Saturday, January 29, 2022

قَداوَرُ - غني پرواز - ننگر چنا

قَداوَرُ

(بلوچي ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار؛ غني پرواز

سنڌيڪار؛ ننگر چنا



نادر قَدَ جو بِندرو همراھ هو. هُنَ جي بِندرائپ کي ٻين ايترو محسوس نه ڪيو، جيترو هُنَ پاڻ محسوس ڪيو هو. هُو پنھنجي بِندرائپ تي سدائين ڏُکارو رهندو هو ۽ اِنَ ڳَڻتيءَ ۾ ڳَرندو رهندو هو ته الائي ڪنھن دوا دارونءَ سان سندس قد وڌي سگهي ٿو اَلائي نه؟

گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ نيٺ هڪڙي ڏينھن هُنَ پنھنجو قد وڌائڻ جي سلسلي ۾ اسپتال وڃي ڊاڪٽرن سان ملڻ جو فيصلو ڪيو. هُو ٻئي ڏينھن اسپتال ويو. اسپتال مريضن سان سَٿِي پَئي هئي ۽ سمورا ڊاڪٽر مريضن کي چَڪاسِڻَ ۽ کين پرچيون لکي ڏيڻ ۽ رَکَ ڪرڻ جي هدايتون ڏيڻ ۾ رُڌَلَ هيا.



“توهان ٻُڌايو، توهان کي ڪھڙي تڪليف آهي؟” ڊاڪٽر انور پنھنجين اکين واري عينڪ ٿوري هيٺ ڪري هُنَ ڏانھن ڏٺو.

“ڊاڪٽر صاحب! منھنجو قد ڏاڍو ننڍو آهي. مان چاهيان ٿو ته منھنجو قد ڪجهه وڌي وڃي. جيڪڏهن توهان علاج وسيلي منھنجو قد وڌائي سگهو ته مان توهان جي هر قسم جي خدمت ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ۽ ڪنھن به قسم جي خرچ ڪرڻ کان نه گهٻرائيندس.” نادر همت ڪري چئي ويو ۽ پُر اُميد نظرن سان ڊاڪٽر ڏانھن ڏسڻ لڳو.

“توهان جي عمر ڇا آهي؟” ڊاڪٽر انور حيرت منجهان پُڇيس.

“ڇَٽيھَه سال....” نادر جواب ڏنو.

“توهان جي جسماني واڌ ويجهه جي عمر گذري چڪي آهي، تنھنڪري هاڻي علاج وسيلي توهان جو قد وڌي نه ٿو سگهي، پوءِ به توهان ڪنھن ٻئي ڊاڪٽر وٽ ڪوشش ڪري سگهو ٿا.” ڊاڪٽر انور کيس پنھنجي آخري راءِ ٻُڌائي. هُو اُميدَ ۽ نااُميديءَ جي گَڏيَلَ سَڏَيَل ڪيفيتن سان اُٿي کَڙو ٿيو ۽ ڊاڪٽر ڪمال ڏانھن هليو ويو.

“توهان کي ڪھڙي تڪليف آهي؟” ڊاڪٽر ڪمال پڇيس.

“مان قَدَ جو بِندرو آهيان، ڊگهو ٿيڻ چاهيان ٿو.” هُنَ وراڻيو.

“بندرائپ جي علاج جي مون کي ڪابه خبر ناهي.... پر جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته پوءِ ڊاڪٽر وسيم سان ملو. هُو تمام وڏو ڊاڪٽر آهي، شايد توهان جو علاج ڪري سگهي يا ڪو مشورو ڏئي سَگهيوَ.” ڊاڪٽر ڪمال به اهڙي قسم جو جواب ڏنس جو هُو آسَ ۽ نراسَ جي وچ ۾ ٽَنگِجِي پيو ۽ اهڙي حالت ۾ ڊاڪٽر وسيم وٽ پھتو.

“جي! ڇا تڪليف آهي؟” ڊاڪٽر وسيم پيھِي ويندڙ نظرن سان ڏِٺُسِ.

“منھنجي تڪليف بِندرائپ آهي. ڇا توهان منھنجو قَدُ وڌائي سگهو ٿا؟” هُنَ غم ۽ خوشيءَ گاڏڙ جذبن سان چيو.

“جناب! ڳالهه هيءَ آهي ته ....” ڊاڪٽر وسيم هوريان هوريان چوڻ شروع ڪيو،“ بِندرائپَ، ڪُراڙَپَ ۽ موت ڪجهه اهڙائي مامرا آهن، جَنِ  جو حَلُ يا علاج اڃا تائين دنيا ۾ ڪٿي به ڳولهجي نه سگهيو آهي. تنھنڪري توهان قَدُ وڌائڻ لاءِ ڪابه ڀَڄَ ڊُڪَ نه ڪريو ۽ اجايو پيسا ۽ وقت زيان نه ڪريو، توهان لاءِ اهوئي بھتر آهي ته توهان پاڻ جھڙن لکين بندرن ماڻهن جيئن سُکَ ۽ اطمينان سان پنھنجي حياتي گذاريو.”

 ڊاڪٽر وسيم جي ڳالهين کان پوءِ قد وڌائڻ متعلق نادر جون سڀئي اميدون ختم ٿي ويون ۽ هُو مايوسيءَ ۽ پريشانيءَ واري حالت ۾ ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو.

ڊاڪٽر وسيم جي ڪمري جي ٻاهران هڪڙو ڪارو ۽ ڊگهو شخص هُنَ ڏي وڌي آيو ۽ هُنَ کان پُڇَڻ لڳو،“ڀاءُ! توهان ڏاڍا پريشان آهيو، نيٺ توهان کي بيماري ڪھڙي آهي؟”

“ڇو ؟ ڇا توهان ڪي ڊاڪٽر آهيو؟” نادر جي واتان ائين ئي نڪري ويو.

“خير.... توهان بيماري ته ٻڌايو، شايد مان توهان جي ڪا مدد ڪري سگهان....” ڪاري ۽ ڊگهي شخص همدرداڻي لھجي ۾ چيس.

“منھنجي بيماري ، منھنجي قَدَ جو ننڍو هجڻ آهي.... مان اِهو وڌائڻ گهران ٿو...” نادر جي دل وري هڪ ڀيرو ٻيھر اُميد جي چمڪ جهلڪڻ لڳي. ڊگهو همراھ نادر کي ساڻ وٺي هڪڙي وڏي ويڪري عمارت ۾ ويو ۽ پوءِ وري هڪڙي وڏي ڪمري ۾ گهڙيو. ڪمرو ايڏو ته وڏو هو جو اُتي بلب ٻَرَڻَ جي باوجود به روشني اَڻَ پُوري هئي.

“هِي وڏو تَئو ڏسين ٿو؟” ڊگهي ڪاري همراھ کيس هڪڙو تَئو ڏيکاريندي چيو. اِهو تَئو عام تَوَنِ کان گهڻو وڏو ۽ وڌيڪ ڪارو هو. ڪاري ۽ ڊگهي همراھ تَئي کي اُونڌو ڪيو ۽ اُنَ جي پُٺ مٿي ڪيائينسِ. تَئي جي پُٺ مٿئين حصي کان به وڌيڪ ڪاري هئي، نادر حيرت ۽ ماٺ وچان تَئي کي ڏسندو رهيو.

“تَئي جي هِيءَ ڪاراڻِ توهان جي قَدَ جي بِندرائپ جو علاج آهي.... جيتري گهڻي ڪاراڻِ ٻُوٿَ تي مَلِرائيندين، اوترو توهان جو قد وَڌندو. هاڻ توهان ٻُڌايو ته توهان پنھنجو قَدُ ڪيترو وڌائڻ چاهيو ٿا ؟” ڪاري ۽ ڊگهي همراھ کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هُنَ کان سندس رضامندي ڄاڻڻ گهري.

“هيءَ ڪارَنھِن ڪيترن ڏينھن کان پوءِ لَھِي ويندي؟” نادر پڇيس.

“ڪڏهن نَه لَھَندِي....” ڪاري ۽ ڊگهي همراھ ورندي ڏنس ۽ عجيب انداز ۾ مرڪڻ لڳو.

نادر سوچيو ته ڀورو هجڻ سُٺو آهي، پر ڊگهائپ جي برابر ناهي ۽ ڊگهي ٿيڻ لاءِ ڪارو ٿيڻ نقصان وارو سودو ناهي.....

پوءِ هُنَ خوشيءَ وچان چيس؛

“منھنجو قَدُ جيترو وڌي سگهي، مان اوترو وَڌرائڻ چاهيان ٿو ....”

“هِنَ تَئي جي ڪارَنھِن توهان جي قَدَ کي منھنجي قَدَ جيترو به ڪري سگهي ٿي، مون کان ڏيڍوڻِ تي وڌائي سگهي ٿي ۽ ٻيڻِ تي به وَڌائي سگهي ٿي.” ڪاري ۽ ڊگهي همراھَ هُنَ کي چڱيءَ طرح سمجهايو.

“منھنجو قَدُ پنھنجي قَدَ کان ٻيڻِ تي وَڌايو.... توهان جي وڏي مھرباني ٿيندي.” نادر وراڻيس ۽ پنھنجي ٻُوٿَ تي ڪارَنھِن مَلرائڻ لاءِ تيار ٿي ويو. ڪاري ۽ ڊگهي همراھَ نادر کي هڪ وڏي ڪرسيءَ تي ويھاريو، تَئي جي پُٺ تان چڱيرڙي ڪارَنھِن لاٿائين.... ۽ هُنَ جي مُنھَن تي مَلي ڇڏيائين، نادر ڪاري مُنھَن سان ٻاهر نڪري آيو.

اِنهيءَ ڏينھن کان هُنَ جي پوري حياتي ڪاري مُنھَن سان گَڏ گُذرِي، پر هُو انهيءَ ڳالهه تي خوش هيو ته هُو گهٽ ۾ گهٽ پنھنجي شھر جِي قداوَر شخصيتن جِي قطار ۾ ته شامل ٿي ويو آهي!!

(بلوچستان مان ڇپجندڙ اڙدو رسالي ‘مھرناما’ جي پھرئين شماري تان ورتل.) (ماهوار ”امرتا“ حيدرآباد جي جنوري ٢٠٢٢ع واري پرچي ۾ ڇپيل.)

No comments:

Post a Comment