Sunday, January 30, 2022

الله ڏاهي م ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن - صائمه کتري

الله ڏاهي م ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن

(ننڍڙي ڪھاڻي)

صائمه کتري



لا الٰه الا الله محمد رسول الله، لا اله الا الله محمد رسول الله هن جي ڪن ۾ ننڍڙي ڌيءُ جي ڪلمي پڙهڻ جو آواز وڃي رهيو هو. هن جو هڪ هٿ مضبوطي سان وڏي ڌيءُ جي هٿ کي جھلي ويٺو هو جيڪا ڊاڪٽر کي فون ڪري گهرائي رهي هئي. ٻنهي ڌيئرن جي اکين مان ماءُ جي هن آخري سفر کي ڏسي لڙڪ لارون ڪري وهي رهيا هئا. پنهنجي هنن آخري گهڙين ۾ ڄڻ هو ڪپهه جي گڏي هجي پيرن مان نڪرندي ساهه آهستي آهستي پنهنجي ابدي منزل ڏي روان دوان هو. روح جنهن جو هو انهي وٽ وڃي رهيو هو. خدا کي خبر ملڪ الموت هن کي ڪنهن شڪل ۾ ڏسڻ آيو، جو ويندي ويندي هو مسڪرائي رهي هئي. ننڍي ڌيءُ پيالي ۾ ماکي لاهي هن کي چمچي سان چٽايو جيڪو هن وڏي خوشي سان چُسڪا ڏئي ائين چٽيو جهڙوڪ هو ڪا مکڻ ملائي کائي رهي هجي.


ننڍي ڌيءُ کي ماکي کارائيندي ڏسي، وڏي يڪدم قرآن مجيد کڻي سورت ياسين پڙهڻ لڳي، روئيندي روئيندي ٻنهي جون اکيون سڄي پيون هيون. ٻئي سمجھي ويون هيون ته; “اسان جي جيجل اسان کي ڇڏي پئي وڃي. اڄ هي امان اسان کان موڪلائي پئي وڃي”. هڪڙي طرف باطل جو حق ڏانهن سفر جاري هو ته ٻئي طرف هنن نياڻين جو واحد ويجھو اصل رشتي جو روح هنن کان جدا ٿي هميشه لاءِ خالق حقيقي وٽ ملڻ لاءِ رستي تي گامزن هو. بس ماکي جا ڪجھه ڍڪ ڀري, اکيون آهستي بند ڪري هو پنهنجي اصل مالڪ سان وڃي ملي. وڃڻ واري وئي هلي. پاڙي ۾ ويٺل سئوٽ مائٽ هنن جي گھر اچي عام رسمي ڪم ڪار ۾ لڳي ويا. ڊاڪٽر به آيو جيڪو عام روايتي انداز ۾ اطلاع ڏئي ويو ته وڃڻ واري جنهن جي هئي اهو وٺي ويو. ڪجھه ئي دير ۾ گھر رشتيدارن مٽن مائٽن سان ڀرجي ويو.

ڪو ڪنهن کي فون ڪري اطلاع پيو ڏي ته ڪو ڪنهن کي. وڏي ڌيءُ پنهنجي شادي شده ڀيڻ ۽ ڀيڻويي کي اطلاع ڏنو ته امان هلي وئي, اڄ مغرب کان پوءِ ان جو جنازو کنيو ويندو. نيٺ شام ٿي ۽ مغرب جي اذان تي روزيدارن پنهنجا روزا کوليا ۽ نماز کان پوءِ جنازي کي کڻڻ لاءِ پنهنجا مرد گهر اندر آيا ۽ ٽئي نياڻيون، واري واري سان، ماءُ جي نرڙ تي آخري چمي ڏئي پيار ڪري مردن کي جنازي کڻڻ جي اجازت ڏيندي سڏڪا ڏئي روئي پيون. ٽئي ڀينرون هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي چنبڙي پيون، جن کي پنهنجن مائٽن جذباتي سهارو ڏنو. هن عورت جو جنازو کنيو ويو ۽ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

تاريخ ۲۹ اپريل تي هن فاني دنيا کي ڇڏي ويل اها عورت ڪير هئي؟ بظاهر هي هڪ عام عورت هئي پر جيڪڏهن هن جي ڪردار تي ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين غور ڪجي ته هي هڪ عظيم عورت هئي. صبر جي مٽي مان ٺهيل جنهن کي پيار جي پاڻي سان ڄڻ ڳوهيو ويو هجي. خبر نٿي پوي آخر هن ۾ هيتري سهپ آئي ڪٿان. هن جو ڄم ۱۹۴۶ ۾ هڪ غريب گھر ۾ ٿيو. ٽن ڀائرن کان پوءِ هن جو نمبر هو ۽ پوءِ وري ٽي ڀاءُ ڀيڻ هئا. ٽي درجا پاس ڪري چوٿين ۾ آئي ته ماءُ شديد بيمار ٿي پئي جنهن ڪري ننڍو ڀاءُ ۽ ڀيڻ سنڀال ڪرڻ ۽ ماءُ کي گھر جي ڪمن ۾ هٿ ونڊائڻ لاءِ هن کي تعليم جي زيور کان پري رکيو ويو. هي تمام حساس ۽ پنهنجن سان انتهائي پيار ڪرڻ واري هئي. سو هن خوشي خوشي اهو فيصلو قبول ڪيو. جيئن جوان ٿي ته خدا هن کي حسن سان مالا مال ڪيو. تمام خوبصورت حسن و جمال جي پيڪر ٿي وڏي ٿي. ڪتابن سان عشق هوندو هئس.

ڪڏهن پاڙي مان سهيلي کان وٺي رسالا پڙهندي هئي ته ڪڏهن ڪو ڀاءُ پڙهندو هو ان جا ڪتاب کڻي پڙهندي هئي. ڪتابن سان مطالعي جي ڪري هن جي طبيعت ۾ هڪ مهذب انداز ۽ لچڪ هئي. وقت سان گڏ ڀائرن جي شادي ٿي ۽ روايتي ڀاڀين جي اچڻ سان هن جي معصوم رويي جي ڪري هن کي ڪافي تڪليفون سهڻيون پيون پر هي سدائين مرڪي ڳالهه وساري ڇڏيندي هئي. هن جي ماٺ جي ڪري به هن کي گھڻو پريشان ٿيڻو پيو. ساڳي مائٽن جي ٻي ڌي هن جي ڀيڻ سان حالات ڪافي مختلف هئا. غربت هن لاءِ به ساڳي هئي. پر هن پنهنجي پڙهائي به ڪئي ته گھمڻ ڦرڻ جا به شوق پورا ڪيا. خير الاهي وقت به هن جي آزمائش وٺي رهيو هو سو هن جي شادي هڪ سئوٽ سان ٿي جيڪو غريب ته هو پر نه ڪو ڌندو ڪندو هو صحيح طريقي سان، ۽ نه وري پڙهيل هو.

خوابن جي دنيا ۾ رهڻ واري هي صابرين ڇوڪري ٿورو پريشان ته ٿي پر جلد ئي پنهنجي مڙس سان پيار ڪرڻ لڳي. پيار جي ته ٺهيل ئي هئي. هن کي قدرت پنج اولاد سان نوازيو. هن جو پهريون اولاد ننڍپڻ ۾ ئي هن کان وڇڙي ويو، جنهن کي پيٽ ۾ سور رهندو هو. اهو زخم به هن جي زندگي ۾ گهرو نشان ڪري ويو. شادي واري زندگي هن جي تمام تڪليف ۽ ڏک سان ڀريل هئي. هن جي مڙس جي ڪمائي ايتري ڪو نه هوندي هئي جو ٽي وقت جي ماني کارائي سگهي. هي پاڻ به محنت مزوري ڪندي هئي. گھر ۾ ڌلائي جو ڪم ڪندي هئي. سلائي ڪندي هئي. هن پنهنجي ٻارن کي بکون ڪاٽي به پڙهايو.

پڙهائي جي اهميت هو چڱي طرح ڄاڻندي هئي. هو هميشه پاڻي ۾ ٿوري کنڊ ملائي ماني سان کائيندي هئي. ته ڪڏهن بنا کنڊ جي به صرف پاڻي سان گرهه چٻيندي هئي، ڪٿان ڪو ذرو ڀاڄي جو ملندو هو ته پنهنجن ٻچن کي ڏيندي هئي. هن جو اولاد به صابرين گهڻي ڀاڱي هن وانگر هو. هن جا ڀاءُ ڀيڻ وقت سان گڏ وڏن عهدن تي پهتا پر ٿوري گھڻي سنڀال ڪرڻ کان علاوه هن جو ساٿ نه ڏئي سگهيا. هن جي وڏي ڌيءُ جلد ئي اسڪول کان پوءِ نوڪري تي لڳي وئي. ڇو جو هو عورت وقت کان اڳ ۾ سورن ۽ ڏکن جي ڪري پوڙهي ٿي چڪي هئي. بيمارين هن کي وڪوڙي ڇڏيو هو. ان حال ۾ اچڻ کان پوءِ به هو پنهنجي ڀيڻ جا پنهنجي سئوٽن جا ٻار سنڀاليندي هئي، انهن جي خدمت ڪندي هئي بنا ڪنهن معاوضي جي.

سندس ڌيءُ کي جڏهن پرائيويٽ اداري ۾ نوڪري ملي ته صرف ان تي به هي ڪافي خوش ٿي.

هن جي خوشي جا ڏينهڙا صفا ٿورا هئا. هو جلدي بستر حوالي ٿي وئي. هو پنهنجي هڪ اولاد جي ئي شادي ڪري سگهي. وقت هن کي ايتري مهلت نه ڏني. پهرين دل جي تڪليف ٿيس، ۽ جلد ئي نومبر ۲۰۱۴ ۾ فالج جهڙي مرض ۾ مبتلا ٿي. اڃا مس ٺيڪ ٿي ته وري ٻيهر فالج ٿيس. ان مان چڙهي ته ڪجهه عرصي کان پوءِ ٻئي گردا خراب ٿي ويا. سندس اولاد ۽ وڏي ڌيءُ ڪڏهن سرڪاري اسپتال ته ڪڏهن پرائيويٽ تي وٺي ويندا رهيا. ڊائيلاسس جهڙي مشڪل تڪليفده عمل مان گذرڻ کان پوءِ هو پنهنجي اولاد کي چوندي هئي مون کي گهر وٺي هلو. اهو سڀ يقينن هو به سمجھندي هوندي ته مهانگائي جو دور ڪمايون ايتريون نه منهنجا ٻچا ڪيئن پريشان پيا ٿين. هو هڪ دفعي پنهنجي وڏي ڌيءُ کي چوي ٿي: “پٽ مولانا رومي فرمائي ٿو ڪڏهن به ڪا شيءِ حد کان وڌيڪ نه ڪجي اهو پوءِ پيار ڇو نه هجي، زهر آهي. تون به پنهنجي ڀائرن ڀينرن سان حد کان وڌيڪ پيار نه ڪر. پنهنجي زندگيءَ جو سوچ. هن جي اکين مان ان مهل ڳوڙها ڳڙي رهيا هئا. هن پنهنجي ننڍي ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي اولاد وانگي پاليو هو. اِن کي يقينن اُنهن کان ڪا شڪايت هئي.

خير آخري حملو هن سڀاگي عورت تي دماغ جي فالج جو ٿيو جنهن کان پوءِ ڪجھه عرصو ان جو آواز به بند ٿي ويو. پر جلدي ٺيڪ ٿي. مگر هاڻي هن جو دماغ هڪ ننڍڙي ٻار وانگي هو. انتهائي اٻوجهه حالت ۾ هو پنهنجي اولاد جي اڻٿڪ خدمت جي سائي هيٺ ۲۰۲۱ ۾ گذاري وئي. تفصيل لکان ته هڪ ڪتاب لکان هن جي ڪهاڻي تي. هر ڏينهن هن جو هڪ داستان آهي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۶ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment