Thursday, December 30, 2021

احساس جا ۲۶ رنگ - مٺل جسڪاڻي

احساس جا ۲۶ رنگ!

مٺل جسڪاڻي



احساس جا ۲۶ رنگ دراصل فاطمه ڀرڳڙي جي ڪهاڻين، ڪالمن، ساروڻين ۽ اردو ڪهاڻين تي مشتمل، ۲۳۰ صفحن تي ڇپيل تازي ڪتاب ”احساس جا رنگ“ ۾ موجود ۲۶ مختلف ڪهاڻين تي هڪ پڙهندڙ جي حيثيت ۾ منهنجي ذاتي راءِ آهي. هي ڪتاب ينگ رائيٽرس فورم سنڌ پاران سنڌ راڻي پبليڪيشن حيدرآباد نومبر ۲۰۱۴ع دوران پڌرو ڪيو آهي. ماجد علي ڪاڪا جي پرڪشش رنگين ٽائيٽل ڊزائين واري ڊيمي سائيز جي هن مجموعي جي ڪمپوزنگ بشير جمالي ڪئي آهي، پروف ريڊنگ (صورتخطي ڏسندڙ) غير ذميوار شخص (مرد يا خبر ناهي عورت) جو نالو ظاهر نه ڪيو ويو آهي! اداري پاران ٻه اکر پرهه پروين گل، پنهنجي پاران قلمڪار فاطمه ڀرڳڙي، ليکڪ بابت راءِ ”مزاح سرجيندڙ سنڌ جي واحد ليکڪا“ نواز ڀٽو ۽ مهاڳ ”ڏات ۽ ڏانءُ جو سنگم“ شبنم گل، جڏهن ته بئڪ ٽائيٽل تي ليکڪه جي تصوير ۽ حيدرآباد واري غلام مصطفيٰ سولنگي جو لکيل تعارف آهي. فاطمه ڀرڳڙي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکندي رهي آهي ۽ گهڻو ڪري مزاحيه انداز ۾ لکڻ سبب پهرين خاتون مزاح نگار طور سڃاڻپ ماڻي رهي آهي.


هن مجموعي جو پهريون رنگ، يعني پهرين ڪهاڻي ”گولڊن لائف“، ڪاليج لائف جي تمام خوبصورت ۽ سچائي جي عڪاسي ڪندڙ اھڙي ڪھاڻي آهي، جيڪا هر مرد کي پڙھڻ گھرجي. ڇو ته مردن جا اھڙا نصيب تصور ۾ به نه آھن، جهڙيون حقيقتون هن ڪهاڻي ۾ منظر تي آنديون ويون آهن.

”ليڊي ڊائنا ڳوٺ لغڙ خان لغاري ۾“ سائنس جي مدد سان لکيل ھي ڪھآڻي، گھٽ پڙھلين کي گھٽ سمجھ ۾ ايندي. جيڪڏهن هن ڪھاڻي ۾ انگريزي لفظ ۽ اصطلاح استعمال ڪرڻ سان گڏ ڏنگين ۾ سنڌي لکجي ها، ته ڄڻ چار چنڊ لڳي وڃن ها. هن ڪھاڻي ۾ ليڊي ڊائنا جي ملڪ ۽ سنڌ جي ڳوٺاڻي ماحول سميت وڻج واپار جون ڳالھيون به خوبصورت انداز ۾ ڪيل آھن. هن ڪهاڻي ۾ سائنس کان ٿيندي، پڙھيل پاڻي، تعويذ ۽ فال طرف اچڻ جو انداز، مون کي دل سان وڻيو. ٻھراڙي جي رنگ سان ڀرپور هن ڪھاڻي ۾ ڪولھين جو ذڪر ۽ ڪولھڻ سان سندن ٻولي ۾ ڳالھائڻ، اهو لکڻ، شھرين لاءِ عجوبي جھڙي تحرير آھي. ليڊي ڊائنا لاءِ لکندي، فاطمه لکي ٿي ”اڃان ھي چانھ ئي پئي رھي ھئي ته هن جي نظر سامھون بيٺل نيلسن منڊيلا تي وڃي پئي، جيڪو انتھائي مھارت سان چانھ ٺاھي رھيو هو، ھي حيران ٿي وئي چوڻ لڳي ھي ڇا نيلسن منڊيلا آزاديون ٻازاديون ڇڏي ھتي چانھ بيٺو ٺاھي شاباس هجيس.“ ان کان اڳتي لکي ٿي ”گهمي ڦري ٿڪي ٽٽي ليڊي دائنا گهر اچي ليٽي ته گهٽي تي سڏ ٿيو. اهو ڳوٺ جو انتهائي خطرناڪ شخص قاضي عبدالحميد هو. هو پنهنجي ئي پيسن سان ٻه ڪلو کارڪون وٺي آيو هو ۽ چيائين ته ادي ڊائنا مسلمان ٿي ڪنهن سان نڪاح ڪر ته آئون کارڪون به وٺي آيو آھيان، جڏھن ته قاضي جو پيٽ گذران رڳو نڪاح پڙھائڻ تي هو تنهن ڪري هن جي ھميشه اھائي ڪوشش هوندي هئي ته ڳوٺ جا سڀ مسلمان چار چار نڪاح ڪن طلاقون ڏين وري نڪاح ڪن. وري طلاق وري نڪاح ۽ آئون نڪاح پڙهائي پڙهائي لک پتي ٿي وڃان“. لاجواب چئجي يا بيمثال! سچ ته تمام سٺي ۽ ٻه دفعا پڙھڻ جھڙي ڪھاڻي آھي. هر پڙھندڙ کي پڙھڻ گھرجي.

مٿي ڦريل محبوب“ لڳي ٿو ٿورا ٻار پيار ئي پيار جي پچار سبب ھي ڪھاڻي لکي وئي آھي. مشاھدو به لکڻي ۾ وصعت پيدا ڪري ٿو پاڻ وٽ ٻار پويان ٻار ۱۴ سالن ۾ ۱۶ ٻار عام ڳالھ آھي. هن ڪھاڻي جو مونکي ھي حصو تمام گھڻو وڻيو: ”ڇا تون مونکي ٻڌائي سگھين ٿي ته آخر اڄ ڇا چڪر ٿيو آھي جو اخبار پڙھي ئي نٿي ٿئي حالانڪ تنهنجي ڏاج ۾ مليل ڊريسنگ ٽيبل جي اڌ ڀڳل شيشي ۾ ڏسي پنهنجون اکيون به چيڪ ڪري آيو آھيان.“ منهنجي خيال ۾ اھو فڪرو ان ڪري شامل ڪيو ويو آھي ته جيئن اڪثر سنڌي اخبارن پاران پڙھندڙ جي حق تلفي ڪندي، اھڙو ته ننڍڙو فونٽ استعمال ڪيو ويندو آھي جو پڙھندڙ پڙھي نه سگھندو آھي. ڇا ھي حقيقت نه آھي ته ”انھ سنگين صورتحال تي غور ڪرڻ شروع ڪيو ته شادي کي ۱۶ سال ٿيا آھن ته ٻار ۱۴ ٿي چڪا آھن جو انھن جون شڪليون نڪو پيءُ سڃاڻي ۽ نڪو ماءُ سڃاڻي نڪو نالا ياد ٿا بيھن نڪو ٻارن جي صحت سٺي نڪي پڙھائي سٺي ٿي ٿئي.“ يا وري ھي ٽڪرو پڙھو ته ”ھي ٻار ته ڪنهن ڪتاب جو مطالعو ڪرڻ ڏين ٿا، نڪي ڪائنات جو مشاھدو ڪرڻ ڏين ٿا ته نه ئي مابعد الطبيعاتي مسئلن تي ڪجھ سوچڻ ڏين ٿا. ھي ٻار ته صفا ڪو زمان و مڪان جي قيد کان آزاد ٿا لڳن.“

”مذاق ۾ لکيل ڪھاڻي“ هونئن ته مونکي فاطمه جون ٻيون ڪھاڻيون به عام ڪھاڻيڪارن جي ڪھاڻين کان مختلف ئي لڳيون پر ليڊي ڊائنا کانپوءِ ”مذاق ۾ لکيل ڪھاڻي“ ته بلڪل ئي نئين ۽ نرالي ڪھاڻي لڳي. ھي ڪھاڻي پڙھي ڪھاڻي مرڻ جو پٽڻو پٽيندڙ ماٺ نه ٿيا ته سندن ھاءِ گھوڙا کي اجايو سمجھيو ويندو. ھن ڪھاڻي جي هن حصي مونکي خبر ناھي ڇو متوجھ ڪيو: ”شڪر آھي ان دڪاندار جي دوستي هڪ صحافي سان هئي، جنهن هن کي خطري جي باري ۾ اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو.“ يا وري ھي پڙھو: ”جيئن ته ناني نوري کي اڳ ۾ ئي تپ هو سو جلدي ۾ لٺ جي مدد سان هڪ هٿ چيلھ تي رکيو ڏاڍي مشڪل سان هلندي پئي آئي. هن جو منهن گھنجن سان ڀريل ھو. ھو ھڪ اھڙي ٽي وي ھئي جنهن جي پڪچرٽيوب مڪمل طرح سان ختم ٿي وئي ھئي.“ ڇا ھي جديد دور جي جديد تشبيہ ڪھاڻي جيئري هجڻ جو ثبوت ناھي؟

”جنت ۽ دوزخ“ جو ھي حصو به پڙھو: ”جنت ڇا ھئي بس جھڙو انگريزي فلمن وارو پارڪ هو. هر طرف ڳاڙھا نيلا پيلا ساوا گل هئا ۽ هريالي هئي. بھاري لڳي پئي هئي.“ واھ! بھترين ڪھاڻي لاجواب پڄاڻي. هر عمر واري لاءِ ڪم جي ڪھاڻي.

”ميسيج...“ يعني نياپو پڙھڻ شروع ڪيو ته مون کي لڳو ڪنهن موبائيل ميسيج تي هوندي ھي ڪھاڻي پر نه..... آءِ لو يو تي ختم ٿيل ڪھاڻي ۾ ڪھاڻي جي مکيه ڪردار پپو کي به معمول واري ڪاوڙ نه هئي ته پڙھندڙ جي حيثيت ۾ مون کي به ڪاوڙ نه لڳي.

”نجي جيل“ جو ھي حصو پڙھو: ”ڪاش دنيا ۾ اھو رواج نه هجي ها ڪاش ڇوڪريون پنهنجي باپو جو گھر ڇڏي ڪيڏانھن نه وڃن ها.“ ھي ڪھاڻي ڪجھ سالن سان هلي پيل زميندارن جي نجي جيلن مان قيد ڪيل ھارين جي بازيابي وارن واقعن جي حقيقت کي تمام ويجھڙائي کان عڪاسي ڪري ٿي.

”احساس جو رنگ“ توڙي جو روايتي موضوع آھي، پر واقع جيئن هر ليکڪ ٻئي کان مختلف هوندو آھي، هر ليکڪ جي لکڻي کان مختلف هوندي آھي، ٻين جون لکڻيون وڻن يا نه پر فاطمه ڀرڳڙي ھن ڪھاڻي ۾ واھ جو نڀايو آھي.

ڪهاڻي ”بغير عنوان جي“ جي شروعات ۾ هڪ مختصر ۽ پوءِ ڪجھ ڊگھي ڪھاڻي لکيل آھي. هن ڪھاڻي جو هي ٽڪرو پڙھو: ”جڏھن پنهنجي منڱيندي جي هڪ گھوٻاٽي جھڙي تصوير جي ھيٺيان شاھ جو جڳ مشھور شعر...

چنڊ چوئين سچ وڙھين يا وچڙين

ٻه اکيون ٽيون نڪ تو ۾ناھي پيشاني پرين جي

ته نائله ۽ نورين کان رڙ نڪري ويئي رحم عاليجاه رحم آخر ويچاري شاھ صاحب تنهنجو ڪھڙو ڏوھ ڪيو آھي.“ اسان وٽ شاعرن جي شاعري کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ واري عمل تي تنقيد ڪندڙ ان ٽڪري سميت ھاڻي پڙھو. ”اف نيلو جو ته مٿو ڦري ويو هن بيڊ تان جھڪي ھيٺيان چپل کنئي پر ھو به پادر تڏھن جلھين ها جڏھن اتي بيٺيون هجن ھا، پر ڪجھ دير ۾ نيلو جي حسب معمول ڪاوڙ لھي وئي ۽ ھن بيٽني سال جي شيشي کڻي پنهنجي بيوٽي بڪس ۾ رکي ڇڏي جو ھي انھن ماڻھن مان ھئي جيڪي پنهنجي محبوب جي موچڙي کي سنڀالي رکندا آھن.“ ڪڙي سچ تي مبني ھي حصو به پڙھو: ”نيلو ھن ته توکي رانديڪو سمجھو ھو جنهن ڇوڪري تي اھو ذليل شخص عاشق ھو سا نو لفٽ ڪري پرڻجي وئي ھئي ۽ ھاڻي طلاق وٺي واپس اچي وئي آھي. تنهنجو ڏوھ صرف اھو آھي ته تنهنجي شڪل ۽ اسٽائل ھن ڇوڪڙي سان ٿي مليو.“

واھ پڄاڻي به لاجواب. فاطمه جي سٺين ڪھاڻين مان هڪ اھڙي ڪھاڻي ۽ جنهن ۾ هڪ کان وڌيڪ ڪھاڻيون شامل آھن. هر ڪھاڻي مڪمل ڪھاڻي هجڻ باوجود سڀني گڏجي به هڪ مثالي ڪھاڻي آھي.

”ٿِرڙي بلبل“ جا رنگ به گھٽ نه آھن، سنڌي ۽ ٻروچ سنڌين جي ڪھاڻي پڙھڻ کانپوءِ مون کي اھا ڪھاوت ياد اچي وئي جنهن جي خبر نه اٿم ته اصل ۾ سرائڪي آھي يا سنڌي ”نه اڳلا نه پڇلا، وارا چا ڳيا وچلا“، بروچ ۽ پروچن جو يار به ڦٻيو، ڦٻيو اھو جيڪو ڪھاڻي ۾ مھمان ڪردار طور پيش ڪيو ويو!

واھ جي واھ. پڙھڻ واري وھي جي ”پنڪچرڊ“ ڪھاڻي، ڪھاڻي جي گھاڙيٽي ۾ اڳ ته پڙھي اٿم. ھن ۾ ليکڪ حد درجي جي ھوشياري جو مظاھرو ڪندي اھڙي نموني لڳو آھي ڄڻ ته پاڻ به ڪيترن ئي ڪردارن ۾ شامل آھي .

”اداس ڪاٺ ڪٺيو“ لڳي ٿو سچي ڪھآڻي ”خوابن جي دنيا“ پر شايد ليکڪ ڄاڻي ٻُجھي ان کي ”ڪاٺ ڪٺيو“ ڪري ڇڏيو آھي! اھا ليکڪه جي هوشارپ چئجي يا پڙھندڙ مڃجي، ڇو ته ”خوابن جي دنيا“ جي عنوان سان شايد گھڻيون ڪھاڻيون ۽ شايد ڪو ڪتاب به ڇپجي چڪو آھي. بھرحال ھي نواڻ، جدت جو اھڃاڻ آھي. ٻين ليکڪن کي به ائين سوچڻ ۽ ڪرڻ گھرجي.

”انجام“ ڪھاڻي مزيدار ھئي. آئون غور سان پڙھي رھيو هئس ۽ خبر ئي نه پئي ختم ٿي وئي! ڪھاڻي جي پڄاڻي تي آئون ٻين سڀني سميت پنهنجي پاڻ کي به گدڙ سمجھڻ لڳو هئس پر آخري سٽن ۾ ”اف فاطمه اڄ توکي ڇا ٿيو آھي“ پڙھيم ته مون کي، مون کانسواءِ ”سڀ“ شيطان محسوس ٿيڻ لڳا...

”آزاد نظم“ واھ .... واھ... واھ... فاطمه جي ڪالم ڪھاڻي ”آزاد نظم“ تمام گھڻي وڻي، هي هڪ ئي وقت ڪالم، ساڳي ئي وقت ڪھاڻي ۽ ھا، ان ۾ لاجواب آزاد نظم، يعني شاعري به.... زبردست. منهنجو وس پڳو ته اھا ڪھاڻي ڪٿي نه ڪٿي ”آئون ڇپرائڻ جي ڪوشش ڪندس“.

”اسان پيار ڪرڻ وارا ماڻھو“ پراڻو عنوان پر نت نئين، مختصر پر جامح ڪھاڻي آهي.

”ڇڄ وٺو ڇڄ“ به ”اسان پيار ڪرڻ وارا ماڻھو“ وانگر ئي، مون اڳ ۾ به پڙھي هئي. ھي ٻئي ڪھاڻيون به، ٻين ڪھاڻين وانگر پڙھڻ ۽ ٻين کي پڙھائڻ جھڙيون آھن.

”ھڪڙو ھو ايس ڊي ايم“ به تمام سٺي ڪهاڻي آهي. مرداڻي سماج جو مرد ايس ڊي ايم به ٻين عام مردن وانگر ڇوڪرين جي اسڪول وڃي بتال ٿيڻ جي حقيقت تمام وڻندڙ نڀاءُ سان پيش ڪرڻ سبب توڙي جو منهنجي اڳ ۾ پڙھيل ڪھاڻي آهي، پر جنهن جنهن به نه پڙھي آهي، اهو ”احساس جا رنگ“ ڪتاب وٺي، ضرور پڙھي.

”ٻلي مونکي ڏسي پڇ ڇو لوڏيو؟“ ۾ پروفيسر مغزمار سان ”فاطمه“ جي مغزماري منهنجو مغز ايترو خراب نه ڪيو، جو آئون سوچيان ته پريشر ڪڪر پاڪستاني وٺان يا جاپاني... واھ واھ، مختصر پر سبق آميز ڪھاڻي...

”مسجد ۽ جتيون“ به ٻين ڪھاڻين وانگر بامقصد، هڪ کان وڌيڪ مسئلن تي، وڏي ھوشياري سان تنقيدي ڪالم ڪھاڻي آھي، جنھن کي اعتبار نه اچي پاڻ پڙھي.

”امن ۽ جنگ“، ”دنيا ۾ وار ۽ پيس ھميشه گڏ ھلن ٿا ھميشه وار کان پاسو ڪجي جو فوجون ته کٽن ئي ٿيون پر اٽو به کٽيو وڃي“ جي پڄاڻي سان پوري ٿيل ھي انتھائي علامتي ڪھاڻي، مون کي ڪجھ سمجھ ۾ آئي ته ڪجھ سمجھ ۾ نه آئي، جيڪو به سڄي ڪھاڻي سمجھي، اھو ٻين کي سمجھائي نه سمجھائي، مونکي سمجھائيندو ته سندس مھرباني مڃيندس.

صفحي ۱۲۳ تي ”سائيڊ افيڪٽ“ عنوان پڙھندي اڳ ۾ پڙھيل ۱۲۲ صفحن جو مواد ياد آيو ۽ مون کي احساس ٿيو: ”ھي ڪتاب گھٽ پڙھيلن لاءِ نه لکيو، نه ڇپيو ويو آھي، شايد“

بھرحال ليکڪه جي مشاھدي ۽ ڄاڻ رکڻ جي سگھ تي ۽ اثرائتي انداز ۾ لکڻ تي کيس داد ڏيڻ کانسواءِ نٿو رھي سگھان.

”احساس جا رنگ“ ڪتاب جو آخري رنگ، آخري ڪھاڻي ”چوريون ختم ڪرڻ جو نسخو“ واقح آخري آھي. تمام بھترين ڪھاڻي... ھن ڪھاڻي ۾ به لکڻ جو انداز ڏسو: ”هر طرف امن امان جو اسپري ٿيو ۽ رات جا چوڪيدار ننڊ جون گوريون کائي سمھڻ لڳا.“

مجموعي طور مجموعي جا ۲۶ ئي رنگ، يعني ۲۶ ئي ڪهاڻيون، جامع، دلچسپ، مثالي ڪهاڻيون آهن، پر فاطمه ڀرڳڙي سميت هي ڪتاب آڻڻ جي ڪوشش ۾ رڌل ڪير به، دل ۾ ڪري ته ڀلي ڪري، مواد کي هڪ دفعو اطمينان سان پڙهي، ٻوليءَ ۾ ضروري سڌارو آڻي، پوءِ به صورتخطي تي ڌيان ڏئي، ڪتاب چپرائجي ها، ته ايتريون غلطيون به نه هجن ها ۽ جيئن غلطين جي ڪري ڪٿي ڪٿي مون کي ڪوفت محسوس ٿي، ڪنهن ٻئي پڙهندڙ کي به ڇکيائي نه ٿئي ها.

 

(سندر صفحو، انچارج: حيات علي شاهه بخاري، روزاني عبرت حيدرآباد، اڱارو ۳۰ ڊسمبر ۲۰۱۴ع)




احساس جا رنگ

ڪهاڻين، ڪالمن، ساروڻين ۽ اردو ڪهاڻين تي مشتمل ڪتاب ۾ موجود ۱۰ ڪالم، منهنجي نظر ۾

مٺل جسڪاڻي

ليکڪا؛ فاطمه ڀرڳڙي

هر ڪنهن جي سوچ پنهنجي. اڪثر پڙهندڙ اخبار توڙي اخبار جي ڪالم جي عمر هڪ ڏينهن چوندا ۽ مڃيندا آهن، جڏهن ته پراڻي اخبار به نه رڳو سنڀالي رکي ويندي آهي، پر ضرورت وقت ڳولي ڳولي پڙهي به ويندي آهي. اڄڪلهه ئي نه، سالن کان، ناميارا توڙي نوان ڪالم نويس پڻ، سندن لکيل ۽ مختلف يا هڪ ئي اخبار يا رسالي ۾ ڇپيل ڪالم سهيڙي، مجموعا به ڇپرائيندا رهيا آهن، جڏهن ته ڪجهه نامياريون اخبارون وري مستقل سلسلي طور، سندن پراڻي ڪاپي جو مواد ٻيهر ڇپينديون رهيون آهن.

اخباري ڪالم جو ڪو هڪ نه، ڪيترائي گهاڙيٽا آهن. ڪالم هڪ رخا به ٿيندا آهن، ته گهڻ رخا به هوندا آهن. گهڻ رخا ڪي ڪالم ترتيب ۾ هوندا آهن، ته ڪي وري ترتيب ۾ نه هوندا آهن. ڪالم رکا به ٿيندا آهن، ته سڻڀا، مصالحي دار، چٽ پٽا، مزيدار به ٿيندا آهن. ڪي ڪالم سخت سڏبا آهن. ڪي ڪهر جا ڪالم به ٻڌا آهن. هڪڙا ڪالم اهڙا، جيڪي بلڊ پريشر وڌائيندا آهن، ته ڪي وري گهٽائيندا آهن.

ڪالم کي تڪبو توربو، ته اهو ليکڪ جي قدبت، سرت، سمجهه، ساڃانهه جي نسبت سان هوندو آهي. ڪي ڪالم پڙهڻ کان سواءِ سمجهه ۾ اچي ويندا آهن، ته ڪن کي سمجهڻ لاءِ ٻه ٽي دفعا پڙهڻ کان پوءِ به، ڪو ڏاهو ڳولڻو پوندو آهي.

اخبارن ۾ ڪالم پڙهڻ تمام پراڻي عادت اٿم. ڇپيل ڪالم سهيڙي، ڇپرايل ڪتاب ڏسي، ڪوفت ٿيندي اٿم. ڇو ته روز مختلف اخبارون ڏسي، پنهنجي پسند وارا ڪالم پڙهڻ جي عادت سبب، منهنجو ڀلي ته ڪالم تي مشتمل ڪتاب ۾ ڪو هڪ به ڪالم، منهنجو اڳ ۾ پڙهيل نه هجي، پر بنا پڙهڻ جي لڳندو اٿم، ته پڙهڻ جهڙو هوندو ته پڙهيل هوندو، پڙهڻ جهڙو نه هوندو ته اڳ ۾ نه پڙهيم ته هاڻ ڇو پڙهجي؟

مون هي جيڪا ڊيگهه ڪئي آهي، تمهيد لکي آهي، ٿلهه ٻڌو آهي، اهو در اصل فاطمه ڀرڳڙي جي ڪهاڻين، ڪالمن، ساروڻين ۽ ڪهاڻين تي مشتمل، تازي ڇپيل ڪتاب ”احساس جا رنگ”۾ موجود ۱۰ ڪالم پڙهي، انهن تي منهنجي ذاتي راءِ لکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. هاڻ هاڻ، هي ٻه اکر لکندي، مون کي عقل آيو آهي ته آئون ڪير ٿيندو آهيان، جو پنهنجي راءِ لکان. پڙهندڙ پاڻ سياڻا آهن، پنهنجو عقل پاڻ استعمال ڪن، ٿورو وقت ڪڍي فاطمه ڀرڳڙي جا سڀ ڪالم پڙهي، ان لاءِ پنهنجي راءِ قائم ڪن. البت، ايترو لکڻ ضروري ٿو سمجهان، ته هن مجموعي ۾ ڇپيل اڪثر ڪالم منهنجا اڳ ۾ به پڙهيل آهن. هاڻ ٻئي دفعي به پڙهيم. اڪثر ڪالم طنز ۽ مزاح سان ڀريل، با مقصد ڪالم آهن. اهڙا ته گهڻ رخا آهن، جو ڪڏهن به پوڙها نه ٿيندا. دلچسپ به اهڙا آهن، جو هر عمر وارو، جڏهن به ڏسي، پڙهيل نه هجن ته ضرور پڙهي، کيس پراڻو مواد محسوس نه ٿيندو.

”ڪارين رڍن جو آپريشن ڪيو وڃي”۾ گهڻن جي دلچسپي جو مواد آهي، ”سنبارا”به تمام سٺو ڪالم آهي. جڏهن ته شاعرن توڙي شاعري پسند ڪندڙن کي صلاح ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان، ته هو ڏهون ڪالم ”شاعرن جا ٺڪاءُ”ضرور پڙهن.

ياد رهي ته فاطمه ڀرڳڙي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکندي رهي آهي ۽ گهڻو ڪري مزاحيه انداز ۾ لکڻ سبب پهرين خاتون مزاح نگار طور سڃاڻپ ماڻي رهي آهي. سندس هي ڪتاب ”احساس جا رنگ”ينگ رائيٽرس فورم سنڌ پاران، نومبر ۲۰۱۴ع دوران، سنڌ راڻي پبليڪيشن حيدرآباد ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي. ماجد علي ڪاڪا جي پرڪشش رنگين ٽائيٽل ڊزائين واري ڊيمي سائيز جي هن مجموعي جي ڪمپوزنگ بشير جمالي ڪئي آهي، اداري پاران ٻه اکر پرهه پروين گل، پنهنجي پاران قلمڪار فاطمه ڀرڳڙي، ليکڪ بابت راءِ نواز ڀٽو ۽ مهاڳ ”ڏات ۽ ڏانءُ جو سنگم”شبنم گل لکيو آهي، جڏهن ته بئڪ ٽائيٽل تي ليکڪه جي تصوير به آهي ۽ حيدرآباد واري غلام مصطفيٰ سولنگي پاران ليکڪه جو لکيل تعارف به آهي.

 

(هفتيوار ادبي صفحو ”تخليقڪار” ترتيب: واحد پارس هيسباڻي، ڏھاڙي عبرت حيدرآباد۾ آچر ۰۴ جنوري ۲۰۱۴ تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment