Friday, January 28, 2022

سرڪاري اسپتال - ميوارام نجار

سرڪاري اسپتال

(مختصر ڪھاڻي)

ميوارام نجار



ديال داس ننڍي هوندي جڏهن به بيمار ٿيندو هو ته هو سرڪاري اسپتال ۾ ٻن روپين جي پرچي ڪٽرائي سڌو ڊاڪٽر وٽ طبيعت چيڪ ڪرائيندو هو جتي ڊاڪٽر به هن جي سيني تي اسيٽٿو اسڪوپ رکڻ بنا ئي پڇندو هو؛ ”ھا پٽ ڪهڙي تڪليف آھي۔۔۔؟“ جيستائين هي طبيعت متعلق اڃا پوري ڳالھ ٻڌائيندو ئي مس هو ته ان کان اڳ ڊاڪٽر ٻه چار دوائين ۽ ٽڪين جا نمونا لکي، دروازي تي بيٺل پٽيوالي کي ٻيو مريض اندر موڪلڻ جو حڪم ڏيندو هو ۽ هي ان لکيل پرچي تي پينسلين جي سئي ڪلهي ۾ هڻائي اسپتال جي ميڊيڪل اسٽور تان دوائون وٺندو هو جتي وري اسٽور ڪيپر وڏي بوتل ۾ پيل ڳاڙھي دوا ڪجھ مقدار ۾ ننڍڙي پلاسٽڪ جي ٿيلي ۾ وجهي ڏيندو هو ۽ پوءِ پيلي، ناسي ۽ اڇي ٽڪين جي هر هڪ دٻي مان چپٽي ڀري هن کي ڇڙٻ ڏيندي جلدي رش ڇڏڻ جو چوندو هو...


زمانو هوريان هوريان بدلجڻ لڳو. سرڪاري اسپتال جي بلڊنگ به وڏي ٺھڻ سان گڏوگڏ ڪيترا ئي ڊاڪٽر بدلي ٿيا، ڪي نوان آيا، ڪي رٽائرڊ ٿي ويا. پر هاڻي ته نه اها پينسلين جي سئي لڳندي هئي ۽ نه ئي وري هن وڏي اڇي بوتل ۾ اها سڀني کي ڳاڙھي دوا ملندي هئي. بلڪ دوائن جون الڳ شيشيون ته بيماريءَ جا خاص الڳ ڊاڪٽر، ليباٽري، جنرل وارڊ ۽ آپريشن ٿيٽر عوام جي خدمت لاءِ ميسر هئا. روزانه جي او پي ڊي ۾ بيحد رش ھئڻ کانسواءِ ڪيترا ئي مريض داخل پڻ هوندا هئا. جنهن ۾ سفارش ۽ واسطيدارن جو بهترين علاج ته ٿيندو ئي هو پر صفا نڌڻڪن ۽ غريب مريضن کي به رنگوليٽ جهڙيون ٿيلهيون ضرور لڳنديون هيون. روز معمول جو اهو لقاءُ ڏسندي ڏسندي ديالداس پنجاھ سالن جي ڄمار ۾ رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ به پنهنجو علاج، سرڪاري اسپتال ۾ ئي ڪرائيندو هو۔

هن جي ائين سرڪاري اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ تي، پاڙيسري ڪنجوس ماستر ڪري به سڏيندا هئا ته ڪي کانئس چوندا هئا ته هن کي ماليا خوليا به آھي. سندن ٽي پٽ ليڪچرار، انجنئير ۽ هڪ ڪريانه جو هول-سيل واپاري به ائين چوندا هئا؛ ”بابا سرڪاري اسپتال جي دوائن تي غريبن، مسڪينن، لاچارن ۽ يتيمن جو حق آھي ۽ انهن جي مخصوص بجيٽ هوندي آھي. توهان وٽ ڀڳوان جي ڪرپا سان سڀ ڪجھ آھي ۽ تازي پينشن به ورتي آ پوءِ به اهي سرڪاري اسپتال جون دوائون وٺڻ ڇو نٿا ڇڏيو....؟!“ پر پڻس؛ پٽن جي اھڙي چيڙاڪ طبيعت کان واقف هوندي ڪجھ به ورندي ڏيڻ بجاءِ پيو مسڪرائيدو هو.

قدرتي هن دفعي ديال داس بيمار ٿيڻ ڪري سرڪاري اسپتال تائين نه پهتو هو بلڪ نزلي، زڪام ۽ گلي ۾ سور ڪري جلد ئي بخار به تيز ٿي ويو. پٽن به فون تي پنهنجي واسطيدار دوست ڊاڪٽر ديپڪ کي گهر گهرائي، علاج شروع ڪرايو هو پر جڏهن ٻن ڏينهن تائين ڪو فرق نه آيو ته سندن پٽن کي شڪ ٿيو ته بابا روزانه سرڪاري اسپتالن جي دؤرن کان نه مڙيو هو ۽ تازو ئي سرڪار پاران ڪورونا جي ٽيسٽ جو سينٽر پڻ سرڪاري اسپتال کي ڪيو ويو آھي ۽ اتي بيشمار مريض به اچن ٿا سو شايد بابا تي ڪورونا جو قهر مٿس حاوي ٿيو آھي. انهيءَ شڪ ۾ احتياط خاطر بابا جا سڀ برتن به الڳ رکيا ويا ته سڄي گهر کي سينٽائزر ۽ ڊيٽول جو اسپري پڻ ڪيو ويو ۽ کيس الڳ ڪمري ۾ ڪورنٽائين طور رکيو ويو. پر ڪير به اندر وڃڻ لا تيار نه هوندو هو. بازار جي پلاسٽڪ ۽ ڊسپوزل وارن ٿانون ۾ دروازي جي اڱڻ تي ائين ماني ڏني ويندي هئي، جيئن جيل ۾ واڙيل ڏوهاري قيدين کي ملندي هجي...! گهر جي ته سڀني ننڍن وڏن جي منهن تي ماسڪ لڳي ويا هئا. پر پاڙي ۾ به سڀ پنهنجي پنهنجي گهرن تائين محدود هئا. ايستائين جو سائينءَ جي گهر فرج مان برف جو وٽو وٺڻ واريون غريب مايون به برف وٺڻ لاءِ نه اينديون هيون ته شام جي وقت گهرن ٻاهران ٿلهي تي ڪچھري ڪندڙ به ڏسڻ ۾ نه ايندا هئا. سڄي پاڙي ۾ اهو هل مچي ويو ته ديالداس کي ڪني بيماري ڪورونا ٿي آھي. هن جي ننڍڙن پوٽن ۽ پوٽين کي ته پاڙي ۾ ڪو پنهنجي گهر به اچڻ ڪو نه ڏيندو هو ۽ نه ئي پنهنجن ٻارڙن کي انهن سان گڏ کيڏڻ ڏنو ويندو هو. پاڙي جا دوڪاندار به پري کان ئي شيون رکي ڏيندا هئا، سڀئي هن جي بيماري کان خوفزده هئا. اهڙو نفرت ڀريو ورتاءُ ڏسي ديال داس جون اکيون رت رنيون هيون. گهڙي پل لاءِ سوچيائين سڀ رشتا ناتا رڳو نالي ماتر ۽ اکين جو ڍؤ هوندا آھن. زندگيءَ ۾ اهڙا ڏينهن به ڏسڻا هئا جو زندھ هوندي به مئل مثل ئي آھيان. پر مئل کي به غسل ۽ ڪلهو ڏنو ويندو آھي پر هاڻي پنهنجن مان اها اميد به اجائي آھي...! اهو سوچيندي، هن روئيندي پنهنجي زال ۽ پٽن کي چيو؛ ”توهان جيڪو ڪني بيماري ڪورونا سمجهو پيا، اها مون کي ناهي...! توهان خوامخواھ مون کي ڪورنٽائين ڪيو آھي، جيڪڏهن منهنجي ڳالهين تي ڀروسو نه هجي ته ڀلا منهنجي ڪورونا جي ٽيسٽ ته ڪرايو....!“

”ٽيسٽ ڇا ڪرايون... سڄي رات تنهنجي کنهون کنهون، ساھ جي تڪليف ۽ تيز بخار جهڙين نشانين مان پڪ لڳي ٿي ته توهان کي ڪورونا ئي آھي. هونئن به توهان کي اسان ڪيتري منع ڪئي هئي ته؛ ڇڏيو انهن ڀلائيءَ جي ڪمن کي! ٻاهر نه نڪرندا ڪريو ۽ سرڪاري اسپتال ۾ ته ماڳهين ويندا ئي نه ڪريو... پر توهان نه مڙيا ۽ اڄ اسان سڀني کي اچي پريشان ڪيو آھي...! هاڻي ڪورونا ۾ ڏسون ڀلا ڪير ٿو ويجهو اچي...!“

وڏي پٽ پرڪاش ائين ڇڙٻ ڏيندي اڃا چيو پئي ته وري وچئين پٽ ساجن وچان ڳالهائيندي چيو؛ ”پوءِ به بابا کي جيڪڏهن اسان اسپتال ۾ داخل نه ڪنداسين ته هي سماج وارا ته اسان جو نڪ ئي وڍي ڇڏيندا...!“ ايتري ۾ ننڍي پٽ جئمل داس هڪدم پنهنجي سيلون ڪار ٻاهر ڪڍندي ننڍڙي پٽ راڪيش کي چيو؛ ”پٽ جلد سينيٽائيزر ۽ ڊيٽول جو اسپري کڻي اچ ته تنهنجي ڏاڏي کي اسپتال ته پهچايون۔۔۔!“

ڪار ۾ چؤطرف اسپري هڻڻ کانپوءِ بابا کي پوئين سيٽ تي ويهاري شهر جي مشھور خانگي ميڊيڪل سينٽر ۾ داخل ڪرائڻ لا روانا ٿيا ته رستي ۾ ديال داس پٽن کي ايلاز ڪندي چيو؛ ”ٻيلي آئون ٺيڪ آھيان، اهڙي خطري جي ڪا به ڳالھ ناهي. جيڪڏهن مون کي داخل ڪرايو به ٿا ته اسان جي سرڪاري اسپتال ۾ داخل ڪرايو، جتي منهنجا سڀ ڊاڪٽر واسطيدار آهن. جيڪي صحيح علاج ڪندا ۽ آئون جلد ئي تيار ٿي ويندس۔۔۔

”ھون! سرڪاري اسپتال ته توهان جو هيءُ حال ڪيو آھي! پر اڃان هن جي پچر نٿا ڇڏيو۔۔۔! بابا جيڪڏهن سرڪاري اسپتال ۾ سٺو علاج ٿئي ته پوءِ اسان جا اڳواڻ علاج لاءِ خانگي اسپتال ۽ پرڏيھ ڇو ٿا وڃن...!!“ سندس پٽ جئمل داس ڪار جو ٽرن خانگي اسپتال ڏانهن ورائيندي ائين تعجب وچان ڀڻڪيو هو.

”پر پٽ! اسان جي ايڌي ته سرڪاري اسپتال مان علاج ڪرايو هو نه...! اڄ به ڊاڪٽر اديب رضوي جهڙن ڊاڪٽرن جي ڌيان هئڻ سبب ايس آءِ يو ٽي سينٽر ۾ ماڻهن جو ڪامياب علاج ۽ آپريشن ٿين ٿا... جناح اسپتال توڙي قلب جي قومي اسپتال پنهنجي علاج ۾ ڪامياب آھن ۽ اڃا...اڃا...“

”بس بابا...! سامهون خانگي اسپتال آ! مهرباني ڪري انهن ڊاڪٽرن جي سامهون اهڙو بحث نه ڪجو.“ پٽ جئمل ڪار کي خانگي اسپتال جي گيٽ جي سامهون بيهاريندي چيو.

ديال داس کي انهيءَ اسپتال ۾ ڊاڪٽرن هڪدم تپاس ڪندي ۽ جيستائين رزلٽ اچي تيستائين کيس نمونيا ڄاڻائي اسپتال ۾ ڪجھ ڏينهن داخل ٿيڻ لاءِ چيو ويو. جتي اوچين اوچين دوائن تي چئن ڏينهن ۾ هن کي صفا هيڻو ئي ڪري ڇڏيائون. پر ڪورونا جي رپورٽ اچڻ ۾ اڃا به ٻه ڏينهن دير هئي ۽ طبيعت ۾ فرق نه ٿيڻ ڪري، سندس زال، پٽن کي زور ڀري روئيندي چيو؛ ”پٽ توهان جي بابا جي طبيعت ۾ سڌاري بجاءِ نهايت ئي ڳڻتيءَ جوڳي ٿيندي پئي وڃي. هو روز چوندو آھي ته مون کي هتان کان سرڪاري اسپتال ۾ داخل ڪرايو. جيڪڏهن هن جي اها کڻي آخري خواهش ئي سمجهو پر نالي ڌڻيءَ جي هن کي هوڏانهن منتقل  ڪريو.. يا پوءِ حيدرآباد يا ڪراچي ڏانهن وٺي وڃو. باقي ھتي رهي ته ائين ٿو لڳي ڄڻ ڀاڳ ڌڻيءَ جي موت جو انتظار ڪري رهيا آهيون.“

امان جي گهڻي زور تي، پٽن خانگي اسپتال جي ڪائونٽر تي ويھ هزار روپين جو بل ادا ڪيو. جتان پوءِ پنهنجي بابا کي پهريائين ته سرڪاري اسپتال ۾ داخل ڪرايائون. جتي نهايت ئي گهڻي رش هئي، صفائي جو ڪو به مناسب بندوبست نه هو. ڊاڪٽرن به مريضن جي نالي ماتر سار پئي لڌي. مڇرن جي وڏي آزار ۾ پٽن کي هڪ رات ترسڻ به جنجال جيان پئي لڳو ۽ پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته هن اسپتال جي حالت ته ڏسو! روز بروز ته ڊاڪٽر به هتي ڪونه ٿا اچن. پر بابا کي هن اسپتال سان الائي ڪهڙو لڳاءُ ھو جو مسلسل هتي ايندا هئا. بهتر آ ته هتان کان حيدرآباد يا ڪراچي ڏانهن هلون. اهڙيون صلاحون ڪندي، سڀئي بيڊ کان سڀ وڇوٽي تي ويٺا هئا ته ماڻس چيو؛ ”پٽ اڄ هڪ رات اسان هن اسپتال ۾ گذاريون ٿا، الله ڪندو طبعيت بهتر ٿيندي. جي نه ته پوءِ صبح جو وري حيدرآباد يا ڪراچي هلنداسون.“

ماءُ جي چوڻ تي هڪ ڏينهن ٻيو به انتظاريءَ ۾ هن اسپتال ۾ مجبور ٿي رھڻ لڳا۔ اوچتو شام جي ڇهين بجي ڌاري ماسڪ لڳل هڪ اوپرو شخص بنا ڪنهن خوف جي ديال داس جي بيڊ تي آيو ۽ اچي پڇيائينس؛ ”سائين طبيعت ڪيئن آھي؟“

ديال داس آهستي آھستي هٿن جي اشارن سان ڄڻ ائين پئي چيو ته؛ ”هاڻي پاڻ کي ڪجھ بهتر سمجهان ٿو..”

”پر سائين هاڻي فڪر نه ڪجو آئون آيو آھيان، منهنجي هوندي توهان کي ڪجھ به نه ٿيندو ۽ نه وري اسان ڪراچي ڏانهن علاج خاطر وينداسين۔ مالڪ جي ڪرم سان سڀ بهتر ٿي ويندو۔“ ائين چئي ان اوپري شخص، بنا ڪنهن حجاب جي ديال داس جي سڄي جسم کي زور ڏيڻ شروع ٿي ويو ۽ پاڻ سان گڏ وٺي آيل جوس به پنهنجي هٿن سان ڏنائين. ڪجھ محبت منجهان ميوا به کارايائين ته طبيعت متعلق ڪجھ روحاني ڳالھيون به ٻڌائيندي ٻڌائيندي جيئن جو تيئن سڄي رات اهڙي خدمت ڪيائين جو مريض کي ڄڻ ڪو آب حيات ملي ويو هجي. ۽ سندس شرير ۾ ڄڻ نئون ساھ پئجي ويو. پٽن کي به حيرت ٿيڻ لڳي ته ڄڻ اهي ڪو ڪرشمو ڏسي رهيا هجن. سو نيٺ ساجن کان رهيو نه ٿيو جو پڇيائين؛ ”بنا ڪنهن خوف، رشتي ۽ بنا ڪنهن معاوضي جي توهان اسان جي بابا جي ايڏي وڏي خدمت ڪئي آ جو هن جي صحت ۾ سڌارو آيو آهي. ڀلا ٻڌائيندا ته اسان جي بابا سان توهان جو ڪهڙو رشتو آھي...!؟“

ساجن جي ائين گهڻي پڇا ڪرڻ تي ان اوپري شخص وراڻيو ته؛ ”ديال داس انسان نه پر هن سرڪاري اسپتال ۽ اسان لاءِ مسيحا بڻجي آيو هو۔“

”هو روزانه اسپتال ۾ پرھ ڦٽيءَ جو واڪ ڪندي ڪندي، پاڻ سان گڏ پلاسٽڪ جي ٿيلھي ۾ سڳنڌ خاطر نازبو ۽ گلاب جا گل مريضن کي ڏئي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ناشتي لاءِ بسڪوٽن جون پڙيون به ورهائيندو هو ته گرمين ۾ جوس به ڏئي ويندو هو ۽ لوڊشيڊنگ کي نظر ۾ رکندي هوا هڻڻ لا ونجڻا به ڏئي ويندو هو۔“

”هن اسپتال جي ڪيترن ئي اڻ واقف مريضن جي ضرورتن جو پورائو ڪيو. جنهن وٽ ٻاهرئين دوائين وٺڻ لا ڪجھ نه هوندو هو انهن کي هي دوائون وٺي ڏيندو هو. کائڻ لا خاموشيءَ سان کيسي ۾ ڪجھ ڏوڪڙ به ڏئي ويندو هو، ته ميوا به ڏئي ويندو هو. هو پنهنجي پينشن جو ٽيون حصو، باقاعده هن سرڪاري اسپتال جي خرچن ۾ کپائيندو هو. ڊگهو ٽي بي جو ڪورس وٺندڙ مريضن جي گهر وڃي به انهن کي همٿ ۽ حوصلي جو سهارو ڏئي ايندو هو ته هو پنهنجو اٺ مهينن تائين مسلسل مفت علاج ڪرائين ته اها بيماري ختم ٿي ويندي ته پنج سالن کان ننڍڙن ٻارڙن کي پوليوکان بچاءَ جا ڦڙا به ضرور پيارين ۽ ٻارڙن ڇهن خطرناڪ بيمارين کان بچاءَ جا به ضروري ٽڪا لڳائين. حالانڪ سائينءَ کي ڪورونا جي انهن ڏينهن ۾ توهان منع ڪندا هئا پر سائين تڏهن به بنا خوف ايندا هئا ۽ مريضن جي بنا ڪنهن متڀيد جي بيحد ايتري ته سار لهندا هئا جيتري خانگي اسپتال ۾ ڳريون فيس وٺندڙ ڊاڪٽر به مريضن جي نه لهندا آھن... ڪجھ مهينا اڳ ۾ جڏهن لاڪ ڊائون سخت هو آمدرفت، ڪاروبار ايستائين جو گهر کان ٻاهر نڪرڻ تي به پابندي مڙھي وئي هئي. ان ڏينهن منهنجي زال ويم لا هتي داخل هئي تنهن ڏينهن ايمرجنسي ۾ مون کي رت جي سخت ضرورت هئي، منهنجو ڳوٺ هتان کان ٿر جي وارياسي ڀٽن ۾ تمام پري هو جتي موبائل نيٽورڪ جي سروس به ناهي، ٽيڪسي وارو به لاڪڊائون جي افرا تفريح ۾ منهنجي زال کي اسپتال ۾ داخل ڪرائي ۽ مون کي نڌڻڪو ڇڏي واپس هليو ويو هو تنهن ڏينهن آئون ڏاڍو پريشان هئس ۽ رت جي گروپ جي پرچي کڻي اسپتال جي سڀني مريضن توڙي اسٽاف وارن اڳيان ٻاڏائيندو رهيس ، ڪنهن چيو ته مون هفتو اڳ ۾ ڏنو آ، ته ڪنهن وري ائين پڻ چيو هوته منهنجو ته گروپ به ٻيو آ نه ته آئون ڏئي ڇڏان..هي سڀ لقاء ان ڏينهن ديال داس پنهنجي اکين سان ڏسي رهيو هو، تنهن منهنجي هٿ مان پرچي وٺندي چيائين ته فڪر ڪرڻ جي ڪا ضروت ناهي منهنجو گروپ ساڳيو آ ۽ پوءِ منهنجي پريشاني تي پهو رکي سائين پاڻ اهو رت ڏنو هو. تنهن ڏينهن کان ديال سان فون تي رابطوهوندو هو. پر جڏهن هفتو اڳ هن پنهنجي طبيعت خراب هئڻ جو ٻڌايو ته آئون اڄ ڳوٺ کان ڏسڻ خاطر آيو هئس ۽ مون کي پڪ هئي ته هو انهي اسپتال ۾ ئي مون کي ملي ويندو. بهرحال هاڻي توهان سڀ فڪر نه ڪريو اسان جو سائين جلد ئي صحتياب ٿي ويندو.“

اوپري شخص جي واتان پنهنجي متعلق ٻڌندي ديال داس جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ پاڻ ۾ ڪجھ قدر چاڪائي محسوس ڪندي  پنهنجن پٽن کي ان  شخص بابت ٻڌايو ته ”هي اجنبي منهنجو مسلم دوست ڌڻي بخش مهر آهي مون کي انهي اسپتال جي نڌڻڪن مريضن سان بيحد لڳاءُ ۽ همدردي هئڻ ڪري آئون معمول موجب هتي ايندو هئس، اهي سڀ روڳي ناهن پر اسان جي پيار ۽ حوصلي جا حقدار آھن، اسان رڳو انهن کي ڪجھ بهترين علاج جي ڀروسي جي تسلي ڏيون ته  اهي ترت تيار ٿي وڃن ٿا سو اڄ انهن پيڙائين جي مريضن جي وچ ۾ پاڻ کي گڏ داخل ٿيل ڏسي پاڻ ۾ تندرستي محسوس ڪريان ٿو.“ ايتري ۾ سندس بيڊ جي ڀرسان بيٺل ٻين ڊاڪٽر منجهان وڏي ڊاڪٽر خوشحال داس چيو؛ ”مبارڪون هجن ديالداس...! توهان جي ڪورونا جي ٽيسٽ نيگيٽو آئي آھي ۽ توهان جي صحت ۾ گذريل ارڙنهن ڪلاڪن دؤران سڌارو به آيو آھي مون کي لڳي ٿو ته اهو سڀ انهن تنهنجي چاهيندڙن غريب مريضن جون دعائون آھن، بس هاڻي الڪو ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي ٻن ڏينهن کانپوءِ توهان کي گهر جي لاءِ موڪل ملي ويندي پر ديالداس ياد رکجان ته هن اسپتال جي مريضن کي اسان کان وڌيڪ توهان جي رضاڪارانه همدردي جي گهڻي ضرورت آھي. اسان ته شفٽ بدلي ٿيندي ئي هليا وڃون ٿا پر تون ته هر وقت انهن جي سار لهين ٿو.“ اهو ٻڌي زال، پٽن، ڏوهٽن سميت ڌڻي بخش جي چهرن تان مايوسي موڪلائي وئي ۽ اکين ۾ به خوشي جا لڙڪ وهڻ لڳا. 

 

(فيسبڪ جي ڪھاڻي رنگ سلسلو- ڪڙي نمبر ۵ تان ۲۸ جنوري ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment