Saturday, January 1, 2022

سال ۲۰۲۱ع دوران آيل اصلوڪا سنڌي ناول - ممتاز بخاري

سال ۲۰۲۱ع دوران آيل اصلوڪا سنڌي ناول

ممتاز بخاري



جڏهن ۲۰۲۰ع پڄاڻي تي پهتو هو ته ان وقت ڪتابي صورت ۾ چوڏهن ناول آيا هئا. رسول ميمڻ ۽ ڪليم ٻٽ جو هڪ هڪ ناول ”ابايل“ رسالي ۾ ڇپيو هو ۽ ٻه موبائيل ناول انٽرنيٽ تي قسطوار آيا هئا. ڪتابي صورت ۾ مجموعي طور چوڏهن ناول آيا هئا. 

سال ۲۰۲۱ع ۾ ڊسمبر جي ۳۱ تاريخ تائين، سنڌيءَ ۾ ۲۰۲۱ع جي ڇپائيءَ واري سال جا هيڪاندا ويهه ناول آيا آهن. جڏهن ته فيسبڪ تي رکيل پوسٽ تي هڪ دوست بشير جتوئي جي هيٺ ڏنل ڪمينٽ موجب؛ ”سڦلتا“ رسالي ۾ نور راهوجو جو پورو ناول ”ڳوٺ موٽي هلون“، رسالي ”ابابيل“ ۾ به هن سال ڇپيو. ايئن ۲۱ ناول سامهون آيا. 


چئي سگهجي ٿو ته ڪووڊ رڳو آبادي جي واڌ ۾ اضافو ناهي ڪيو پر ناولن جي انگ ۾ پڻ واڌارو آندو آهي. مزي جي ڳالهه ته سال جي آخري مهيني جي آخري ڏينهن دوران، ڪليم ٻٽ جو هڪ ٻيو ناول به ۲۰۲۲ع جي ڇپائي واري سال سان آيو آهي. يعني جنهن هڪ ليکڪ جا ان سال ٽي ناول سامهون آيا، اهو ڪليم ٻٽ آهي.

مون وٽ لڳ ڀڳ سڀ ناول آهن، سواءِ ٻن يا ٽن ناولن جي، جيڪي اڃا سکر ڪتاب گهرن تي ناهن پهتا. هن فوٽوءَ ۾ اختر حفيظ جو، ڪليم ٻٽ جو ۽ هڪ اڌ ڪو ٻيو ناول کٽل آهن، جيڪي ڪو مهربان پڙهڻ لاءِ کڻي ويو آهي. الله ڪري واپس ملن. هنن ويهن ناولن مان، پنڌرنهن ناول پڙهي ڇڏيا آهن. باقي به هن سياري دورران نئين سال جي پهرئين هفتي ۾ پورا ڪبا.

اهم ڳالهه اها ته سنڌيءَ ۾ ترجمي جي صورت ۾ به چڱا خاصا ناول آيل آهن.

هونئن ڏسجي ته ٻاويهه به ڳڻي سگهجن ٿا، جو جهان آرا سومرو جي ڪتاب ۾ ٽي ناوليٽ آهن. ھيٺ ۲۰۲۱ع دوران ڇپيل ناولن جا نالا، سندن ليکڪن جي نالن سميت، وچور جي صورت ۾ پيش ڪجن ٿا.

سال ۲۰۲۱ع دوران ڇپيل ناول

۱. چچريل لاش، احمد شاڪر

 ۲. ڪووڊ ۱۹، اختر حفيظ

۳. يوٿوپيا، ڪليم ٻٽ

۴. منهنجي جان ڪوڪو، نور راهوجو

۵. عيوض ۾ عذرا، آغا رفيق احمد وقار

۶. وڃايل چاهت، امر ثناءَ

۷. سنڌ پرينءَ سان، در محمد ٻرڙو

۸. مينهان ۽ نيهان (ٽي ناوليٽ)، جهان آرا سومرو

۹. مري ويل ماڻهوءَ ڏانهن خط، مشتاق سعيد

۱۰. آراڌني، زبيده برواڻي

۱۱. ڌاڙيل يا درويش، پرويز

۱۲. ڪامريڊ، زلفي زنئور

۱۳. آگم پريت، امداد ڪانهيو

۱۴. جيئڻو ٿو پوي، پروفيسر محمد صديق انڙ

۱۵. آخري اسٽيشن، رزاق سهتو

۱۶. ڪتا، رسول ميمڻ (۲۰۲۰ع ۾ ٽماهي ابابيل رسالي ۾ ڇپيو)

۱۷. نئون ماڻهو، حيدر دريا

۱۸. تو بن اداس من، ايس نرگس حق

۱۹. هُون تو هيڪلي، بانو محبوب جوکيو

۲۰. رجيم، انور ڪليم

۲۱. ڳوٺ موٽي هلون، نور راهوجو (هڪ دوست بشير جتوئيءَ موجب؛ هيءُ ناول ابابيل جي ۲۰۲۱ع واري هڪ پرچي ۾ ڇپيو.)

 

(نوٽ: انور ڪليم جو ناول ”رجيم“ مون ناهي ڏٺو، ليکڪ کان ورتل ڄاڻ موجب ان تي ڇپائي جو سال ۲۰۲۱ع آهي. ان سميت ۲۰ ناول آهن.)

 

(ممتاز بخاريءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱ جنوري ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment