Sunday, January 30, 2022

ميندي لھڻ کان پوءِ - اسد علي

ميندي لھڻ کان پوءِ

ڪھاڻيڪار محمد علي پٺاڻ جو ڪھاڻي ڪتاب

تجزيو: اسد علي



محمد علي پٺاڻ جتي بهترين شاعر آهي، اتي ئي هو معياري ڪهاڻيون لکي ادب ۾ پاڻ کي ھڪ سٺو ڪهاڻيڪار پڻ ثابت ڪري چڪو آهي. سندس ۲۰۱۶ع ۾ آيل ڪتاب “ميندي لهڻ کان اڳ ۾” پنهنجي طرز جو منفرد ۽ انوکو ڪتاب آهي. ڇهويهه ۲۶ ننڍين وڏين ڪهاڻين تي مشتمل هن مجموعي ۾ ليکڪ جنهن فڪر جي تبليغ ڪئي آهي، اها اڄوڪي سماج جي پهرين ضرورت آهي. ڪاروڪاري، سماجي اڻ برابري، وڏيرا شاهي، ڏاڍ جبر، عورت جي ازلي مظلوميت ۽ مرد جي بيمار ذهنيت هن جي ڪهاڻين جا بنيادي موضوع آهن. هن گهڻي قدر ڳوٺ جي زندگيءَ سان لاڳاپيل مسئلن کي وائکو ڪري سجاڳ ذهنن کي سماجي سڌار جي دعوت ڏني آهي. هو “جيڪو آهي، جتي آهي، جيئن آهي” جي بنياد تي شين کي تسليم نه ٿو ڪري. هو غلط کي غلط چئي پنهنجو فرض پورو ڪري خاموش ويهي نه ٿو رهي بلڪه هو غلط کي صحيح ڪرڻ جا اشارا به ڏيئي ٿو.اهڙا ڪيترا ئي معنيٰ خيز اشارا هن ڪتاب جي ڪهاڻين ۾ به موجود آهن جن کي شعور جي اک سان پرکي لاڀ حاصل ڪري سگهجي ٿو.


ڪتاب ۾ شامل محمد علي پٺاڻ جي نمائنده ڪهاڻين جو موضوع ڪاروڪاري آهي. ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي “اولڙو” ان ئي موضوع تي لکيل مڪالماتي ڪهاڻي آهي.هڪ شخص جيڪو بيمار ذهنيت جو مالڪ آهي.هڪ رات پنهنجي ٻئين زال سان پيار منجهان لاڏ ڪري ٿو.پهرين زال کي ڪاري جو الزام ڏئي ماريندڙ اهو ماڻهو جڏهن لاڏ دوران پهرين زال جي قتل جي باري ۾ پڇندڙ نئين زال جي سوالن تي مڇرجي پئي ٿوته عادت کان مجبور ٿي هن کي به مارڻ لاءِ اڳتي وڌي ٿو.زال جي رڙين تي هن ماڻهو جي ماءُ ڀڄندي اچي ٿي ۽ اچي ننهن کي بچائي ٿي.هو پوءِ به نه ٿو مڙي ته ماءٌ  پاڻ کي مارڻ لاءِ چئيس ٿي “هڻ ڌڪ،ڪر پورو۽ پوسرخرو ٿي هڻ وڃي ڪنهن پئسي واري تي الزام ته مون پنهنجي ماءُ سان ان کي ڪارو ڪيو آهي.”ماءُ جا اهڙا لفظ صرف لفظ ناهن سيسو آهن،جيڪي جيئرين سماعتن کي پگهرائين ٿا ۽ سنڌ جي ڳوٺن ۾ موجود هڪ ڪڌي رسم، جيڪا هاڻ ڪاروبار جي شڪل اختيار ڪري وئي آهي،کي وائکو ڪري اهلِ بصيرت لاءِ سوال اٿارن ٿا.

اهڙي ريت هڪ ٻي ڪهاڻي “هڪ گڏهه جو موت” ڇرڪائيندڙ ڪهاڻي آهي.ان ڪهاڻي ۾ هڪ ماڻهوءَ جو نر گڏهه پاڻ ڇڏائي ٻاهر نڪري وڃي ٿو ۽ هڪ ٻئي گهر ۾ مادي گڏهه کي ڏسي نفساني خواهش جي اثر هيٺ ان گهر اندر گهڙي پنهنجي خواهش جي تڪميل ڪري ٿو.مادي گڏهه جو مالڪ جڏهن ٻنهي جانورن کي نفساني عمل ۾ مبتلا ڏسي ٿو ته سڌو فائر ڪري نر گڏهه کي ڪاري جو نالوڏئي ماري ڇڏي ٿو.نر گڏهه جو مالڪ غريب ۽ لاچار ماڻهو آهي.ان لاءِ نه حد جو ٿاڻو هن جي واهر ڪري ٿو ۽ نه ئي ٻئي طريقي سان ان جي مدد ٿي سگهي ٿي.رهندو به سرداري فيصلي ۾هن تي هڪ لک چٽي پوي ٿي.گڏهه هن وٽ رزق ڪمائڻ جو واحد ذريعو آهي.جڏهن اهو به نٿو رهي ته هن لاءِ دنيا ۾ ڪجهه به نه ٿو بچي.سماج جو اهڙو بدنما رنگ ڏسي گهري ڏک سان گڏ حيرت به ٿئي ٿي.اهو ڏسي ته اسين ڪٿي بيٺا آهيون،ڪنڌ شرم وچان جهڪي وڃي ٿو.اهڙو معاشرو جنهن ۾ ڪڌيون رسمون نه فقط انسانن تي اثرانداز ٿي انهن جون زندگيون برباد ڪن ٿيون پر هاڻ انهن کان بي زبان جانور به محفوظ ناهن.مان سمجھان ٿو ته جديد سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ان موضوع تي اها پهرين ڪوشش آهي ۽ جيڪڏهن ان کان اڳ ڪنهن ان جهڙي ڪوشش ڪئي به هوندي ته اها اهڙي اثرائتي نه هوندي.محمد علي پٺاڻ هن ڪهاڻي ذريعي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي ان رخ تي لکي ٻين کي به دعوتِ فڪر ڏني آهي.

ڪتاب جي مرڪزي ڪهاڻي”ميندي لاهڻ کان اڳ ۾”واقعي اهڙي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي هجڻ جي خوبي موجود آهي.هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ڪاوڙيل مزاج پيءُ پنهنجي پٽ کي زال کي مارڻ لاءِ چئي ٿو.سندس ان خواهش جي پٺيان حقيقت اها آهي ته هو هڪ ٻئي ماڻهو کان ڏندي چڪيءَ جو پلاند وٺڻ چاهي ٿو ۽ پلاند جو بهتر ۽ آسان رستو هن کي اهو ئي نظر اچي ٿو.هو پٽ کي گهڻو ئي سمجھائي ٿو،کيس وري پرڻائڻ جي لالچ ڏئي ٿو پر هن جو پٽ نه ٿو مڃي. ڇوته هو پنهنجي پيءُ جهڙو لالچي ۽ خود غرض ناهي.هو سوچي ٿو ۽ سمجھي ٿو ته پيءُ جي ناجائز خواهش جي تڪميل لاءِ معصوم زال کي قربان ڪرڻ ڪنهن به ريت مناسب فعل ناهي. توڙي جو هو پيءُ کان بيحد ڊڄي ٿو پر زال جي محبت ۽ ظلم جي نسبت انصاف سان پيار هن جي اندر نئين روح ڦوڪي ڇڏي ٿو،جيڪا ڪاوڙ ۽ غيرت جو روپ ڌاري پيءُ مٿان ڪڙڪي پئيس ٿي.هو واڪا ڪري ماڻهن کي پيءُ جي ڪڌي خواهش کان آگاهه ڪري ٿو ۽ پِيءُ مٿان ڪهاڙي جي الر ڪري سماج کي نئين سوچ ڏيئي ٿو ته پنهنجي ئي ننگ کي مارڻ کان وڏي بي عزتي ٻي ڪنهن ڳالهه ۾ ٿي ئي نٿي سگهي.هو پيءُ کي چئي ٿو ته “جنهن سان عزت مٿي ڪرڻ ٿو چاهين نه اها وڏي ۾ وڏي بي عزتي آ.پنهنجي ننگ تي چٽو ڏيڻ ۽ مارڻ گناههِ ڪبيره آ،جنهن جي معافي ناهي.” هي اثرائتا لفظ ڪو يونيورسٽي جو گريجوئيٽ شهر ۾ ٿيندڙ ڪنهن تقريري مقابلي  ۾ عوام کي خطاب ڪندي نه ٿو چئي بلڪه هي لفظ ليکڪ ڳوٺ جي هڪ نوجوان جي واتان چورايا آهن،جنهن جي چوڌاري اونداهه ضرور آهي پر هو پنهنجي سوچ جو ڏيئو روشن رکي ٿو.ٻاٽ اهڙي لاٽ کي وسائي نه ٿي سگهي.                                                                                                         

“مڃتا” محمد علي جي ڏاڍي پراثر ڪهاڻي آهي، جيڪا ادب جي ڪنهن هڪ عهد جي نه بلڪه هر عهد جي الميي جي داستان آهي. هڪ اديب جيڪو پنهنجو نور نچوئي، پنهنجو پاڻ وڃائي، لفظن جي صورت ڏيئا ٻاري پنهنجي دور جي ذهنن ۾ شعور جي روشني وکيري ٿو،ان کي موٽ ۾ چند تاڙين ۽ واهه واهه جي ڪجهه فقرن کان سواءِ ڇا ٿو ملي؟هن ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار هڪ اديب آهي ،جيڪو غربت جي لڪير هيٺ زندگي گذاري ٿو.هن جي زندگيءَ ۾ ئي سندس عظمت جي اعتراف لاءِ وڏو پروگرام ڪيو وڃي ٿو.ٽي ويءَ تي لائيو ڏيکارجندڙ ان پروگرام ۾ ثقافت کاتو سندس ڪتاب ڇپائڻ جو اعلان پڻ ڪري ٿو.اديب بابت ڇپايل سووينئر ۾ اديب لاءِ مضمونن سان گڏ ڪيترائي قيمتي اشتهار پڻ ڇپيل هجن ٿا، جن مان پروگرام ڪندڙن کي لکين رپين جو فائدو ٿئي ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ المياتي موڙ تڏهن اچي ٿو جڏهن هڪ دڪاندار، جنهن جا اديب ڏي سيڌي ۽ سگريٽن جا ٽن مهينن کان پئسا رهيل آهن، سو اچي اديب کي ڪامياب پروگرام جي ٿيڻ جي مبارڪباد ڏئي ٿو ۽ آخر ۾ پنهنجي مدعي تي اچي قرض جا پئسا طلب ڪري ٿو ڇوته هن کي پڪ هجي ٿي ته سووينئر ۾ ڇپيل اشتهارن جا پئسا اديب کي مليا آهن.اديب کيس ٻڌائي ٿو ته اهي سمورا پئسا پروگرام ڪندڙن جي حصي ۾ آيا آهن.

“اڙي ادا هن مان مون کي پائي به نه ملندي يقين ڪر”

“ته باقي ڪير کڻندو؟”

“جن پروگرام ڪيو ۽ مون کي مڃتا ڏني.”

“سکڻي مڃتا؟”

“ها ائين ئي سمجھه!”

مٿيان مڪالما رڳو هڪ اديب جي حالتن جي عڪاسي نه ٿا ڪن،اسان وٽ تقريبن هر قلم ڌڻيءَ اهڙين حالتن مان گذري ٿو.دنيا ترقي ڪئي.زمين کان وڃي چنڊ تي پهتي پر اسين اڄ به اهو نه سمجھي سگهياسين ته جن به قومن پنهنجي سجاڳ ذهنن جو قدر نه ڪيو،اهي جلد يا دير برباد ٿيون آهن. نه فقط عام ماڻهو پر حڪومتي سطح تي به اهڙن اعليٰ ذهنن جي حوصلا افزائي نه ٿي ڪئي وڃي. هن نا قدري جي وبا کان ڪابه زبان ۽ ڪنهن به زبان جو لکندڙ محفوظ ناهي. ساغر صديقي اردو زبان جي شعري ادب کي سوين خوبصورت شعر ڏنا پر ذاتي زندگي ۾ هو هميشه مصيبتن ۾ رهيو،ائين ئي سنڌي زبان جي بهترين شاعر واجد پنهنجي سڄي عمر ادب کي ارپي ڇڏي پر سندس آخري وقت هڪ ڇڳل کٽ تي کنگندي، الٽيون ڪندي گزريو.انهن ٻن مثالن کان سوا به نظر کڻي ڏسجي ته قلم ڌڻين جي سڄي قبيلي جي ساڳئي وارتا آهي.محمد علي هن ڪهاڻيءَ ۾ حڪومت سان گڏ عام پڙهندڙ لاءِ به خاموش سوال اٿاريو آهي.هن کي اهو سوال اٿارڻ جو ان لاءِ به حق آهي ته خود هن جي اکين پنهنجي ذاتي زندگيءَ کي انهن پيڙائن ۾ پيڙهجندي ڏٺو آهي. 

ٻارن جي جبري پورهئي تي لکيل ڪهاڻي “قيمت رڳو چار رپيا” به هڪ انوکي ڪهاڻي آهي. غربت کان مجبور هڪ ننڍڙو ٻالڪ اخبارون وڪڻي پنهنجو ۽ پنهنجي گهرڀاتين جو پيٽ گذر ڪري ٿو. هو غريب آهي.ماڻهن کي اخبارون وٺڻ لاءِ ايلاز ضرور ڪري ٿو پر جڏهن هڪ شخص سندس ايلازن تي قياس کائي اخبار وٺي قيمت چار رپين جي جاءِ تي ڏهه رپيا ڏئي ٿو ته ٻالڪ هن شخص کي بقايا ڇهه رپيا واپس ڪري ڪيڏا نه اثرائتا لفظ چئي ٿو:

“نه سائين مان پنندو ناهيان”

ٻالڪ جي خودداري جتي ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن لاءِ سواليه نشان آهي جيڪي ڏينهن رات وڏن هوٽلن جي ائيرڪنڊيشنڊ هالن ۾ ويهي ٻارن جي حقن جي حفاظت جون ٻٽاڪون هڻن ٿيون، اتي ئي انهن سست ۽ بي ضمير ماڻهن لاءِ مثال به آهي،جيڪي حالتن کي سبب ڄاڻائي ماڻهن اڳيان هٿ ٽنگين ٿا.

بدامني ۽ ڌاڙيل ڪلچر جي موضوع تي لکيل ڪهاڻي”تيلي ٻاري وقت ڏسان ٿو” اهم ڪهاڻي آهي.هن ڪهاڻيءَ ۾ انهن ماڻهن جي دردن کي لفظن جو روپ ڏئي پيش ڪيو ويو آهي، جيڪي ڌاڙيلن جي آزار کان ڪنهن به سواري ۾ محفوظ نه رهيا آهن.جيڪو حال بلو لائين گاڏين جو آهي اهوئي ريل گاڏين جو به آهي.ڪوبه نظام فعال ناهي جنهن جو سڌيءَ طرح نقصان غريب ماڻهن کي ئي ٿئي ٿو. پنهنجي گهر جو سامان کپائي،هڙان وڙان وڏا ڪرايا ڀرڻ جي باوجود مسافرن جي غير محفوظ حالت وڏيون پگهارون کڻندڙ پوليس آفيسرن جي ذميدارين تي سوال اٿاري ٿي، جنهن جو جواب سنڌ جو هر ماڻهو گهري ٿو.

 محمد علي پٺاڻ جي ڪتاب”ميندي لهڻ کان اڳ ۾”۾ ڇهويهه ڪهاڻيون شامل آهن.انهن منجهان ڪجهه مرڪزي ڪهاڻين تي روشني وڌي وئي آهي،پر سڄي ڪتاب جو مطالعو ڪبو ته هر ڪهاڻي سوچ جو هڪ نئون در کوليندي نظر ايندي. هن هر موضوع سان فني ۽ فڪري طرح مڪمل نڀايو آهي.لفظن جو موقعي ۽ مهل تي مناسب استعمال، جملن جي سهڻي بيهڪ ۽ عام زندگيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ جي موجودگي هن ڪتاب کي وڌيڪ ڪارائتو بڻائي ٿي. ڪردارن جي عقل ۽ فهم موجب انهن جا مڪالما، رهڻي ڪهڻي، پهاڪا ۽ چوڻيون اهڙو تاثر ڇڏين ٿيون جيڪو بلڪل منفرد ۽ حقيقي آهي. منظرنگاري تي کيس عبور حآصل آهي. هو جڏهن ڪنهن به منظر کي تحرير ۾ آڻي ٿو ته پڙهندڙ کي ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ ته هو سمورو لقاءُ پنهنجي اکين سان ڏسي رهيو آهي.هڪ سٺي ۽ وڏي لکندڙ جي بنيادي خصوصيت اها ئي هجي ٿي ته هو جيڪو لکي، پڙهندڙ ان سان گڏ سفر ڪري. هي ڪتاب پڙهندي مان ليکڪ جي ڪردارن سان گڏ کليو به آهيان،رنو به آهيان ته حيران به ٿيو آهيان.اڄوڪا نقاد هن جي ڪهاڻين کي هن جي فن کي ادب جي ڪهڙي مسند تي ويهارين ٿا، اهو بحث انهن جي لاءِ ڇڏجي ٿو پر ايترو چوڻ حق بجانب آهي ته پنهنجي هن ڪتاب ۾ محمد علي پٺاڻ فن ۽ فڪر جي جنهن اعليٰ سطح تي پهچي حق سچ جي تبليغ ڪئي آهي،ان لاءِ عام پڙهندڙ کيس جيءَ ۾ جايون ضرور ڏيندو.

 

(نوٽ: ھن ڪتاب کي سنڌي بولي اٿارٽي طرفان مڃتا طور  سال ۲۰۱۶ جو بھترين ڪھاڻي ڪتاب قرار ڏنو)

No comments:

Post a Comment