Monday, December 27, 2021

مہ جبين - دريا خان شنباڻي

مہ جبين

ڪهاڻي 50

دريا خان شنباڻي



شاعر صاحب کي نيرا ڪپڙا، جنهن ۾ گهير واري شلوار ۽ اجرڪ ڪلهن تي اوڍيل ۽ سينڊل پيرن ۾ هيس. ڪجھ گهڙيون اڳ ئي ته قائداعظم جي مزار گهمي آيو هو ۽ وري رڪشه ڀاڙي تي ڪري سمنڊ کان ٿورو پرڀرو لٿو جو رڪشه واري ٻڌايو ته رڪشه کي اڳتي وڃڻ کان سيڪيورٽي وارا منع ڪندا آھن. هو رڪشه تان لهي اڳتي وڌڻ ئي لڳو جو ڏٺائين، هن جي اڳيان کان هڪ دوشيزه مہ جبين به اڪيلي اڪيلي وڃي رهي آھي. هلڪي هلڪي بونده باندي به ٿي رهي هئي، موسم به صفا قاتل لڳي پئي هئي. ٻنهي جي منزل سمنڊ جو ڪنارو ۽ نظارو هو. دوشيزه ڪڏھن ڪڏھن پوئتي نهاري اکين ئي اکين ۾ هن کي ڄڻ اشاره ڪري رهي هئي ته؛ “سمنڊ اڳيان آھي.”



هو ان دوشيزه پويان وڃي ئي رهيو هو جو سندس فون جي گهنٽي وڳي.... جيب مان فون ڪڍي ڏٺائين ته سندس دوست غلامو جي فون هئي. پهريان ته نه چاهيائين ته غلامو جي فون کڻي جو اڻ سڌيء طرح مہ جبين سان رابطي ۾ هيو پر غلامو به ته پڳ مٽ يار سو اوڪي جو بٽڻ دٻايائين ۽ کلندي چيائين؛ “او سهڻا ڪهڙا حال آھن؟” هن جي ان جملي تي مہ جبين پوئتي نهاري، هن سان مرڪي پئي ۽ شاعر صاحب به مرڪيو. ٻنهي جي نظرن هڪٻئي سان ٽڪرايو.... مہ جبين اڳيان اڳيان ۽ پويان هن جي غلامو سان ڳالھ ٻول.... “اڙي يار غلامو ڇا ٻڌايائين، ڪراچي ته آھي ئي حسينن جو شھر، بس ڪهڙي ڳالھ ڪيان، هاڻي سمنڊ ڪناري وڃي رهيو آھيان.... منهنجي اڳيان پويان اهڙا ته ماڻھو آھن جو چئي بس ڪر.... حسن ۽ سونهن جون ديويون پيون ٿيون گهمن.” شاعر جي ان جملي تي مہ جبين پوئتي نهاريو ۽ هڪ دفعو ٻيهر ٻئي هڪ ٻئي سان مُرڪيا.

“نه با.... جيترو مزو اڪيلو گهمڻ ۾ آھي، ايترو سنگت سان ڪهڙو... اڪيلو ماڻھو جتي دل چئي گهمي ڦري سگهي ٿو، کائي پي سگهي ٿو. چڱو چڱو، پوء فون ڪيان ٿو. مان ٿورو سمنڊ جو نظارو ڪري وٺان.”

هن فون رکي ڇڏي ۽ مہ جبين جي ڪڍ ڪڍ هلڻ لڳو.... مہ جبين ٿورو قدم گهٽائي کڻڻ لڳي ۽ هو به هلندو هلندو هن جي ڀرسان پهتو ۽ مہ جبين جي مرڪ کي هاڻ هو قريب کان پسي رهيو هيو. هاڻ ٻئي گڏ گڏ هلڻ لڳا. مہ جبين جي مرڪ تي ته هو فدا ٿي رهيو هيو، هڪ پاسي هن جا زلف ته ٻئي پاسي کان رسيلا چپ ۽ وري لکن جي لوڏ... هن اندر ئي اندر ڪيئي غزل جوڙي ورتا.

هلندي هلندي هو ٻئي سنسان جاء تي پهتا ۽ جتي گلن جا وڏا ٻوٽا هئا. مہ جبين بيهي رهي ته هو به بيهي رهيو. مہ جبين هن جي هٿن مان ورتو ته سندس لونء لونء ڪانڊارجي وئي. اڃا چپ چپن سان ملڻ وارا هيا جو پويان شاعر صاحب کي ڪنهن هٿ هنيو ۽ پوئتي نهاريائين ته ڪاڪو سپاهي بيٺو هيو.

“ڇا پيو ٿئي هتي!”

“ڪجھ نه صاحب.... بس ائين بيٺا آھيو!” شاعر صاحب ورندي ڏني پر ساھ مُٺ ۾ اچي ويس.

“پوءِ هتي وڻن جي اوٽ ۾ ائين بيهبو آ!”

“سوري صاحب!”

“سوري جا ٻچا، هلو ٿاڻي!”

مہ جبين پهريان ته خاموش هئي پر ٿاڻي هلڻ جي ڳالھ ٻڌائين ته چيائين؛ “اي صاحب، تون هنن جهاڙين ۾ مون سان گڏ هل پر هن کي ڇڏ!”

ڪاڪي سپاهيء شاعر جي جيب ۾ هٿ وجهي سمورا پئسا به ڪڍي ورتا ۽ چيائين؛ “ڀڄ هتان نه ته وٺي هلانءِ ٿاڻي!”

شاعر صاحب کڻي کڙين تي زور ڏنو ۽ پوئتي لوڻو هڻي جو ڏٺائين ته مہ جبين سپاهي کي چئي رهي هئي؛ “صاحب جي ميرا حصا!”

ڪاڪي سپاهيءَ شاعر جي پئسن مان ڪجھ پئسا، مہ جبين کي ڏنا ۽ مہ جبين به ڪنهن ٻيءَ ڪُنڊَ رواني ٿي.

شاعر جي فون جي گهنٽي وڄڻ لڳي پر ڪنهن سان ڳالهائڻ لاء سندس دل ئي نه چئي رهي هئي!!!

 

(دريا خان شنباڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۶ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment