Monday, January 3, 2022

ماءُ - اڪبر لَھوري - ننگر چنا

ماءُ

پنجابي ڪھاڻي

ڪھاڻيڪار: اڪبر لَھوري

مترجم: ننگر چنا



هُوءَ وِڪِجَندِي وِڪامَندِي هيسيتائين پھتي هئي ۽ هاڻ کيس اهو ياد به نه هو ته هُوءَ پھريون ڀيرو ڪڏهن وڪامي هئي. هُنَ پراڻين ڳالهين کي کوٽڻ به نه پئي گُهريو. گُونھَن ۽ گَندَ جي ڍير کي جيترو به کوٽبو، انهيءَ مان گَندُ ئي نڪرندو، گَندَ جي ڍير جي اونهائيءَ ۾ وڃڻ جي گهرج ڪھڙي آ، اُنَ جي ته مٿاڇري پاسي کان ئي نڪ جهليو نه ٿيندو آهي. هُوءَ پوين ڳالهين بابت ايترو ٻڌائڻ لاءِ تيار هئي ته هُوءَ آخري ڀيرو هڪڙي پيڃاري جي هٿ وڪاڻي هئي. پيڃارو ذات جو ڪشميري هو ۽ سَٺِ پنجَھَٺِ ورهين جو هُوندي به ڏَنڊو مُٽو ۽ ڀَڙُ هئو. اَڻھُوندَ جي ڪري هُنَ کي هِنَ مھل تائين رَنَ هٿ نه آئي هئي ۽ کيس هاڻ پرڻجڻ جو چاھُ به نه رهيو هو. پر اوچتو هِيءَ وڪامڻ واري وَٿَ سندس ڳوٺ پھتي ۽ هُن َپنھنجي ڪوٺيءَ جي هڪڙي ڪنڊ ۾ پوريل پراڻي ديڳڙيءَ منجهان چانديءَ جا پورا پنج سَوَ ڪڍي هُنَ جو مُلهه چُڪائي ڇڏيو. هِتي هُنَ جي ڪُکِ مان هڪڙو ٻارُ ڄائو، جنھن جو ڏِيلُ سندس پيءُ وانگر کُليل ۽ هڏَڪاٺَ جو سَگهو  هو، پر مُکڙو گول مَٽول ۽ ماءُ وانگر سُھڻو هئس.


پيڃارو سياري ۾ گهران پري نڪري ويندو هو ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ سَوِڙيُن، وِهاڻَنِ، گاديلَنِ ۾ ڪَپھ ڀرڻ جو ڪم ڪندو رهُنَدو هو. گرمين ۾ هُو ڪاسائين سان گڏ ٻڪرَ ۽ توڏا مُلهه ڳِنهڻ لاءِ مَنڊين ۾ ڦيرا پائيندو رهُنَدو هو ۽ ڪيئي ڏينھن گهر نه ايندو هو.

هُنَ جي گهر واريءَ کي اڳين نازَن نخرن عادتن جيئن گهيري  رکيو هو. ڪسب ڪرڻ گهڻين مايُن جو ڪاروبارُ هوندو پر هُنَ جي عادت بڻجي چڪو هو. اهوئي ڪارڻ هو جو مڙس جي نَھُوندَ مَھل هُوءَ جيڪو مَنُ گهرندو هئس، اُهو  ڪندي هئي. وَهرِيَلَ ڪُتِيءَ وانگر هُنَ جي بُوءِ چئني پاسي کنڊڙِي ويندي هئي. پيڃاريٖ جي گهران نڪرندي ئي هُنَ جي ڳوٺَ جو يا ڪنھن ويجهي ڳوٺَ جو ڪو ڪُتو ديسي شراب جي بوتل ڪَڇَ ۾ هَنيُون، هُنَ وٽ پھچي ويندو هو. بوتل جِي ٻُجِي کوليندي هُنَ کي ائين لڳندو هو ته ڄڻ اڃا به ڪوٺيٖ تي ويٺي هجي ۽ ڪسبياڻي، رنڊي يا ڪا نوچي هجي. پيڃاري جو گَهرُ، سائين جي تڪئي جي ويجهو ۽ ڳوٺ کان ڪجهه پاسيرو هو، انهيءَ ڪري عام ماڻهن جي اکين کان اوڍرَ ۾ هو. پيڃارو به ڏينھَنِ جا ڏينھن گهر کان ٻاهر رهڻ جي ڪري انهيءَ ڳالهه کان اڻڄاڻ هوندو هو. پيڃاري جو پُٽُ پنجن ورهين جو ٿي چڪو هو ۽ هاڻ مڪتب وڃڻ لڳو هو.ماءُ جي حياتيءَ ۾ پھريون ۽ انوکو تجربو هو ته هُوءَ پُٽَ جي ماءَ هجڻ جي ڪري هُنَ کي ڏهاڙِي تيار ڪري ۽ مڪتب موڪلي. هُوءَ هُنَ جي لاءِ رنگ رنگ جون پوشاڪُون ٺاهيندي هئي. هُنَ لاءِ سوئيٽر، جورابا ۽ گرم ٽوپي اُڻندي هئي. سياري جي لاءِ ننڍڙو ڪوٽُ ۽ ننڍڙي پتلونَ ۽ اونهاري جي لاءِ ٽينس ڪالر، قميص ۽ چَڍا، پيرن ۾ گرمي سرديءَ جو لحاظ رکندي هاف بوٽُ يا سينڊل. مٿي تي هيٽِ، ڪَنڌَ ۾ ڪتابَن جي بيگ، پيڃاري جو پُٽُ ائين ٺَھِي سَنبرِي اسڪول ويندو هو، ڄڻ ڪنھن وڏيري جو پُٽُ هجي. هُو جڏهن اسڪول کان موٽندو هو ته هُوءَ کيس ماني ٽُڪر کارائڻ کان اڳ شربت يا چانھ ضرور پياريندي هئي. هُنَ جي پيءُ کي چئي هُنَ جي لاءِ ننڍڙي ڪرسي ۽ ميز گهرايائين ته جيئن هُو ميزَ ڪرسيءَ تي ويھي. چوندي هئي؛ ’هُنَ کي وڏو ٿي بابُو بڻجڻو آهي، هُنَ کي هاڻي کان ئي ميز ڪرسي ڪتب آڻڻ جي سڃاڻ نه ٿي ته پوءِ ڀلا ڪڏهن ٿيندس.‘هُوءَ پاڻ ٺُپُ اڻپڙهيل هئي، پر اسڪول کان موٽي اچڻ کان پوءِ، هُنَ جو سبق ٻڌندي هئي ۽ ڏهاڙي سمهڻ کان اڳ هُنَ کي کوڙا ۽ ڳڻپَ (انگَ) ٻڌائڻ لاءِ چوندي هئي. هُوءَ ٻارَ جي پڙهائي ۽ تاتڻ نِپائڻ ۾ ايڏي ته رُڌَل رهندي هئي جو ڳوٺ جو وڏيرو هُنَ کي ڏسي ڏسي، اندر ئي اندر ۾ پيو سَڙندو هو، ڇو ته هُنَ جي زالَ پنھنجي پُٽَ کي گهر جي ڪمن ڪارين ۾ سيڙايو رکندي هئي ۽ هُنَ کي ڏهاڙي ڀاڄي ڀُتي آڻڻ لاءِ پيءَ جي پٺيان کوهَه تي موڪلي ڇڏيندي هئي. پيڃاري جي زال پنھنجي ٻچي جي سارَ سنڀال  ۽ هُنَ جي لکڻ پڙهڻ ڏي ڌيان ڌريندي هئي پر انهيءَ سان گڏوگڏ لچن لوفرن سان به ياراڻو ڳنڍيون ايندي هئي.

هڪ ڏينھن جڏهن هُوءَ ۽ سندس يارَ شراب جي نشي ۾ ٽُنُ ٿيا، موجُون ڪري رهيا هئا، تنھن مھل پِيڃارو گهر موٽيو .هُنَ کي جيڪڏهن لُچن لوفرن جو ڀَئو  نه هجي ها ته هُو ضرور پنھنجي رَنَ کي ڪپي ڳترا ڪري ڇڏي ها. پر هُنَ رڳو ايترو ڪيو جو رَنَ کي ڳُتَ کان پڪڙي، رات جي انڌيري ۾ گهران ڪڍي ڇڏيو ۽ جڏهن هُنَ جو نشو لٿو ،تڏهُنَ هُوءَ اُڏندڙ ريلَ ۾ ڪنھن اهڙي پاسي وڃي رهي هئي، جنھن پاسي جي حد پارَ جي هُنَ کي ڪابه سُڌَ نه هئي ۽ ٻه هڪڙا ڏَنڊا مُٽا هُنَ جي سڄي کٻي کان ائين ويٺا هئا جو هُوءَ ڄڻ ته ڪا قيدياڻي هجي ۽ اُهي کيس جيل وٺيون ويندا هجن. هِنَ بازار ۾ اچي هُوءَ وري وڪاڻي پر هُنَ تڪڙو ئي مُلهه ڳِنَهڻ وارن کان جند ڇڏائي ۽ پنھنجي لاءِ هِنَ بازار ۾ هڪڙو الڳ ٺِڪاڻو ٺاهي ورتو. اهو ٺِڪاڻو هڪ اهڙي ڪوٺڙي هئي، جنھن کي ميونسپل ڪميٽيءَ وارن ُوکائتي سڏي ڪيرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو هو. تيز مِينھَنِ پوڻ جي ڪري هُن َجي پاسن وارا ڪوٺا ڪري چڪا هئا ۽ هُنَ جون نِوي آيل ڀِتيون ۽ پراڻي  ڇِتِ ڪنھن به مھل هيٺ ڪرڻ لاءِ ڪنھن اشاري جي اوسيئڙي ۾ هيون. هُنَ جڏهن ڪوٺڙي جي ٿَلهي تي بيھي اُڏوهيءَ کاڌل دَرَ کي ڌڪو ڏنو ته هڪڙو تاڪُ اندرئين پاسي ڪري پيو. دَرَ جو نه ڪو ڪَڙو هو نه ڪُلف. هُوءَ تاڪن کي ڪنھن نه ڪنھن ريت ٻيڪڙي ويھي رهي ۽ جڏهن ڪوٺڙيءَ جي مالڪ کيس ٻڌايو ته هي ڪوٺڙي ڪرڻ واري آهي تڏهن هُنَ وراڻيس ته مان به خودڪشي ڪرڻ جي نيت سان اچي ويٺي آهيان. سياڻي مالڪ هُنَ کان بيانو  ورتو  ۽ هُنَ ڌنڌو ڪرڻ شروع ڪيو. ٿورن ڏينھن اندر ئي هُنَ پاڻي پيئڻ جو مَٽُ، فراسي، هڪڙي کَٽَ، ڪپڙن جي الماري، صندوقَ، سينگار ميز ۽ پنھنجي گهرجَ جون ٻيون وٿون مُلهه وٺي آڻي رکيون ۽ ڀتين تي پراڻا ڪلينڊر ۽ فلمن جا سينيما وارا اشتھار هڻي ڪوٺڙي کي سينگاري ڇڏيو. جيئن اڳ ۾ به ٻڌايو ويو آهي ته ڌنڌو ڪرڻ ٻين عورتن لاءِ کڻي پيشو هوندو پر هُنَ  جي عادت هو. هُنَ جي ڪوٺيءَ ۾ هر ويلي ڪو نه ڪو گهڙيل هوندو  هو. هڪ ڏينھن ويٺي ويٺي ڪا خبر ٻڌائين، الائي ڇا ٿيس جو  هُوءَ پنھنجي ڪوٺڙيءَ مان ٽپو ڏئي ٻاهر نڪري آئي ۽ ٿلهي تي بيھي، ڪوٺڙي ڏي مُنھُن ڪري،ٻئي هٿ مٿي اُڀا ڪري بازار وارن کي چوڻ لڳي،

”لُٽي وٺو، لُٽي وٺو!! جيڪو ڪجهه هُنَ ڪوٺڙي ۾ آهي، سو لُٽي وٺو. مون کي ڪنهن شئي جي ڪا گهرج ڪونهي.هي سڀ شيون مون لاءِ اَجايُون ۽ بيڪار آهن. جنھن کي انهن  جي گهرج هجي سو کڻي وڃي.“

هُنَ جو ايترو چوڻ ۽ ڪنھن جو ڪجهه به نه سوچڻ. ساڄي کاٻي وارين ڪسبياڻين جا نوڪر، بازار جا دُڪاندارَ ۽ واٽَ ويندڙ شريف ماڻهو به هُنَ جي ڪوٺڙي ۾ گهڙي پيا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سندس ڪوٺڙي کي گنجي جي مٿي وانگر پَٽُ ميدان ڪري ويا. ايسيتائين جو هُنَ جي مَٽَ جي گهڙامنجي ۽ هڪ ڪنڊ ۾ لڳل ڪَموڊ به پٽي، مٿي تي رکي کڻِي ويا.ڪنھن به هُنَ کان اهو نه پڇيو ته تون اهو سڀ ڪجهه ڇو پئي لُٽائين؟ تنھنجو مٿو ته نه ڦريو آ،تنھنجي جي مَتِ ته نه مُئِي آهي!؟؟

هُوءَ پنھنجو سڀ ڪجهه لُٽائي هُنَ بازار مان نڪري وئي.بازار جي ٻئي پاسي شريفن جا گهر هئا. انهن گهرن مان هڪ ۾ هڪ ٽانگي وارو رهندو هو، جيڪو انهيءَ  پاڙي جو سڀ کان وڌيڪ جهيڙي ڪارُ، سڀ کان وڌيڪ رولُو، سڀ کان وڌيڪ پڪو نَشئي، سڀ کان وڏو جُواري ۽ سڀ کان وڌيڪ شودو ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪميڻو ۽ سڀ کان وڌيڪ لُچُ هو.هُنَ جهٽ ۾ ساڻس نڪاح ڪري ورتو. هُو کيس ڏهاڙِي ماريندو ڪُٽيندو هو، ڪپھ وانگي روز پِڃي ڇڏيندو هئس.ڪيئي ڀيرا ڪروڌ ۾ ڀرجي کيس ڌڪا ڏئي گهران ڪڍي ڇڏيندو هو ۽ دَرَ کي ٻاهران ڪڙو ڏيون هليو ويندو هو . چوکي رات لنهگي وڃڻ کان پوءِ جڏهن گهر مُنھُن ڪندو هو ته هُوءَ کيس گهر اڳيان گهٽِيءَ ۾ ويٺل ملي پوندي هئي. هُو نشي ۾ ڌُتُ هوندو هو، هُوءَ سندس کيسي مان ڪنجي ڪڍندي هئي، کيس ٽيڪ ڏئي اندر وٺي ويندي هئي. سڄي سڄي رات کيس زور ڏيندي رهندي هئي. ڪيئي ڀيرا هُنَ جي موٽي اچڻ کان اَڳُ پاڙيوارن کان هٿ ٽنگي هُنَ جي کائڻ لاءِ ماني ٺاهي رکندي هئي. اهو ناٽڪ ڏهاڙي کيڏيو ويندو هو ، پر هُوءَ کيس ڇڏي نه ويندي هئي. ماڻهو حيران هئا. هِنَ بازار جي مڇي مانيءَ واري، ڪيئي دلين جي سُهائي بڻيل ڪسبي، ڇو پنھنجو ڌنڌو ڇڏي هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي لاري لڳي آهي، جيڪو هُنَ جو رتيءَ جيترو به قدر نه ٿو ڪري، اڃا به هُنَ سان جانورن جھڙو ورتاءُ ٿو ڪري.

هڪ ڏينھن هُوءَ ائين مارَ کائي کائي سامهون گهٽيءَ ۾ ويٺي هئي. هُنَ جي ڦِڪي پئجي ويل رنگ ۽ سُڪل چپن مان ائين پئي لڳو ته هُنَ کي ڏاڍي بک لڳي آهي. مون ڪبابيءَ کان چار نانَ ۽ پنج ستَ ڪبابَ وٺي رومال ۾ ٻڌا ۽ ڏاڍي منٿ ڪندي چيومانسِ، ”ڪجهه کاءُ،ائين ٿو لڳي ته تو ڪجهه به ناهي کاڌو.“ هُنَ رَئي کي مٿي تان هيٺ مُنھَن تي لاهيندي چيو، ”ڀايَڙا! تون ڳڻتي نه ڪر، مان پاڻهئي کائي وٺنديس. هُو هاڻ ايندو ئي هوندو.“ مون  چڱيءَ ريت ڄاتو پئي ته اچڻ وارو پنھنجي نِيَم موجب رات جي پوئين پھر ئي ايندو ۽ هُنَ کي ماني کارائڻ بجاءِ هُو پاڻ هُنَ جي مانيءَ جو محتاج هوندو. مون هُنَ کي ايلاز ڪري ڪري ماني ڏني، ڪبابيءَ وٽان پاڻيءَ جو گلاس ڀري آيس. هُنَ هڪڙي ماني ۽ هڪ ڪباب پنھنجي لاءِ کنيو ۽ ٻيون بچيل مانيون ۽ ڪبابَ الڳ رکي ڇڏيا. مان سمجهي ويس ته اها پوءِ اچڻ واري  جي سيوا جي تياري ٿي رهي آهي. هُوءَ ڪوٺي جي ٿَلهي تي ويھي، ڪنڌ جهڪايون؛ ڪجهه سوچيندي، گرھ ڀڃڻ لڳي. مان هُن َجي ڀرسان ئي ٿَلهي تي ويھي رهيس. مون هُنَ کان اڳئين ڪوٺِيءَ تان اُٿي ۽ جهٽ پٽ هُنَ بَن مانس ۽ چيمپينزيءَ جي قبضي ۾ اچڻ جو ڪارڻ پڇڻ ٿي گهريو. هُنَ جڏهن ماني کائي، پاڻي پِي، ”ربَ تنھنجو شڪر آ.“ چيو تڏهُنَ مون هُنَ کان پُڇي ورتو. هُنَ ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيو، ”پُڇي ڇا ڪندين؟“ مون چيس، ”ائين ئي پنھنجي دل کي دلاسو ڏيڻ لاءِ، جڏهن پڇڻ لاءِ دل چوندي هجي ته نه پڇڻ کان ڪجهه پڇڻ ئي سُٺو هوندو آهي.“

هُوءَ اڳ وانگر ئي اکيون هيٺ ڪيون ويٺي رهي ۽ پنھنجي ڪهاڻي ٻڌائڻ لڳي. ڳالهه ڪندي هڪ ڀيرو رُڪجي وئي ۽ ائين ڍِڪُون ڪري روئڻ لڳي ڄڻ ته ڪو سَڄَرُ ڦَٽُ لڳو هجيس. مون کيس دلاسو ڏنو ۽ ڳالهه اڳتي وڌائڻ جو چيومانسِ. چوڻ لڳي، ”هاڻ اهو موڙ ٿو اچي جنھن جي ڪري مان بازار مان اُٿي هِتي هلي آيس ۽ اڳيون ڌنڌو ڪرڻ ڇڏي ڏنم. منھنجي دريءَ اڳيان ڪجهه اسڪولي ٻارَ لنگهندا هئا. جيئن اسڪولي ٻارن جي عادت هوندي آهي، اُهي ايندي ويندي هيٺين ڪوٺين وارين ڪسبين سان چاڳ ۽ کئونس ڪندا ويندا هئا. ڪڏهن مٽيءَ جي پُڙي ٺاهي، ٻَڌي، ڪوٺيءَ ۾ اڇلائي ڇڏڻ، ڪڏهن پٿر هڻي، پاڻيءَ وارو مَٽُ ڀڃي ڇڏڻ.  ڪڏهن اک ٽيٽَ ڪري، چلم تان ٽوپي لاهي،  اِهو ٿو وَڃئي. اِنهن ڇوڪرن ۾ هڪ ڇوڪرو اهڙو به هو جيڪو نَلُ نه هو. اهو ٻين ڇوڪرن وانگر اسان جي ڪوٺڙِي ۾ مٽيءَ جي پُڙي نه اڇلائيندو هو ۽ نه وري اسان جي ماٽي ڀڃندو هو. نه وري اسان جي حُقي جي ٽوپي لاهي ڀڄي ويندو هو.هڪ ڀيري مون هُنَ کي پيار وچان پاڻ ڏي سڏيو. پھريون ته هُو نه آيو، پر جڏهن هڪ ٻه ڀيرا مون سڏَ ڪيامانسِ ۽ جڏهن سڀئي ڇوڪرا اڳتي وڌي ويا، تڏهُنَ هُو مون وٽ اچي بيھي رهيو. مون پڇيس، ”ڪھڙي جماعت ۾ پڙهندو آن؟“ چوڻ لڳو، ”نائينءَ ۾.“ هُو سَٻَرَ بُتَ وارو هو ۽ هَڏَڪاٺَ جو به سھڻو ڏسڻ ۾ آيو پئي. مُنھَن تي سادڙائپ، چھرو گول مٽول.مون کي ائين لڳو ته هُنَ جو مُنھُن مُھانڊو ڄڻ ته منھنجي پُٽَ سان ملندو جلندو هجي. هُنَ جون اکيون ڪجهه ننڍيريُون ۽ نَڪُ ٿورو بِينو هئس. منھنجي پُٽَ جُون اکيون وڏيون ويڪريون ۽ جَرڪندڙ هيون ۽ نَڪُ وڏو، سنهڙو ڄڻ ته تلوار جي ڌارَ. مان پنھنجو پاڻ سان حسابُ ڪتابُ ڪيو ته منھنجو لالُ به هاڻ نائينءَ ۾ هوندو. انهيءَ ڇوڪري کي ڏسي مون کي ائين لڳو ته کيرُ ڄڻ منھنجين ڇاتين ۾ لھي آيو هجي. مون چيس،”ڪجهه کاءُ پيءُ!“.....”نه.“ ايترو چئي هليو ويو. مان ويندڙ جي پُٺِ ڏي ڏسندي رهيس. جيسيتائين هُو منھنجي نگاهن کان اوٽ ۾ نه ٿيو تيسيتائين مون پنھنجون نظرون نه هٽايون. ورندي ڏينھن مون هُنَ جي اچڻ کان اڳ ئي ڪجهه مٺائي گهرائي رکي ڇڏي. هُنَ لنگهندي مون ڏي ڏٺو ۽ مون کيس پاڻ ڏي سڏي ورتو. هُنَ بيٺي بيٺي مٺائي کاڌي ۽ هليو ويو. هاڻ مان ڏهاڙي هُنَ جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳس. روز هُنَ جي کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجه نه ڪجهه تيار رکندي هيس. ڪڏهن ڪو ميوو، ڪڏهن ڪا مٺائي. ڪڏهن شربت جو گلاس، ڪڏهن چانھ جي پيالي، بسڪوٽ يا ڪيڪ پيسٽري. هڪڙي ڏينھن مون کيس موڪل واري ڏينھن سڏايو. مان انهيءَ ڏينھن تي ڏاڍي خوش هيس. سوير ئي وِهنجي سِھنجي، ڪپڙا پاتم. ٻه رڪاتون نماز پڙهيم. بازار مان سودو آڻي هُنَ جي لاءِ ڪوفتا ٺاهيم. آنن جو حلوو تيار ڪيم، خميري ماني پچايم. کير، مکڻ، بادام، ڀڄايل پِستا، هُنَ جي مھماني جي لاءِ تيار ڪيم. هُو آيو ۽ مون دَرُ ورائي ڇڏيو ۽ پنھنجن هٿن سان گرھ ٺاهي، سندس وات ۾ وِجهندي رهيس. هُنَ ڍَءُ ڪري سڀئي شيون کاڌيون ۽ کِلَندو کِلَندو هليو ويو. مون کي ائين لڳو ڄڻ مون پنھنجي جي ماني هيجَ منجهان پچائي هجي. ڄڻ ته منھنجو پُٽُ مون کي وڏي وِٿيءَ کان پوءِ مليو هجي. اُنَ ڏينھن مان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيس. بازار جي ٻِن ڪسبين مون کان ور ور ڪري ٿي پڇيو ته ،”ڇا ڳالهه آهي؟ اڄ ته تنھنجو مکڙو سرخيءَ سوا ڳاڙهو ۽ ڇاتيون انگيءَ بنان اٿيل آهن.“ مون وراڻين، ”مان توهان کي ٻڌايان به سھي پر توهان کي سمجهه ۾ نه ايندو.“

هُو ائين ڏهاڙي ايندو هو ۽ مون سان ملي هليو ويندو هو، پنھنجن ساٿين کان ڌارَ، ڄاڻي ٻُجهي هُنَن کان پوئتي رهندو هو، ته جيئن هُنَن کان واندِ وٺي مون وٽ ڪجهه دير ويھي سگهي.

هڪ ڏينھن هُو نِيَمَ موجب مون سان ڏينھن جو  ملڻ لاءِ نه آيو. منھنجو مَنُ ٻُڏي ٻُڏي ٿي ويو. قسم قسم جا وهم ٿي اُٿيا ۽ مٿي کي ڀنواٽيون ڏيو ٿي ويا. ربَ سچا! منھنجي لالَ جو خير! مالڪ مٺا! هُنَ جو وارُ به وَنگو نه ٿئي. مون هُنَ لاءِ هزارين دُعائُون گهري ورتيون، سَوين سُکائون باسي ورتيون.سانجهيءَ ويرَ هُو آيو ۽ هڪ ئي ٽَپَ ۾ ٿَلهو اورانگهي اندر لنگهي آيو. مان هُنَ جي پٺيان هلي آيم. هُنَ پاڻ دَرُ ورايو .هُو گهٻرايل هو. مُنھَن جو رنگُ ڦِڪو پئجي ويل هئس. مون هُنَ جي سيني تي هٿ رکيو. هُنَ جي دل ڌَڙ ِڌَڙِ ڪري رهي هئي.هُنَ جو رت ڇڏائجي ويو هو ۽ چَپَ ڏڪي رهيا هئس. مون سندس هٿ پڪڙي، کيس ڪرسيءَ تي ويھاريو. هُنَ جو هٿ برف وانگر آلو ۽ ٿڌو پئي ڀاسيو. مون هُنَ جي مٿي تي هٿ ڦيريو، هُنَ کي ڇاتيءَ سان لائي پڇيومانسِ، ”لالَ! رَبَ جي ڇانءَ ۾ هُجين، خير ته آهي؟ تنھنجو ڪنھن گاڏيءَ سان ٻڪر ته نه ٿيو اَٿئي.“ مون کي بلڪل ائين ٿي لڳو ته هُو ڪنھن حادثي کان بچي آيو هجي، ماءُ جي هَنجَ ۾ لِڪڻ جي لاءِ. پر هُنَ ڪَنبَندڙَ ٻانھُنَ سان مون کي پري ڪيو. ڪرسي ڇڏي ماٺ ڪري کٽ تي ويھي رهيو. ڪٽليءَ ۾ چانھ جي پيالي پيل هئي، مون چانھ جي پيالي ڀري، هُنَ جي چَپَن سان لائي ڇڏي. هُو هڪ ئي ساهي وڏا ڍُڪَ هڻي پي ويو.هاڻ هُنَ جي هٿن جي ڪنبڻي بيھجي وئي. ائين ٿي لڳو ته هُنَ جو ڊَپُ ۽ ڌڙڪو هوري هوري گهٽ ٿي رهيو هو. هُنَ مون کي کَٽَ تي اچڻ لاءِ چيو. هُنَ اڳ ۾ ائين ڪڏهن نه ڪيو هو.هُو ڪڏهن به منھنجي کَٽَ تي نه ويٺو هو. مان جي کَٽَ تي ويٺي به هوندي هيس ته هُو ويھڻ کان پاسو ڪري ويندو هو، منھنجي ويجهو نه ايندو هو. مان حيران هئس ته اڄ ڇا ٿيو اٿس. شايد ٿڪجي پيو آهي ۽ آرام ڪرڻ ٿو چاهي. شايد هُنَ جي دل ٿي چوي ته مان هُنَ جي مٿي کي زورَ ڏيان.

پر مون جنمَ جنمَ جي اَڀاڳڻ جي حيرت جي حد ئي نه رهي، جڏهن هُنَ کيسي مان هڪڙو گول مول ٿيل پنجين رُپئي جو ميرو نوٽ ڪڍي، منھنجي هٿ ۾ ڏنو ۽ ان سان گڏ منھنجي اڳٺ ۾ هٿ وڌو. مان ڦٿڪي، ٽپو ڏئي،پري ٿي ويس. بي حياءُ چوڻ لڳو، ”ڇو؟ مان مرد ناهيان ڇا؟“ مون کيس ڌڪو ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. هُو مُنھَن ڀَرِ ڪرندي ڪرندي بچيو. ڀڄي ويو  ۽ پوئتي ڪنڌ ڦيري به نه ڏٺائين.هُنَ جي پويان مان به ٻاهر نڪري آيس. ۽ دَرُ کولي ماڻهن کي سڏ ڪرڻ لڳس، ”لُٽي وٺو،لُٽي وٺو !! هي سڀ شيون منھنجي لاءِ اَجايون آهن.“

”ڀايَڙا! اِنهن ڳالهين ۾ مون پنھنجي جواني لُٽائي ڇڏي.پنھنجو سَتُرُ، پنھنجو حياءُ  لُٽائي ڇڏيو. پر مون هاڻ ڏٺو ته وچ بازار ۾ ويھي منھنجي اندر جي ماءُ به لٽجي وئي. مون جنھن کي پُٽُ ڄاتو آ، هِنَ بازار ۾ اُهو مون کي ماءُ نه ٿو سمجهي. رڳو هڪڙي رَنَ ٿو سمجهي. هڪ ڪسبي، هڪ رنڊي ٿو سمجهي. ماڻهو سمجهندا هوندا ته هڪ ڪسبيءَ جي بي عزتي ناهي ٿي سگهندي. رنڊيءَ جي پَتِ لھي نه سگهندي آ. پر انهيءَ ڳالهه کي سَچُ سمجهجان ته اُنَ ڏينھن ڪسبيءَ جي لاکَ لَھي وئي، رنڊيءَ جي بي عزتي ٿي وئي.

”مون پنھنجو پاڻ کي چيو، ’ڪارَ-مُنھِين! تو کي ڪارو مُنھُن ڪندي ايڏو وقت ٿي ويو هو پر تنھنجو اصلي ڪارو مُنھُن اَڄُ ٿيو آهي. اڄ تنھنجو ڪک نه رهيو. نِڪر هِنَ بازار منجهان.“

”مان انهيءَ بازار مان نڪري آيس ۽ هاڻ هڪ ئي مڙس جي ٿي رهندي آهيان.“

”هتي مون کي ڏهاڙي مارَ ملندي آهي، پر هتي مون کي ڪو ماءُ چئي سگهندو آ. ڪو مون کي ڀيڻ سمجهي سگهندو آ.“

 

(ماهوار پنجابي رسالي ”پنچم“ لاهور جي ڪھاڻي نمبر تان ترجمو ٿيل ۽ ماھوار ”ريکائون“ جي آڪٽوبر-نومبر ۲۰۲۱ع واري پرچي ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment