Monday, December 27, 2021

پاڻي کارو آهي - امداد ڪانهيو

پاڻي کارو آهي

(مختصر ڪهاڻي)

امداد ڪانهيو



منشا اٿندي شرٽ پائي ورتي ۽ بٽڻ بند ڪرڻ لڳو ته ڪمل به واش روم مان اچي وئي. ڊگهي شيشي اڳيان بيهي ڪمل ڪنگي ڪندي پنهنجا مُنجهيل وار سنوت ۾ ڪرڻ لڳي ته منشا بٽڻ بند ڪندي ساڙهي ۾ ڪمل کي پُٺيان نهاريندو رهيو.

ڪمل جي ڪنڌ وٽان انگي جي ويڪري ڪٽيل گول ڳچي کان پُٺن جو ڳچ حصو ڪپڙن مان آجو، صاف ۽ چِٽو نظر پئي آيو، منشا سوچڻ لڳو؛ “عورت جو آجو سرير، ڪنڌ ۽ پُٺا ساڙهي منجهان ڪيڏا نه دلڪش نظر ايندا آهن!”


پُٺا ڏسندي منشا جي نظر هيٺ ترڪندي ڪمل جي اُگهاڙي چيلهه تي اچي بيهي رهي!

جيستائين منشا ٻانهن سميت شرٽ جو آخري بٽڻ بند نه ڪيو، ايستائين هُو وار سنواريندڙ ڪمل کي ڏسندو رهيو ۽ پيٽ وٽان انگي کان هيٺ ظاهر ٿيل چيلهه، چيلهه وارو لِيڪو ۽ اُن کان هيٺ ماسيرو ڀريل بُت به ڪمل جو رکي رکي جانچيندو رهيو. سڀ بٽڻ بند ڪري هُو بئڊ جي سيراندي کان پنهنجي نظر واري عينڪ کڻي پائيندي اٿيو ۽ اڳتي وڌي بيٺل ڪمل کي پٺيان ئي وڃي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتائين.

آرسي سامهون بيٺل ڪمل جڏهن منشا جي ڀاڪر ۾ اچي وئي ته مُرڪي پئي. منشا جا هٿ ڪمل جي سانوري ۽ سرمئي نظر ايندڙ لسي پيٽ کي ڇُهڻ لڳا ۽ ڪنگي ڪمل جي هٿ ۾ خالي رهجي وئي. ڪمل مدهوش ٿي پئي ته هُن جون ٻئي ٻانهون اڻ لکي احساس ۾ هيٺ ڍرڪي پيون.

منشا ڪا گهڙي ائين پٺيرو ڪمل کي ڀاڪر پائي بيٺو رهيو ۽ پوءِ ڪمل جي پيٽ تي هڪ ٻه ڀيرا پنهنجو هٿ گهمائي ڀاڪر ڇڏي واش روم هليو ويو.

جڏهن منشا هٿ مُنهن ڌوئي ٻاهر نڪتو ان مهل ڪمل ڪنگي ڪري چڪي هئي. ٽوال سان هٿ مُنهن خشڪ ڪندي منشا ڪمري ۾ واپس آيو ته ڪمل بئڊ جي چادر ڇنڊي وري ٻيهر وڇائي چادر جا سڀ گهنج به ڪڍي ورتا هئا.

منشا ٽوال صوفا تي رکندي پنهنجو ڪوٽ کنيو ته ڪمل اڳتي وڌي آئي ۽ ڀاڪر سان منشا جي ڇاتي تي ڪنڌ لاڙي هڪ هٿ منشا جي چيلهه ۾ پويان ورائي ۽ پنهنجي ٻئي هٿ سان منشا جي شرٽ جي بٽڻن وچان سيني جي ننڍن وارن ۾ پنهنجيون آڱريون ڦيرڻ لڳي ته منشا مرڪندي ڪمل جو سينڌور لڳل نرڙ چُمي ورتو.

منشا جڏهن چُمي پائي ورتي تڏهن ڪمل چيو، “سر پوءِ مان پنهنجي مڙس جي پڪ سمجهان؟؟.”

“ها..... ڇو نه!”، ڪمل ڀاڪر ڇڏي مُرڪندي پوئتي هٽي ۽ منشا ڪوٽ پائيندي چيو، “توکي چيم نه سڀاڻ آفس وٺي اچجانس......... تو سان ڪي ليکا آهن ڇا؟”

“پر سڀاڻ ته هڪ ننڍي تقريب اسان گهر ۾ رکي آهي سر!؟”، ڪمل چيو، “شادي جي سالگرهه آهي ته اسان سوچيو.......!”

“ٺيڪ آهي! پوءِ پرينهن اچي وڃجئو.”، منشا ڪوٽ پائي ورتو هو، ليپ ٽاپ ٿيلهي ۾ رکندي چيائين، “توسان واعدو پڪو آهي، بي يقيني جو ڪو سوال ئي ناهي!”

“سر سالگرهه پارٽي جي اوهان کي به دعوت آهي”، ڪمل صوفا تان پنهنجي چادر کڻندي چيو، “اوهان جي پنج منٽ به اچي ويندئو ته منهنجي عزت ٿيندي!”

منشا ٿيلهو کڻندي چيو، “ٺيڪ آهي مان ڪوشش ڪندس.”، هُن جي جواب تي ڪمل مُرڪندي منشا کي وري ڀاڪر پائي ورتو ۽ هُن ڪمل جي سينڌ ۾ پيل سينڌور ڀريل وارن کان ٿورو هيٺ نرڙ تي لڳل ڳاڙهي رنگ جي گول تلڪ کي پنهنجي جڳهه تي هٿ سان جائيتو ڪندي ڪمل کان پڇيو، “هاڻ هلون؟؟.”

“جي سر هلو!!”

فائيو اسٽار هوٽل جي ايئر ڪنڊيشنڊ ڪمري مان نڪرندي ڪمل هُن جي اڳيان هئي ۽ هُو سندس پٺيان هلندو ٻاهر پئي آيو. لابي، لائونج ۽ ڪاريڊور ۾ سامهون ايندڙ هوٽل جا سڀ در ڪمل لاءِ منشا صاحب پاڻ ئي پئي کوليا. ڏسڻ ۾ ائين پئي آيو، منشا صاحب وٽ عورت جي اهميت، عزت ۽ مهانتا ڪنهن مٿاهين پد تي بيٺل آهي ۽ مردن ۾ جي عورت جي عظمت جي سُڃاتي آهي ته بس منشا صاحب ئي سُڃاتي آهي!

ڪائونٽر تان چئڪ آئوٽ ڪري ٻاهر ايندي منشا ڪمل کي چيو، “گهر تائين توکي ڊراپ ڪريو وڃان!؟”

“نه سر....... اوهان کي تڪڙ هجي ته ڀلي وڃو! مان ڏسان ڪنهن رڪشا ۾ هلي ويندس.”

“نه نه..... پنج منٽ ئي ته لڳندا.”

منشا ڪمل جي گهر واري گهٽي جي اڳياڙي وٽ هُن کي ڇڏي پاڻ موٽي ويو ۽ ڪمل پنهنجو پرس سنڀالي گهر جي گهٽي ۾ ننڍيون وکون کڻندي پنهنجي مُنهن مُرڪي پئي، “ايڏي مهانگائي ۾ جيئڻ لاءِ ڇا ڇا نه ڪرڻو ٿو پوي!”، سوچن ۾ لڙهندي گهر ۾ داخل ٿي ته سامهون اڱڻ تي سامي کي سندس ٽئي ٻار ڦريو ويٺا هئا.

ڪمل گهر ۾ گهڙندي ئي مرڪي سامي جي اکين ۾ نهاريو ۽ سامي به ڪمل کي ڏسندي مرڪي پيو، پر ڪمل! سامي جي اُها مُرڪ ڏسي اندر ۾ ڄڻ ڀُري پئي!

ويجهو ايندي هُو پنهنجي ننڍي پُٽ اوتار جي مٿان اچي بيٺي ۽ هٿ وڌائي اوتار جي مٿي تي هٿ رکندي وارن ۾ آڱريون ڦيرائي ٻار سان پيار جو اظهار ڪرڻ لڳي، سامي ڪمل کي ڏسندي چيو، “اڄ دير سان موڪل ڪيئي!؟.”

ڪمل ننڍڙي اوتار جي وارن مان هٿ ڪڍيو،! “ٻهراڙي فيلڊ وڃڻو پيو وزٽ تي!”، ڪمري ڏي ورندي ڪمل پنهنجي وک کئين ڄڻ پنهنجون نظرون سامي کان چورائيندي هُجي! تڏهن پرتي ويندي مُئل لهجي ۾ چيائين، “وڏو صاحب اڄ آيل هو.”

سامي رات واري ڀاڄي لاءِ پاڻ ئي ڀينڊيون پئي ڪپيون، پل لاءِ ڇُري سامي جي هٿن ۾ بيهي رهي ۽ ڪمل جي مختصر جواب تي ڪي ساعتون هُو ڪمل جي وساڻل لهجي ۽ مُئل وِک کي نهاري ڪجهه سوچڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو پر ڪجهه سمجهي نه سگهيو ته وري ساڳيون ڀينڊيون ڪپڻ لڳي ويو.

ڪمل اندر ڪمري ۾ اچي پرس رکي، چادر لاهي ويڙهي سئولي ڪئي ۽ پُراڻو رئو پائي گهر ۾ پائڻ واري پراڻي عام ساڙهي کڻي ٻاهر واپس اچي ٻارن ۽ سامي سان گڏ ويهي رهي. ڪمل کي ڪپڙا مٽائڻ لاءِ باٿ روم وڃڻ بجائي ساڙهي هنج ۾ رکي پاڻ سان گڏ اتي ويهندي ڏسي سامي هُن کان چاڪائي جو پُڇڻ لڳو پر ڪمل پنهنجي ٿڪل هجڻ جو چئي ڳالهه ٽاري ورتي ۽ ڪجهه دير سامي ۽ ٻارن سان ويهي ڳالهائيندي رهي پر بجلي ايندي ٽئي ٻار ٽي وي ڏسڻ ڪمري اندر ڊوڙيا ته سامي چيو، “اسان ته اڄ پنهنجي ڀاڄي به پاڻ ئي تيار ڪري ورتي آهي!”

ڪمل مرڪندي سامي ڏي ڏٺو ۽ ڌوتل صاف ڀينڊيون کڻي سامي کي ڏيندي چيائين، “اڄ مون وڏي صاحب سان تنهنجي نوڪري جي درخواست به ڪئي هئي!” سامي جا هٿ ڀينڊيون ڪپيندي وري ٻيهر رڪجي پيا ۽ هُو ڪمل کي نهارڻ لڳو؛ “وڏي صاحب اميد ڏياري آهي ۽ گڏ تو کي روبرو آفيس به گهرايو اٿس.”

“واهه اها ته جام ڀلي ڳالهه ٿي!” سامي وري ڀاڄي ڪپڻ شروع ڪندي چيو؛ “پوءِ ڪڏهن هلجي؟.”

“سُڀاڻ ته مون موڪل ڪئي آهي! پنهنجي شادي جي سالگرهه آهي نه؟ ڪا ننڍڙي پارٽي ڪري عليڪ سليڪ ۽ واسطيداري لاءِ ڪجهه مخصوص ماڻهن جي هلڪي دعوت ٿا ڪريون!” ڪمل، سامي جي مُنهن ۾ چتائيندي چيو؛ “مون وڏي صاحب کي اچڻ جي دعوت به ڏني آهي ۽ پرينهن پاڻ هلنداسين گڏ!”

“اوهه دل ڪري پيو تو کي ڀاڪر ۾ ڀري وٺان ڪمل! اهڙي مون کي سلجهيل سياڻي زال ملي آهي جو ڇا چوان!” ڪمل جي سڊول بُت ۽ شوخ چهري مان سُرمئي رنگ ڇڻندي ڏسي سامي خوش ٿيندي چيو؛ “پر ڳالھ آھي ڪمل! جڏهن کان تون آفيسرياڻي ٿي آهين، تڏهن کان مان ته جهڙو گهر وارو رهيو ئي نه هجان! منهنجو گهر تي حق ته لڳي ٿو پر گهرواريءَ تي جهڙو ٺُپ نه هجي!”

“اهڙي ته ڪا ڳالهه نه آهي ڌُوتا!” ڪمل مُرڪي سامي کي اک هڻندي چيو؛ “هي ٽي ٻار جو توکي ڄڻي ڏنا اٿم؟”

“ها اهو ته آهي پر........ هاڻ تون هڪ آفيسرياڻي...... ٻيو سماجي ورڪر، ٽيون وري عورتن جي اڳواڻ ۽ ڪامريڊ....... مان ته ڪنهن کاتي ۾ ئي نه رهيو آهيان!”

“رڳو پيار نه ڪبا گهر ويهي! ڪجهه ته ٻچن جي آئندي لاءِ به ڪرڻو آهي نه!؟” ڪمل اٿي ڪپڙا مٽائڻ ويندي سامي کي چيو؛ “يا رڳو چونچلا ڪري وقت وڃائجي؟ ۽ ڇڏ انهن ڳالهين کي! سڀاڻ صاحب وڏو اچي ته تون به سٺو آڌرڀاءُ ڪري ملجانس. پنهنجا ڪم وڏن ماڻهن جي اڳيان پويان هلڻ ۽ رهڻ سان ئي ماڻهو هن دور ۾ ڪرائي سگهي ٿو.”

حاضر سائين چوندي وڍيل ڀاڄي کڻي سامي رڌڻي ڏي هليو ويو ۽ ڪمل باٿ روم ۾ اچي اندران ڪڙو ڏئي ورتو.

ٻئي ڏينهن شام جو ڪمل جي گهر جام رونق لڳي پئي هُئي، گهڻا مهمان اچي ويا هئا پر وڏو صاحب اڃان نه پهتو هو. سڀن کي انتظار وڏي صاحب جو هو، منشا صاحب اچي ته ڪمل ڪيڪ ڪٽي!

ان ڏينهن سامي به نئون جوڙو ڪمل جي چوڻ تي پاتو هو، جنهن ۾ هُو ٻهڪيو پئي ۽ ڪمل پاڻ گلابي رنگ جي نئين ساڙهي پائي هلڪو مئڪ اپ ڪيو هو. ساڙهي جي رنگ سان مئچ ٿيندڙ ڪمل جي چپن تي لڳل گُلابي لپ اسٽڪ جا رنگ ڏسي، اتي موجود گهڻن مردن جون دليون ڌڙڪي ڇڄي پيون! ڪمل جي پُٺ وٽان عورتاڻي انگ جا ڪجهه وائکا ٿيندڙ حصا ڏسي گهڻي مرداڻي ذهنيت ٻري وسامي سوچن ۾ سڙي پئي. گهڻين دلين جون حسرتون سرد آهن ۾ تبديل ٿي واپس دلين ۾ دفن ٿينديون رهيون، پر ڪي لاچار ۽ مجبور ته سِڪ ۾ سڙندي گُهٽجندي پوءِ ڪمل سان ڪجهه نه ڪجهه خالي ڳالهائڻ جي چاهه ۾ نه چاهيندي به ادي سڏيندا رهجي پئي ويا!

گهڻيون نهارون ڪمل جي سراپا سان ٽڪرائي اتي ڪري ڦٿڪي مريون پئي پر ڪمل گهڻين ڪُنوارين حسينائن کي پنهنجي چهبڪ حُسن سان مات ڏيو سڀني کان بي نياز ٿيو مهمانن جي خاطر تواضع ۾ لڳي پئي هُئي.

اڄ ته هُن چوڙيون به شيشي واريون پاتيون هيون، سندس ٻانهن ۾ ڇلڪندڙ چوڙين جا آواز سامي کي به شادي جا پهريان ورهيه ياد ڏياري رهيا هئا، جيڪي اڃان گهڻو پري به نه ويا هئا.

منشا صاحب جو انتظار ڪندي ڪومل هاڻ فڪرمند ٿيڻ ئي لڳي هئي ته منشا صاحب به اچي ويو ۽ هُن جي ايندي ئي ڪومل ڪجهه مهمانن سان پنهنجي صاحب جو تعارف ڪرائڻ لڳي پر منشا سامهون ايندڙ هڪ سانوري ۽ ننڍي نيٽي الهڙ ڇوڪري کي ڏسي پاڻ وڃائي بيهي رهيو.

ڪمل جي سڏ تي منشا صاحب ڇرڪي پيو ۽ هوريان ڪمل کان پڇيائين؛ “ڪمل! هي خوبروءَ ڇوڪري ڪير آهي؟.”

“سائين منهنجي ننڍي ڀيڻ آهي نرملا!” ڪمل، منشا کي ڪرڙي اک سان نهاريندي چيو؛ “هينئر ئي گريجوئيشن ڪئي اٿس ۽ اڳتي پڙهڻ جي تيارين ۾ آهي.”

صاحب نرملا کي نهاريندي اڳتي ٻئي مهمان ڏي وڌيو ۽ گڏ هلندڙ ڪمل جي ڪن ۾ ڀُڻڪي سان پڇيائين، “سڀاڻ نوڪري لاءِ تنهنجو مڙس پنهنجي آفيس ايندو نه!؟.”

“ها سائين ضرور ايندو.....

“پوءِ گڏ پنهنجي هن ڀيڻ کي به تون وٺيو اچجان... تو کي ته خبر آهي ڪمل...... مون کي پرسنل سيڪريٽري جي گهرج آهي!”

“پر سر...... هُو ته اڃا اڳتي پڙهڻ پئي چاهي!”

“اڙي بابا عورتن کي پروموٽ ڪرڻ ته پنهنجي اداري جي اوليت رهي آهي نه!؟” منشا صاحب چيو؛ “۽ پوئتي پيل ماڻهن جي خدمت ڪرڻ مان پنهنجو فرض سمجهان ٿو، ٻيو ته اهڙين ذهين ڇوڪرين کي اوليت جي بنياد تي موقعا ڏيڻ گهرجن!”

“پر نرملا نوڪري ڪرڻ نٿي چاهي سر!” ڪمل پريشان ٿيندي چيو؛ “هُو اڃا اڳتي پڙهڻ جي تيارين ۾ آهي!”

“اهو ڪم تنهنجو آهي.” صاحب ڪومل جي اکين ۾ پنهنجي نهار کپائيندي چيو؛ “هُن کي نوڪري لاءِ آماده ڪرين!”

“پر صاحب........!”، سڀ معاملي کي سمجهندي ڪومل پريشاني مان چيو؛ “اهو ڪيئن مُمڪن آهي ته مان هُن جي ڪمن ۾ دخل ڏيان؟”

“تو کي وٺي اچڻو ئي پوندو ڪومل!” صاحب دٻيل لفظن ۾ ڪجهه زور ڏيندي چيو ته ڪومل جا قدم ڄڻ ٻڌجي پيا ۽ هُو صاحب سان گڏ هلندي بيهي رهي. ڪجهه سوچي هُن جهڙو ڪر ذري گهٽ رڙ ڪندي چيو؛ “صاحب.......!”

اڳتي وڌي ويل شهر جو مشهور سماجي اڳواڻ، پورهيتن جو هڏ ڏوکي، غريبن جو مددگار، پوئتي پيل طبقن جو رهبر هُن جو سڏ ٻُڌي بيهي رهيو. ڪمل ويجهو ٿيندي چيو؛ “صاحب اسان کي نوڪري نٿي گهرجي!”

سڏ سان گڏ ڪومل جي اهڙي جواب تي منشا صاحب جي چهري جا سڀ رنگ لهي پيا ۽ هُو ڪجهه سوچڻ لڳو ئي هو ته سامي ڊوڙندو اچي پهتو؛ “ها صاحب اسان کي ڪا نوڪري نٿي گهرجي!” ڪومل ٻيهر ورجائي چيو ته منشا صاحب سان گڏ سامهون بيٺل سامي به حيرت منجهان ڪمل جو مُنهن ڏسڻ لڳو پر اتي موجود مهمان ڪجهه به سمجهي نه سگهيا.

“سر! نرملا ڪا نه ايندي آفيس. اسان کي نوڪري نٿي گهرجي!” ڪمل جي ورجايل ٻيهر اهڙي جواب تي منشا صاحب خاموش نهارن سان کيس ڏسڻ لڳو پر سامي مُنجهي پيو، هُن کي ڪجهه سمجهه نه آيو ته ڪمل ائين ڇو چئي رهي آهي!

ان کان پهرين ڪمل ڪجهه چوي يا اڳتي وڌڻ لاءِ وک کڻي سامي هڪدم منشا صاحب جو هٿ جهليندي مسڪرائي چيو؛ “ڇو نٿي کپي؟ کپي ٿي سر نوڪري! نرملا کي مان پاڻهين آفيس وٺي ايندس!”

منشا صاحب، سامي جي ڳالهائڻ تي ڪنڌ مٿي کنيو ۽ فاتحانه مرڪ سان ڪمل کي ڏسندي اندر ۾ ئي ٿڌو ساهه ڀري ورتائين پر ڪمل سامي جي وچ ۾ ائين اچي پوڻ تي پريشان ته ٿي ان سان گڏ منشا صاحب جي اهڙي مرڪي پوڻ تي سڙي ٻري پئي! ڪمل سوچن ۾ ٻڌجي رهجي وئي، کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هاڻ هُو ڇا ڪري! ڪيئن پنهنجي مڙس کي روڪي ته؛ “نه! نرملا کي صاحب جي آفيس ناهي وٺي وڃڻو!” ۽ هُن نرملا جي نوڪري کان ڇو منع ڪئي آهي! سوچون لهرن جيئان ورندي ڪمل کي پائي ٻوڙڻ لڳيون؛ “جي سامي کي منع ڪريان ته هُو وجہ پڇندو، ڀلا نرملا کي آفيس ڇو نه وٺي وڃجي؟ پر جي وٺي وڃجي ته صاحب.......!”

ڪمل کي ڄڻ چڪر اچڻ لڳا؛ “ٻيڙي سڙڻ کان بچائجي يا ٻُڏڻ کان؟؟” کيس ڪجهه سمجهه نه آيو.

“اوهان لاءِ نوڪريون جام! هي ادارو ئي اوهان جو پنهنجو ته آهي!” منشا صاحب ڪومل کي ڏسي مُرڪندي سامي کي چيو ۽ هڪ ڀرپور نگاهه سان ڪمل جي ننڍي ڀيڻ نرملا کي به نهاري وري ڪمل کي چوڻ لڳو؛ “مون کي ٿورو جلدي وڃڻو آهي، معذرت سان چوندس ڪجهه فارينرس سان وزٽ ميٽنگ آهي!”

“سر هاڻ بس پنج منٽ ئي لڳندا..... ڪيڪ ڪٽڻ ۾!”

“اوهين ڪيڪ ڪٽي وٺجئو...!” منشا صاحب ڪمل جي ڳالهه ڪٽيندي چيو؛ “بس تنهنجي چوڻ تي زوريءَ پنج منٽ ڪڍي حاضري ڀرڻ آيس! مون کي تڪڙ آهي اجازت ڏيو ته بهتر!”

“جي ٺيڪ آهي سر.....!” ڪمل صاحب جا ٿورا مڃيندي ڪجهه وساڻل لهجي ۾ چيو؛ “اوهان ٻه منٽ آيا..... اسان لاءِ ته اهو ئي ڪافي آهي.” اتي پاسي ۾ بيٺل سامي مسڪرائي ڏنو جيئن ڄڻ هُن بگڙندڙ معاملو وقت تي اچي سنڀالي ورتو هجي پر ڪمل جي دل ڄڻ نستي ٿي پئي هئي.

صاحب وڃڻ لاءِ اڳتي وڌيو. ان ئي مهل مهمانن جي خاطر تواضع لاءِ مخصوص ڪم واري ڪاري ڪوجهي شخص پنهنجي هٿ ۾ جهليل شيشي وارو گلاس منشا صاحب ڏي وڌائيندي چيو؛ “سائين پاڻي!؟؟”

“نه بس مهرباني!”

“سر ٻه ڍُڪ..... ڪُجهه ته هن گهر جو پيئندا وڃو!” سامي جي اصرار تي منشا صاحب جا قدم بيهي رهيا.

گدلي، ڪاري ڪوجهي ماڻهوءَ جي اهڙي اچانڪ عمل تي منشا صاحب ڇرڪي پيو هو ۽ مٿان سامي کي اصرار ڪندي ڏسي منشا صاحب انهي ڪم ڪار واري کان پاڻي جو گلاس ورتو ۽ سوچڻ لڳو ڇا جواب ڏئي؟ ڪيئن اُهو پاڻي پيئي.....؟ هُن ته ڪڏهن به... پر هي ته... اڄ......

منشا صاحب حيرت مان انهيءَ ڪم واري ڪوجهي شخص کي ڪجهه اهڙي طرح ڏٺو جيئن ڄڻ هُن اچانڪ اچي کيس سوگهو ڪري ورتو هجي!

ٿوري ويچار کان پوءِ منشا صاحب ڪاري شخص کي غور سان ڏسي مُرڪي پيو ۽ پوءِ اُتي ڪچي گهر جي ڪچي آڳر جي ڪُنڊ ۾ پاڻيءَ جو گلاس هاري، ڪومل کي گهوريندي چيائين؛ “پاڻي کارو آهي! کارو پاڻي صحت لاءِ هاڃيڪار هوندو آهي!”

واپس ورندي منشا صاحب جي نگاهه وري ٻيهر به ڪمل جي نهار سان ٽڪرائجي پئي ته اکين جي اٽڪڻ سان منشا صاحب پنهنجن لفظن تي زور ڏيندي ڪمل جي ڀر ۾ ايندي سندس ڪن ۾ چيو؛ “ها اڃا ڪا بند بوتل ڏئين ها..... ته وڌيڪ بهتر هو.”

صاحب گلاس واپس ڪم واري ڪاري شخص جي هٿن ۾ جهلائيندي سامي سان هٿ ملائي چيو، “ٿئنڪ يو مسٽر.........

“سر سامي......“

“ها سامي!” چوندي پاڻ اڳتي وڌي ويو. پر ڪم تي بيٺل انهي ڪاري گدلي ماڻهو کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو. وڏو صاحب اڳتي وڌي ڪمل جي گهران نڪري آيو. پويان ڪمل جو مڙس وڏي صاحب کي پروٽوڪول ڏيڻ لاءِ گهٽي ۾ بيٺل ڪار تائين ڇڏڻ ويندي، وڏي صاحب جي ڪڍ ڀڄندو ٿي ويو جو رات ئي ڪمل کيس سيکاريو هو؛ “وڏن ماڻهن جي اڳيان پويان رهڻ گهرجي!”

صاحب کي روانو ڪري، سامي ٽهڪندو جڏهن واپس وريو ته ڪمل اڳ جهلي بيهي رهيس. سامهون بيهندي ڪمل سخت لهجي ۾ سامي کي چيو؛ “ڪهڙي ضرورت هئي وچ ۾ ڳالهائڻ جي؟؟”

“اڙي ڇا ٿي پيو تو کي اوچتو؟” سامي حيرت مان چيو؛ “هڪدم صاحب سان تو نوڪري جو انڪار ڪري ورتو! جڏهن تو کي پنهنجي ۽ نرملا جي سمورن حالاتن جي سڀ خبر به آهي؟”

“پر تنهنجو ائين وچ ۾ ڳالهائڻ ضروري هو؟؟” ڪمل نرڙ ۾ گُهنڊ وجهندي پڇيو.

“تو جو صاحب کي جواب ڏئي ورتو؟ هُن کي نوڪري جي ڪيڏي کپ آهي ۽...... تنهنجا مائٽ وڌيڪ ڪٿي نرملا کي پڙهائي ٿا سگهن!؟”

“تون ڪجهه سمجهين ڪو نه ۽ وچ ۾ ٽپي پئين!”

“تو جو انڪار ڪيو ته مون کي لڳو صاحب ڪٿي.......!” سامي چيو، “۽ نرملا کي نوڪري جي کپ به ته آهي ڪيترا ڀيرا تو کي هُن پاڻ به ته چيو آهي! پر مون کي سمجهه نٿو اچي تو الائي ڇو صاحب سان اچانڪ نه ڪئي!”

“بس ٺهيو ڪر هاڻ!” ڪمل چِڙي پئي پر سامي ساڳيو منجهي پيو.

“الائي ڇا آهي تو کي!” سامي خار کائيندڙ ڪومل کي نهاري ڀُڻڪيو؛ “پل ۾ ڪيئن ته پل ۾ ڪيئن! وڏو صاحب ڪيڏو نه مهربان ۽ پرهيزگار آهي!!”

جنهن مهل سامي جو اهو ڀُڻڪو ڪمل جي ڪنن ۾ ٻريو، تنهن مهل ڪمل حقارت مان هيٺ مٽي تي هاريل پاڻي جي پوسل نهاريندي پنهنجي چپن ۾ چيو؛ “هونهن وڏو پرهيزگار..... اُڃ مهل پيئڻ کان پيشاب به پيو وڃن! باقي ماڻهن ۾ وري پرهيزگار...! بهانو ڪندي چون ٿا؛ پاڻي کارو آهي!”

سامي ڪومل جي چپن واري ڳالهه نه سمجهندي مُنهن تي هٿ ڏئي بيهي رهيو ۽ ڪمل ڪيڪ ڪٽڻ لاءِ ٽيبل ڏانهن وڌي وئي پر هُن کان اهو لمحو وسري نه سگهيو جنهن لمحي منشا صاحب واپس ورندي پل لاءِ بيهي ڪمل جي اکين ۾ چتائيندي چيو هو؛ “ڏس! ڀيڻ کي لازمي وٺي اچجان گڏ!”

صاحب جي اهڙي سخت لهجي ۽ پختي گُهور تي سوچيندي ڪمل هڪدم ڇرڪي پئي ۽ تصور ۾ ڏسڻ لڳي؛ “فائيو اسٽار هوٽل جي ايئرڪنڊيشن ڪمري اندر نرملا جي ساڙهي صوفا تي پئي آهي ۽ نرملا جو سانورو ۽ سرمئي اڻ ڇُهيل نفيس جسم بئڊ تي ليٿڙجي رهنڊجي پيو آهي!”

ڪومل پنهنجي مٿي کي هٿ جو سهارو ڏئي جهليو پر صاحب جا اهي لفظ ڪمل جي ڪنن ۾ وري گونجي ويا؛ “پاڻي کارو آهي!”

ڪمل کي لڳو صاحب ڄڻ کيس ئي چوندو هجي، “هاڻ سندس ننڍي ڀيڻ ئي بند بوتل ۽ نشيلو پاڻي آهي! هُو ته هاڻ ڄڻ ڪو کارو ۽ زهريلو ڪڙو پاڻي ئي ٿي پئي آهي!”

خيالن ئي خيالن ۾ هُن پنهنجي ڀيڻ جي ڪُنوارپ هوٽل جي گُمنام ڪمري ۾ ڪري ڀڄي ڀور ٿيندي ڏسي ورتي! هُن کي لڳو مهانگي هوٽل جي نفيس بئڊ تي هُو ڪٽجي سستي ٿي مري پئي آهي! ڪومل کي چڪر اچڻ لڳا ته ٿيڙ کائي هُو ڪُرسي تي ويهي رهي ۽ ڪيڪ ڪٽڻ هُن کي ياد ئي نه رهيو.

 

(سڦلتا حيدرآباد نمبر ۲۷، نومبر ڊسمبر ۲۰۲۱ع ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment