Saturday, January 1, 2022

ساڳيا لاٽون ساڳيا چُگھ - دريا خان شنباڻي

ساڳيا لاٽون ساڳيا چُگھ

(نئين سال جو تحفو - ڪهاڻي ۵۳)

دريا خان شنباڻي



هوءَ ڪيتري دير تائين پنهنجي ماءُ سان ضد ڪندي رهي ته کيس ڇت تي وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي.

“تون چري ته ناهين، ڀاڻين ناراض ٿيندو.”

“امان پليز، ادا کان ڀلا موڪل وٺي ڏيو، بس ٿوري دير لاءِ!”

“پر آخر ڇت تي وڃين ڇو پئي!”

“امان سال جو آخري سج آھي، ان جي تصوير ڪڍڻ.”

“ڇتين تي اڳ ۾ ئي رش لڳي پئي آ، انهيءَ مُئي ٽچ موبائيل ته سڄي جهان جو اڇو منهن ڪري ڇڏيو آ!”


“امان بس پنج منٽ، سج لهڻ وارو آھي، جلدي موڪل ڏي.”

“مان موڪل نه ٿي ڏئي سگهانءِ! باقي ڀاڻين کان پڇي اچان.”

“ها پڇي اچينس پر جلدي امان، سج لهي ويو ته پوءِ فوٽوءَ جو مزو نه رهندو.”

“چڱو چڱو....”

سندس ماءُ تڪڙي تڪڙي ڪمري ۾ گهڙي وئي ۽ پوءِ جلدي جلدي واپس به وري، سندس چهري تي مرڪ هئي.

“امان ادا موڪل ڏني هوندي!”

“ها ڏنائين، وڃ!”

هوءَ ٽپ ٽپ ڪندي ڏاڪڻيون چڙھي وئي ۽ وڃي ڇت تي بيهي رهي.

هوءَ ڪجھ تصويرون ڪڍڻ لڳي.

ٿوريءَ دير کان پوءِ ڪنهن ڪلهي تي هٿ رکيس ته ڇرڪجي پئي ۽ پوئتي مُڙي ڏٺائين ته سندس ڀاءُ هيو......

“ادا اوهان!!” هوءَ ڪجھ هيسجي وئي.

“ها ڇو، نه اچان ها؟”

“نه ادا چڱو ٿيو آيا آھيو، اوهان به هن سال جو لهندڙ سج ڏسو ڀلي!”

“واه واه.... الله پاڪ هر نئين سج ۾ هر هڪ لاءِ خوشيون آڻي!”

“ادا اوهان اڳيان بيهو ته اوهان جي تصوير ڪڍان!”

“ٺيڪ آھي!” سندس ڀاءُ بيٺو ته هن ڪجھ تصويرون ڪڍيون.

پوءِ سندس ڀاءُ اچي هن جي ڀرسان بيٺو ۽ هٿ ڊگهو ڪندي چيائين؛ “او هُو ڏسين پئي؟”

“ڇا ادا؟”

“سامهون جيڪو گهر آھي، ان گهر جي دريءَ مان ڪو ڄڻ تو کي ۽ مون کي ڏسي رهيو آھي!”

“ڪٿي آھي ادا؟” ڇوڪري ڪجھ چونڪجي پئي.

“مان تنهنجو ڀاءُ آھيان ڀيڻ... ۽ سڄي عمر رڍون ناهن چاريون جو سمجهي نه سگهان، پاڻ وارو سئوٽ عامر آھي نه!”

“جي ادا شايد!”

“عامر تو کي وڻندو آ؟”

هوءَ ڪجھ به نه ڪُڇي پر ان باوجود به پڇيائين؛ “جيڪڏھن سچي ڪندينءَ ته پوءِ........” پر هو به اڳتي ڪجھ نه ڪُڇيو.

ڇوڪريءَ اکيون هيٺ ڪيون.

سندس ڀاءُ هٿ جي ٻڪ سان ڌيءُ جي کاڏي مٿي ڪئي ۽ چيائين؛ “خبر ٿئي اهو گهر ڪنهن جو آھي؟”

“جي ادا خبر آھي، اسان جي چاچا جو آھي!”

“اسان ڳالهائيندا آھيون هڪٻئي سان؟”

“نه ادا!”

“ڇو ڀلا؟!”

“الائي ادا، بابا سان چاچا ۽ عامر جي ڪا منهن ماري ٿي هئي شايد!”

“تو کي خبر آھي ته اها منهن ماري ڇا تان ٿي هئي؟”

“جي ادا ٿوري خبر آھي، منهنجي ۽ سندس پٽ عامر جي رشتي تان!”

“ها بلڪل، چاچا انڪار ڪيو هيو، پر هاڻ چاچا سان سڀاڻوڪي سج ۾ ڳالهائبو.”

ان ڳالھ تي ڇوڪري خوش ٿي.

“۽ مون کي پڪ آھي ته چاچا کي تون تحفي ۾ ملندينءَ ته چاچا پاڻ کي سنڀالي نه سگهندو.”

“ڪيئن ادا!”

“بس تون ان ڳالھ کي سمجهي نه ٿي سگهين ۽ هاڻي هيٺ لهي هل، سڀ ڪم صبح تائين ٿي ويندا!”

ڇوڪريءَ جي اندر ۾ گل ٽڙي پيا.

صبح جو سوير ڇوڪريءَ جي ڀاءُ، پنهنجي ڀيڻ جي ڳچي ڪهاڙيءَ سان وڍي ڇڏي ۽ وڃي چاچا کي چيائين؛ “چاچا تنهنجو پٽ عامر، منهنجي ڀيڻ جو ڪارو آھي!”

اها ڳالھ ٻڌي، سندس چاچا جي پيرن ھيٺان زمين ئي نڪري وئي.

 

(دريا خان شنباڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱ جنوري ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment