Sunday, January 30, 2022

حقيقت نگاريءَ واري سرئيلزم کان، تصوف واري سرئيلزم تائين

حقيقت نگاريءَ واري سرئيلزم کان، تصوف واري سرئيلزم تائين

تنقيدي مطالعو

خليق ٻگھيو



مُنور سراجَ جون ڪَھاڻيون لاشعوري روين کي پڌاري، فرد جي لڪل ڪيفيتن کي اُڀارين ٿيون. ڪِردارن جي اندر واري ڪائنات ۾ جھاتي پائي، حياتيءَ جي وڃايل رومانس کي ڳولين ٿيون. سماجي انقلاب واسطي غير انقلابي ھئڻ جي باوجود، خوابن جي رستن وسيلي فرد جي اندر کي ڇُھاءُ بخشين ٿيون. ھِنن ڪَھاڻين جي ھڪ وڏي خاصيت يا خامي ھي به آھي ته اُھي تَڪڙ ۾ پڙھي نٿيون سگھجن، ڇاڪاڻ ته ھِنن ڪَھاڻين جي مڪالمن جو آرٽُ پڙھندڙ کي ٿانيڪو ڪري، ترسائي وٺي ٿو، ڪِن ٻولي جي جملن جو رومانس پڙھندڙ کان ڪجھ لمحن جي سانت گُھري ٿو ۽ سوچَ جي گَھرائي طلبي وٺي ٿو، جنھن ڪري سندس ڪَھاڻيون خاص خوض سان پڙھڻيون پَون ٿيون. جيستائين سندس ڪَھاڻين ۾ تحليل نه ٿبو، تيستائين سندس آرٽسٽڪِ ائپروچ/ پُھچ تائين نه پُھچبو!


مُنور سراجَ وٽ، ھڪ طرف نج حقيقت نگاري آھي ته ٻي طرف سرئيلزم آھي، سندس ڪَھاڻين ۾  فرد جي وجودي مسئلن جي اُپٽار، وجوديت جي فلسفي جھڙي به آھي ته ٿوري اسٽريم آف ڪانشسنيس جھڙي به آھي ۽ سندس ڪي ڪَھاڻيون روايتي فارم ۾ روايتي موضوعن سان جڙيل آھن، سڀ ڪَھاڻيون غير روايتي به نه آھن. ڪِن ڪَھاڻين ۾ ترقي پسنديءَ جھڙا رويا آھن ته ڪِن ڪَھاڻين ۾ جديد تصوف آھي. مزي جي ڳالھ ھيءَ آھي ته فڪري ۽ ثقافتي اعتبار کان، سندس ڪِي ڪَھاڻيون  ويھين صديءَ جي پنجاھَ واري ڏاڪي جي روايتي ڪلچر جون نمائنده ـ ڪَھاڻيون لڳن ٿيون، ته ڪِي ڪَھاڻيون پوسٽ ماڊرن دور جي صورتحال جون عڪاس به نظر اچن ٿيون، جنھن ڪري، سندس ڪَھاڻين تي گَھري ادبي ڊسڪورس ڪرڻ کان سواءِ ڪنھن حتمي نتيجي تائين پُھچي نٿو سگھجي. اُھو چَوڻ به غلط آھي ته ھُن جون سڀ ڪھاڻيون مڪمل طرح سررئيلسٽڪ آھن، نَنھن ـ چُوٽيءَ جا زور ڏئي، سرئيلزم جي تاريخ اُن ۾ شامل ڪرڻ سان، سندس ڪَھاڻين کي مڪمل سررئيلسٽڪ ڪَھاڻيون قرار نه ڏئي سگھبو، ڇو ته سندس ڪھاڻين کي خاص رخ ۾ ٽڪائي ئي نٿو سگھجي!

ٻي طرف خود حقيقت ڇا آھي؟ عالمي ادب ۾ ھن وقت جو اُھو وڏو ٻَرندڙ تخليقي ۽ انتقادي ڊسڪورس آھي، جنھن تي ڪنھن ھڪ رايي تي متفق ٿيڻ اوکو به آھي. ادب ۾ حقيقت نگاريءَ جي خود نج ھئڻ يا اضافي ھئڻ وارن سوالن کان وٺي، تَصوف واري حقيقت نگاريءَ ۽ سرئيلزم واري حقيقت نگاريءَ تائين اڃا ڪيئَن سوال زير بحث ئي ھئا ته جادوئي حقيقت نگاري Magic Realism ۽ حقيقت کان مٿانھين حقيقتHyper Reality وغيره جا انڪشاف ٿي ويا ھئا، ڏِسندي ڏِسندي، سَنجيده مُوضوعن سان طَنز ۽ مزاحَ وارا ورتاءَ به سامھون اچي ويا. جن کي ڪاري مسخري Black Humor جو نالو ڏنو ويو آھي اُن ڪري ڪھاڻيءَ واري فڪشن ادب جو آرٽ به گَھڻ-پاسَائتو ٿي پيو آھي.

مُنورَ سراج جو ڪتاب “خوابن جي سرحد” کي مون تازو ئي پڙھيو آھي، جنھن ۾ سندس تيرنھن ڪَھاڻيون آھن، ھِن ڪتاب کي پھريان “سوجھرو پبليڪيشن” وسيلي آڪٽوبر ۲۰۰۸ع ۾ ڇَپايو ويو ھو. ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، سيپٽمبر ۲۰۱۹ع ۾ “ڪاڇو پبليڪيشن” ڪراچيءَ مان شايع ڪرايو ويو آھي، ھِن ڪتاب جو مھاڳ منظور جوکيي لِکيو آھي، تاثر طور،  ميناب بخاريءَ جي تحرير به شامل ٿيل آھي۽ بئڪ پيج تي امر جليل، تاج بلوچ، اخلاق انصاريءَ، محمد صديق منگيو ۽ امر لغاريءَ جا تاثرات آھن. منور سراج جا ھن ڪتابَ کان سواءِ، ٻه ناول ۽ ڪَھاڻين جا ڪتابَ “رنگن وکرڻ کان پوءِ” ۽  “خوابن جا رستا” پڻ ڇَپيل آھن. ھن ڪتابَ “خوابن جي سرحد“ جي ڪَھاڻين ۾ ڇا آھي ڇا نه آھي؟ واري سوال جي تشنگيءَ ۾. سندس ڪَھاڻين جو تنقيدي مطالعو ڪريون ٿا:

مُنور جي ڪھاڻي “سج لھڻ کان اڳ” ڄڻ ھڪ خوابيده ڪھاڻي آھي، جيڪا ڄڻ ته خواب وسيلي لاشعور جي تَھن کي اُکولي ٿي. ڪَھاڻيءَ جي عرق سازيءَ ۾، لِڪيلَ ۽ مايوس ٿيل رُومانوي آئيڊلزم آھي. بظاھر ھِن ڪَھاڻيءَ ۾ خارجيت جي گُمشدگي آھي. ڪھاڻيءَ ۾ وڌيڪ آرٽسٽڪ ڇُھاءَ ھُئڻ ڪري، معروض گُم ٿيڻ جي صورت ۾ خارجي منطقيت يا اجتماعيت کان،  بي نيازي پڙھندڙ چڱي طرح محسوس ڪري وٺي ٿو. ھِن ڪَھاڻيءَ ۾ ڪِي جملا صرف، ڪَھاڻيءَ جي سائيز وڌائيندڙ آھن، ڄڻ ته اُنھن ۾ ڪردارن جي اضافي وضاحت آھي ۽ اُنھن  ۾ خيالن کي پڻ نظمايو ويو آھي، جنھن ڪري اِھڙا جملا نثري شاعريءَ جيان لڳن ٿا. ڪردارن جي مڪالمن ۾ گھڻي ادبيت ڪارڻ، ڪي مڪالما، ڪھاڻيءَ جي ڪھاڻي  ـ پَڻي کي ٽوڙي، فطري ماحول ۾ به غير فطري لقاءَ بڻجي ويا آھن، جنھن ڪري  اُھي مڪالما، ھِن ڪَھاڻيءَ جي اصلوڪي جوھرَ ۾ فٽ نٿا ٿين، مثال طور ھي مڪالما / سِٽون پڙھڻ وٽان آھن :

“آئون ته ھوا جي سھيلي آھيان....منھنجو بارش سان ٿيل واعدو آھي ته جيسين سياري جي مختصر شامن جھڙيون اداس ڇوڪريون خوابن گلابي سوئيٽر اُڻينديون رھنديون ۽ درگاھن جي دھليزن تي گل فروش موتئي ۽ گلاب جا گل وڪڻندا رھندا ،تيسين آئون زنده رھنديس ۽ ڪڏھن به توکان پري نه ٿينديس....تنھنجي آس پاس رھنديس.....”

جڏھن کان آرٽ، نظرين کان مُنھن موڙيو آھي، تڏھن کان آرٽ پنھنجي بنيادي جوھر ھيٺ، پاڻ ـ ھرتو خوبصورتيءَ جا ڪيترائي نوان حُسن به پَسيا آھن، جن ۾ ٽه ـ پاسائون ڏسائون مَن موھيندڙ آھن. ھڪ جمالياتي عڪس ڪاري. ٻيو ٽيڪنڪ جي انفراديت. ٽيون آرٽسٽڪ ڇُھاءُ. ھِن دَور ۾ نظرياتي تخليقي شعور جي برعڪس، ادبي ٿيوريءَ کي وڌيڪ فوقيت بخشي پئي وڃي، مُنور سراج جي ڪَھاڻين کي به اُنھن ڏسائن جي روشنيءَ ۾ سَميٽي سگھجي ٿو،پر اُن قِسم جي ڪَھاڻين ۾ جدتَ پَسندي ته آھي، پر غير منطقي، غير سائنسي، غير عقلي، غير شعوري ۽ مابعد الطبيعاتي ٿيم، تخيل ۽ ڪلائيمڪس به آھن، جيئنءَ منورَ جي ڪھاڻي “ جوڳيءَجو جنم” آھي، جنھن ۾” ساران” جي نُھُن “خانزاديءَ “ کي ھڪ جُوڳيءَ جي دُعا سان پُٽُ ڄمي ٿو.جوڳي ساڄي ھٿَ جو آڱوٺو آلو ڪري زمين تي ھَڻي، خانزاديءَ جي ھٿ تي رکي اڳواٽ ئي ٻُڌائي ته پٽ ڄمندي ،پر اُن جي ھٿَ پُٺيان، منھنجو آڱوٺو ھوندو ! خانزاديءَ کي نيٺ پُٽُ  به ڄمي ٿو ۽  تنھن جي ھٿَ پُٺيان، جوڳيءَ جي آڱوٺي جو نشانُ به آھي. پوءِ جوڳي جيڪو ٽِڪَ تي رليءَ وٺڻ لاءِ اچڻو ھو، سو بظاھر  ته نٿو اچي، ڇوته ھُو ھاڻي خانزاديءَ وٽ پاڻَ خود ڄمي چڪو آھي!

ھِيءَ ڪَھاڻي غير سائنسي، غير منطقي، غير حقيقي ۽ غير عقلي آھي .جدت جي تجربي تحت، ھيءَ ڪَھاڻي، آرٽ براءِ آرٽ جو ھڪ نمونو آھي. تخيل جي مدد سان، ھِن ڪھاڻيءَ ۾ تجسس ۽ سحر ڪشي ضرور جنمي وئي آھي. ھونئنءَ جيڪا ڪَھاڻي،غير شعوريت ۽ لاشعور جي تضاد کي عَڪسي ٿي يا لاشعور کي اُڀاري ٿي، سا به حقيقت کي ئي ڳولي ٿي ،پر اھڙي ڪوشش ۾ معروض کي ثانوي ۽ موضوعيت/ داخليت کي وڌيڪ اھميت ھُوندي آھي.مُنورَ جي ھيءَ ڪھاڻي به حقيقيت کان ماورائي طرح ڏسڻ جي ھڪ ڪوشش آھي، پر ھاڻي جُوڳين جو اُھو نِجُ دَور به نه رھيو آھي، جيڪي جوڳي صرف، ٻه ٽِي ڏوڪڙَ ساسيءَ ( نانگ)  جي کير لاءِ لاءِ گُھرندا ھئا ۽ پُٽن ڄمڻ جي دُعا ڪندا ھئا ۽ نه وري ھاڻي ٻھراڙيءَ جي عورتون ايتريون اَڻ ـ پڙھيل ۽ معصوم آھن، جيتريون ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ڏيکاريل آھن. تخيلاتي سطح تي ھيءَ ڪَھاڻي، عام شين جي ٿيڻ جي ابتڙ، ناممڪن تصور تي ٻڌل ڪھاڻي آھي، اُن ڪري ھيءَ ڪھاڻيءَ فئنٽسيءَ ۾ شمار ڪري سگھجي ٿي.

مُنورَ جون ڪھاڻيون، عجيب به آھن ڇوته سندس ڪردار شعور کان ڪِٿي ڪِٿي ڀَڄندي نظر ٿا اچن،  سندس اڪثر ڪردار ڄاڻ جي سختيءَ کان گوشه ـ نشيني اختيار ڪندڙ اھڙا ڪردار آھن، جيڪي حقيقت جي تلخي برداشت ڪرڻ جي قابل نه آھن. مُنور جي ڪَھاڻين ۾  تحت الشعور کي واپس ورائڻ جا جَتن به آھن، جنھن ڪري ڪِٿي ڪِٿي شعور ۽ لاشعور جا تضاد به سندس ڪَھاڻين جا ڪردار نروار ڪن ٿا ۽  اُھو چَوڻ ۾ ڪو حرج نه آھي ته ڪِنھن نه ڪِنھن طرح، سندس ڪَھاڻين ۾ پڙھندڙن جي نئين رابطي ٺاھڻ جي جستجو ضرور ساريل آھي، مثال طور سندس ڪھاڻي بعنوان “ بيڊ نمبر اٺين جو خاليپڻو” کي پَڙھي ڏِسجي ته اُن ۾ ھڪ مريض جو اُوندھ کان ڊڄي گائني وارڊ ۾ داخل ٿيڻ يا آئوٽ آف آرڊر ٿيڻ، وري اُتان لڪَ ڇَِپَ ۾ ڀَڄي وڃڻ ڏيکاريل آھي. جيتوڻيڪ ڪھاڻيءَ جو اُھو ڪلائيمڪس اَڌورو  به لڳي ٿو، ڪردارَ وٽ، شعور کان ئي فراريت موجود آھي، مريض جا سمورا عمل کيس ذھني مريض ثابت ڪن ٿا، لوڊ شيڊنگ جو خوف کيس گھر ڇَڏائي وجھي ٿو، پر ھيءَ ڪَھاڻي فرد جي لاشعور جي جَھتن جي ڪٿَ ڪرڻ جي ھڪ ڪوشش ضرور آھي، ڪَھاڻيءَ جو ڪردار مڪملتا جي تسڪين ڳوليندي، اَڌوُرو رھجي وڃي ٿو. دراصل ھِن قِسم جي ڪَھاڻين ۾ اُھو ٻُڌايو وڃي ٿو ته اڄ سماج ۾ ۾ فرد جي حالت ڇا آھي...؟  جڏھن ته اُھو نٿو ٻُڌايو وڃي ته ڇا ٿيڻ گُھرجي...!؟ ھِن ڪَھاڻيءَ ۾ سررئيلسٽڪ نموني ڪردار کي معاشرتي اثرن کان باغي ڏيکاريو ويو آھي ۽ ڪردار جي لاشعوري خوف جي دَريءَ کي کُولڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي.ڪردارَ جي اُوندھ واري خوف کي عجيب ۽ اضافي اھميت ڏني وئي آھي، جيئنءَ سررئيلزم واري ادب ۾ ٿيندو آھي.

ساڳي طرح مُنور جي ٻي ڪَھاڻي “ڪونج ڳليءَ جي شام” به ھڪ بي مقصد ڪَھاڻي آھي.ڪَھاڻيءَ ۾ خود “ڪَھاڻي” به نه آھي، ھنڌي لغات جي مدد کان سواءِ، ھيءَ ڪَھاڻي پَڙھي به نٿي سگھجي، ھِن ڪَھاڻيءَ جو سمورو زور خوبصورت منظر نگاريءَ تي ئي آھي. ھِن قِسم جي ڪَھاڻين کي به سررئيلسٽڪ ڪوٺيو ويندو آھي، ڇو ته ھِن قِسم جي ڪَھاڻين ۾ ڪَھاڻيءَ جي پلاٽ کي ڀروسي ـ جوڳو نٿو سمجھيو وڃي ۽ ھڪ پڙھندڙ کي لاشعور جي ھنج ۾ اُڇليو وڃي ٿو. ھِن قِسم جي ڪَھاڻين ۾  عقل منطق ۽ سماجي ضابطن جي سختيءَ جي برعڪس، وجدان کي تصويرن ۽ استعارن وسيلي جاڳايو ويندو آھي، سنڌي پاٺڪن جي اڪثريت اِھڙين ڪَھاڻين کي پڙھڻ کان پوءِ ھٿين ـ خالي مُوٽندي آھي، ڇاڪاڻ ته  سنڌي سماج يورپ ۽ آميريڪا جي سماج جي اي پس ٽيم کان نفسياتي طرح به پري بيٺو آھي. 

اُنھيءَ ۾ شڪ نه آھي ته مُنور جي ڪَھاڻين ۾ رڳو سررئيلزم يا وجودي رخَ نه آھن، پر ڪِٿي ڪِٿي حقيقت نگاري به آھي، سندس ڪَھاڻي بعنوان “ پل جو ڇانورو” حقيقت نگاريءَ تي ٻَڌل ڪھاڻي آھي. ھِن ڪَھاڻيءَ ۾ روايتي اجتماعيت واري تصورن جي برعڪس، خارجي تصورن کي منظر نگاريءَ جي عڪسن ۾ جذب ڪري، ڪردار جي وجودي ڪسمپرسيءَ کي جذب ڪندي، ڪھاڻيءَ جي تاڃي پيٽي کي، منفرد ڪرافٽ سان،  مڪسنگ حقيقت نگاريءَ سان اُڻيو ويو آھي، تنھن ڪري ئي ھِن ڪھاڻيءَ مان، ھڪ قاري ڪَٿ ڪري سگھي ٿو ته سماج ۾ سيڪس جي بُک ڪھڙي سطح تي پُھتل آھي...؟ ھِن ڪَھاڻيءَ جو نه صرف پلاٽ ڪنھن حد تائين سٺو آھي، پر موضوعاتي طور به ھيءَ ڪھاڻي وڌيڪ پُرڪشش آھي.ھِن ڪھاڻي ۾ ڏيکايل آھي ته بيوس لاچار عورت، جيڪا پنھنجي گھر جو رستو وڃائي، شھر جي مختلف گِھٽين ڳلين ۾ ڀَٽڪندي وتي ٿي، تنھن جي اڪيلي گھمڻ کي روايتي سماج ڪھڙي بد ـ ترين زاويي سان ڏسي ٿو...؟ سماجي لسانيات جي نفسيات موجب، اڪيلي ڀَٽڪندڙ عورت لاءِ  “سماجي بگھڙَ “ ڪھڙو گارت ذھن رکن ٿا...؟  تنھِن ھوندي به ھِن ڪَھاڻيءَ ۾ ڪجھ جھول رھجي ويا آھن. مثال طور ڪَھاڻي ۾، اُن بيوس عورت کان گھر جو رستو صرف اُن ڪري وڃائجي وڃي ٿو، جو سھيلن سان گڏ خريداري ڪندي، صرف ھڪ ڦٽاڪي جو آواز ٻُڌي ٿي،جيڪو آواز کيس بتالي وجھي ٿو ۽ سا به ھڪ اھڙي “عورت “ بتالجي ٿي، جيڪا شھري ۽ بالغ ٿي وئي آھي... ؟ شھري عورت کي ايترو معصوم ،اٻوجھ، عجيب، غريب ۽ غير فطري ڏيکارڻ وارو لقاءُ غير منطقي لڳي ٿو ۽ کيس گھر ياد اچڻ کان پوءِ به “ بگھڙن “ جي وچ مان ڊگھو پنڌ ڪرڻ ۽ ڪنھن رڪشي تي به نه چڙھڻ ھڪ ٻيو مصنوعي لقاءُ لڳي ٿو. ادب جيستائين فطري نٿو لڳي، تيستائين ان ۾ ڪا کوٽ ضرور ھُوندي آھي. ھڪ سُٺي ڪَھاڻيءَ ۾ به ڪي جھول ائينءَ رھجي ويندا آھن.

جديد سنڌي ڪھاڻي موضوعاتي توڙي تخيلاتي طور تي، ھڪدم پنھنجي سماج کان ٻاھر نڪري، ڪو وڏو ڇالُ نٿي ڏَئي سگھي، پر پنھنجي روايتي سماج جي ئي عڪاس رھي ٿي، مُنور جي ڪَھاڻي “ ترشنا” پڙھي ڏِسجي ته اڄ جي سنڌي سماج جي ھوبھو تصوير لڳندي، ھِن ڪھاڻيءَ ۾ روايتي درگاھي رومانٽسزم وارو ڪلچر آھي، فڪري ڪٿَ ۾ ھيءَ ڪھاڻي روايتي سُڪون جي ڳولا جو منظر نامو به آھي، تخيلاتي سطح تي ھيءَ ڪھاڻي “جوڳي رمتا ڀلا” جي تصورپرستيءَ تي انحصار رکي ٿي. ڪَھاڻيءَ ۾  ڪردارَ،  رومانس ۽ حقيقت جي وچ واري سفر تي نھايت فنڪارانه انداز ۾ اٽڪي رھجي ويل ڏيکاريا ويا آھن. ڪِٿي بي جان شين جي خواھشن جو ذڪر سررئيلسٽڪ ڇُھاءُ آھي، جيڪو حقيقتن کان ماورائي آھي، ھِن ڪَھاڻيءَ جي وڏي خاصيت غضب جي منظر نگاري ۽ خوبصورت نظماڻو رومانس آھي، پر پڙھندڙ مرڪزي ڪردار جي تانگھ ۽ تاس ڏِسندي ،پاڻ به بي نتيجه تاسارو رھجي وڃي ٿو، ڇوته ڪَھاڻيءَ ۾ جن احساسن جو ڇُھاءُ آھي، تنھن احساسن وٽ ڪا به منزل پُڄاڻي ھَڻي نه سگھندي آھي.ھِن ڪَھاڻيءَ ۾  تصوف واري سرئيلزم آھي.ڪھاڻيءَ ۾ مجاز ۽حقيقت جي وچ تي بيٺل ڪردار جي لاشعوريت ۾ ابھام رکيل ڏيکاريل آھي، خيالن ۾ بي ترتيبي آھي. مرڪزي ڪردار جي خيالن جو انتشار آھي ۽ تلازم جي حسرت آھي ۽ ڄاڻي ـ واڻي شعوري وٿ کان پرھيز آھي. ڪھاڻيءَ ۾ جمالياتي حسي ادراڪ کي من جي اُٿل سان جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي.

اتھاسي سطح تي سرئيلزم، ٻن عالمي جنگن جي وچ ۾ پيدا ٿيل تحريڪ رھي آھي. فرانس ۽ يورپ ۾ سرئيلزم جو پھريون دَور ڪميونزم جي اثر ھيٺ رھيو، پر سرئيلزم جو ٽيون دَور جماليات وارو دَور رھيو آھي، مُنور سراج جي ڪِن ڪَھاڻين ۾ سرئيلزم جي صرف ٽين دَور واري جماليات نظر اچي ٿي.مُنور سراج جي ڪِن ڪَھاڻين ۾ وري سنڌ جي حقيقي ۽ متصوفانه ڪردارن کي کڻي،اُنھن ۾ جمالياتي حسي ادراڪ ڏيڻ جي ھڪ ڪامياب  ڪوشش ڪئي وئي آھي، جنھن ڪري سندس ڪَھاڻين جو سرئيلزم حقيقت نگاريءَ ۽ تصوف جي ميلاپ سان تعمير ٿيل نظر اچي ٿو.

اڄوڪي دَور ۾ ڪَھاڻيءَ جي فن/  آرٽ  ۾ ڪافي بدلاءَ آيا آھن. ھاڻي ڪَھاڻيءَ جو ڪھاڻي ھُجڻ کي به ڪافي سمجھيو وڃي ٿو، ڪھاڻيءَ جو صرف ڪھاڻي ھُجڻ جو واسطو به ھاڻي نه ڪھاڻيءَ جي پلاٽ نه وري ڪلائيمڪس سان مشروط آھي، پر اُھو صرف اسلوب / اسٽائل ھُجڻ سان مشروط آھي. قاري ان کي اُنَ ڪري پڙھي ٿو، ڇو  ته اُھا ڪجھ لمحن تائين ادبيت بخشي ٿي.ٿوري وقت لاءِ ئي صحي، خيال ۾ تبديلي آڻي ٿي. چند لمحن لاءِ ئي صحي، جمالياتي حس کي ڇُھي ٿي. زندگيءَ جي وڃايل رومانٽسزم ڏانھن راغب ڪري ٿي. مُنور سراج جي ڪھاڻي “ رنگن جي خوشبوءِ” به ھڪ اِھڙي ڪَھاۡڻي آھي، جنھن ۾ جمالياتي حظ ۽ اسٽائيل زبردست آھي، جڏھن ته ھِن ڪَھاڻيءَ جو ڪوبه مقرر پلاٽ نه آھي. ھيءَ سموري ڪھاڻي ھڪ نوجوان جي، کِل مُک محبوبه جي ناز نخرن ۽ چنچل ادائن جي جماليات تي ٻَڌل آھي. ھِن قِسم جي رومانٽڪ ڪَھاڻين کي عملي طرح سماج ۾ ورلي ڳولي سگھبو آھي، ڇوته پَسمانده سماج ۾ عورت توڙي مرد جو بنا شاديءَ جي ايتري ويجھي رومانٽڪ تعلق کي قبول ئي نه ڪيو ويندو آھي. ھِنن ڪَھاڻين کي رڳو تخيلاتي سطح تي لِکي ۽ پَڙھي سگھبو آھي. ھِن ڪھاڻيءَ جي پُڄاڻي، پاٺڪن جي اڪثريت کي مايوس به ڪري سگھي ٿي، ڇوته اڪثر سنڌي ڪھاڻيءَ جو پاٺڪ، ڪَھاڻيءَ جي روايتي فن جو ھيراڪ رھيو آھي. ويچار ڪبو ته ھِن ڪھاڻي ۾ مقصديت گھربل ئي، نه سمجھي وئي آھي، پر ڪھاڻيءَ جو اسلوب خوبصورت آھي.

مُنور سراجَ جي ڪَھاڻي”ڪچي قبر” جو مرڪزي ڪردار شھري مصروفيات ۾ قيد ٿيل شخص جو ڪردار آھي، جيڪو معاشي دٻاءَ جي ڪري سموري حياتي نوڪري ھئڻ جي باوجود، نه پُٽ کي ڪمپيوٽر وٺي ڏئي سگھيو، نه وري ماءُ جي قبر پَڪي ڪَرائي سگھي ٿو.مايوسين ۾ گِھيرجي وڃڻ ڪري، آخر پنھنجي وجودَ کي بنا ڪُتبي واري “ڪچي قبر” سمجھڻ لڳي ٿو.ڪَھاڻيءَ ۾ مرڪزي ڪردار جي ٻين خرچن جو ذڪر به خبر نه آھي ڇونه ڪيو ويو آھي...!؟ ھيءَ ڪَھاڻي نج “حقيقت نگاريءَ” تي ٻَڌل ڪھاڻي آھي، تنھنڪري ھن ڪھاڻيءَ جي پلاٽ ۾ منطقيت ھجڻ لازمي ھئي، ۽ اِھڙي منطقيت ڪھاڻيءَ ۾ بي ڌڙڪ موجود آھي، البته ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ھيءُ ھڪ فڪري نقص ضرور نظر اچي ٿو ته ھِن دَور  ۾ ڪمپيوٽر جي برعڪس، اڄڪلھ جي ٻارن کي موبائيل جي اُوچن سيٽن جي فرمائش ڪندي ڏِٺو وڃي ٿو ،پر ھِن ڪَھاڻيءَ ۾ نائين ڪلاس ۾ پڙھندڙ  ٻارُ آخر موبائيل، ٽيبليٽ يا ليپ ٽاپ جو شوق به نه ٿو رکي، پر صرف ڪمپيوٽر وٺڻ جو ضد ڇو ٿو رکي...؟ اُھا ڳالھ ڪَھاڻيءَ ۾ مصنوعيت کي جنمي ٿي، جڏھن ته ھِن ڪَھاڻيءَ ۾ وڌندڙ مھانگائيءَ ۾ ماڻھوءَ جي مُنجھي پوڻ، شَھري خَساري ۾ ٻُڏي وڃڻ، توڙي شھري گوڙ ـ شورَ ۾ فرد جي فٽ نه ٿيڻ جي زبردست عڪاسي ڪئي وئي آھي.

مُنور جون ڪِي ڪَھاڻيون مُوضوعَن جي يڪسانيت جو به شڪار آھن ته ٽيڪنڪي غلطين جو پڻ شڪار آھن. اُنھن ۾ ڪِٿي ڪِٿي واقعن جي سلسلو به بي ترتيب آھي، جنھن ڪري سندس اھڙين ڪَھاڻين جو پلاٽ به ڪمزور ٿي ويو آھي. مثال طور سندس ڪھاڻي “ھيڊي مرڪ وارو ماڻھو “ ڏانھن تنقيدي نگاھَ ڪجي ته ھِن ڪَھاڻيءَ جو مُوضوع اُھو ساڳيو آھي: يعني ڳوٺ کان شھر شفٽ ٿيندڙ شخص، جيڪو شَھري گوڙ ـ شور ۾ پنھنجي وجودَ کي وڃائي ويھي ٿو. شھر جا روزمره جا خرچ کيس پريشان ڪن ٿا. ساڳي نوعيت جي موضوع سان،  ھِن ڪھاڻي مجموعي ۾ ٿوري گھڻي فرق سان ٻيون به ڪَھاڻيون آھن، جنھن ڪري پڙھندڙ يڪسانيت جو شڪار ٿئي ٿو. ڪھاڻيءَ ۾ مرڪزي ڪردار ڪلارڪيءَ جي پوسٽ تي آھي، پر سندس زال کي ڳوٺ ۾  بيروزگاريءَ تي ڪروڌ ڪندي ايترو ڇو ڏيکاريو ويو آھي...!؟ جيڪو روزگار ھوندي ڪجھ عجيب لڳي ٿو. ٽيڪنڪي طور به ھِن ڪھاڻيءَ ۾ نقص ھيءُ آھي ھڪ طرف ڪَھاڻيءَ جو  مرڪزي ڪردار آفيس مان اُٿي، واٽ تي ڀولڙي جو سرڪس ڏسندي واپس گھر  ويندي ڏيکاريو ويو آھي، وري ڪَھاڻيءَ جي پڇاڙيءَ ۾ وري ڀولڙي جي سرڪس جي دائري ۾ به ڏيکاريو ويو آھي، جيڪا ڳالھ علامتي سطح تي ئي ڇونه ھجي، پر پڙھندڙ کي ترتيب جي لحاظ کان مُنجھائي ٿي، علامتن کي غير فنڪارانه نموني استعمال ڪرڻ جو نتيجو آھي.ڪوبه ڪردار ڪِھڙي وقت “شعوري سطح”  تي بيٺل آھي ۽ ڪِھڙي لمحي لاشعوري عمل ۾ آھي...؟ اُن  فن جي آگھيءَ طرف، ڪَھاڻيڪارَ کي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي. عجيب ڳالھ ھيءَ آھي ته ھيءَ ڪَھاڻي شھري جديد حسيت جي ادراڪ جي لحاظ کان پوسٽ ماڊرن صورتحال جي عڪاس به آھي،اُن جي باوجود، ھڪ روايتي پلاٽ ۽ عام نوعيت جي ڪلائيمڪس تي منحصر آھي.

مُنور سراجَ جون ڪجھ ڪَھاڻيون ثقافتي ھڳاءُ کڻي اچن ٿيون ۽ وڃي رندي رَمزُن جي پيچرن ۾  اٽڪي پوَن ٿيون .ڪِٿي من جي مُوجن تي به سواري ڪرڻ چاھين ٿيون ۽ قديم سنڌي سماج جي ڳوٺاڻي نفسيات جا بابَ پڻ اکولين ٿيون، سندس ڪھاڻي “ ننڊ ۽ جاڳ جي وچ تي “ جو سمورو ڪٿارسس، روحانيت مان اُڀري، ڪلائيمڪس سان اِھڙي ئي من موجين جي روشني پکيڙي ٿو. قاريءَ کي ائينءَ لڳي ٿو ڄڻ ڪَھاڻيءَ جو پلاٽ غير محسوساتي انداز ۾ وڌي ٿو. ڪھاڻي پڙھندي ائينءَ به لڳي ٿو. ڪھاڻيءَ جي پلاٽ ۾  “ادا پوڙھي” جي ڪردار جي علامت نگاري آھي، جيڪو پوڙھو دورويشيءَ جي روپ ۾ پنھنجي پيءُ وانگر ڪارو ڪري ڳوٺ ۾ ماريو وڃي ٿو. ھِن ڪَھاڻيءَ ۾ ڪو به عروج نه آھي، ڪا به جنگ/ جھيڙو/ تڪرار Conflict  نه آھي، بس ڪردار سازي آھي، ٻھراڙيءَ جي مقامي تھذيبي حياتيءَ ۾” ادا پوڙھي” جھڙا ڪيترائي ڪردار ھوندا، جن جي معروض ۽ موضوعيت ۾ تضاد ھوندو يا جن جي بي گناھي ئي گناھ بڻجي ويندي ھوندي، جيئنءَ ھِن ڪھاڻيءَ ۾ آھي. وڌيڪ گَھرائيءَ ڏانھن ٿورو ھلون ته معصوميت پٺيان واقعي معصوميت ئي ٿئي ٿي يا اونداھي به...؟ اُھو خيال ھِن ڪھاڻيءَ جي ڪردار “ ادا پوڙھي جي خاڪي جي پُٺيان پيدا ٿئي ٿو...؟  بحرحال اُھو ڌار ڌار ڌار تجربي جي ڳالھ ٿي سگھي ٿي.ھيءَ ڪَھاڻي حقيقت نگاريءَ جا گُمانَ پڙھندڙن کي عطا ڪندي، آخر ۾ تجريدي/ سرئيلزم جو  شڪار ٿي وڃي ٿي، جنھن ڪري ڪلائيمڪس ۾ باريڪ سطح تي ھڪ پاٺڪ ڌنڌلو عڪس پَسي ٿو.

ڪِي ڪَھاڻيون، ڪَھاڻيون نه پر ڄڻ ڪردار سازي ٿين ٿيون،جن ۾ ڪھاڻيءَ وارو تاثر ۽ ماحول گھٽِ، پر ڪردار سازيءَ وارو عمل وڌيڪ ڇانيل ھُوندو آھي. ڪَھاڻيءَ ۾ آس پاس وارو ضمني ماحول نظر انداز ٿيل ھوندو آھي. مُنورَ جون ڪَھاڻيون “ وڻجاري ۽ اعتراف جي ڪُنڊ به ڪَھاڻيون گھٽ، ڪردار سازي وڌيڪ لڳن ٿيون، سندس ڪَھاڻي” وڃائجي ويل قطب نما” ھڪ مڪمل ڪَھاڻي آھي،جنھن ۾ ھيرو پرستي به آھي.ڪَھاڻيءَ جو مُوضوع وڃايل رومانس آھي، پر رومانس جي وڃائجي وڃڻ جو منطق ڳولي نه ٿو لَڀي، جيڪو ھِن قَسم جي ڪَھاڻيءَ لاءِ ضروري به نه ھُوندو آھي. ھِن ڪَھاڻيءَ ۾ عقل، منطقيت يا شعوري ڪارڻ ڄاڻڻ جي برعڪس، رولان بارٿ جي تنقيدي ٿيوريءَ موجب،  Plasure of the text ماڻي سگھجي ٿي. ڪَھاڻيءَ مان وڃايل رومانس جي Soft zone کي پڙھندڙ ڳولي پنھنجي حِسي تجربي طور، لطف مزو سرور يا خوشي وٺي سگھي ٿو. ڪَھاڻيءَ جو سمورو تخيلاتي ڪئنواس ٻن پريمين جي ميلاپ جي ناڪامي بعد اچانڪ ملاقات تي منحصر آھي.

مجموعي طور مُنور سراج جون ھِن ڪتاب واريون ڪَھاڻيون پڙھي اندازو ڪري سگھجي ٿو ته سندس ڪَھاڻين جو بنياد حقيقت نگاري ئي آھي، سندس حقيقت نگاريءَ سندس ئي ذاتي حسي ادراڪ تي ٻَڌل آھي، جنھن ۾ معروض/ خارجيت جي برعڪس، موضوعي/ دل جي دنيا ۾، حقيقت کي ڳولڻ جي تمنا ڏٺي وڃي ٿي. آندري بريٽون جي اُصولن جي مدِ نظر ڏِسجي ته سندس اڪثر تخليقن ۾ لاشعور کي ئي حقيقت جو سرچشمو سمجھيو وڃي ٿو. سررئيلسٽ معروضي حقيقت کي، اصلي حقيقت لاءِ ڪافي نه ٿا سمجھن ۽ مُنورَ وٽ به سرت شعور جي سختيءَ برعڪس، جمالياتي ادراڪ، آرٽ جو جنم آستان آھي، ڪِٿي مُنورَ سرئيلزم جي ڪيترن ئي پاسن کان پرھيز ڪندي به، نج حقيقت نگاري به ڪري ٿو، سندس ڪَھاڻيون اُن ڪري ڪِٿي حقيقت نگاري واري سرئيلزم ته ڪِٿي تصوف ـ نما سرئيلزم جھڙيون لڳن ٿيون. وجودي فلسفين ۽ ادبي سرجڻھارن جيان، ھُن وٽ دنيا سماج ڪائنات ماحول اَڪارج نه آھن، پر سندس غير انقلابي سرئيلزم صرف سماج جي عڪاس ئي ٿي بيٺي آھي. بيٺڪي جبر خلاف، سندس تخليقن ۾ ڪِٿي به ڪو احتجاج نه آھي. مُنورَ وٽ، فرد علامت آھي،پر محڪوميت کي بظاھر، اجتماعي علامت ۾ ڪِٿي پَسي نٿو سگھجي، يعني انفراديت ئي ھِتي اجتماعيت جي نمائنده آھي،جيڪو ڪافي آھي يا نه آھي اُھو سوال نظرياتي ٻنڌڻن ۾ وٺي ويندو.منور ستاج جي ڪَھاڻين ۾ اسٽيريو ٽائيپ ڪردار به آھن. ھيرو پرستي به آھي ۽ رومانوي سحر به زبردست آھي، پر ظاھر مقصديت اڪثر گُم آھي، ۽ جماليات کي وڌيڪ فضيلت آھي يا ائينءَ چَئون ته سندس ڪھاڻين ۾  سماج جي اجتماعي اوندھ جي چِٽي عڪاسي  نه آھي. مُنورَ جون ڪَھاڻيون مَن جي مُوجن کي ته عڪس بند ڪن ٿيون، پر سامراج پاران ڏنل زخمن تي پَھا نه ٿيون رکن، ڇو ته اُنھن ۾ صرف آرٽ جي نوَن تجربن جي حسن جي ڳولا آھي. اُھا خوبي آھي يا خامي، پر ڪنھن به طرح  سندس ڪھاڻين جو فَنُ، سماج جي انقلاب جو ٺيڪيدار نه  آھي، اُن ڪري ئي سندس ھِن ڪتاب جون اڪثر ڪھاڻيون “خوابن جي سرحد” واريون ڪَھاڻيون، حقيقت نگاريءَ واري سرئيلزم  کان، تصوف واري سرئيلزم تائين پنھنجو تخيلاتي سفر ڪن ٿيون.

No comments:

Post a Comment