Monday, January 3, 2022

’درد جو انگاس‘ جو رويو - نسيم بخاري

درد جو انگاس‘ جو رويو

ريوَيوئر: نسيم بخاري



ڪھاڻيڪار: انور شيخ

ڪارو ڪاري، قبائلي رتوڇاڻ، پوليس، وڏيرن، سياستدانن، سردارن، درگاهن، منافقي، بدعنواني ۽ بي ايماني توڙي ماڻهوءَ جا ٻهروپ جيڪڏهن ٿوري وقت ۾ سنجيدگيءَ سان سمجھڻا هجن ته ان لاءِ سنڌ جي اڀرندڙ ڪهاڻيڪار انور شيخ جي ڪهاڻين جو ڪتاب “درد جو انگاس” تمام گهڻو مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. هن جي اندر جي انسان سماج جي مختلف موضوعن کي جنهن تلخي سان ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي انهن سان نڀاءُ به اهڙو ئي ڪيو اٿائين.


درد جو انگاس پڙهندي محسوس ٿئي ٿو ته ماڻهو ڄڻ ڪنهن آئيني جي اڳيان بيٺو آهي ۽ آئيني ۾ اهو ئي نظر ايندو آهي جيڪو حقيقت ۾ هوندو آهي. حقيقت اها آهي ته ادب زندگي جو عڪاس آهي ان ڪري جو اهو بنا ڪنهن رک رکاءَ ۽ لحاظ جي حياتيءَ جي سچي پچي تصوير چِٽي ٿو. ڪاروڪاري ڀل ته ٻاهران آيل ڪڌي رسم هجي پر ان ۾ ڪو وڌاءُ ناهي ته اُها اڄ سنڌ ۾ تيزيءَ سان حياتيون ڳڙڪائڻ جو آسان وسيلو آهي.

اخبارن ۽ ٽي وي چينلز تان ڪاروڪاري وارا واقعا جنهن شدت ۽ تيزيءَ سان سامهون اچي رهيا آهن اها ڳالهه انتهائي افسوسناڪ آهي.

ڪاروڪاري جي موضوع تي تمام گهڻو لکيو ۽ ڳالهايو ويو آهي پر جهڙي ريت درد جو انگاس ۾ انور شيخ ڪهاڻين ذريعي دانهن، ڪوڪ ڪئي آهي اهڙين تلخ سچائين کي پنهنجي پوري شدت سان انور جون دانهڻ سچ پچ به داد وصولي ٿو. اهو داد جيڪو واهه واهه ڪرڻ وارو نه پر حقيقت نگاري جي صحيح پيشڪش تي گهربل مڃتا ڏيڻ وارو آهي ۽ اهو ان ڪري به ضروري آهي ته جيئن ٻين قلمڪارن ۾ به سچ کي جيئن جو تيئن پيش ڪرڻ جو حوصلو وڌي. درد جو انگاس، عشق جنين جي تات، شهمير خان، ڳاڙهي سٿڻ ۽ “مرد” ۾ ڪاروڪاري جا جيڪي ۽ جهڙي طرح سان وکا وائکا  ڪيا ويا آهن ان ايمانداري سان هڪ ئي موضوع تي هڪ ئي ليکڪ پاران ڀرپور ۽ شاندار نموني سان لکڻ ڪا معمولي ڳالهه ناهي.

مٿيون پنج ئي ڪهاڻيون پنهنجي پنهنجي انفراديت جي حوالي سان جيڪي کرا، کرا سچ سانڍن ٿيون اهي اسان جي سماج ۾ عام طور تي رڳو ماڻهن جي سينن ۾ ئي سمايل هوندا آهن. ڪاروڪاري جا واقعا پنهنجي پس منظر ۽ پيش منظر ۾ جيڪو عڪس آڇن ٿا تن جي جهلڪ ئي نه پر پوري پوري نمائندگي انور جي ڪهاڻين ۾ اظهاريل آهي.

“درد جو انگاس” هڪ اهڙي ڇوڪري جي ڪهاڻي آهي جيڪا ڪارنهن جي الزام هيٺ آيل ڀاءُ جي عيوض ۾ پرڻجي وڃي ٿي  ۽ پنهنجي لَڄَ جو تحفظ ڪندي پنهنجن جي ئي هٿان ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ٿي وڃي ٿي ۽ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته جنهن الزام هيٺ هن جو خون ٿئي ٿو ان جي ڪوڙي هئڻ جي حقيقت کان ان جا پيءُ، ماءُ، ڀائر، مڙس ۽ برادري جو مقدم نه رڳو واقف آهي پر اهي سڀ جو سڀ ان جو اعتراف ۽ اقرار به ڪن ٿا پر پوءِ به ڪوڙي غيرت جو ڏيکاءُ هنن کان اهو ڏوهه ڪرائي ٿو جيڪو هن ڪيو ئي نه هو.

ڇيڙ ڇاڙ جي مزاحمت شريف عورت کي ڳچيءَ ۾ پئجي وڃي ٿي حياتان کي رتورت ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪارو قرار ڏنل شخص کي ڄاڻي واڻي  اُهو چئي ڇڏيو وڃي ٿو ته مڙس کي نه ماريو ڀڄي آخر ڪاڏي ويندو ۽ اهو حڪم ڪو ٻيو نه پر حياتان جو سهرو ڏئي ٿو. هن ڪهاڻي ۾ مرد جي مٿڀرائپ ۽ عورت جي نيچ هئڻ جا جيڪي فرسوده خيال مقدم جي ڪچهري ۾ آڏو اچن ٿا تن مان اڇوت ۽ برهمڻ واري تاثر کي تقويت ملي ٿي.

مثال طور:-

“شاباس اٿوَ، مڙس بچايو اٿوَ”

“رن آهي ٺِڪرَ جو ٿانوَ، مڙس آهي سُونَ ڪٽورو”

“مڙس ميرو ته به چڱو سئو ڀيرو”

“ڪتو ٿانوَ ۾ مُنهن وجهندو ته ٿانوَ ئي ڀڃڻو پوندو”

“جتي مڙس ڪم ايندو اُتي رَنَ ڪم ايندي ڇا؟”

مٿيون چوڻيون ۽ پهاڪا جنهن نفسيات جي نمائندگي ڪن ٿا تنهن مان واضع ٿي ٿو وڃي ته اهڙي سماج ۾عورت جي ڪهڙي ۽ ڪيتري اهميت هوندي آهي.

هن ڪهاڻي ۾ مرڪزي ڪردار واتان اهو جملو واقعي به سنجيدگي ۽ سوچ ويچار جا سڏ ڏئي ٿو ته، “مون کي اهو ماري جيڪو پاڻ اڇو هجي. ”

حياتان مقدم کان سوال ٿي ڪري ته؛ “نماز ۽ قرآن پڙهندو آهين. ٻڌاءِ مان قران موجب ڪاري آهيان؟”

هو جواب ۾ چئي ٿو؛ “ابن ڏاڏن جي رسمن موجب ڪاري آهين. ”

هوءِ وري پڇي ٿي؛ “رسمون قرآن کان ٻاهر آهن ڇا؟”

جواب ڏئي ٿو؛ “راڄوڻي مطابق.

هوءَ وري چوي ٿي؛ “جنهن ٽِڪو لڳايو آهي، اُهو اڇو آهي؟”

ڳاڙهي سٿڻ ۾ وڏيري هٿان ڌيءَ جو ڏوهه لڪائڻ لاءِ ان معصوم ۽ بي گناهه نوڪرياڻيءَ جو قتل ٿئي ٿو جنهن جي ماءُ ان الزام هيٺ قتل ٿي هئي ۽ جنهن تي رحم کائي وڏيري جي زال نينگري کي گهر ۾ ڪم ڏنو هو!.

وڏيرو ڏهه جريب زمين حاصل ڪرڻ لاءِ راڄ وارن آڏو ثبوت سان اهڙي سازش سِٽِي ٿو جو ان جي من جي مراد به حاصل ٿي ۽ راڄن ۾ به واهه واهه ٿي وڃي جڏهن ڪامياب ڇاپو لڳي ٿو ته ڇوڪري سٿڻ ڇڏي ڀڄي وڃي ٿي۽ ان جو جڏهن پيرو کڄي ٿو ته اهو حويلي ۾ گم ٿي وڃي ٿو.

جڏهن ته وڏيري کي منشي اهو ٻڌايو هو ته جُڙي جي ڌيءَ ديري تي يار سان ملڻ ٿي وڃي جنهن کي سڳ سوڌو پڪڙڻ جو پروگرام طئي ٿي ٿو پر حقيقت ۾ اهو فلم ڪنهن ٻئي نه پر خود وڏيري کي ڳچيءَ ۾ پئجي وڃي ٿو. هن ڪهاڻي ۾ وڏيري جي زال جا مڙس کي صلاحن ڏيڻ وارا جملا وڏو ڪمال رکن ٿا.

“راڄن جا معاملا حل ڪندو آهين. اهڙو ڪو بلو ڪر جو ڌيءَ به بچاءِ ۽ داغ به ڌوءُ. داناءُ آهين. عقل ويڙهاءِ. ”

ڪهاڻي عشق جنين جي تات ۾ اهڙن ٻن پيار ڪندڙ زال مڙسن جو قصو آهي جنهن جي ڳچي ۾ جبري طور ڪارو ڪاري پوي ٿي ۽ هو حڪمت سان ان مان جان ڇڏائن ٿا.

هن ڪهاڻيءَ ۾ ٻن ماڻهن جي ذاتي جهيڙي جو کاڄ هڪ اهڙي عورت ٿي بڻجي جيڪا جهيڙو ٽارڻ لاءِ قرآن ميڙ کڻي ٿي اچي ۽ ڏير ان کي ڪارو قرار ڏئي ٿو.

هن جو مڙس جڏهن موٽي ٿو ته ان کي ڀاءُ، پٽَ عورت کي قتل ڪرڻ جو  چون ٿا همراهه مجبور آهي پر هڪڙي ڳالهه وڏي ڪم جي ڪري ٿو ته “آءُ زال کي اڪيلو ئي ماريندس ۽ ان جو لاش درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏيندس. ”

هو زال کي مارڻ بدران ان کي ڀڄائي ڇڏي ٿو ۽ سٿر کي ڪهاڙي هڻي رت سان آلي ڪري گهر موٽي ٿو.

مهيني اڌ ۾ ڪيس مان  ڇٽي وڃي ٿو  ۽ پوءِ   هو پنهنجي اولاد سان مايوسي واريون ڳالهيون ڪندو رهي ٿو ۽ چوندو رهي ٿو  ته هوءَ به درياءَ ۾ ٽپو ڏئي زال ڏي ويندو . هڪ ڏينهن اهڙو بهانو ڪري گهران نڪري وڃي ٿو.  ۽ زال سان ملي هڪ درگاهه ۾ آخري ڏينهن گهاري ٿو. ۽ هن جي گمشدگيءَ کي ان جي خودڪشي سان منسوب ڪيو وڃي ٿو. هيءَ ڪهاڻي ڳوٺ ۾ رهندڙ ٻهراڙيءَ جي ماڻهوءَ جي محبت سان ڀرپور زندگي جي نمائندگي  سان گڏ  دانائي جي به ساک ڏئي ٿي، هي ڪهاڻي ثابت ڪري ٿي ته سنڌي ماڻهو بنيادي طور تي ڪاروڪاريءَ جي رسم جو حامي ڪو نهي پر هٿ ٺوڪي قبائلي نظام تحت هن کي مجبور ڪيو ويو آهي.

ڪهاڻي “شهمير” هڪ اهڙي شخص جي ڪهاڻي آهي. جيڪو شاديءَ رات زال کي ان شڪ جي بنياد تي قتل ڪري ٿو ته هوءَ ڪنواري نه آهي. بعد ۾ منشيات وڪڻي  ٿو ۽ آخر ۾ دلال بڻجي ٿو. ڪيڏو وڏو تضاد آهي. هن ڪهاڻي ۾ پوليس جو شرمناڪ ڪردار ڏيکاريل آهي ۽ اها اهڙن واقعن ۾ ڪيئن ڪردار نڀائي ٿي ان جا وچور هيٺيان جملا نروار ڪن ٿا،

“خون جو جوبدار آهي. غيرت جو ڪم ڪيو اٿائين ان ڪري کٽ تي ويهاري عزت ڏني اٿمانس. ”

“شادي رات گهوٽ زال ڪنواري نه هئڻ ڪري غيرت ۾ اچي قتل ڪيو. ڪاوڙ ۾ فائر ڪري پستول شاخ ۾ اُڇلايو ان ڪري هن تي تيرهن ڊي جو ڪيس به داخل نه ٿيندو. ”

“ڪورٽ ۾ خانگي شاهد سرڪار پاران داخل ٿيل ڪيس تان ڦري ويندا ۽ ڪيس خارج ٿي ويندو. ”

“شهمير جي Confession ڪورٽ ۾ نه ڪرائجانءِ نه ئي شاهدن جي ۱۶۴ سي آر پي سي ڪرائجانءِ. ”

مٿيون هدايتون ٿاڻي جو ايس ايڇ او هڪ اي ايس آءِ کي ڏئي ٿو ۽ هدايت ڪري ٿو ته اهو پاڻ سرڪار پاران ڪيس جو فريادي بڻجي غيرتي همراهه جي بچاءَ جا هر سطح تي دڳ فراهم ڪري.

هيءَ ڪهاڻي ڪاروڪاري جي واڌ ويجهه ۾ پوليس جي مجرماڻي ڪردار جو چٽو ثبوت آهي جيڪا ثابت ڪري ٿي ته اسان وٽ اهڙن ڪڌن عملن ۾ پوليس جا ڪيترا هٿ ٻُڏَل هوندا آهن.

اها ڪهاڻي پوليس جي بي وسي ۽ مايوسيءَ جي به مظهر آهي. هڪ اي ايس آءِ جڏهن ايس ايڇ او جي حڪم نه مڃڻ جي نتيجن تي سوچي ٿو ته پنهنجو پاڻ کان پڇڻ لڳي ٿو.

“انڪار ڪيان ها ته ڇا ٿئي پئي ها؟ هڪ ٻئي اي. ايس. اءِ کي اهو ڪرڻ لاءِ چئي ها ۽ مون کي ڏوهارين سان ٻِٽُ هئڻ واري الزام ۾ سسپنڊ ڪرائي ڇڏي ها. جيڪو اڳ به مون سان باگڙجي ٿاڻي ۾ ٿي چڪو آهي جڏهن هٿيار پڪڙڻ جي مهم دوران تيرهن ڊي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو ته ڇهه مهينا سسپينڊ ٿيو هئس. هن ڪهاڻيءَ ۾ ڏوهاري جي نفسيات کي به زبردست نموني سان بيان ڪيو ويو آهي. مثال طور:-

“ڏوهاري ڪو نه آهيان. زندگي ۾ روڊ جو ڏوهه ڪو نه ڪيو اٿم. باقي ڍور ڍڳي جي چوري ابن ڏاڏن کان مَرَڪُ رهي آهي سو وڏڙن جي قبرن کي مون ڪو نهي لڄايو” جيڪا ڳالهه شرم جوڳي هئڻ کپي اها هتي  فخر جوڳي ٿي وئي آهي. ۽ اها ان ڪري به وڌي آهي جو ان رجحان جي ڪا رستا روڪ نه ٿي آهي.

هن ڪهاڻي ۾ منشيات، جوا ۽ فحاشي جو شهرن ۾ ڌنڌوڙڪو انداز ۽ ان سڄي ڏوهه ۾ پوليس جي حصيداري ڏيکاريل آهي. هي ڪهاڻي قبيلائي دهشت گردي کانپوءِ جرڳائي فيصلن جي به تصوير ڏيکاري ٿي جنهن ۾ خون خونن ۽ ڪيس ڪيسن ۾ ڪٽيا وڃن ٿا.

هي ڪهاڻي قانون جي ۾محافظن جي ڪمزور هئڻ ۽ ڏوهارين جي طاقتور هئڻ جو چٽو دليل آهي. هي ڪهاڻي حقيقت ۾  اسان جون اکيون کولي ٿي ڇڏي ۽ ٻڌائي ٿي ته سماج جو حقيقي منظر نامو ڪهڙو آهي.

ڪهاڻي “مرد” ۾ هڪ همراهه پنهنجي نامردي لڪائڻ لاءِ شادي رات ڪنوار قتل ڪري ٿو  ۽ ان جي لاءِ عام تاثر اهو آهي ته “مرد غيرتي هو اهو کاڌل پيتل زال ڪيئن برداشت ڪري ها!” مٿيون ڪهاڻيون ڪاروڪاري جي مختلف حقيقتن کي وائکو ڪن ٿيون ۽ درد جو انگاس پڙهن کان پوءِ اُهي رخ به سمجھه ۾ اچن ٿا جن تي سنجيدگي سان نه ته سوچيو  ويو آهي ۽ نه ئي ڳالهايو ويو آهي.

ڪهاڻي ٽوٽل پورو ته قبيلائي دهشت گردي جو کاڄ بڻجندڙ مسڪينن ۽ بي گناهه  ماڻهن جي گهڻ رُخي درد ڪٿا آهي جنهن ۾ مرڻ ۽ مارڻ واري کي پنهنجي پنهنجي مظلوميت ئي ڏسڻ ۾ اچي ٿي “پنهنجي وَهي گذاري سون پر اهو نه ٻڌو سون ته مارن هڪڙا پلئه ٿين وري ٽِيَن کان. پنهنجو جهيڙي سان وڙ نه واسطو پر پوءِ به ساههُ مُٺِ ۾ ڪيون ٿا وتون ته متان ذات هڪڙي هئڻ جي ڪري ڪٿي انگ پورو هئڻ جي ڪري نه پورا ٿي وڃون. ”

“ڇا هيءَ زمين ٽڪري ۽ ڪيترا  مڙس مري ويا. پنهنجا ته ملائڪ به ڌرين کي ڪو نه ٿا سڃاڻن پر ڪڪڙن جيان کڏن ۾ لڪا ويٺا آهيون. سردار ڀلا چريا ٿا آهن جو ٺاهه ڪرائيندا؟ اها باهه ته انهن جي ئي ٻاريل آهي مٿان ووٽ ٿا اچن ٻيو نه ته پنهنجي ذات وارن جا ووٽ ته پڪا اٿن؟

انهن ووٽن جي ڪاڻ  ته  جهيڙا ٿا ڪرائين؟

جيستائين اهو پيٽ جو سور پورو نه ڪندا تيستائين ٺاپر ٿورئي ڪرائيندا؟

سردار هجن ها سچا ۽ لتر کڻن ها ته ڪهڙو راڄ وارو ٻاهر وڃي  ها؟”

مٿيان جملا  قبيلائي جهيڙي جا حقيقيي پاسا ڏيکارن ٿا. جنهن  ۾ پُٽَ کي شهر پڙهائڻ لاءِ وٺي ويندڙ پيءُ پٽ سميت مارجي وڃي ٿو.

انور شيخ جي ڪهاڻي ۾ جتي پوليس جي ڪردار  تي فٽ لعنت ملي ٿي اُتي ان پوليس جي خراب ٿيڻ جا سبب به نظر اچن ٿا جنهن ۾ نمايان ڪردار وڏيرن، سردارن، سياستدانن ۽ چونڊيل نمائندن جو ڏيکاريل آهي.

پوليس جي اندر جون پرڪاري نشانيون جيڪڏهن مختصر وقت ۾ ڪو سمجھڻ چاهي ته ان جي لاءِ انور شيخ جي ڪهاڻي ڪارو ڪتو مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.

جنهن ۾ مسافر ڪوچن جي ڦرجڻ تي پوليس پيراڍو ڪتي کان مدد وٺي ٿي سڄو ادارو هڪ ڪتي تي ڀاڙي ٿو اها ڳالهه حيرت کان خالي نه آهي. هن ڪهاڻي ۾ هڪ ڊي ايس پي جو حوال ڏنل اهي جيڪو ڪيس ته ڇڏيو پر اين سين جا پيسا ۽ حساب ڪتاب به ڊائرين ۾ پيو لکي  ٿو.

ڪهاڻي ۾ پڪٽن تي مقرر سپاهين جا سور هيٺين جملن ۾ اظهارجن ٿا،

“ڪلهه پنجين بجي کان پڪٽ تي بيٺي مڇرن پٽيو آ، اَنُ نه پاڻي وات  ۾ ڪاهي ڦٽو ڪيو اٿائون هتي. هاڻي الائي ڪڏهن جان ڇٽندي جو ڳڀو نصيب ٿيندو. ”

“ماني ته ڇڏ يار! پر هن ٻوسٽ ۾ ڪنهن  پاڻي جو  به ناهي پڇيو.

مار پوين، ڳوٺ ۾ غريب ماڻهو به پنهنجي جانورن جي مالڪي ڪندا آهن هي محڪمو ته اسان کي جانور به نه ٿو سمجھي!”

اسان جي سماج ۾ صوبيداري پٺيان لڪل مقصد وري ڪجهه هيٺين ارادن کي نروار ڪندا آهن ته، ”الله ڪندو شام تائين مينهون خان سسپنڊ ٿي ويندو صاحب کي سفارش ڪرائي ٿاڻي لاءِ گذارش ڪبي ٿاڻو ڀلو آهي ٻن مهينن ۾ مَئوجان ٿي وينديون. ” جنهن جي هٿ مان ٿاڻو کسڪندي محسوس ٿي ٿو ان جا وري ارمان ڏسو ،

“ڪيڏيون سفارشون ڪرائي، ڊاڙان هڻي ٿاڻو ورتو هو اڃان قرض لاهي مَسَ سِڌو ٿيو هئس ته هي بلا مُنهن پئي آهي. ”

انور شيخ جي ڪهاڻي ٽي ڪلو ميٽر روڊ ڪاغذن ۾ تعمير ٿيل روڊ جي ڪهاڻي آهي جاچ لاءِ ايندڙ آفيسر کي چونڊيل نمائندو ترغيب ڏئي ٿو ته “بابا لکي ڇڏ ته روڊ برابر ٺهيو  هو پر ٻوڏ ۾ لڙهي ويو. ”

ڪهاڻي “سخت صاحب” ۾ آفيسر پاران پنهنجي ماتحت کان روڪ رقم، موبائل سيٽ ۽ سم ۾ موجود بيلنس به کسيو وڃي ٿو جنهن مان انسان جي حرص، لالچ واري نفسيات جي گهرائي ۽ انتها معلوم ٿئي ٿي.

ڪهاڻي “بابو” ۾ جيڪو احساس ملي ٿو سو اهو آهي ته جنهن اولاد لاءِ ماڻهن کان رشوتون وٺي ملڪيت ٺاهي ٿو اها اولاد آخر ۾ بيمار پيءُ جي علاج کان به لاچاري آهي. ۽ مرڻ جي تصديق کانپوءِ رڳو ماڻهن کي ڏيکارڻ  لاءِ لاش کي ايمبولنس ۾ پرائيويٽ اسپتال نيو پيو وڃي.

ڪهاڻي “نقشِ قدم” ڏوهارين جي خوف ۾ جيئندڙ هڪ جيءَ جو قصو آهي جنهن کي ڇانوَ ۽ پناهه به ڏوهارين جي  پيرن ۾ محسوس ٿئي ٿي.

ڪهاڻي “ٽڪيٽ” ۾ هڪ عورت کي ان جو مڙس ذاتي مفادن لاءِ پيش ڪندو رهندو آهي اها عورت هڪ ڀيري جڏهن هڪ اهڙي انسان جي حوالي ٿئي ٿي جنهن ۾ ان کي مرد پاران غيرتي ۽ تهذيب يافته هئڻ جو تاثر ملي ٿو پر جڏهن وقت اچي ٿو ته پنهنجي عياشيءَ لاءِ اها مخصوص عورت هو پنهنجي پير جي حوالي ڪري ٿو ڇو ته اهو اليڪشن ۾ پارٽي جي ٽڪيٽ وٺي ڏيڻ جو محرڪ آهي.

ڪهاڻي وڏيري ان عورت جي ڪهاڻي آهي جيڪا جبري طور هڪ وڏيري جي رکيل بڻيل آهي اها پنهنجي پيءُ سان ڀڄي ٻي هنڌ اچي ٿي ته اُتي ان جي پيءُ کي پوليس پڪڙي ٿي جنهن کي هوءَ ڇڏائڻ وڃي ٿي ته  هن جو حسن ۽ جواني ڪم اچي ٿو ان عورت کي رات جو ٿاڻي جو صوبيدار گهرائي ٿو.

هن ڪهاڻيءَ ۾ عورت جي پيءُ جا هي جملا دل تي گهرو اثر ڪن ٿا ته، “وڏيري جي غيرت نڪاح ڪرڻ گوارا نه ٿي ڪري پر رکيل رکڻ ۾ ڪو عيب نه ٿو سمجھي”. منهنجي ڌيءَ جي ٻئي سان شادي به هن جي غيرت گوارا نه ٿي ڪري.

هن ڪهاڻي ۾ اهو احساس ملي ٿو ته مجبور، بيوس ۽ لاچار ماڻهو بهرحال جت ڪٿ ۽ هر حال  ۾ بي يارو مددگار ئي هوندو آهي.

ڪهاڻي “ڪٽ جوڙ” ۾ هڪ اهڙي انسان جي ڪٿا بيان ڪئي وئي آهي جيڪو پنهنجي  طور  تي پنهنجي گناهن  ۽ ثوابن جي تور تڪ ڪندو رهي ٿو ۽ خود ئي حساب برابر ڪندو رهي ٿو.

چور جي جوءِ”، ڏوهه ڪندڙ ماڻهوءَ جي اک پٽڻ لاءِ، عبرتناڪ ڪهاڻي آهي.

“ڏيئا ڏيئا لاٽ” اها ڪهاڻي آهي  جنهن  ۾ وک وک تي ئي ڌرتي ۽ ديس سان رومانس جهلڪي ٿو اها ڪهاڻي ذات پات جا فرق مٽائي محبت  جا انوکا پيچ اڙائي ٿي. ٻئي پريمي وطن جي ويڙهه وڙهن ٿا ۽ هڪٻئي جا ساٿي  بڻجن ٿا. هن ڪهاڻي جا اهي جملا ڌرتيءَ سان دل لڳي جي ڀرپور علامت آهن.

“اسين عظيم تهذيب جا وارث آهيون جنهن کي دنيا مڃي ٿي وقت جي دَزُ ان کي ماٺو  ضرور ڪيو آهي پر ميساري نه ٿي سگهي. ”

حقيقت اها آهي ته انور شيخ جون  ڪهاڻيون اسان جي سماج جو آئينو آهن. زندگي جي هر رخ جي نمائندگي ڪرڻ آسان ڪم ناهي مون کي نه ٿو لڳي ته انور ڪهاڻين ۾ ڪو موضوع رهايو به آهي انور جون ڪهاڻيون هر عمر ۽ طبقي جون ڪهاڻيون آهن. انهن ۾ زندگي جو هر جذبو ۽ پاسو آهي. آدميءَ جي هڪ هڪ احساس ۽ ڪيفيت کي هن قلمبند ڪيو آهي.

انور جي ڪهاڻي ان جي اندر جي ڪهاڻي آهي. تنهنجي منهنجي ڪهاڻي آهي ۽ اسان سڀني جي ڪهاڻي آهي.

انور کان جيترو ممڪن ٿي سگهيو آهي هن اوترو تلخ سچ  اظهاريو آهي اهو سچ جنهن ۾ اعتراف به  آهي ته انڪشاف به. احساس به آهي ته اُتساهه به.

اهائي محنت اهو ولولو هڪ ڏينهن کي هن کي چوٽيءَ جي ڪهاڻيڪارن ۾ بيهاريندو.


 

“وجود جي ويران وادين ۾ ڀٽڪندڙ المين جون صدائون”

(مُشتاق شوري جي ڪهاڻين جي ڪتاب “هَستيءَ جو گُم ٿيل ٽُڪرو”جو جائزو)

بخشل باغي

*ادب داخلي توڙي خارجي حالتن جو اظهار هوندو آهي. پر ٻنهي صورتن جي پس منظر ۾ فن جو هُجڻ بنھ ضروري آهي. فن کان سواءِ شاعري هُجي يا نثر ٻئي سطعي ۽ بي چَسا، بي رنگ بڻجي ڪنهن به دل تي دستڪ ڏيڻ جي سگهه وڃائي ويهن ٿا. پر جنهن به تخليق کي آرٽ جو رنگ لڳي ٿو ته اها دائميت جو سفر شروع ڪري ٿي. سنڌي ادب ۾ شاعري، ڪهاڻي، ناول توڙي ٻيون صنفون لکيون وڃن ٿيون پر انهن ۾ تمام گهٽ ئي تحريرون ادب جي ڳاٽ کي اوچو ڪرڻ جو ساهس رکنديون آهن. جن کي پڙهي ماڻهو سَراپجي ويندو آهي. اهڙين تحريرن ۾ وجوديت جي اثر هيٺ لکيل سنڌي ناول توڙي ڪهاڻيون پڻ لکيون ويون آهن جن جي پنهنجي خصوصيت ۽ الڳ حيثيت آهي. وجوديت جي رنگ ۾ سنڌي ادب ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ليکڪن پنهنجي اظهار کي جيڪو رنگ ۽ ڍنگ ڏنو، اُهو هر پڙهندڙ کي ڀانءِ نه پيو جنهن ڪري وجوديت واري انتهائي حساس ۽ باريڪ بينيءَ واري انداز  سان تخليق ٿيل ادب جي پُهچ گهٽ پر اهم ۽ شعور وند، فڪر ۽ فهم، واري لاڙي اُن کي هنئين سان هنڊائي اُن جي اثر توڙي اهميت کي مانُ ضرور بخشيو آهي. اُن سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ سارتري وجوديت جي اثر هيٺ هڪ ڳوڙهو، پُر مغز ۽ احساس جي انتهائي گهراين سان جيڪي داخلي توڙي خارجي ڪهاڻيون لکيون ويون انهن جو مقام توڙي معيار ڪڏهن به جهيڻو نه ٿيڻو آهي.

*”سنڌي ڪهاڻي پنهنجي مُختلف دورن جو سفر ڪندي جڏهن ۶۰واري ڏهاڪي جي ٻئي اَڌ تائين پهتي ته اُن دور ۾ جيڪا نئين ٽھي پنهنجي تخليقي سگهه سان اڳتي آئي، انهن۾ عبدالقادر جوڻيجو، شوڪت حسين شورو، عبدالحق عالماڻي، منير احمد(بعد ۾ ماڻڪ)۽ اُنهن جي پُٺيان مشتاق احمد شورو، مدد علي سنڌي، ممتاز مهر، ڪيهر شوڪت، طارق عالم، حليم بروهي، سانول، شرجيل ۽ اخلاق انصاري سنڌ ۾ بدلجندڙ سماجي ۽ سياسي حالتن جي تناظر ۾ تخليقي سگهه واريون ڪهاڻيون لکيون.

مشتاق احمد شورو اُنهيءَ ٽهيءَ جو پهريون ڪهاڻيڪار هو، جنهن سنڌي نوجوانن جي فرسٽريشن کي کڻي سنڌ ۾ جديد ڪهاڻي لکڻ جي شروعات ڪئي. هُن ڪنهن به آدرش، نظرئي، ويچار، سوچ ۽ واسطيدار حقيقت ۽ سچ کي اُن جي سموريت(ٽوٽلٽي) ۾ قبول نه ڪيو. هُن جو چوڻ هو ته”هر آدرش، نظرئي، سوچ، فلاسافي، انقلاب، حقيقت ۽ سچ ۾ تمام وڏا سوراخ هئا، جن مان سڀ ڪجهه وهي ٿي ويو ۽ ساڳيو ورجاءُ ٿيندو رهيو ٿي. ”، مشتاق شوري”ٿڪل جذبن جو موت”، ”مَن جي مُونجهه ٻُوسٽ”، ”هڪ بور ڏينهن”، ”هَستيءَ جي ٽُٽل ٽُڪرن جي وچ مان”جهڙيون جديد ڪهاڻيون لکي سنڌي ادب ۾ وڏو چوٻول پيدا ڪيو. سندس ڪهاڻين جو خاص موضوع زندگيءَ جي”ائبسرڊٽي”آهي. انساني وجود ڀَڳل ٽُٽل آهي ۽ اُن جو جيئڻ مقصديت کان خالي ۽ بي معنيٰ آهي. مشتاق جي ڪيترين ڪهاڻين جي عنوانن ۾ٽُٽل لفظ جُڙيل آهي. مثال طور: “ٽُٽل-ڊٺل- ڊهندڙ پاڇولا”، “ڀَڳل-ٽُٽل ليڪا”، ”ٽُٽل سلسلا”، ”ٽُٽل هَستي”، ”ٽُٽل شيشا، ڀَڳل عڪس”. سنڌ ۾ جديديت جي ڌارا ختم ٿيڻ سان گڏ مشتاق احمد شوري به ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي ڏنيون. ۱

مشتاق شوري جي ڪهاڻين جو نئون ڪتاب”هَستيءَ جو گُم ٿي ويل ٽُڪرو” پبلشر ڪِرتي پَرڪشن، دهلي، انڊيا ۲۰۱۸ع ۾ ڇپايو هو. اُن ڪتاب کان اڳ مشتاق شوري جا ٻَه ڪتاب هڪ”ٿَڪل جذبن جو موت”۱۹۷۸ع۾ سُهڻي ڌرتي پبلشنگ هائوس حيدرآباد ۽ ٻيو”ٽُٽل ڊٺل، ڊهندڙ پاڇولا”، جيڪو ۲۰۰۳ع ۾ گُلشن پبليڪيشن ڇپيو هو. مشتاق شوري جي هِن ڪتاب”هستيءَ جو گُم ٿيل ٽُڪرو” ۾ ڪُل ۲۶ ڪهاڻيون ڏنل آهن. هي ڪتاب ۲۷۵صفحن تي مُشتمل آهي. ڪتاب جا ٻَه اکر ديوي ناگراڻي لکيا آهن. مهاڳ ڪتاب جي ليکڪ مشتاق شوري لکيو آهي. جڏهن ته ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار شوڪت حسين شوري لکيو آهي۔

ڪتاب”هستيءَ جو گُم ٿيل ٽُڪرو”جي مھاڳ”مون وٽان ڏنل ڪهاڻي ۽ آءُ” ۾ مشتاق  شورو لکي ٿو ته، ”ڪهاڻي آءُ ڇو ٿو لکان، يا لکان ڇو ٿو؟سبب(؟)ڪارڻ (؟). . . . . . نه، جواب مون وٽ ناهي. صرف سوال آهن، جيڪي مون وٽ آهن، ذهن ۾ آهن. ڪي سوال-شايدمنهنجي ذهن ۾ شايد نه به هُجن، ٻين وٽ هوندا. جواب ته مون وٽ مون طرفان اُٿاريل سوالن جو به ناهي، ته ڇا ٻين جي سوالن جا جواب ڏيئي سگهندس، جي ڪو اُٿاري ته؟”

“ڄاڻان ٿو ڪهاڻي لکڻ/لکڻ جو ڪارڻ مون وٽ ناهي، جنهن جي هُجڻ کي آءُ ضروري به نٿو سمجھان. پر ڪن وٽ هوندا، ضرور هوندا، جيڪي اُهي ڪڏهن ڪن موقعن تي پڌرا ڪندا آهن/ڪندا رهندا آهن. سجائي، سينگاري رکيل لفظن ۾ ويڙهيل، پرفيوم ڪيل. گهٽ ۾ گهٽ منهنجي مٿي جو سور اِهو ناهي. ”

“سنڌي ڪهاڻي ۾، نئين ادب ۾ منهنجو وجود نه هُجڻ جي برابر آهي. نئين ڪهاڻيءَ ۾ منهنجي ڪابه دين ناهي. پر اُن حالت کي، پنهنجي نه جهڙي حيثيت کي ڄاڻيندي به مون ڪهاڻيءَ کان پَلئه آجا نه ڪرايا آهن، شايد آءُ اڄ جي پيڙا کي، ماڻهوءَجي”Othernees”کي، اڄ جي انسان جي من ۾ ويٺل ڪالي گلا کي، سسيفس کي، گُهٽيندڙ اڪيلائپ کي پنهنجين ڪهاڻين وسيلي اظھار ڏيئي سگهان. وڃايل شخص، کسڪي ويل ڪردار ۽ ارد گرد جي حالتن کي، اُن ئي حالت ۾، جنهن ۾ اُها موجود آهي، ڪهاڻيءَ ۾ آڻي سگهان. اُن ڪري لکڻ مون نه ڇڏيو آهي. ”

“اڄ جو ليکڪ/سُجاڳ شخص جنهن دور مان لنگهي رهيو آهي، اُن ۾ جيون جا لڳ ڀڳ سمورا سلسلا، قدر، روايتون ۽ سڀ ڪجهه جيڪو به سجائي رکيل هو، سو ٽُٽي، ٽِڙي پَکڙي ويو آهي ۽ هڪ ئي وقت-اچانڪ، اَنيڪ سوال ۽ مسئلا نوَن حوالن مان اُڀري رهيا آهن. وايو منڊل، سرشٽي، ملڪ، سماج، ڪُٽنب،

مختلف سياسي ڍانچن، جوڙجڪن جي بدليل حوالن ۾ اُهو سُڃاڻپ وڃائي، شخصي آزادي ڦُرائي، بي مقصد جيون ۾ اَڻکٽ جنگ وڙھڻ لاءِ مجبور ٿي ويو آهي. اڄوڪي دور جو هرپل ڪا نه ڪا امرجنسي کڻي اچي ٿو ۽انسان کان نالي ماتر سُڃاڻپ به کسي وٺي ٿو. ”

“اڄ جو شخص نھلزم(شڪ پرستي، انڪاريت، هر هڪ هلندڙ رواج يا نظام جو انڪار)جي تجربي مان گُذرڻ کان پوءِ اڻويهين صدي جي هيمليٽ جيان عذاب ڀوڳي ٿو، ڇو ته اُن تجربي مان گُذرڻ کان پوءِ ظاهري طور تي نظر ايندڙ ترتيب واري دنيا جو بي ترتيبي، بي معنيٰ ۽ ائبسرڊٽي(اجائي پڻو، لغويت، احمق پڻو)وارو اصلي روپ ظاهر ٿي پوي ٿو. نه صرف اڄ جي صنعتي تهذيب جي ڇڪتاڻ، ائٽمي جنگ جي لاڳيتي خطري، وڌندڙ مرڪزيت ۽ جذباتي، بگاڙي شخص جو گهيرو سوڙهو ڪيو آهي، پر اصل ٽريجڊي ڪائنات جي جوڙ جڪ جو غلط هُجڻ آهي، جنهن ۾ ڪجهه به صحيح نه ٿي رهيو آهي. شخص جڏهن به خوشي ۽ ڪارڻ جي ڳولها ۾ بي معنيٰ ڪائنات جي ٽَڪر ۾ اچي ٿو ته هُن جي سامهون ائبسرڊ واري صورتحال ظاهر ٿئي ٿو، جنهن کي ڪامئو”ڪائنات جي بي سبب ماٺ ڪوٺيو آهي. ”

“ڪامئو جي ناٽڪ”ڪراس پرپز”جو مُکيه ڪردار”جان”رت جي رشتي، جذبن ۽ فطري سُڃاڻپ وسيلي خوشي چاهي ٿو، پر خوشيءَ لاءِ سَنئين سِڌي ۽ سادي سودي خواهش جي رستي ۾ رنڊڪون آهن. ڪامئو اُن ڊرامي ۾”ائبسرڊ”جي انساني تجربي تي زور ڏنو آهي. ڪامئو جي خيال ۾ انسان جو پوريءَ طرح “ڪميونيڪيٽ”نه ڪري سگهڻ جي بيوسي، اڪيلائي ۽ جلاوطني جي احساس کي وڌيڪ ڇتو بڻائي ٿي. ”

“ائبسرڊ ساهتڪار هِن صديءَ ۾ سڀ کان وڏي ۾ وڏي ٽرئجڊي، دنيا ۾ ٻولين جو بي اثر ۽ اڻپورو هُجڻ کي سمجھن ٿا، جيڪي ساهت ۽ اظھار جو واحد وسيلو آهن. روايتي ۽ خسي بڻيل ٻولين وسيلي، شعوري، لاشعوري سطع تي ٿيندڙ اوچتين، اچانڪ تبديلين، احساسن جو ڀَڙڪي سان اُٿلڻ، لڳاتار تبدلين کي اُن ئي حالت ۾ اظھار ڏيڻ يا پنهنجن تجربن، احساسن جي مونجهارن ۽ ردِعمل کي چاهيل روپ ۾ اظھارڻ ليکڪ لاءِ مُمڪن ئي ڪو نهي. اُن ڪوشش ۾ ليکڪ ٿاٻا کائيندي ٻوليءَ سان هٿ چُراند ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي ٿو وڃي، پر پوءِ به اُها هٿ چُراند هُن کي چاهيل مقصد تائين پُهچڻ ۾ مدد نٿي ڪري. ”

“ان اصول کي کڻندي جڏهن سنڌي ڪهاڻيءَ جي پرک ڪجي ٿي ته، جتي دنيا ۾ سڏجندڙ”نئين”ڪهاڻي ڦُوھ جوانيءَ مان ڍِرڪي پوڙھپڻ ڏانهن موٽي رهي آهي ۽ اُن جي جاءِ، ماحول ۽ شخصي حالت ۽ بيوسيءَ جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻيءَ والاري آهي. اُتي سنڌي ڪهاڻي صرف بند ٿيل دروازن جا ڪڙا ڪڙکائي رهي آهي. زندگيءَ جي بدليل حوالن ۾ سنڌي ڪهاڻيڪارن جي مٿان ڪنهن به سطع تي حالتن کي پَڪڙ ۾ نه  آندو ويو آهي. دنيا جي ڪهاڻيءَ ۾ جتي خدا جي موت جي اعلان کان وٺي سُک جي ڍونگ پڌري ٿيڻ، مُئل عورت کي ماڻڻ کان وٺي پنهنجي موت جي ڀَٶ سميت پنهنجي وقت جي شاهديءَ جو ۽ جيون جو اظھار، انيڪ روپن سان ڪيو ويو آهي، اُتي سنڌي ڪهاڻيڪارن جو ذهن ۽ هنن وٽان سرجندڙ ڪهاڻيون، اڄ به”رومانٽ ازم”جي روڳ ۾ گندگيءَ سان ڀَريل آهن. سنڌي ڪهاڻيڪارن لاءِ اکر”نئين”۾ به رومانس آهي. هِنن جي ڪهاڻين ۾ ڏکن، مايوسين، زندگيءَ جي ڇت پتائيءَ مان به رومانس نظر ايندو آهي. گهٽ ۾ گهٽ مون ته اهڙي سنڌي ڪهاڻي ورلي پڙهي هوندي، جنهن کي پڙھڻ سان من بيمار ٿي پوي ۽ اندر ۾ انتهائي نفرت، ڌڪار، ڪروڌ ڀرجي اچي. ۽ من اُلٽي ڪرڻ لاءِ چوي. ”

“اُن هوندي به آسرو سنڌي ڪهاڻيءَ مان مون نه لاٿوآهي. ڪڏهن سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ اهڙي تخليق اچي سگهي ٿي، جنهن کي پڙھڻ سان”نازيا”، (*”سارترجو پهريون ناول”ناسيا”۱۹۲۸ع ۾ شايع ٿيو هو. اُن ناول جو مُک ڪردار، هڪ ليکڪ آهي. جيڪو دنيا جي لغويت (اَجائي پَڻي/بي مَعنويت)۾ معنيٰ ڳولڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هُو ڏسي ٿو ته مان چوطرف جن شين ۽ ماڻهن ۾ گهيريل آهيان اُهي سَراسر لغو آهن. آخر ۾ لغوليت جو اُهو احساس وڌيڪ گهرو ٿي وڃي ٿو. اُن لغويت کان نجات لاءِ هُو سوچي ٿو ته اُن ۾ ڪيئن معنيٰ پيدا ڪئي وڃي. ڪڏهن سوچي ٿو ته کيس ڪجهه نه ڪجهه تخليق ڪرڻ گهرجي. ”۲)واري ڪيفيت طاري ٿي وڃي، اهڙي اُميد مون کي آهي، لال جي”هُن جي آتم جو موت” پڙھڻ کان پوءِ، سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ڪي. ايس. ٻالاڻي ۽ پريم پرڪاش، ماڻڪ، جئسنگهاڻيءَ جي هُئڻ جي ڪري. ”

مشتاق شوري جي ڪتاب”هستيءَ جو گُم ٿي ويل ٽُڪرو”جي مهاڳ مان مٿي ڏنل سِٽون اُن ڪري به ڪُجهه تفصيل سان ڏنيون ويون آهن جيئن ليکڪ جي ڪهاڻين جي منظر توڙي پس منظر يا اُنهن جي ڪردارن جي مزاج، نفسيات توڙي سندن اندر ۾ پيدا ٿيندڙ بيگانگيءَ کي پڙهندڙ چڱيءَ طرح ڄاڻي سگهن. يا اُنهن ڪهاڻين جي دنيا ۾ جيڪا ٽوڙ ڦوڙ، اجنبيت آهي اُن جي ڪارڻن جا ڪي رستا نڪري سگهن. دراصل مشتاق شوري جون ڪهاڻيون انساني ٽُٽل وجود جي اندر جا اهڙا پَڙاڏا آهن، جن جا سَڏَ نڙيءَ جي اندر ئي گُهٽجي رت سان گڏ دل جي ڌڙڪنن ۾ گونجندا رهن ٿا. ماڻهوءَ جي بيوسي، لاچارگي، ٽُٽل ۽ وکريل خواب، من جي ڳالهه نه اظهاري سگهڻ جي پيڙا، بي اعتمادي، ڪو به فيصلو نه ڪري سگهڻ جي همت وغيره جهڙيون المناڪ ڪيفيتون وڏي بي رحمي ۽ پنهنجي پوري اصليت سان اکرن مان اُڀري پڙهندڙ جي وجود ۾ تحليل ٿي، ڪردارن جي روپ ۾ سندس آڏو آڻي بيهارين ٿيون ته پڙھندڙ پنهنجي وجود ۾ لرزي وڃي ٿو ۽ پنهنجي اندر ۾ موجود اهڙي وايو منڊل جي تصوير ڏسي ڇِرڪي، اُن تي سوچڻ لڳي ٿو جنهن مُتعلق هِن دنياوي خارجي اثرن کيس بي سُڌ ڪري اُنهن حالتن کان لاتعلق ڪري ڇڏيو آهي.

*”انساني وجود جو الميو(Tragedy) پاڻمرادو اِن ڳالهه مان ئي پڌرو آهي ته سندس دائمي ٻُڏتر واري حالت کيس ذميواري ۽ فرض شناسيءَ کان آجي حياتيءَ گهارڻ ڏانهن گهليو ٿي وڃي. انسان پنهنجي وجود(Existence)جي بَچاءُ ۽ سنڀال بابت پنهنجي لاپرواهي ۽ ڪن لاٽار کي ختم ڪرڻ کان به لاچار آهي. سندس اُها موڳائپ ۽ لاچاري بنا ڪارج/بيڪار، اَسھپ جوڳي ۽ اَڻوڻندڙ صورتحال ۾ کيس جيئڻ تي مجبور ٿي ڪري. انساني وجود ۽ جيئڻ جي لاچار وچ ۾ اُها ڇڪتاڻ سموري حياتي ايئن ئي جاري ٿي رهي. اُن گهڙيءَ تائين جيسيتائين هُو پنهنجي وجود کان موڪلاڻي وٺي عَدم ڏانهن ڪوچ نٿو ڪري. جيئڻ جي اِنهيءَ لاچاريءَ ۾، جڏهن انسان پنهنجي وجودي سچ جي ڳولا واري عمل کي ويساري نٿو ويهي ته هُن جي زندگي جا ڪارائتا موتي اَڻ ڇُهيا رهجي وڃن ٿا. انسان محسوس ٿو ڪري ته ٺلهي وجود کان وڌيڪ وجوديت آهي ۽ مورڳو جيئڻ کان وڌيڪ زندگي آهي. اَڻ چٽائي، اَجايو پِڻو ۽ پنهنجي وجود جي ٺلهائپ سان مُکا ميل ٿيڻ کان پوءِ انسان پنهنجي اصل وجود جي ٻيهر ڳولا ڏانهن پنهنجي ياترا شروع ڪري ٿو. هُو پنهنجو پاڻ کان اورانگهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ اُنهيءَ پوش چڙهيل ماورائيت ۽ ڳُجهه ۾ به کيس هڪ معنيٰ سُجهي ٿي، جنهن لاءِ هُو سموري حياتي واجهائيندو رهي ٿو. اِن ريت معنيٰ ۽ وجود جي ڳولا جو اُهو عمل، انسان جو پاڻ کي اورانگهڻ (ڳولهڻ)وارو عمل ٿي پوي ٿو. معنيٰ جي ڳولا هِن لاءِ ڄڻ سچائيءَ لاءِ ڳولا ٿي پوي ٿي. ”۳)

اصل ۾ اڄ جو جديد سنڌي ادب خاص طور تي فڪشن پڙهندي پڙهندي اوچتو اڄ جڏهن مشتاق شوري جون ڪهاڻيون پڙهيون اٿم ته ايئن محسوس ٿيڻ لڳو آهي ڄڻ مان پاڻ سان تمام گهڻي عرصي کان پوءِ، روايتي مُسلسل جياپي واري جانڊاھ ۾ اَڻڄاڻ پيسجندي پنهنجي هُجڻ جي احساس کان آشنا ٿيو آهيان. ۽ پنهنجي اندر جي اُداس دنيا جي وساريل ڪربناڪيءَ ڏانهن ڌيان ڏنو اٿم. جيئن ڪو به انسان پيدا ٿئي ٿو ته سندس نفسيات/ذهن جي سليٽ صاف شفاف ۽ خالي هوندي آهي، پر ڄَمڻ کان وٺي مَرڻ تائين اُن سليٽ تي ٻاهريان دنيا جا اکر لکبا رهبا آهن. هُو جيڪو ڪجهه لکڻ/ڏسڻ چاهيندو آهي اُهو نه لکي سگهڻ جي بي وسي کڻي، سڄي زندگي اُن ذهن/وجود کي ڀٽڪائيندو رهندو آهي. ته مشتاق شوري جون ڪهاڻيون پنهنجي ذهن/نفسيات جي سليٽ تي پنهنجي تحرير نه لکي سگهڻ جو چِڙ، غصو ڏياريندڙ ردِعمل آهن. وجودي ادب ۾ ماڻهوءَ جي هٿ وٺي پيدا ڪيل بي حالي، بربادي، ڀٽڪنا، اضطراب ۽ اهڙين ٻين کوڙ سارين حالتن جي ستم ظريفي تي دل هٿن ۾ اچي وڃي ٿي. ٻيو ته مشتاق شوري جون هي ڪهاڻيون، ڪهاڻيءَ جو اھڙو ته اعليٰ فن آهن، جنهن ذريعي وڏي اعليٰ مهارت سان  ليکڪ مختلف ڪهاڻين جي ڪردارن جي جياپي جا ڌُنڌلا ٿي ويل رنگ، اڪيلائپ، ڪو به فيصلو نه ڪري سگهڻ جي هيڻائپ، شعور جي چڪيءَ ۾ پيسجڻ جي پيڙا، اندر ۾ وڌي وڌي، حد کان وڌي ويل لاچارگي جي اُلٽي ڏياري ڇڏيندڙ ڪيفيت کي پوءِ به من ۾ زوري سانڍهي رکڻ جي مجبوري، انتهائي غلاظت ۾ جيئڻ کان بغاوت ڪرڻ جون علامتي نشانيون آهن. توڙي جو مشتاق شوري جي ڪهاڻين جو بنيادي خيال مايوسي، هيڻائي، زندگيءَ کان نفرت، خودڪشي جي انتها تي پُهچڻ آهي، پر اگر غور سان ڏسجي يا سوچجي ته هتي ماڻهوءَ کي مليل زندگي ۾ ڪراهت آميز ڪيفيت، احساسيت يا جيڪا نفسيات جوڙي وئي آهي اُن جي اهڙي ئي بي رحميءَ سان پيش ڪيل حقيقت جي عڪاسي هي ڪهاڻيون آهي، جنهن تي سوچي ماڻهو پشيمان ٿيڻ کان رهي نٿو سگهي. پر ٻئي پاسي مايوسيءَ جي ڪُن ۾ گهوماٽيون کائيندڙ ماڻهوءَکي زندگيءَ جي اصل ڀيانڪ تصوير ڏيکاري کيس اهو آگاھ پڻ ڪيو ٿو وڃي ته زندگي ڪورو ڪاڳر آهي ان تي جو به لکڻو آهي اُن ڪوري ڪاڳر واري زندگيءَ جي مالڪ کي ئي لکڻو آهي. اُن لغو زندگيءَ جي بي معنويت ۾ معنيٰ هر صورت ۾ کيس ئي ڀرڻي آهي.

مشتاق شوري جي ڪتاب”هستيءَ جو گُم ٿيل ٽُڪرو”۾ موجود ڪهاڻين جي دنيا، اُنهن جا ڪرادر، ڪردارن جون اندوروني ڪيفيتون، اُنهن ڪيفيتن جو ڪَرب، اُن ڪَرب جي ڪوجهائپ جي جيڪا تُز ۽ بي رحماڻي ڦوٽو گرافي مشتاق شورو ڪري ٿو اُها تصورڪشي، منظر نگاري، ڪردار نگاري، ٻولي جو نج پڻو، ڪهاڻيءَ جو انداز، ڪردارن جي داخلي پيڙائن وارين ڪيفيتن، بيوسي جي انتهائي هيڻائي، اهڙي ته فنائتي نموني اکرن ۾ اوتجي پڙهندڙ تائين منتقل ٿي وڃي ٿي جو پڙهندڙ اُنهن سڀني ڪهاڻين جي مُختلف ڪردارن ۾ تحليل ٿي اُهو ڏهڪائي ڇڏيندڙ اندروني عذاب ڀوڳيندي بي حال ٿي پوي ٿو.

اهڙي طرح ليکڪ جي ايبنارمل ڪهاڻين جا ڪردار توڙي اُنهن جا عنوان، اُٻڙڪا ڏئي اندر مان اُڀري ايندڙ درد جون اُهي ڪيفيتون آهن جيڪي سنڌي ڪهاڻي جي دنيا ۾ هڪ الڳ رنگ توڙي روپ پيش ڪيون ويون آهن.

“ٽُٽل، ڊَٺل-ڊهندڙ پاڇولا”هن ڪهاڻيءَ ۾ گهڻي مينهن وسڻ کان پوءِ ڪراچيءَ جي مُختلف علائقن جي مختلف ماڻهن جو، شهر ۾ گهڻو پاڻي جمع ٿي وڃڻ ڪري، روڊ، رستا ۽ گاڏيون بند ٿيڻ سان، ڪينٽ اسٽيشن جي پليٽفارم تي ٽرين جي انتظار جو هڪ منظر آهي جنهن ۾ قسمين قسمين مزاج رکندڙ ماڻهن/ڪهاڻيءَ جي ڪردارن جي چُرپُر، مينهن جي تباهي مُتعلق ڳالهيون، اُنهن جا ذاتي مسئلا، ڪيفيتون، اُنهن جون حالتون، مامرا، هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي گهر پُڄڻ جي بي چيني، بي وسي، ٽرين جو بيقراريءَ مان انتظار ڪرڻ، ٽرين اچڻ تي ٽرين جي گاڏن تي ماڻهن جي چڙھڻ جي ڀَرمار/ پيهه، ٽرين هلڻ کان پوءِ ٽرين ۾ هڪ ٻئي سان چنبڙيل ماڻهن جي عڪاسي، رش۾ماڻهن جي ساھ مُنجهائيندڙ حالت، ٽرين جي درن ۾ لَڙڪيل ماڻهو، اُنهن مان هڪ ڪردا، پنهنجي بيمار گهر واريءَ لاءِ وٺي ويندڙ دوائون، اُن جو تيز هلندڙ ٽرين مان هٿ ڇڏائجي وڃڻ، ٽرين کي زنجير ڇڪي بيهارڻ، اُن تي ماڻهن جون عجيب قسم جون بي حسي، بي دردي۽ افسوس واريون ڳالهيون ۽ اُنهن جي تُز عڪاسي، پٽڙين جي ڀَرسان پٿرن تي ڪِريل هڪ مجبور، هيڻو رت ۾ ٻُڏل اجنبي انسان، جنهن لاءِ پنهنجي گهر وارا گهر جي در ۾ اٽڪائي ويٺل اکيون، جن کي ڪا خبر ڪو نهي ته سندن گهر جو وڏو ڪهڙي حالت ۾ آهي. لاش جي چوگرد ماڻهن جا هَشام، جيڪي پنهنجن پريشانين ۾ لاتعلق بڻيل، ٽرين جي رُڪجي وڃڻ ۽ ڪِري مري ويل شخص تي چِڙ کائيندڙ ته هِن کي به هاڻ ڪِرڻو هو ۽ خاص طور تي زنجير ڇڪيندڙ تي باهيون ته هُن زنجير ڇو ڇِڪي، اھڙي صورتحال ۾ جتي لاڳيتو چار پنج ڪلاڪ مُسلسل وسندڙ مِينهن جي وقفي ۾ هر ڪو پريشان ته ڪٿي وري مينهن نه شروع ٿي وڃي، اُن کان اڳ وڃي گهر ڀيڙا ٿيون. پوليس جي لاش لاءِ ڪيل ڪاروائي، اُنهن جي سوچ، اُن سموري حالت جي جنهن فنڪارانه انداز سان ليکڪ بنا ڪنهن لفظن جي رنگيني جي سِڌي سَنئي دل کي جهنجهوڙي ڇڏيندڙ منظر نگاري، ڪردار نگاري، نفسياتي اوک ڊوک ڪئي آهي اُها ماڻهوءَ جي هستيءَ ۾ موجود جذبن، آسن، اُمنگن، ڏُکن، ڏوجهرن، بي وسين جي هڪ سَرد آھ پڻ آهي. مطلب ته هي ڪهاڻي انساني من جي اندروني خلائن ۾ڀٽڪندڙ خواهشن، حالتن، تڪليفن جي عڪاسي ڪندڙ ۽ سُن ڪري ڇڏيندڙ ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ ڪهاڻيڪار وڏي فني ڪاريگريءَ سان سڄي صورتحال کي بيان ڪندي، ڪهاڻي کان دور رهي ڪهاڻيءَ کي مُڪمل ڪيفيتن، احساسن سان اکرن مان اُڀاري پڙهندڙ کي ڏيکاري ٿو. محسوس ڪرائي ٿو، ڀوڳرائي ٿو، ذهني طور تي مُنتشر ڪري، ڪردارن ۾ زِم ڪري ڇڏي ٿو، بظاهر هڪڙي ڪهاڻي پر هڪڙي ئي ڪهاڻيءَ مان ٻيون به ڪيئي ڪهاڻيون توڙي ڪردار تخليق ڪري وجهي ٿو.

“ڀڳل ٽٽل ليڪا”هڪ عجيب ڪهاڻي آهي. لمحي لمحي جي سوچ توڙي پيڙا کي سموئيندڙ، مُنتشر نفسيات توڙي ڪيفيتن، سوچن ۽ خيالن جي ڪُن ۾ ڦاٿل، هڪ وکريل شخص جي ڪهاڻي. جنهن ۾ ڪهاڻيءَ جو مُک ڪردار ٻئي شهر ۾ نوڪري ڪري ٿو. جيڪو موڪل جو ڏينهن هُئڻ ڪري گهڻي وقت کان پوءِ پنهنجي گهر اچي ٿو. گهر ايندي کيس گهر ڏانهن ايندڙ رستا توڙي گهٽيون اوپريون، اڻڄاتل محسوس ڪري ٿو. گهر کي به ڏسي اُن کي سُڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ پَڪ ڪري، پوءِ گهر جي ڏاڪڻ چڙهي در کڙڪائي ٿو. ماءُ در کولي کيس تعجب ۽ اُتساھ مان ڀاڪرن ۾ ڀَريس ٿي پر هُو بي دليون ساڻس ملي ٿو. ايئن ڀيڻن ڀائرن توڙي ننڍڙن ٻارن سان پڻ بنا ڪنهن چاھ ۽ لڳاءُ جي ملي ٿو. گهر ۾ اجنبيت جو احساس کيس جهوري وجهي ٿو. ڪنهن سان ڳالهائڻ يا ڪچهري ڪرڻ يا ماني کائڻ لاءِ به دل ڪو نه ٿي چئيس. ايئن مُختلف ڪيفيتن جي ڀوڳنا ڀوڳيندي ڪجهه ئي دير ۾ ڪنهن ضروري ڪم جو بهانو ڪري ٿيلهو کڻي گهران نڪرندي پاڻ کي ڏاڍو پُرسڪون ۽ رليڪس ڀانئي ٿو.

“هستيءَ جي ٽُٽل، ٽُڪرن جي وچ مان” ڪهاڻيءَ ۾ هڪ اهڙو ڪردار سامهون اچي ٿو، جيڪو هر حالت ۾ ڪجهه نه ڪجهه، عجيب ۽ غريب سوچيندو رهي ٿو. هر لمحي کي رَٻڙ وانگر هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين مُڪمل ڇِڪي، جڏهن ڪنهن به هڪ ڇيڙي کي ڇڏي ٿو ته اُهو ڇيڙو تيزيءَ سان اچي، ڄڻ ته پڙهندڙ جي ذهن ۾ لڳي ٿو ۽ اُن کي ڇرڪائي، لرزائي ڇڏي ٿو. پڙهندڙ هڪ عجيب ۽ نه سمجھه ۾ ايندڙ ڪيفيت ۾ مُبتلا ٿي وڃي ٿو. اهڙي محسوسيات تائين رسائيءَ لاءِ پڙهندڙ لاءِ ضروري آهي ته کيس سڀني ڪهاڻين جي لفظن جي ڪناري تي ٺلهو بيهڻ بدران اُنهن جي گهرائيءَ ۾ پاڻ کي لاهي ۽ انهن ۾ موجود ڪيفيتن ۽ حالتن کي پنهنجي من جي گلاس ۾ اوتي ڇڏي ته جيئن ڪهاڻيءَ جو ڪردار، پڙهندڙ ۾ مُنتقل ٿي کيس ڪهاڻيءَ جي دنيا ۾ جاڳائي وجهي.

ڪهاڻي جي شروعات ۾ ڪهاڻيءَ جو ڪردار شاور هيٺ وهنجي رهيو آهي، مٿان ڪِرندڙ پاڻيءَ جي بوندن کي محسوس ڪندي به ڪجهه سوچيندو رهي ٿو. تيار ٿي آفيس وڃڻ تائين سڀني گذرندڙ پَلن جي پاڳلپڻي کي احساس جي انتهائي نفيس گهرائيءَ تائين محسوس ڪندي، آفيس پُهچي ٿو. ۽ پوءِ  آفيس ۾ ذري ذري ڳالهه مُتعلق فڪر مَند ٿيندي، سوچن جي ڪارن ڪُنن ۾ گهوماٽيون کائيندي، بي سبب، اڻڄاڻائيءَ ۾  بار بار گهنٽي وڃائي، پٽيوالي کي گُهرائي، ڪجهه چوندي چوندي رُڪجي بنا چوڻ جي واپس موڪلي ٿو ڇڏي. ڪو به فيصلو نه ڪري سگهڻ جي ڪَرب ۾ پنهنجي من ۾ پيڙهجندي، ذهني طور تي پڄرندو رهي ٿو. ”پڇاڙيءَ ۾ هُو پاڻ کي وقت کان اڳ پوڙھپڻ جي پهرين ڏاڪي ۾ داخل ٿيندي محسوس ڪري ٿو. پنکي ۾گهوريندي کيس آپگهات سيڪسي ڇوڪري لڳي ٿو. جيڪا نخرن ۽ ماڻڻ سان کيس سڏي رهي آهي ۽ هُو پاڻ کي بي انتها ٿڪل ڀانئي ٿو. ”

“هستيءَ جو گُم ٿيل ٽُڪرو”ڪهاڻيءَ ۾ هڪ عورت، جيڪا پيشاور آهي. ڪهاڻيءَ جي مُک ڪردار پاران، اُن سان گهاريل گهڙين جي پيڙائتي ڪٿا خودڪلاميءَ واري انداز ۾ بيان ڪيل آهي. جنسي خواهش ۾ لِڪل، اَصل محبت ماڻڻ جي ڦٿڪندڙ آس ڪيڏي نه ڀٽڪائيندڙ ڀانئجي ٿي. پيشاور عورت کي پئسن سان ڪم ۽ اُنهن عيوض عارضي ڏيکاءُ واري محبت. پر محبت ماڻيندڙ شخص سامهون پيل ڪرڀ ڏياريندڙ گوشت ۽ اُن منجهان ايندڙ عجيب بوءِ کان پري سنجيدگيءَ جي پُلصراط تي هڪ عورت سان دلي ڪيفيتن جي ڪُن ۾ ٻُڏندي تَرندي محسوس ڪري ٿو. پئسن جي تنگي هوندي به ڏوڪڙن سان خريد ڪيل وقت کي جنسي عارضي لذت حاصل ڪرڻ عيوض حقيقي محبت جو معراج ماڻڻ جي خيال سان کپائي ويهي ٿو. ۽ هُو اُن عورت جي وڃڻ کان پوءِ پنهنجي جنسي ناڪامي جي احساس کي ڀوڳيندي، سموري گذريل ڪٿا کي پنهنجي دل مان روڙي، اکرن وسيلي اُڻي هڪ اضطراب کي پيدا ڪري وجهي ٿو.

“مجبوريءَ کي اکيون نه هونديون آهن، ڪَن به نه هوندا آهن، محسوس ڪرڻ لاءِ حَواس به نه هوندا آهن. نه، صرف حَواس ئي هوندا آهن مجبوريءَ کي. ”يا ٻئي هنڌ هڪ ٻيو جملو اچي ٿو ته،

“دنيا ۾ جيڪڏهن ڪا خراب، اُن کان به وڌيڪ بَدترين، مَڪروھ، بَدصورت، اَذيتناڪ شيءِ آهي ته اُها ڊيسيپلين آهي. انسان هر حالت ۾ رهي سگهي ٿو، پر ڊيسيپلين ۾ نٿو رهي سگهي. ”

“جيون جيڪو رڙهي پيو”ڪهاڻي ۾ ڦُٽ پاٿ تي ڇِنل ڪَھين وارو بوٽ پائي هلندڙ شخص، جنهن جا پير، بوٽ مان هر هر ٻاهر نڪري وڃڻ ڪري هلڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪري ٿو. کيسي ۾ پندرنهن  پيسا، آفيس ۾ سڄو ڏينهن مَٿو هڻڻ، پنهنجي آفيسر جا دڙڪا کائڻ، چانھه پيئڻ جي خواهش، بوٽ لاءِ نيون ڪھيون وٺڻ جو خيال، ڇَھ ميل آفيس کان گهر تائين پنڌ، بس اسٽاپ تي بسڪوٽ ۽ کٽمٺڙا کپائيندڙ ڇوڪرا ۽ اهڙيون وس کان ٻاهر ۽ اڌوارئپ کي وڌائيندڙ بي حس حالتون، هِن ڪهاڻيءَ جي ڪردار کي سوچن جي صليب تي ٽنگي ڇڏين ٿيون. بيوسي، مُفلسي، جنجال بڻجي ويل جياپي جي جنگ ۾ پَل پَل مرندي ۽ جيئندي ڪهاڻيءَ جو ڪردار، سوچي ٿو ته، ”پندرنهن پيسا، جي کيسي ۾ پيا آهن ڪڍي اُڇلائي ڇڏيان، ۽ اُن پيڙا مان جان ڇڏائي مُڪت ٿي هلندو رهان. ۽منهنجي سمجھه زخمي ٿي پئي آهي-لڳي ٿو ڪجهه ايئن-ايئن -بيٺو آهيان لاچار، بيوس. ”

“ٿڌي باھ”ڪهاڻيءَ ۾ ٻَه ڪردار ڪافي هائوس ۾ اچن ٿا. سندن خاڪي فوجي وردي، ٽوپيءَ ۽ بوٽ سميت ميري آهي. ڪهاڻيڪار ٻنهي ڪردارن جي مُشاهبت هڪ جي باندر ۽ ٻئي جي گهوڙي جي مُنهن جهڙي ٻُڌائي ٿو. جيڪي بيري کي چانھه آڻڻ لاءِ چون ٿا. عجيب فوجي نفسياتي انداز سان ڪردارن جي ڪهاڻيڪار جيڪا عڪاسي ڪئي آهي اُها ڄڻ ته ڪنهن هلندڙ فلم جيان ڀاسي ٿي. ٻئي ڄڻا جنگي حالتن ۾ ڊيوٽي ڏيندڙ آهن. ٻئي پاڻ ۾ گهٽ ڳالهائيندي به نيٺ ڳاڙهي بازار جو ذڪر ڪن ٿا. ۽ پوءِ ڪنهن ڪسبياڻيءَ مُتعلق هڪ ڪردار ٻئي ڪردار کي پنهنجي عشق جي ڳالهه ٻُڌائي ٿو. ته ڪيئن نه هوءَ ڪسبياڻي ساڻس محبت ڪري ٿي ۽ کيس جنسي تسڪين پُهچائي ٿي. ٻيو ٻُڌندڙ ڪردار اِهو ٻُڌي احساس ڪمتري جو شڪار ٿيندي ڳالهه ٻُڌائيندڙ سان ڪوڙ ڳالهائيندي چوي ٿو ته، مون سان پڻ ڳاڙهي بازار ۾ هڪڙي ڪسبياڻي محبت ڪندي آهي. ۽ اُن مُتعلق وڌائي، چڙھائي کيس ٻُڌائي پاڻ کي نفسياتي طور تي مُطئمن ڪري ٿو. ٻيو ڪردار کائونس اُن ڪسبياڻيءَ مُتعلق پُڇي ٿو. ته ٻيو ڪردار مڙئي ڪوڙ ڳالهائيندي، پارپتا ڏيندي کيس ٻُڌائي ٿو ته، وئشياخاني ۾ ڦلاڻي هنڌ تي جيڪا هڪ سهڻي عورت ويهي ٿي، اُها منهنجي محبوبه آهي. ٻُڌندڙ ڪردار اڳئين جي ڳالهه ٻُڌندي پنهنجي هٿ ۾ پسٽل جَهلي اُن کي ڏسندو رهي ٿو ۽ پوءِ اوچتو پسٽل سان فائر ڪري، ڪهاڻيءَ جي سموري ماحول کي هيسائي، ڇرڪائي وجهي ٿو۔ڇو ته ڪوڙ ڳالهائيندڙ ڪردار جنهن عورت جو ڏَسُ ٻُڌائي ٿو اُها ڳالهه ٻُڌندڙ جي ئي محبوبا هُجي ٿي۔ايئن اصل محبوبا وارو ڪردار وئشيائن کي پنهنجي مُنهن بيوفا چئي ٿو ۽ ٻئي لمحي ٻئي ڪردار ڪافي هائوس مان نڪرندي ڏيکاريا وڃن ٿا. ايئن مشتاق شوري جي ڪهاڻين جي دنيا ۾ پنهنجي آواره دل کي ڀٽڪائيندي سندس هڪ ڪهاڻي”گيدي پڻي سان ڀَريل جيون”جي اُداس دنيا جو در کولي ڏُکاري دل داخل ٿئي ٿي ته ڪهاڻيءَ مان ڪجهه چونڊ سِٽون پاڻ ڏانهن سڏيندي نظر اچن ٿيون. جن ڏانهن مايوس مَن سان بي ساخته وڃي پڙهڻ لڳان ٿو ته، “ڪُجهه به هُجي پر اُگهاڙي حقيقت ۽ ظالم -فحش سچ اِهو آهي ته رشتا، ناتا، لاڳاپا سماجي هُجن يا فطري پر اُهي شخص جي سماجي رُتبي ۽ حيثيت پَٽاندر ئي ٺَھندا، جُڙندا ۽ ڊَهندا آهن. سماجي يا فطري لاڳاپا ڪنهن به ريت ڪنهن به، صورت ۾ اَٽل-اَڻمٽ ناهن. پر ضرورتن، حالتن، انساني لالچن، غرضن موجب پنهنجي معنيٰ، مقصد ۽ شڪل مٽائيندا ٿا رهن. شايد رشتن -لاڳاپن جي ضرورت آهر تبديلي سڀاويڪ- قدرتي هُجي. . . . !”

ڪهاڻي”جيون جو خاليپڻو” مان هڪ ٽڪرو، جيڪو انساني بيوسي۽ لاچارگي جو هڪ المياتي حوالو لڳي ٿو. اُن کي پڙھڻ لڳان ٿو، “انسان ذهني سُڪون لاءِ خُدا تخليق ڪيا ته خود پنهنجي سِرجيل خدائن جو ٻانهون-غلام بڻجي ويو ۽ پنهنجي ئي تخليق اڳيان ليلائڻ، آزيون، نيزاريون ڪرڻ لڳو ۽ سجدا ڏيڻ ۽ بانبڙيون پائڻ لڳو. سندس ئي تخليق ڪيل خدا-خيال کي اعليٰ ۽ مَٿانهون رُتبو ملي ويو ۽ کيس نيچ ۽ نيچ رُتبو پَلئه پيو. امن، سُڪون، ڀائيچاري ۽ هڪجهڙائيءَ جي آس سان ڌرم تخليق ڪيائين ۽ خود ئي اُن ڌرم-مذهب جي نالي ۾ ڪُسجڻ ۽ قتل ٿيڻ لڳو. ڀائيچاري ۽ هڪجهڙائي جي بدران ڌرم، مذهب ۽ عقيدي جي اوٽ ۾ نفرت جا ڪوٽ اَڏي گروهن، فرقن، اوچ نيچ جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسي پيو. پاڻ جهڙن ٻين سان گڏجي عزت ۽ سُڪون ڀَري زندگي گذارڻ جي چاھ ۾ سماج جو پايو وڌائين ته مَٿس نه سَهڻ جهڙيون اَڪيچار قسمن جون پابنديون ۽ سختيون مڙهجي ويون. عزت، سُڪون ۽گڏجي رهڻ جي شوق۾ شخصي آزادي، ذهني سُڪون ڦُرائي سماجي اوچ نيچ، اَڻ برابري، ننڍ وڏائي ۽ ڪيترن ئي سماجي تضادن جو شڪار بڻجي، نفسياتي روڳ پِرائي ويٺو. پنهنجو مُلڪ هُئڻ جي شوق ۾ رياست کي جنم ڏنائين ته پنهنجا تخليق ڪيل رياستي ادارا هُن کان وڌيڪ مضبوط، سگهارا ۽ مانُ مَرتبي وارا بڻجي ويا ۽ انسان ويچارو يَڪجهتي، سلامتي، قومي سالميت، قانون، اسٽيٽ سيڪرٽريٽ جي نالي ۾ لوهي ٿنڀن کان وڌيڪ مضبوط رياستي ادارن هٿان ذليل، خُوار، بُڇڙو ۽ بي عزتو ٿيڻ لڳو. بيمارين مان ڇوٽڪارو وٺڻ لاءِ دوائون ايجاد ڪيائين ته دوا هڪ مرض ڇڏائي ڏھ ٻيون بيماريون وٺيو اچي. لڳي ٿو ته نجات جون سڀئي واٽون بند آهن. ”

سارتري وجوديت جي فڪري تناظر ۾ لکيل مشتاق شوري جون ڪهاڻيون سنڌي ادب ۾ هڪ نئين رنگ ۽ ڍنگ سان نروار ٿي سامهون اچن ٿيون. ڇو ته عالمي طور تي دنيا مُسلسل پنهنجن ئي صديون اڳ پيدا ڪيل زندگيءَ جي مُختلف زاوين جي روايت ۽ هڪ جهڙائي واري حالت کان بغاوت ڪندي جديديت جي انهن اڳين سڀني لاڙن مان نيئن انداز سان فڪري جوڙجڪ ڪري ماڻهوءَ لاءِ هڪ عليده رُخ ڏانهن هلڻ جو ڏَسُ ڏنو. جنهن ڏانهن وڃڻ جو ساهس گهٽ ماڻهن ۾ هو.

*”وجوديت موجوده وقت جي نمائنده فڪري تحريڪ آهي، جنهن زندگيءَ جي هر شعبي کي مُتاثر ڪيو آهي. علم، حڪمت، ادب، فن، مذهب، نفسيات، عمرانيات، اخلاقيات هُجي، وجوديت اُنهن سڀني تي پنهنجا اَڻمِٽ نشان ڇڏيا آهن. وجودي ادب ۾ تخيل جي رنگيني، فڪر جي بُلندي، جذبي جي شدت، آرزوئن ۽ خواهشن جي رنگا رنگي اعليٰ درجي واري ملي ٿي. ”، ”وجوديت اسان جي دور جو فڪري مجموعو آهي. هِن دور جي خاص بي´چيني، ڇڪتاڻ، پريشاني ۽ ڪشمڪش جيڪي خوفناڪ جنگين، تباھ ڪُن هٿيارن، شديد سماجي انقلابن، اختيار پسند، گروھ پرست، فرد دشمن عقيدن ۽ روحانيت جي زوال جو نتيجو آهن. جن جو اظهار وجوديت ۾ موجود آهي. هي خرابي۽ مايوسي، سڀني مڃيل روايتن جي خلاف بغاوت، ماده پرستي، تخيل جي مُفلسي، فڪر، ادب ۽ فن ۾ جذبي ۽ وحدت جو انتشار، عدم تحفظ جو احساس، سماجي، سياسي، مذهبي،

اخلاقي ۽ جمالياتي قدرن جي ڪِريل شڪست، جن مان اسان جي ثقافت  صورت ماڻي، جنهن وجودي فلسفي کي ڪچو مال فراهم ڪيو، جيڪا اُن جي تفسير هئڻ سان گڏ، تاويل، ۽ نتيجو به آهي ته تنقيد به. وجوديت هڪ نئون مذهب هئڻ ڪري ٻين مذهبن جيان اُن وقت ظاهر ٿيو، جڏهن پهريان موجود مذهبَ۔۔۔۔۔جن ۾ عقل پرستي ۽ سائنس پرستي به شامل آهن. جن کي اڻويهين صديءَ ۾ مقبول عقيدن جو مَرتبو حاصل هو۔۔۔انساني روحن کي تسڪين ڏيڻ ۽ اُنهن جي لاءِ زندگي جو بهتر طور طريقو مقرر ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا. ۴

مشتاق شوري جون سڀ ڪهاڻيون وجوديت جي ويراڳ جو پڙاڏو ڀاسن ٿيون. ڇو ته لڳ ڀڳ مُختلف تصويرن ۾ هڪ ئي چهري جي الڳ الڳ عڪسن جون جهلڪيون، جيڪي هڪ ئي وقت يڪسانيت ۽ بوريت جي بيزاريءَ جي هوندي به وڏي آرٽسٽڪ انداز سان پاڻ ۾ گُم ڪري ڇڏيندڙ ڪهاڻين جو روپ ڌاري نِروار ٿين ٿيون. ڪهاڻين جي ڪردارن جي ڀَڃ ڊاھ، ٽُٽل ڦُٽل حالتن جي سَتايل ماڻهن جون وڏي بي رحميءَ سان ڪيل سندن اندروني عڪاسي يا ڪهاڻين جا جيڪي عنوان تشڪيل ڏنا ويا آهن اُنهن ۾ پڻ ڪهاڻين جا مُڪمل تَت سمايل آهن. هر عنوان ۾ ڄڻ ته ڪا نه ڪا ڪهاڻي ساھ کڻي رهي آهي.

مثلن:”ٽُٽل سلسلا”، ”لُٽيل وڃايل اَهم ۽ مَزو”، ”ٽُٽل هستي”، ”منهنجي پيڙا”، ”ٽُٽل شيشا-ڀڳل عڪس”، ”رڙهندڙ پيڙهي”، “گيدي پڻي سان ڀَريل جيون”، ”بيمار آسن جي لوچ”، ”ٿَڪل جذبن جو موت”، “من جي مُونجهه ۽ ٻُوساٽ”، ”ويچار ۽ ويچارن جي وچ ۾ لٽڪيل آءُ”، ”هڪ بور ڏينهن”، ”ميرا ڳل، ڳاڙها لُڙڪ”، “جيون جا روئيندڙ ٽھڪَ”، ”اُوندھ جي وَهڪ”، ”ڪجهه گهڙين جو ائبنارمل”، “ٽُٽل جيون، ٽُٽل آس، پيڙا”، ”جيون جو کوکلو سچ”، ”مُئل ماڻهن جي ڀُومي”، ڪهاڻين جا اهڙا عنوان آهن جن ۾ وجوديت/هستي واد سوچ ۽ خيال پنهنجي سموري حقيقتي سچائيءَ سان وڏي رُکي ۽ ڪَربائتا احساس، فن ۾ تحليل ٿي ماڻهوءَ کي/سماج کي پنهنجي ويران اندر جو آئينو پسائين ٿا.

ديوي ناگراڻي چواڻي ته، ”دراصل ڪهاڻي اسان جي وقت جي دائري ۾ سماج جو عڪس آهي. جنهن ۾ اُهو سڀ ڪجهه ٿيندو آهي، جو اسان جي سماج ۾ ٿيندو رهندو آهي. مشتاق شورو به پنهنجي آس پاس ۾ ٿيندڙ حالتن کي سوچ جي سُٽ سان اُڻيو آهي. . . . ”

“ميراڳل، ڳاڙها لُڙڪ”هڪ معصوم، بي سمجھ ٻالڪ جي درد ڀَري ڪهاڻي آهي. جيڪا هڪ ٻار جي آهُن ۽ دانهُن جو دل کي لرزائي ڇڏيندڙ داستان آهي.

جنهن ۾ هڪ ٻار جي سموري ٻاراڻي نفسيات، چُرپُر ۽ سندس اَبهم سوچن ۽ خواهشن کي اهڙي نموني اُڻيو ويو آهي جو پڙهندڙ ڪهاڻيءَ وارو ٻار بڻجي ڀوڳڻ لڳي ٿو. ٻار جيڪو مفلسيءَ ڪارڻ ميرا، پُراڻا ڦاٽل ڪپڙا بلڪ ليڙون ليڙون ڪپڙا پهريل، پير اگهاڙا، جنهن کي پاڙي جا ٻيا ٻار جيڪي نوان نوان ۽ صاف سٿرا ڪپڙا پهريل، شيون کائيندڙ کيس چيڙائن ۽ مارين ٿا، ۽ ڪيئن نه ساڻس نفرت آميز رويا رکندي کيس ستائين ٿا. اهڙي وقت ۾ اُن معصوم ٻار جي ڪهڙي حالت ٿئي ٿي يا هُو ڇا سوچي ٿو، محسوس ڪري ٿو، اُن سموري پيڙائتي ڪٿا کي ڪهاڻيڪار وڏي گهرائي سان هڪ ٻار بڻجي، سندس اندر ۾ لهي، اُن جون باريڪ بينيءَ سان احساساتي، محسوسيات جون تصويرون لفظن ۾ اُجاڳر ڪيون آهن. بُک ۽ اُڃ ۾ ماءُ کان ماني گُهري ٿو ته ماءُ غربت جي چڪيءَ ۾ مُسلسل پيسجندي، چيڙاڪ ٿيندي، پٿر دل بڻجي کيس ماني نه هُجڻ ڪري ماري ٿي، پِٽون ۽ پاراتا ڏئي ٿي. ۽ وري ڪجهه دير کان پوءِ جڏهن ٻيهر ٻارڙو ٻاتا ٻول ٻوليندي ماءُ کي ڏاڍي بُک لڳڻ جو چئي ٿو، کيٽو ڪندي مٽيءَ ۾ ليٽندي ماءُ کان خرچي گهري ٿو ته ڪا شيءِ وٺي کاوان ته ماءُ ڏاڍي بي رحميءَ سان ٻار کي ڏاڍو ماري ٿي. اُن وقت ٻارڙي جون رڙيون ۽ ماني توڙي ڏوڪڙن گُهرڻ کان توبهن ڪندي ٻار جي حالت جو جيڪو منظر جوڙيو ويو آهي اُهو هانءُ کي هِڄائي وجهي ٿو. ماءُ جي مار سبب ٻار جا ميري بُت تي ليڙون ليڙون ميرا ڪپڙا ويتر جهيرون ٿي سندس ننڍڙي جسم تي مليل مار جي ڌَڪن جا نيشان رهجي وڃن ٿا. اهڙي حالت ۾ ٻار کي ڪجهه سمجھه ۾ نٿو اچي ته هي ايڏو ڪَلور ساڻس ڇو ٿي رهيو آهي. هُو معصوميت ۾ روئيندو، ميرن ڳلن تي لَڙي آيل اُجرن لُڙڪن کي ننڍڙين ٻانهن توڙي هٿڙن سان اُگهندو، روئيندو رڙندو رستي سان ويندي ڪهاڻيءَ ۾ ڏيکاريو وڃي ٿو. ۽ پوءِ اوچتو ڪنهن تيز ايندڙ گاڏيءَ جي ٽائرن جو هانءُ ڏهڪائي ڇڏيندڙ چرڙاٽ، روڊ تي ڳاڙها ليڪا ٺاهيندي هوائن ۾ تحليل ٿي وڃي ٿي. ۽ پوئتان روڊ تي وڃي ٿو رهجي معصوم ٻار جو چيڀاٽيل رت ۾ ٻُڏل لاش، جيڪو سماج جي طبقاتي گندگيءَ کي پنهنجن ٻنهي معصوم ننڍڙن هٿڙن جون ڏهئي آڱريون ٽيڙي گهروڙي بُجو ڏيندي، اندر ۾ پيدا تيل ڪروڌ مان جنسي گار ڏئي ٿو. جيڪا فضائن ۾ پڙاڏا بڻجي گونجي وڃي ٿي ته منهنجي اکين جا بند ڀَڄي پون ٿا ۽ بي ساخته وهي نڪرندڙ ڳوڙها ڪاڳر کي ڀڄائيندي، تحرير ٿيل لفظن مان اُن معصوم ۽ مظلوم ٻالڪ جو معصوم ۽ اُداس چهرو اُڀاري، سندس درد جو نشتر منهنجي ذهن ۾ کُپائي ڇڏين ٿا.

(مددي ڪتاب)

۱-سئو سالن جون چونڊ سنڌي ڪهاڻيون(مُرتب)شوڪت حسين شورو

۲-سارتر-ادب، فلسفو ۽ وجوديت (مُرتب)خالد محمود

۳-نئون ادب، نيون ڳالهيون-چندر ڪيسواڻي

۴-وجوديت-قاضي جاويد

No comments:

Post a Comment