳالهيون آھن جو ماڻھو پيگ ۾ عورت کي ڪيوبس بڻائي ڳهي وڃي. ۽ پاڻمرادو واتان ناول جي اڪاليڊ نڪري وڃي ٿي. هونءَ ته ناول ڪافي لکجندا رهن ٿا پر رڳو هر ڀيري اهي ساڳيون عام رواجي ڳالهيون پڙھندڙ اڳ ئي پڙھي ڪڪ ٿي پيو آھي، ۽ مٿان وري هاڻوڪي لکجندڙ ناولن ۾ هڪ اڌ ناول کي ڇڏي باقي ڪري ٻن ۾ جدت صفا ناهي رهي. جيڪي پاڻ پنهنجين ڪچھرين ۾ ڪوڙ ۽ مسخرين جي ذريعي چئي ڏيون ٿا اها ئي ساڳي ٻولي ناولن ۾ لکجي رهي آھي. جن مان جدت جي صفا بو۽ نٿي اچي. اسان جو سماج اڳ ئي پراڻن سوچن ۾ ڦاٿل آھي ۽ مٿان اسان آکاڻين ۾ اڳ واريون ئي ڳالهيون قلمبند ڪري ڇا نئين شئي ڏني سين؟ ۽ پٽڪو وري اهو ئي هوندو ته سنڌي ادب ترقيءَ جي شاهراھ تائين نه پهتو آھي. اسان وٽ ادب کي ذھن منجهائڻ لا۽ ڪتب آندو وڃي ٿو. ادب کي هٿيار بڻائي ٽولو متيون منجهائڻ وارو ڪم پيو ڪري.

”انور صاحب سٺو ٿيو شادي نه ڪيئي.

کائو پيئو موج مستي ڪيو ۽ خلاص“.

ڪير تجزيو ڪري ته هن سٽ ۾ ڪا جدت آھي ته مان ڇو نٿو ڏسي سگهان؟

اهڙيون ڳالهيون روز ٻڌون پيا پر پو۽ به ناول ۾ اهڙيون عام رواجي ڳالهيون ڪرڻ جو فائدو؟

” سو ٽارچر سيل کان ويندي جيل تائين سڀ نفرت ڪندا هئا.

وري اسانکي جيئي سنڌ ۽ جماعت اسلامي وارن پڻ گهڻو بدنام ڪيو هئو،

اسان تي گاريون گند ڪندا هئا سا ته خبر ٿي“.

(صفحو ۲۰۷

هن سٽن تي مان ڪا به را۽ نه ڏيندس

رزاق ڪٿي ڪٿي سچ به وڏي دليريءَ سان چئي ڏنو آھي

شاباس هجي هن نظير عباسيءَ تي ٿيل ٽارچر سيل به خوب لکيو آھي.

”ڪڏهن ڪڏهن جيئي سنڌ جا ڪامريڊ پڻ گڏ رهندا هئا.

اسان ڪتابن پڙھڻ جا شوقين، جڏهن وارڊ ۾ ويندا هئاسون چوندا هئا

اچي ويا پٽ دانشور. ڪتابن جا ڪيڙا ٽھڪ ڏئي ٽھڪ کلندا هئا “.

( صفحو ۲۰۹)

هر پڙھندڙ پنهنجي سوچ آهر سوچي ٿو، وڌيڪ هر پڙھندڙ پنهنجي اک سان پسَي تجزيو ڪندو ته ناول کي ڪيئن ڊفائن ڪجي. رڳو ناول جي جهولن کي به نه ڏسجي ڪٿي ڪٿي ناول وڻيو آھي.

جنم ڏينهن جون مبارڪون قبول پون۔

(نوٽ: ادبي لحاظ کان منفي يا مثبت هر پڙھندڙ راءِ ڏيڻ ۾ آزاد آھي. هر ڪو ذھني اڏارجي آڌار راءِ جوڙيندو آھي۔ ڪاشف بابت سندس راءِ پڙھي پنهنجي راءِ جوڙي سگهو ٿا. جدت جي ڳولها ۽ جنسي اڻ سهپ جي شڪايت ڪري ٿو. هيءَ راءِ پنهنجي فيس بوڪ وال تي رکي، وري ڊليٽ ڪري اخبار ۾ ڇپرايائين. هيءُ رايو، جيئن لکيو ويو آھي، سمورو ڏجي يا نه؟ اهو به بحث طلب آھي. رزاق سھتو)

 

(رزاق سھتو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)


 

ناول “آخري اسٽيشن” جو مختصر اڀياس

اڪبر سومرو

هر ماڻهوکي ٻڌائڻ لاءِ، هڪ قصو هجي ٿو. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هر شخص هڪڙي ڪهاڻي يا ناول جو ڪردار آهي. هر ماڻهو هڪڙو ناول آهي ۽ ناول زندگي آهي.

دنيا جو پهريون ناول جپاني ليکڪ مورا ساڪي شيڪيو “Tale of Genji” جيڪو ۱۱ هين صدي عيسويءَ ۾ لکيو ويو، کي مڃيو ويو آهي. جڏهن ته دنيا جو بهترين ناول Don Quixote  کي مڃيو ويو آهي. جنهن جو ليکڪ مائيڪل ڊي سروانٽس آهي. ناول کي Narrative fiction جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. يعني نثري ادب جو ڊگھو ڪم.

لفظ ناول اٽلي ٻوليءَ جي لفظ Novela مان ورتو ويو آهي. جنهن جو مطلب آهي نئون يا نئين خبر! چين جي Ming dynasty (۱۶۴۴ــ ۱۳۶۸) ۾ ڪافي ڪلاسيڪل ناول لکيا ويا. هڪڙي صوفي ليکڪ ابن طفيل اسپين جي اسلامي غلبي وارن ڏينهن ۾ هڪڙو ناول لکيو Hayy ibn yaqdhan.

سروانٽس جي ناول Done Quiseote جو پهريون حصو ۱۶۰۵ع ۾ لکيو ويو. جڏهن ته ماڊرن ناول ۱۸ ــ صديءَ جي شروعات ۾ لکيو ويو. هيءُ ناول دنيا جو پهريون عظيم ناول آهي. جنهن کي تسليم ڪيو ويو آهي. شروع ۾ ناول جي اڻت ۾ اهم عنصر باب، ڪردار،  ڊائيلاگ، حاصل مطلب، ٿيم بناوت، يا Structure ۽ پلاٽ قرار ڏنا ويندا هئا. ان بعد ناول جي ٽيڪنڪ لاءِ اهم ڳالهه هيءَ طئي ڪئي وئي ته اهو دنيا ۾ موجود تمام گھڻن مسئلن مان ڪنهن به هڪ مسئلي کي ضرور حل ڪري جهڙوڪ “دنيا ڇو آهي.؟” “ڇا لاءِ آهي” ان ۾ موجود ڪيترن ئي مسئلن مان مذهب، نظر يا، خدا، ملائڪ، پيغمبر وغيره ڇا ٿا چون؟ يا وري اوهان انهن کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ ٻين لفظن ۾ مٿئين ڳالهه جو مطلب هيءُ به هو ته دنيا ۾ موجود ڪنهن به Conflict (مان دنيا ۾ موجود نظرين کي انساني دنيا ۾ تفرق ٿو قرار ڏيان) کي Resolve ڪجي پوءِ اهو سياسي، مذهبي، نفسياتي، سماجي، سائنسي يا ٻيو ڪو هجي به ٿي سگهي ٿو. اُها ناول جي دريافت پڻ هوندي.

ڪافڪا(۱۹۲۴-۱۸۸۳) ناول جي پراڻي هيئت کي تبديل ڪري ڇڏيو. دي ججمينٽ، ميٽامارفاسس، دي ٽربل، دي ڪيسل جهڙا ناول لکي هن ۲۰ هين صديءَ جي عظيم ناول نگارن ۾ پنهنجو ناو لکرايو. ۽ اوڻيهين صديءَ جي ناول، جنهن ۾ جمود هئو، تنهن کي ٽوڙي ڇڏيو. هن خواب ۽ حقيقت کي پاڻ ۾ گڏ مڏ ڪري ناول کي نئون رخ ڏنو. ناول فرائڊ (Freud) کان پهرين لاشعوري بحث ڪندو رهيو، مارڪس کان پهرين طبقاتي ڪشمڪس تي ڳالهائيندو رهيو. ۽ ماهري مظهريات Phenomenologist يعني انساني حالتن جي جوهر جي ڇنڊ ڇاڻ يا ڇاڻ ولوڙ ڪندو رهيو. اهو ميلان ڪنڊيرا ٿو چوي.

دنيا جا سمورا جديد ناول نگارگارشيا مارڪيز ميلان ڪنڊيرا، چينوا اچيبي، آئزڪ بشويزنگر، ڊروسليزنگ، ماريوبرگسس يوسا، ويلم فاڪنر، طاهر بن جلون يا بورخيس ان ڳالهه تي متفق آهن ته ناول هڪڙو زبردست (Synthesis) يعني عقلي مرڪب آهي. ناول تخليق جي اها جڳهه آهي جتي ليکڪ سڄي دنيا سان ڳالهه ٻولهه يا پڇا ڳاڇا ڪري سگهجي ٿو. ۽ ناول ساڳئي وقت فنٽاسي فلسفو Aphorism توڙي شاعري سڀ ڪجھ ٿي سگهي ٿو. ناول دنيا جي باري ۾ هر قسم جي گفتگو ڪري سگھي ٿو. پر اهو دنيا کي بدلائي نه ٿو سگھي يا بدلائي سگھي ٿو؟ اهو هڪڙو وڏو سوال آهي. ميلان ڪنڊيرا ناول کي تفريح بازي ٿو قرارڏئي. جنهن ۾ هر قسم جي راند روند ڪرڻ جي اجازت آهي ڇو ته هميشه هن جي خواهش ڪردار جي وجودي صورتحال سان منسلڪ هجي ٿي.

جوزف ڪونريڊ جو خيال آهي ته جڏهن ڪوبه دنيا بابت لکندو آهي ته ايسيتائين جو حقيقت پسنديءَ وارو انداز ۾ به تڏهن به اهو فنٽاسي ئي لکي رهيو هوندو آهي. ڇو ته دنيا خود فنٽاسي، ناقابل فهم ۽ پر اسرار آهي.

ڪونريڊ جي اهڙي خيال جي تصديق وري بورخيس اهو چئي ڪئي ته واقعي ڪنهن کي خبر ته دنيا حقيقت آهي يا فنٽاسي؟ يعني دنيا قدرتي عمل آهي يا خواب ؟ خواب! جنهن ۾ اسين ٻين کي شريڪ ڪريون يا نه ڪريون؟ ناول اها سلطنت آهي. جنهن ۾ ماڻهو ڪابه دعوي  نه ٿو ڪري سگھي. هتي رڳو تفريح ۽ مفروضن جو حڪم هلندو آهي. ناول ۾ گھڻو ڪري موت، محبت، رفاقت، لالچ، Imagination  انساني آزاديءَ جهڙا موضوع ڊسڪس ڪري ٿو.

انڊين ناول نگار ارونڌتي راءِ جي ناولن ۾ رڌم، انتشار، اندروني رڌم وغيره ڊسڪس ڪيو ويو آهي. گاربل گارشيا مارڪيز پڻ پنهنجي ناولن ۾ موت؛ محبت؛ لالچ، مذهب، آزادي، اميجينيشن ۽ معاشري جي تنزل (Decadence) بابت لکيو آهي.

ناول ۾ جيڪي اهم موضوع قرار ڏنا ويا. جن تي اڄ تائين گھڻو لکيو ويو، سي انساني ڏک Mysteries رومانس، ٿلر، سائنس،  فڪشن، فنٽاسي توڙي تاريخي فڪشن قرار ڏنا ويا. اڄڪلهه اسان وٽ Magic Realism بابت گھڻو زور آهي.

جڏھن ته Magical Realisus يا Marvelous Realism جو ٽرم هڪڙي جرمن آرٽ ڪرٽڪ (تنقيدنگار) ۱۹۲۵ ۾ ايجاد ڪيو يا استعمال ڪيو. پر ۱۹۴۰ع ۾ اهو ٽرم يا اسٽائيل ادب ۾ استعمال نه ٿيو. ميجيڪل رئيلزم شروع ۾ چترڪاري/ پينٽنگس لاءِ استعمال ڪيو ويندو هئو. ۱۹۴۰ع بعد اهو ادب ۾ به استعمال ٿيڻ لڳو. هي ويهين صديءَ ۾ گھڻو مستعمل ٿيڻ وارو ٽرم آهي. جيڪو اسان تائين لئٽن آمريڪا جي ليکڪن جي ذريعي پهتو.

سنڌي ناول: دنيا جو عظيم اسپئنش ناول  Don Quiseote۱۷ هين صديءَ ۾ لکيو ويو ۽ سنڌ ۾ وري ويهين صديءَ ۾ ناول لکجڻ جي شروعات ٿي. مرزا قليچ بيگ جو زينت ڏيپلائي صاحب جوسانگھڙ، سراج پڙاڏو سوئي سڏ، غلام نبي مغل جو اوڙاهه ، هم منصور هزار ۽ آغا سليم جي هم اوست، کي اسين سنڌيءَ جا ابتدائي ناول چئي سگهون ٿا. ، جن مان گھڻا تڻا ته سنڌ جي قومي سوال، خودمختياريءَ ۽ تاريخ بابت لکيل آهن.

اڄڪلهه ايڪيهين صديءَ ۾ سنڌي ناول لکڻ جو رواج سَرس ٿيو آهي ۽ ڪافي نئوان ناول نئون موضوعن تي آيا آهن. رزاق سهتو صاحب سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت ليکڪن مان هڪ آهي. سندس ڪهاڻيون حقيقت نگاريءَ ۽ اسان جي معاشري ۾ ٿيندڙ واقعن جون حقيقي ترجمان آهن.

رزاق سهتي سان منهنجي واقفيت اسان ٻنهي جي پياري دوست بشير منگي جي طفيل ٿي. جيڪو گذريل سال ڪرونا جي ڪري گذاري ويو. اسان کي اڪيلو ۽ غمگين ڪري ويو. هي مضمون لکڻ لاءِ مون جڏهن رزاق سهتي جي ڪهاڻين جي ڪتاب کي ٻيهر جاچيو ته مونکي بشيرمنگيءَ جا ڏنل ڪمينٽس ڏسڻ ۾ آيا. جنهن ۾ هن لکيو آهي:

“رزاق سهتو نج ليکڪ آهي، هو ڪهاڻي لکڻ وقت عجيب ۽ پراسرار لڳندو آهي. سندس ذهن ۾ انيڪ سوچون  ۽ خيال هوندا آهن. مان ته ائين چوندس ته رزاق سهتو سنڌ جو ڪرشن چندر آهي. ايندڙ ٽهي رزاق کي ئي فالو ڪندي.

مون رزاق جي ڪهاڻي “ٽيڙو نڪ پڙهي” ته اها بين الاقوامي معيار جي ڪهاڻي نظر آئي. حقيقت هيءَ آهي ته سنڌ ۾ نقادن جي کوٽ آهي جنهن ڪري رزاق جهڙا املهه هيرا ڪنهن کي نظر ئي نه ٿا اچن.

ناول “آخري اسٽيشن” سنڌي زبان ۾ بهترين ناولن جي کوٽ جو پورائو ڪري ٿو. هن ناول ۾ بيان ڪيل ڪافي ڪردار ته منهنجي واسطي ۾ به آهن ۽ ڪافي واقعا اسان سمورن جي سامهون ٿيندا رهيا آهن.

هڪ ڀيري مون کي هدايت منگي هلال پاڪستان مان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ لاڙڪاڻي مليو. هدايت ڪميونسٽ پارٽيءَ جو رهبر هو. سوويت يونين جي ٽٽڻ، پاڪستان جي سوشلسٽ پارٽين کي به ٽوڙي ڇڏيو. هدايت مون کي چيو: “يار روس جي ٽٽڻ کانپوءِ اسين ته يتيم ٿي ويا آهيون” اسين ٻئي سندس موٽرسائيڪل تي سوڀي گيانچنداڻيءَ جي گهر تي ساڻس ملڻ وياسون ته سوڀي مون کي چيو ته “اوهان ڄام ساقيءَ کي سڃاڻو؟” مون چيو؛ “ڄام ساقي کي ڪير نه سڃاڻيندو؟ هو منهنجي علائقي ۾ ئي رهندو آهي.”

سوڀو مون کي هڪڙي ننڍڙي ڪمري ۾ وٺي ويو، جتي ڄام ساقي برين همريج جي اسٽروڪ کانپوءِ بيهوشيءَ ۾ هو. سڄي لاڙڪهاڻي ۾ ڪا ايمبولينس نه پئي ملي. اسان سمورن ڄام ساقيءَ کي اسٽريچر تي کنيو ۽ هڪڙي ڪار جي پوئين سيٽ تي سمهاريو. هدايت منگيءَ چيو“يار! اسين ڪلهه جن وڏيرن ۽ سرمائيدارن خلاف ڳالهائيندا هئاسون، اڄ انهن جون ڊيوٽيون ٿا ڏيون. مان اڄڪلهه هڪڙي پئٽرول پمپ تي حساب ڪتاب ڪندو آهيان. تڏهن وڃي گھر جو گاڏو هلندوآهي.”

نظيرعباسي منهنجي شهر ٽنڊي الهيار جوهو. شهيد ٿي ويو ته سندس گھر وارن کي سندس شهادت جو مون ئي اطلاع ڏنو هو. ان کان ڪجھ مهينا پهرين تائين اسين ٽنڊي الهيار جي هڪ هوٽل تي گڏجي چانهه پيئندا هئاسون. هڪ ڀيري هو اٿيو،  روڊ تائين ويو ۽ نعرا هڻڻ لڳو. “انقلاب زنده باد، انقلاب زنده با...!!!”

ڪامريڊ نظيرعباسيءَ سان اسان جي فئمليءَ جو گهرو تعلق هو. هن جو ننڍو ڀاءُ رشيد عباسي منهنجو ڪلاس فيلو هئو. ناول “آخري اسٽيشن” ۾ نظير عباسيءَ جو ٽارچر سيل ۾ ڪربناڪ منظر چٽيو ويو آهي پڙهي اکيون ڀرجي اچن ٿيون.

ناول “آخري اسٽيشن” منهنجي خيال ۾ ۲۰۲۱ جي بهترين ناولن ۾ شامل هوندو. هن ناول ۾ ڊارمو، حقيقت، منظرنگاري، قوم جودرد، ڪراچيءَ جون حالتون، سياسي منظرناما، ۽ ڪامريڊ جي ڪردارن سان گڏ گھڻو مواد آهي.

ناول جو ڪينواس انتهائي نفيس ۽ شاندار آهي. مجموعي طرح هي ناول، ناول جي ٽيڪنڪ ۽ ٻيون سموريون گھرجون پوريون ڪري ٿو، ان ڪري قوي اميد آهي ته ناول “آخري اسٽيشن” ۲۰۲۱ جو شاندار ناول ثابت ٿيندو. 

 

(ناول۔ آخري اسٽيشن۔ جي مھورتي تقريب ۾ خاص مھمان جي حثيت ۾ پڙھيل۔)

 

(ماھوار روح رھاڻ جي جنوري ٢٠٢٢ واري شماري ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment