Sunday, January 30, 2022

ڪتاب “ڪجلي” جي ڪهاڻين جو جائزو - بشير جتوئي

ڪتاب “ڪجلي” جي ڪهاڻين جو جائزو

بشير جتوئي



ڪهاڻيون مون ۾ رقص ڪنديون آھن ۽ آئون ڪهاڻين ۾ رقص ڪندو آھيان.

هينئر منهنجي هٿن ۾ جهانگير عباسي جو  ڪتاب “ڪجلي” آھي، جيڪو مطالعو ڪري پورو ڪيو اٿم.

آئون چاهيان ٿو ته جيڪو مون پڙھيو ۽ سمجهو آھي ان مان ڪجھ اوهان سان به ونڊ ڪريان.

هيءُ ڪتاب سورهن ڪهاڻين تي مشتمل آھي، ۽ هي سائين جهانگير جو پهريون ڪهاڻي مجموعو آھي، هن ڪتاب جي هر ڪهاڻي ساھ کڻندي محسوس ٿيئي پئي، ۽ سماج جي عڪاسي پڻ ڪري ٿي.


پهرين (۱) ڪهاڻي آھي ”درياھ جي هن پار” هن ڪهاڻي ۾ سڄڻ ۽ سارا جي محبت جو اعلي پائي جي مثال جو ڪردار سھڻي نموني چٽيل آھي، درياھ جي هن پار پهچڻ جو خواب سڄڻ ۽ سارا کي درياھ جي وهڪري ۾ ئي لوڙھي ڇڏي ٿو.

ٻي (۲)”آخري خواب جي سانڀيان” ھن ڪهاڻي ۾ سنڌ جي ماڻھن جي تاريخي تهذيب بيان ٿيل آھي، پنهنجي شھر ۾ هڪ ڳوٺاڻون پاڻ کي اوپرو محسوس ٿو ڪري، هن لا۽ شھر جي ماڻھن ۾ نفرتون سمايل آھن، غربت ۽ مجبوري ۾ وڏيري جي غلامي ۾ زندگي گذاري ٿو، ۽ شھرن ۾ دهشتگردي روز معمول بڻيل آھي، ھو شھر ۾ دهشتگردي کان بچڻ لا۽ خدا جي گهر جو رخ ڪري ٿو، هن ڪهاڻي ۾ مذھبي مڪاري کي به سهڻي نموني چٽو ڪيو ويو آھي.

ٽين (۳) ”جيون زهر ڍُڪ” ھي ڪهاڻي زندگي کان نفرت ۽ سماج کان ڌڪاريل ۽ بک ۾ سڙندڙ ڇوڪريء جي ڪهاڻي آھي، جيڪا روڊن، رستن سان پندي ماني ڳڀي لا۽ رلندي رهي ٿي، پر هن سماج جا ماڻھو هن کي حوسي بک واري نگاھ سان ڏسن ٿا، هي ڪهاڻي حقيقت ۽ سچ تي مبني آھي.

چوٿين (۴) ”تاريخ جو خون” ھي ڪهاڻي دردناڪ واقعي تي بيان ٿيل آھي، ڇوڪرو منافق دوست جي چال ۾ اچي ڪري سنڌ جي تاريخي تھذيب موهن جي دڙي جو سير ڪرڻ لا۽ گڏجي آيو ۽ پو۽ هي حوسي نشانو بڻجي وڃي ٿو.

پنجين (۵) ”مُجاور” ھن ڪهاڻي ۾ پيري، مريدي جهڙي موذي مرض، اعتبار ۽ ويساھ گهاتي کي بيان ڪيو ويو آھي.

ڇھين (۶) ”خدا مان ڪير آھيان” ھي بک جي ستايل لاوارث جي ڪهاڻي آھي، جنهن جي ڀرسان گذرندڙ هر ماڻھو نفرت ڪري ٿو، هو پاڻ کان، ماڻھن کان ۽ خدا کان به سوال ٿو ڪري ته “مان ڪير آھيان” پر هن کي ڪيڏانهن به جواب ڪونه ٿو ملي.

ستين (۷)”چئن تصويرن وارو گهر” ھي ان شخص جي ڪهاڻي آھي جنهن کي پاڙي وارا ۽ دوست نفسياتي مريض ڪوٺين ٿا، هن جي گهر ۾ لڳل چار تصويرون هن لا۽ پورو جهان آھن، جن سان هو گفتگو ڪندو آھي، پهرين تصوير هن جي ماءُ جي جيڪا دلير ۽ بهادر عورت هئي، ٻين تصوير هن جي پيءُ جي جيڪو سچو ۽ کرو انسان ۽ صحافي هيو، ٽين تصوير هن جي ڳڀرو جوان پٽ جي آھي جيڪو سورهن سالن جي ڄمار ۾ هن کي اڪيلو ڪري ويو هو، چوٿين تصوير هن جي همسفر  زال جي آھي، هن جي زندگي اهي چار تصويرون آھن جن سان گهر ۾ ئي زندگي گذاري ٿو.

اٺين (۸) ”گُڏي” ھن ڪهاڻي ۾ نابالغ معصوم گلڙن جهڙين نينگرين کي ڪنهن مچ باھ ۾ فٽو ڪيو ويندو آھي، چند پئسن جي لالچ ۾، ان ظلم ۽ ڏهڪاءُ کي هن ۾ بيان ڪيو ويو آھي.

نائين (۹) ”ڪجلي” ھي هڪ غريب ۽ باگڙي عورت جي ڪهاڻي آھي، جن جو ننڍپڻ ڌڪار ۽ نفرتن ۾ پوڙھائپ پندي گذري ٿي، ڪجلي پنهنجي جواني غربت ۾ وڏيري جون ٻانهون گرم ڪرڻ لا۽ رات جو روزانو ڪنوار بڻجي سينگارجي وڃي ٿي، ۽ هڪ رات ڪجلي جي واتان ٻي مرد جو نالو ٻڌڻ تان اهو وڏيرو غيرت ۾ اچي ڪري هن جي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏي ٿو.

ڏھين (۱۰) ”گم ٿي ويل محبت” ھي محبوب جي وکريل زندگي جي ڪهاڻي آھي، جيڪو پنهنجي گم ٿي ويل محبت جي ماضي جي يادن کي ياد ڪندي مسڪرائي ۽ روئي پوي ٿو، جن جاين تي گڏجي ٽھڪ ڏنا هين ان رستن تي گهمندو رهي ٿو، هن جون بس يادون ئي زندگي آھن.

يارھين (۱۱) ”پنڌ ۽ پيچرا” ھن ڪهاڻي ۾ عورت ڪارو ڪاري ۽ مذھبن ۾ دٻيل ڪوڙي غيرت ۽ مفاد پرستي جو ڪردار پيش ڪيو ويو آھي.

ٻارھين (۱۲) ”ٿُوهر” هي بيچين ۽ تنها پروفيسر جي ڪهاڻي آھي، هو بد نصيب، بيچين ۽ اڪيلو ٿي هن دنيا کان ڄڻڪه الڳ ٿلڳ زندگي گذاري ٿو.

تيرھين (۱۳) ”زندگي ڏانهن موٽ” ھن ڪهاڻي ۾ بيروزگاري ۾ نوجوانن جو خدڪشي ڪرڻ جو ڪردار بيان ٿيل آھي، هو زندگي مان تنگ ٿي خودڪشي جي اردو ڪري ٿو پر اڳتي هلي هن جي خيالن ۾ هڪ نئون موڙ ٿو اچي، جنهن ۾ هو مايوسي کي مات ڏئي نئين عزم سان زندگي ڏانهن موٽ کائي ٿو.

چوڏھين (۱۴) ”روڳ” هي ٻن پريمي جوڙن جي پيار جي ڪهاڻي آھي، هو ڇوڪرو جيڪو هن جي زندگي هيو، اڳتي هلي ڪنهن اڪسيڊنٽ ۾ مري پوي ٿو، هي به بيماري جي بستري ڀيڙو ٿئي ٿي، هي اسپتال ۾ پنهنجي پيار جي يادن کي ياد ڪندي، هن جي ساھ جو سڳو به ٽٽي پوي ٿو، هو به پنهنجي محبوب جي روح سان وڃي ملي.

پندرھين (۱۵) ”ريشم” ھي چري ۽ مستاني ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي آھي، جيڪا ڳوٺ جي هر ايندڙ ويندڙ کان زوري خرچي گهري ٿي، ۽ پنهنجي منهن سان کلندي ۽ روئيندي رهي ٿي، ريشم جي وارث هڪ ماءُ جنان آھي، هن جو پيءُ پندي ٽرڪ هيٺان اچي فوت ٿي ويو، مائي جنان پنڻ ڇڏي مسلمان ٿئي ٿي، مائي جنان مان جنت بيگم بڻجي وڃي ٿي، هڪ اڀاڳي رات ڳوٺ جي وڏيري ريشم کي نشو ڏئي ريپ ڪري فٽو ڪرائي ڇڏي ٿو، مائي جنان سان ڪابه داد فرياد ڪونه ٿئي ٿي، مائي جنان مٿي ۾ مٽي وڃي پاڻ ريشم بڻجي وڃي ٿي، ھن ڪهاڻي ۾ وڏو درد سمايل آھي.

سورھين (۱۶) ”ڪلارڪ جي زندگي” هن ڪهاڻي ۾ ڪلارڪ دردن جي پهاڙن کي منهن ڏئي ٿو، هو پنهنجي ڊيوٽي ته ايمانداري سان ڪري ٿو پر پو۽ به آفيس ۾ سدائين نشان تي هوندو آھي، هو پنهنجي پگهار مان گهر جو چرکو مشڪل سان پورو ڪري ٿو، ته هوڏانهن باس پاران ملندڙ تعنٰي ڄڻڪه ماري وجهنس ٿا، پو۽ به هو ڪڇندو ناهي، هي ڪهاڻي حقيقت تي مبني آھي جٿي سچو کرو انسان سدائين نشان تي هجي ٿو، هن ڪتاب جون سڀ ڪهاڻيون اسان جي ارد گرد جو پس منظر آھن جيڪي اسان جي ماحول ۾ گهمن ٿيون.

سائين جهانگير “دل جون ڳالهيون”۾ لکي ٿو،” هن ڪهاڻي ڪتاب ۾ سن ۱۹۸۸ع کان ۲۰۰۰ع تائين جون لکيل ڪهاڻين مان سورهن ڪهاڻيون شامل آھن.”

آئون ته ايئن ئي سمجهان ٿو ته سائين جي ٻين ڪهاڻين ۾ به هنن ڪهاڻين جيئان اثر هوندو.

وڌيڪ ھر پڙھندڙ پنهنجي را۽ جو حق رکي ٿو، ۽ هر پڙھندڙ مختلف طريقي سان پڙھي ۽ سمجهي ٿو.

 

(ڏيھاڙي هلال پاڪستان ڪراچي ۾ خميس ۷ جنوري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment