Monday, January 3, 2022

شيخ اياز جي ڪهاڻين ۾ ڪردار نگاري جو تحقيقي ۽ تنقيدي جو جائزو - هوش محمد ڀٽي

شيخ اياز جي ڪهاڻين ۾ ڪردار نگاري جو تحقيقي ۽ تنقيدي جو جائزو

هوش محمد ڀٽي



شيخ اياز سنڌي ادب جو اهو ستارو آهي. جنهن جي چمڪ دمڪ کان هر ڪوئي ڀلي ڀت واقف آهي. اياز جيڪو دڳ ورتو ۽ منزل تائين رسيو، اهو سنڌي ادب ۽ ٻولي لاءِ تمام گهڻو لاڀائتو هو. شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪو منفرد انداز اپنايو، پنهنجي ٻولي کي امير ڪرڻ لاءِ اهو نهايت  ئي شاندار هو. ان سان سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ ۾ نوان لاڙا، تشبيهون، محاوار ۽ استعارا متعارف ٿيا، نج پج سنڌي  ٻوليءَ ۾شاعري جو رواج پيو.


شيخ اياز پنهنجي شاعري ۾اعليٰ فڪر ۽ نئين انداز بيان جو مالڪ آهي پر اها خوبي ۽ الڳ انداز سندس ڪهاڻين ۾ به نظر اچي ٿو. هتي اسان شيخ اياز جي ڪهاڻين ۾ ڪرداري نگاري جي حوالي سان ڳالهائينداسين. اياز شاعري جيان ڪهاڻين ۾به پاڻ موکيو آهي. شيخ اياز ان وقت ڪهاڻي لاءِ قلم کنيو جڏهن سنڌي ڪهاڻي جو شروعاتي دؤر پئي هليو ۽ تمام ٿوڙرا ڪهاڻيڪار هئا. شيخ اياز جي شاعري جو پاسو مضبوط هجڻ ڪري سندس ڪهاڻين ڏانهن ايترو ڌيان نه ڏنو ويو آهي پر سندس ڪهاڻيون سنڌي ادب ۾ ڪهاڻين جي اوسر وارين ڪهاڻين منجهان آهن. ان جو هڪ اِهو به سبب ٿي سگهي ٿو ته اهي ورهاڱي کان اڳ ڇپيون يا ڇپيون ته وري ٿوري تعداد ۾ جو اها بلندي ۽ مشهوري ماڻي سگهن.

ڊاڪٽر انور فگار مطابق:”اياز جون ڪهاڻيون سنڌي ادب جو اڻ مٽ سرمايو آهن. اهي ڪهاڻيون هڪ ڀيرو ڇپجڻ کان پوءِ وري ٻيهر ڪو نه ڇپيون. جو اها مڃتا حاصل ڪري سگهن ها يا ادبي تاريخ جي محققن ۽ نقادن آڏو مقام پائي سگهن ها.”(۱)

نه ڄاڻ ڪهڙا اهي سبب آهن جو سندس ڪهاڻين ڏانهن ڌيان نه ڏنو ويو آهي. ان جو مکيه سبب ته ماڻهو سندس جي شاعري واري سحر مان نڪرن ته ڪهاڻين ڏانهن اچن.

جئين جمال ابڙو اياز جي ڪهاڻين جي حوالي سان چئي ٿو ته “سندس عظيم شاعري جي ڪري، سندس افساني نويسيءَ وارو پهلو، ماڻهن کان اوجهل رهيو. مون کي موجوده دؤر جي ڪهاڻي جو ابو سمجھيو يا سڏيو وڃي ٿو حقيقت ۾ اهو سهرو به شيخ اياز تي آهي.”(۲)

شيخ اياز جي ڪهاڻين جا ڪردار مختلف سماجي مسئلن تي باعمل سٻاجها، انقلابي، ڌتڙيل، سلجهل، کلڻا، باغي ۽ محبت جا علم بردار آهن. ۽ اسان جي سماج  مان اسريل آهن. اياز جي ڪهاڻين ۾ سنڌيت ۽ ڌرتي جي خوشبو ڦهليل آهي. سندس ڪردار ڌرتي ماتا سان محبت ڪندڙ آهن. اياز جي ٻولي نج پج سنڌي آهي. اياز جي کمير ۾ سنڌيت ڀريل هئي.

سندس چواڻي “مان نه پاڪستاني آهيان، نه اکنڊ هندستاني، نه سماج جي سطحي رسم ۽ رواج جو پابند، نه انقلابي طبقي جي اجائي جوش سان شامل، نه ساهيت جي جهوني، يڪرنگي تصوير جو قائل، نه ڍونگي ترقي پسندن جي جنسي اگهاڙپ جو مشتاق.” (۳)

۽ اِهو سڀ اهو ماڻهو ئي چئي سگهي ٿو، جنهن جي جوهر ۾ سنڌ ئي سنڌ هجي .شيخ اياز پنهنجي ادبي ڪيريئر ۾ ڪل ۲۴  ڪهاڻيون لکيون اهي به پنهجي شروعاتي د‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‌‌‌ؤر ۾ اياز کي سنڌي ڪهاڻي جو بنيادي ڪهاڻيڪار به مڃيو وڃي ٿو. ان کان پوءِ وري اياز ڪڏهن ڪهاڻي لاءِ قلم نه کنيو.

شيخ اياز جي ڪهاڻين جو ڪتاب ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي “جي تند برابر توريان “جي نالي سان سيهڙيو آهي. جنهن ۾ايازجون سڀ ڪهاڻيون شامل آهن. پيش لفظ ڊاڪٽر فگار هڪڙي، جمال ابڙو، ستار پيرزادو ۽ ڊاڪٽر قاضي خادم جا اياز جي ڪهاڻين تي رايا ڏنل آهن، اياز پنهنجي ڪهاڻين ۽ ڪهاڻي جي فن تي الڳ الڳ مضمون ڏنا آهن.

شانتا: دنيا جي هر سماج ۾ رهندڙ ماڻهو اهو سوچيندو آهي ته زندگي ۾ تڪليفون، عذاب ۽ ذلتون نه هجن برابري هجي ۽ زندگي مان شان سان گذري. اياز جي ڪهاڻي “شانتا” جو ڪردار به ڪجهه اهڙا ئي خواب  ڏسي ٿو. شانتا  ۾ اياز جي ٻولي ۽ تشبيهون شاندار آهن. اياز سماج جي اصليت کي پنهنجي  لفظن ۾بيان ڪيو آهي. شانتا جيڪا وئشيا آهي. ان ڪردار کان پنهنجي احساسن جو اظهار ڪرايو آهي. مردن جي هن معاشري ۾ جتي عورت جي لاءِ ڪا معافي ڪو واپسي جو گس نه آهي.

ڪهاڻي ۾ شانتا وئشيا آهي. جيڪا ڀنگي رامون سان شادي جا ارمان دل ۾ رکي  ان کي ڀڄي وڃڻ لاءِ چئي ٿي ۽ ان جي پٺيان به روائتي عورت وانگر گهر ٺاهڻ جو خيال آهي پر اهم ڳالهه ته هوءَ سماج ۾ عزت جي نگاهه سان ڏسڻ لاءَ اهو سڀ ڪرڻ چاهي ٿي. پر رامون جيڪو ڀنگيءَ آهي روز ان کان مٺائي ان لاءِ وٺي ٿو ته جئين ان جا ٻار خالي پيٽ نه هجن.رامون کيس جواب ۾چئس ٿو “پرماتما تو کي سکي رکي، مون کي زال آهي، ٻار آهن. جي مٺائي کائي تو کي آسيس ڪندا آهن. مان تو کي ڪيڏانهن وٺي وڃان، رام سوامي مون کي هڪ جهوپڙي آهي. جنهن ۾ نه بجلي آهي نه غسل خانو غاليچا نه پلنگ! مان غريب تو کي ڪٿان پالي سگهندس ٻيو ته مونکي نيات وارا ڇا چوندا...”

رامون جا اهي لفظ ٻڌي هوءَ ڄڻ ڀوري پوي ٿي ۽ سوچي ٿي “هن کي نيات وارا ڇا چوندا ؟ هن کي نيات وارا ڇا چوندا...” ته تون وئشيا آندي آهي ڪميڻي، ذليل وئشيا ! هي ڀنگي جنهن کي ساري دنيا اڇوت ٿي سمجھي سو به مون  سان ڇوت ڇات پيو ڪري مان ڀنگي کان به خراب آهيان.”

اياز جي ڪهاڻي جو هي ڪردار ڪيڏو معصوم ٿو لڳي پر هن سماج ۾ جتي اوچ نيچ، اڇوت ۽ ڇوت جا طبقا هجن اتي ڪا به وئشيا عزت واري زندگي نه ٿي گذاري سگهي.

رفيق: شيخ اياز جي هي ڪهاڻي ڪامريڊن جي ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ ڪجهه اشتراڪيت سان وابسطا آهن ته ڪجهه سوشلسٽ آهن. پر سڀني ڪردارن جو مقصد هڪ ئي نظر اچي ٿو سماج ۾ تبديلي سک، شانتي، هڪجهڙائي برابري ۽ غريب طبقي جي لاءِ وڙهڻ وغيره. اياز هن ڪهاڻي جي شروع ۾ گرامر جي غلطي ڪئي آهي لکي ٿو ته “اڄ ڊاڪ مزدورن جو اسٽرائيڪ پوري ٿيو هو.”اسٽرائيڪ لفظ جنهن  جي معنيٰ  هڙتال آهي اهو انگريزي ۾ هجي يا سنڌي اهو مادي  ٿيندو آهي. اهو صحيح هئين ٿيندو ته “اڄ ڊاڪ مزدورن جي اسٽرائيڪ يا هڙتال پوري ٿي هئي.”

ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي مطابق:

رفيق ڪهاڻي ۾ مزدورن جي اتحاد جو ذڪر آهي ۽ خود رفيق جو لفظ ڪاريڊ طور استعمال ڪيو ويو آهي. هندو مسلم اتحاد جو خاڪو به ان ۾ ڏسجي ٿو، جنهن جو نهايت ئي بي باڪ ۽ جرئتمندانه اظهار ڪيل آهي. ازنسواءِ سنڌي قوميت جي به هڪ معصوم شڪل نظر اچي ٿي. ائين لڳي ٿو ڄڻ هي ڪهاڻي صرف آدرشن ۽ نظرين لاءِ لکي آهي. ان ڪري ان جا فني پهلو جهڪا ٿي ويا آهن.”(۴)

“رفيق” ڪهاڻي عمده سوچ رکندڙ ڪردارن جي ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ نجمه ۽ موهن مکيه  ڪردارآهن. ڪهاڻي ۾ ڪردارن کان ڪامريڊ لفظ جي جاءِ تي رفيق لفظ ڪتب آندو ويو آهي جيڪو ڏاڍو سهڻو لڳي ٿو رفيق ڪهاڻي جا ڪردار يوٽوپيائي سوچ رکندڙ نظر اچن ٿا. جئين ڪهاڻي ۾ نجمه موهن کي چئي ٿي “آءُ ته تون مان به هلون هن فاقه ڪشي ۽ عصمت فروشيءَ جي دنيا کان دور! هي دنيا جتي کيت تي هاري جو خون، پسيني جيان وهي رهيو آهي!هي دنيا جتي بازار ۾مزدورن جو گوشت وڪامي رهيو آهي! ان دنيا کان دور، محبت ۽ فراغت جي دنيا ۾، جتي هي ڏينهن رات جي جاکوڙ ۽ جفاڪشي نه هجي.زندگي ۾ايتري آمد رفت نه هجي، جتي چالاڪي نه هجي. هڪ مٺي مٺي ۽ ماٺي ماٺي دنيا ۾”.

هن ڪهاڻي ۾شيخ اياز جا ڪردار سندس جيان باغي ۽ يوٽوپيائيutopia ‍‍‍‍‍‍‍‍‍ سوچ رکندڙ لڳن ٿا ۽ اهڙي دنيا  جو خاڪو جوڙين ٿا جيڪا ڪٿي به نه هجي، جتي انسانيت جي قتلام ۽ استحصال نه هجي. ڪهاڻي ۾منظرڪشي سٺي آهي. مرد ۽عورت جي حسن کي عمده تشبيهن سان بيان ڪيو آهي. جئين نجمه جي حسن جي تعريف ڪندي موهن چئي ٿو  ته “نجمه! تنهنجا اهي ڊگها وار، ڀنو زيتوني رنگ سنهڙا آلا چپ مون کان  وسرندا.”

هي ڪهاڻي اياز جي شروعاتي ڪهاڻين مان آهي پر پوءِ به سندس ڪهاڻي ۾ فڪر، ٻوليءَ ۽ منظر ڪشي سان گڏ ڪردار پختا نظر اچن ٿا.

کلڻي:

ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي مطابق: “البت سندس سڀني ڪهاڻين ۾ کلڻي فني نقطي نگاهه کان بلڪل ڪامياب چئي سگهجي ٿي. جنهن ۾ هڪ عورت جي ڪردار جي عملن مان سندس نفسياتي رغبت کي عيان ڪيو ويو آهي.”(۵)

هن ڪهاڻي ۾ جيڪو لفظن ۽ جملن جو جادو شيخ اياز ڪيو آهي. اهو ڏاڍو بي مثال آهي. کلڻي جهڙا ڪردار اسان جي ٻهراڙي واري سماج ۾کوڙ سارا ملندا.کلڻي کي پڙهندي، پڙهندڙ کلڻ لڳي ٿو ۽ کيس کلڻي تي پيار به اچيس ٿو ته ڪاوڙ به !!!

کلڻي جي ڪردار کي جنهن انداز سان ايازکنيو آهي اهو ڏاڍو لاجواب ۽ نازڪ احساسن وارو ڪردار آهي.

جئين هن ڪردار بابت ستار پيرزادو چئي ٿو:  “جنهن  ڇوڪري جي لڙڪن ۾ به ٽهڪ شامل هجن ۽ ٽهڪن ۾ لڙڪ ته ڪهڙو ڪافر آهي جيڪو اهڙي ڪردار تي اڪن ڇڪن نه ٿئي”. ( ۶)

اياز جي کلڻي جو ڪردار انتهائي سهڻي سيرت وارو مٺڙو ڪردار آهي جيڪو هر ڪنهن جي دل ۾گهر ڪري وڃي ،اياز جي هي ڪهاڻي سندس ڏات جوڪمال آهي.

پروفيسرمنگها رام ملڪاڻي کلڻي لاءِ لکي ٿو ته “هي هڪ نهايت نفيس سيرت نگاري .جي آکاڻي ۽ سنڌ ۾نڪتل اصلوڪين ڪهاڻين مان آخرين شاهڪار آهي.”۷))

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي وري کلڻي ڪهاڻي بابت هيءَ راءِ ڏئي ٿو: “اياز جي ڪهاڻي کلڻي هڪ محجوب دوشيزه بابت آهي ۽ اها منهنجو بيت سبب منزل تي نٿي رسي.”(۸)

ڪارو رنگ: شيخ اياز جو مشاهدو زبردست قسم جو آهي ۽ ان بنياد تي سندس قلم کڻڻ وقت لفظ الائي ڪئين ڀڄندا ڊڪندا اچي وڃن ٿا. ائين ئي ڪارو رنگ ڪهاڻي ۾ جيڪو بانام ڪردار کنيو ويو آهي اها ڪاري رنگ جي عورت جو آهي. جيڪا پنهنجو رنگ ڪارو هجڻ جي ڪري احساس ڪمتري جو شڪار آهي. اسان جي سماج ۾ جئين ڀوري رنگت رکندڙ کي خوبصورت سمجھيو ويندو آهي. پر عورت جيڪا اوسيتائين احساس ڪمتري جو شڪار هوندي آهي. جيستائين ان کي ڪو چاهڻ وارو مرد نه ملندو آهي ۽ اياز به هن ڪهاڻي ۾ ڪاري رنگ جي عورت جي ڪردار کي پهريان اداس گم سم ڏيکاريو آهي. مضبوط قسم جو تشبيهون ڏيندي ڪاري رنگ کي به خوبصورت قرار ڏنو آهي. ان ڪاري رنگ جي عورت کي جڏهن ڪنهن جي چاهت ملي ٿي ته هوءَ نکري پوي ٿي. هتي به اياز جي اک جو ڪمال آهي جو هو لکي ٿو ته؛ “سندس ڇاتي گهگهري مان ڄڻ ڦاٽي ٿي، سندس ڳل ڀرجي آيا هئا. کاڌيءَ جي ڪپڙن جي بدران کيس پٽ جي پنجابي ڊريس پئي هئي. هن مون کي ڏسي مرڪيو. سندس مرڪ ۾چلاڪي ۽ شرارت هئي. پهريون دفعو مون کي سندس ڪارو رنگ بد صورت لڳو هو. ڄڻ هوءِ ڏائڻ ٿي لڳي، ڪاري ڏائڻ.”

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي وري ڪارو رنگ ڪهاڻي بابت لکي ٿو:

ائين ڪهاڻي “ڪاري رنگ” جي سورمي ڪا ڪاري رنگ جي هئي. ان ۾ اياز ڏسي ٿو ته هوءَ پنهنجي رنگ جي ڪري احساس ڪمتري جو شڪار هئي. هن جي ڀرپور جواني انهيءَ ڪري برباد ٿي وئي.”(۹)

سنڌي سماج ۾ پيار ڪندڙ ڇوڪري گهٽ نگاھ سان ڏٺو ويندو آهي اياز به روايتي انداز ۾ ان کي ڏائڻ ڪوٺي ٿو. يا وري مرد جي ڇهاءُ کان پوءِ جيڪي عورتن ۾ تبديليون اچن ٿيون اياز انهن کي ڏسي، سمجھي کيس ڏائڻ چئي ٿو. سفيد وحشي جي مجموعي ۾ اياز پنهنجي هن ڪهاڻي کي سرئيليسٽ ڪهاڻي به چيو آهي.

سهڻي سير ۾: هن ڪهاڻي ۾ سهڻي جي ڪردار تي اياز قلم کنيو آهي اسان جي سماج ۾ سهڻي جي   ڪردار کي، منفي نظرن سان ڏٺو ويندو آهي. لطيف جيان اياز به پنهنجي شاعري ۾ سهڻي کي هاڪاري ۽ سورمي ڪري پيش ڪيو آهي. هن ڪهاڻي ۾ به اياز، ميهار ۽ سهڻي جي سنڌو جي سيرن ۾ ملڻ جي منظر کي چٽيو آهي. هي مختصر ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ ڪجھ دير لاءِ ته  ماڻهو اداس ٿي وڃي ٿو. هن ڪهاڻي ۾ اياز جي لفظن ۽ تشبيهن جي شهنشاهي قائم آهي.

نوران: ڪهاڻي جا ٽه مکيه ڪردار آهن. هڪ نوران، عزيز ۽ رضييه. نوران جو اهڙو ڪردار آهي جيڪا ازدواجي زندگي جي شروع  ۾ ئي مڙس جي محبت کان محروم ٿي وڃي ٿي ۽ هن کي دل گهريو دلبر به نه ملي ٿو. پوءِ جڏهن پنهنجي  ڌيءُ رضييه کي عزيز جي ويجهو ڏسي ٿي ۽ انهن جي محبت ۽ وجهڙائي ٿئي ٿي ته انساني فظرت جيان کيس اها ڳالھ ڀانءَ نه ٿي پويس. ڌيءُ ۽ عزيز کي ڇڙٻون ڏيندي رهي ٿي. رضييه عزيز ۽ نوران جهڙا ڪرداراسان جي سماج ۾ کوڙ آهن. اياز انهن جي فطرت ۽ طبعيت کان واقف ٿي جوڙيا آهن. انساني فطرت آهي. جڏهن انسان ڪجھ وڃائيندو آهي ته پوءِ ئي ان جو قدر ۽ اهميت سمجھندو آهي.هن ڪهاڻي ۾ به نوران ۽ رضيه جا ڪردار وڃائي ڪري خوب پڇتائين ٿا پر احساسن کان عاري نه آهن. هن ڪهاڻي ۾ ڪردارن جي ڪهاڻي عجيب ڪشمش ڏيکاري وئي آهي جڏهن عزيز رضيه جي گهر به اچي ٿو ۽ نوران جيڪا رضيه جي ماءُ آهي. ان کي امي به چئي ٿو. پر رضييه جي شادي ڪٿي ٻئي هنڌ ٿيڻ، ڪنهن حد تائين هڪ سوال پيدا ڪري ٿي ته رضييه جو ايترو جلدي شادي لاءِ ها ڪري ٿي ۽ ڇو عزيز سان رابطو نه ڪيو وڃي ٿو. انهن خامين کان سواءِ ڪهاڻي ۾ مڪالما ۽ تشبيهونءِ لفظن جو جاندار ۽ بهترين ڳانڍاپو آهي جئين ..”رضيه ٿڌو ساھ کڻي گذريل محبت تي قل پڙهي ڇڏيندي، نوران ساهي پٽي وري الحمد شروع ڪندي. هوءَ محبت کي لٽي ڇڏيندي، هي پٽي کيس ڏيکاريندي ته ڪوڙي ڪچ تي ماڻڪ پئي مٽين؛ “شادي عادت آهي، محبت عادت نه آهي. شادي پلئه ٻڌي ٿي، محبت روحن کي ڳنڍيون ڏئي ٿي. ڳنڍيون به ريشم جون، جي ڇڪيندي نه ڇڄن. شادي ضروري نه آهي محبت ضروري آهي.”

پهريون ۽ پويون خط: ڪوبه انسان پنهنجي حال مان خوش نه هوندو آهي، هن ڪهاڻي جو ڪردار نثار به پنهنجي حال مان خوش نه آهي. نثار نالي هڪ غريب ٽپالي جي هي ڪهاڻي ان جي ارمانن، حسرتن ۽ ڪجھ غير فطرتي خواهشن جي چؤگرد ڦري ٿي. جئين: “نثار سڄي عمر ڪنوارو رهيو ۽ سوچيندو هو ته بابو به ساڳي طرح ڪنوارو رهيو هجي ها ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها!. “اياز هن ڪردار جي احساس محرومي ۽ بي چيني کي بيان ڪيو آهي. حق ۽ سچ جي ڳالھ ڪندڙن کي ازل کان ڪچليو ويندو آهي يا پوئتي ڪيو ويندو آهي. نثار سان ائين ٿئي ٿو جڏهن ٽپالين جي حق جي حاصلات جي اڳواڻي ڪري ٿو ۽ جدوجهد ڪري ٿو ته نوڪري تان لاٿو وڃي ٿو ۽ انسان جڏهن صفا مايوسي جي عالم ۾ ايندو آهي ته ٻه رستا وٺندو آهي هڪ پاڻ ختم ڪرڻ جو ٻيو نشي جو، نثار به نشو ڪري پاڻ کي گم ڪري ڇڏي ٿو.

ٻرو چڪي رت: اياز هن ڪهاڻي۾ هڪ چور جي جي ڪردار کي چٽيو آهي، جيڪو چوري ڪرڻ ته اچي ٿو پر چوري بدران سندس دل چوري ٿي وڃيس ٿي. شيخ اياز جي هي ڪهاڻي ناڪام ۽ ڪمزور ڪهاڻي آهي. جنهن  ۾حقيقت پڻو صفا گهٽ آهي. پر ڪي ڪهاڻيون خيالي ۽ افسانوي،  حقيقت جي رنگ کان خالي به هونديون آهن. شيخ اياز هن ڪهاڻي ۾ نثر ڪمال جو لکيو آهي پر گرامر جو، لفظن جون ۽ ڪجھ ٽيڪنڪل غلطيون به ڪيون آهن. جنهن  ڪري ڪهاڻي بي مزي ٿي پئي آهي. جئين ايازلکي ٿو ته “هن ڪهاڙِي ڀت جي آڏورکي، لوھ جي ڪلي سان ڀت کوٽڻ شروع ڪئي.”لوھ جي ڪلي جو هتي استعمال ڪنهن حد تائين ناموزون لڳي ٿو ڇو ته ڪلي ته ننڍي ٿيندي آهي ۽ ڀت کي کوٽڻ لاءِ رنبي يا انبوئي جي ضرورت پوندي آهي. ٻئي هنڌ اياز لکي ٿو ته هن ڀت ۾ ماڻهو جي لنگهڻ جيترو ٻر ٺاهي آسمان ڏانهن ڏٺو. وهائو تي نظر ڪري هن سوچيو ته رات جو ٽيون پهر ٿيو آهي.” هن ٽڪري ۾ غلطيون آهن هڪ ته اياز هن ۾ کاٽ کي ٻر چيو آهي ۽ ٻيو وقت جي حوالي سان ڪهاڻي ۾ تضاد آهي. وقت ائين جو چور چوري ڪرڻ اڪثر اڌرات ۽ ٽئين پهر جي وچ تي نڪرندا آهن. هي چور به ٻئين  پهر ۾ چوري ڪري رهيو هو ته پڪڙجي پوي ٿو ۽ پڪڙجڻ وقت به اهو ئي ٿيندو يا اڳتي هلي رات جو چوٿون پهر ٿيندو پر اياز اڳتي لکي ٿو ته:.

“ٽئين کٽ تان اٿي چيو ته، “ادي ڊيلان!هاڻي رات جو ٻيو پهر ٿيو آهي. ننڊ ته هونئن نه ايندي، تون راڻو ڳاءَ مان تڙو وڄايان ۽ ٻيا سڀ جهمر وجهن.”

هنن مڪالمن ۾ چٽو پٽو تضاد آهي. ته چور ٽئين پهر ۾ چوري ڪري ٿو ۽ پڪڙجي ٿو. وري ٻئين پهر ۾ ڪئين ڳائن ٿيون جڏهن ته اهو اڳتي هلي وقت گذرڻ سان عصر يا چوٿون پهر هجڻ گهرجي. ڪهاڻي ۾ اڳتي هڪ جاءِ تي جملو آهي ته “چاڏي پيرن ۾جهلي هن مانڌاڻي ٿي هلايو.”جڏهن ته صحيح جملو هئين ٿيندو ته “چاڏي پيرن ۾جهلي هن مانڌاڻي پئي هلائي.” هن ڪهاڻي جا سڀ ڪردار ۽ مکيه ڪردار ڊيلان ۽ جانو ٻئي ٻروچ آهن ۽ ٻروچ مادي کي نر ۽ نر کي مادي چئي ويندا آهن شايد ان جي ڪري اياز به ٻروچڪي لهجي ۾لکيو آهي.

ڏٺو وڃي ته ٻروچ ماڻهو انتهائي شڪي مزاج هوندا آهن. اهي ماڻهو هڪ چور کي گهر ۾ ٻڌل هڪ اڪيلي جوان ڇوڪري ۽ ننڍو ٻار، ڇڏي وڃن ٿا. ڪهاڻي ۾ گهڻيون ڳالهيون تسليم ڪرڻ کان ٻاهر آهن. پر ڪهاڻي آهي ڪهاڻين ۾ ائين به ٿيندو آهي. جانو جيڪو ڊيلان جو مڌر مٺڙو آواز ٻڌي ان تي عاشق ٿي پوي ٿو. اها ڊيلان هڪ چور تي رحم ڪري سندس ماني کارائي ٿي ۽ واڇون اگهيس ٿي ته جانو جا وارا نيارا ٿي وڃن ٿا. اياز جانو کان هئين سوچرائي ٿو! “عورت جي سونهن به آهي ڇاتي ۾.” جانو سوچيو، “اهي ٻه وڏا مکڻ جا چاڻا!” هن جي ڏاڍي دل ٿي ته ڊيلان کي ڀڄائي وڃان.” شادي ڪرڻ جو جانو وارو خيال ڏاڍو هاڪاري بهتر آهي.

هڪ شمع ٻه پروانا: اياز جي ڏات جي ڏنل خوبصورت تخليق آهي. جنهن ۾ هڪ حقيقي داستان سليم انار ڪلي تي قلم وهايو ويو آهي، جئين ته اسين چوندا به آيا آهيون ته اياز وٽ تشبيهن جو اڻ کٽ خزانو آهي ان ريت هن ڪهاڻي ۾ به اياز گهٽ نه ڪئي آهي. شهزادي سليم انارڪلي ۽ مهرالنساءِ جي هن ڪهاڻي ۾ انارڪلي شهزادي سليم جو بادشاھ جي اڳيان راز رکندي مري وڃي ٿي توڙي جو هو ڄاڻي ٿي ته شهزادو مهرالنساءَ سان پيار ڪري ٿو. اياز جي  هن ڪهاڻي ۾هڪ مرد جو ٻن عورتن لاءِ پيار ۽ ٻن عورتن جو هڪ مرد تي فدا ٿيڻ جي ماحول کي حقيقي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.

هي هاري !: ڪهاڻي ۾اياز ٽن ڪردارن کي کنيو آهي. هڪڙو خوشحال حور جهڙيءَ سهڻي زال رکندڙ هاري جو ٻيو شمن موچي ۽ ٽيون وڏيرو ڪريم بخش، ساڙ ۽ حسد ته انسان جي فطرت ۾هميشه کان رهيو آهي. سماج ۾ماڻهو ڪڏهن به ڪنهن سکي ماڻهو کي نه ڏسي سگهندا آهن. صالح هاري جيڪو ٻهراڙي جو عام قسم جو هاري آهي. هارپو ڪرڻ سان گڏ وڏيري جي اوطاق جي سار سنڀال ۽ صفائي سٿرائي رکي ٿو. شوق مان ڀلو ڏاند پلايو اٿس ۽ سندس گهرواري به سهڻي اٿس.

جنهن لاءِ اياز کيس چورَائي ٿو ته:”دنيا ۾ ٻن شين سان سر لڳندو هو. هڪ گهر واري ۽ ٻيو ڏاند سان. ڏاند ته نه هو؛ پکي هو پکي هو! جڏهن گوءِ ۾ڀڄندو هو ته ڏهين ماڻهو ڏندين آڱريون ڏيندا هئا. واھ ڙي پکي! ڄڻ تارو ڏنو! هوا سان ڳالهيون ڪندو ويندوهو. هوا سان!”

وڏيري ڪريم بخش ۽ شمن موچي جهڙا ڪردار اڄ به اسان جي سماج ۾موجود آهن. شمن موچيءَ غريب هاري کي وڏيري جي ماڻهن هٿان موچڙا به هڻائي ٿو ۽ ڏاند به چوري ڪرائي ٿو ۽ خوش خوش سماج ۾ هلي ٿو. اياز شمو جي ڪردار ذريعي اِهو ڏيکاريو آهي ته سماج ۾اهڙا ڪردار کوڙ هوندا جن وٽ سهڻي زال ۽ خوشحال زندگي نه هوندي آهي ته اهي ٻين کي به نه سهندا آهن اها نفسيات آهي اسان جي سماج جي. صالح هاري جي پير مري ڀڄي پوڻ ڪري هو ڪمائڻ کان حلاق ٿي وڃي ٿو ته سندس زال پورهيو ڪري ٿي ۽ زيور کپائي کيس صحتياب ڪري ٿي پر ان جي دؤران هوءَ ۽ ايتري مجبور ٿي وڃي ٿي ۽ کٽي پوي ٿي جو وڏيريءَ اڳيان جهڪڻو پويس ٿو. صالح کي خبر پوي ٿي ته سندس ڏاند ڪنهن وٽ آهي ۽ پوءِ انکي واپس آڻڻ ۾ ديرئي نٿو ڪري. پر شمو کي ته ساڙ پورو ڪرڻو آهي کيس هوٽنگ ڪري اوڙاپي ته چويس ٿو؛ “مال موٽائڻ وڏي ڳالھ نه آهي.کڙو ڪوئي زال موٽائي. پر ڪنهن ۾ غيرت به هجي، چوڏهين صدي آهي.” ان تي صالح کيس وڙهي پوي ٿو پر شمو کيس ان جاءِ تي وٺي وڃي ڏيکارڻ لاءِ زور ڀريس ٿو ته تنهنجي زال هن وقت به وڏيري وٽ هوندي ۽ صالح ڪهاڙي سان گڏ اتي پهچڻ سان هم نه تم ڪندي پنهنجي حور زال جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏي ٿو ۽ اڃا وڏيري تي وار ڪري ئي ٿو ته شمو کيس مٿي ۾ ڌڪ هڻي ڪڍيس ٿو وڏيرو جيڪو اسان جي سماج جي وڏي لعنت آهي. جتان ڏوهن جي پيدا ٿئي اهو پوءِ به بچي وڃي ٿو. پر صالح جهڙا ڪردارجنهن جو سڀ ڪجھ هليو وڃي ٿو. زال ۽ شوق سک ۽ موت جي ٻه واٽي تي اچن ٿا.

جي تند برابر توريان: هي شيخ اياز جي فلسفيانه انداز ۾ لکيل ڪهاڻي آهي. منهنجي خيال ۾ اها اياز جي پنهنجي ئي ڪهاڻي آهي. هن کي جيڪو بيان ڪري ٿو، اهو اياز خود ئي آهي. غزاله ۽ شيام ۽ ان جي ڀيڻ شيلا هن ڪهاڻي جا ڪردار آهن. جيڪي حالتن کان مجبور ٿي هڪ ٻئي کان جدا ٿين ٿا. اياز هن ڪهاڻي ۾هڪ شاعر جيڪو وڪيل به آهي ان جي پراڻين يادين جي دري کولي ٿو.

موهن ڪلپنا مطابق: شيخ اياز سنڌ جو وڏو شاعر آهي. ڪو شاعر جڏهن ڪنهن موضوع تي ڪهاڻي لکندو ته رڳو ان جو نثر ئي ڪهاڻي کي کڻي بيهندو.

“جي تند برابر توريان” ڪهاڻي هڪ شاعر تي آهي، جو سنڌي آهي، “خوشي براءِ ادب” ۽ ادب براءِ زندگي جو حامي آهي. هن جي دعويٰ آهي ته جو انگريز اليئٽ نٿو پڙهي، اهو ناگريز نٿو ٿي سگهي، ۽ جو شاهه لطيف نٿو پڙهي اهو سنڌي نٿو ٿي سگهي، چاهي ته ڪردار ويڪل ٿي سگهي ٿو، پر هو ڪا جوابداري کڻڻ نٿو چاهي. هن جو عقيدو آهي ته “ جي شاعري ۾ دولت نه آهي ته دولت ۾ به شاعري نه آهي. شمع سان محبت ٿو ڪري، شمع جي شادي هڪ شاهوڪار سان ٿيڻ جي رٿا  آهي، سو غريب شاعر سان شادي ڪري، زندگي کي ڪيئن منهن ڏئي، بجاءِ ان جي ياز هن کي نمونيا جي موت ۾ ماري ٿو ڇڏي. ٻئي غزالا سان عشق ٿو پچائي، ته انساني فطرت موجب کيس شمع ياد نٿي اچي. وري به ساڳيو مسئلو ته غزالا هن سان شادي تڏهن ڪندي جڏهن هو به ڪو ڪم ڌنڌو ڪندو. هوءَ هڪ دفعو پاڻ جتائي کيس ائين چوي ٿي: “جي مان تو کي وڌيڪ پياري آهيان، ته تو کي شاعري ڇڏڻي پوندي.”

شاباس چوي ٿو: “تون غلط سوچيو آهي ته مان تو کي چونڊيندس.”

ڪردار هڪ آدرشوادي آهي، پر هو شادي جي ٻنڌڻ ۾ به ڦاسي، اهڙو ڪو سبب ڪهاڻي ۾ نه ڏيکاريو ويو آهي. يا ته ڪو انقلابي آدرش اٿس. جنهن سبب هو ڪنهن جي زندگي جو جوکم نه ٿو کڻي. اهو به ڏيکاريو نه آهي. ان ڪري شاعر ڪنهن به قسم جي همدردي ڇڪي نٿو سگهي. گهر يا پائيدار اثر نٿو ڇڏي. اظهار خوبصورت آهي.”(۱۰)

اڄڪلھ ته اِهو ٽرينڊ ٿي پيو آهي پر شايد گهڻو اڳ جو ٽرينڊ آهي ته غم جي حالت ۾ شراب ۽ سگريٽ جو سهارو ورتو وڃي ته غم گهٽجي ٿو. تخليقار سماج ۾ ٿيندڙ براين ۽ گندگين جي نشاندهي ڪندو آهي ۽ انهن کي برو چوندو آهي پر اياز پنهنجي ڪردار کان شراب نوشي کي هڪ هاڪاري شيءَ چورائي ٿو.

“هو غم کان نجات پائڻ لاءِ شراب پئيندو هو، پر شراب کيس ويتر غمگين ڪندو هو. هن هڪ ڀيري لکيو هو ته “جڏهن خدا ڪائنات خلقي ۽ خوشي ۽ غم پيدا ڪيو، تڏهن ٻنهي کي چيائين ته “پنهنجا پنهنجا دوست چونڊيو. “هن جو ايترو چوڻ، ۽ ساري مخلوق جو خوشي سان ساٿ ڏيڻ .هر ڪو ئي وڃي خوشي جي پاسي بيٺو ۽ ٻئي طرف غم ويچارو اڪيلو بيٺورهيو. خدا فيصلو ڪيو ته غم جي قسمت ۾تنهائي آهي. پوءِ جڏهن سڀئي مخلوق  ٽڙڻ پکڙڻ لڳي تڏهن چوريءَ چوري ءَ شراب غم جي ويجهو آيو ۽ سس پس ڪري چيائين ته “تون غم نه ڪر، مان ظاهري طرح ته خوشي سان آهيان، پر دلي طرح توسان آهيان.اڄ هن جي زندگي جو شراب غم سان اهو قول نڀائي رهيو آهي.”(۱۰۶)

افسانوي ادب جا ڪردار اهڙا هجڻ کپن جيڪي سماج ۾ ٿيندڙ برين عادتن کان نفرت ڪن، ڌڪارن نه ڪي فلسفيانه دليل ڏئي شراب نوشي کي غم جي نجات جو ذريعو سمجھن. هن ڪهاڻي جو ٻيو ڪردار شمع آهي. جيڪو به سماج جي دقيانوسي رسمن ۾ جڪڙجي ختم ٿي وڃي ٿو. اياز جي هي ڪهاڻي نثر، شاعري ۽ فلسفي جو مڪسچر آهي ۽ انتهائي شاندار تشبيهون ۽ جملا، ڊائلاگس جي ادانگي اعلى درجي جي آهي.

چار ايڪڙ ٻني: شيخ اياز سنڌي نثر ۾ جهڙي طرح سان تشبيهن جي نواڻ آندي ۽ ان ۾ جيڪا رواني آهي اها اياز جي “چار ايڪڙ ٻني” ڪهاڻي ۾ به نظر اچي ٿي.گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان وڏيرو اسانجي سماج ۾ جنهن طرح سان قابض رهندو آيو آهي. جنهن مان اڄ تائين اسين جند نه ڇڏائي سگهيا آهيون. جنهن جو تسلسل اسان جي سنڌي T.V چينئلس تي جاري آهي. هن ڪهاڻي جا ڪردار به پنهنجي معاشي مسئلن ۾ جڪڙيل وڏيري جا محتاج آهن. شاهوءَ جيڪو وڏيري الله بخش جو هاري آهي. ان جي ٻني ڪري ٿو ۽ ان جي چوڻ تي پاڻي جي واري تي رات جو پنهنجي پٽن رمونءَ ۽ جانوءَ کي ساڻ ڪري ٻني  تي وڃي ٿو. هن ڪهاڻي جا ڪردار پيٽ کان مجبور ٿي رت وهائڻ ۾ دير نٿا ڪن .شاهوءَ ٻنيءَ  تي خيالن ئي خيالن ۾يادون تازيون ڪري ٿو...

شانيءَ جنهن سان چوري چوري پريت جي ڏوري ۾ ڳنڍيل هو ۽ ان جي خوبصورتي تي سندس جي جسم ۾سراٽيون اچي وڃن ٿيون، ان کي ڪئين ڪاري ڪري ماريو ويو ۽ پاڻ تان ڌڪ بچائي ويو ته سندس شانيءَ جا قاتل غائب ٿي ويا. وڏيري جي چوري تي نه وڃڻ لاءِ کيس جيڪو ڀوڳڻو پيو هئس اهو سوچنيدي شاهو ٿوري اک پٽي ٿو ته جيڪا چوري مون ڪئي به نه هئي ته وڏيري جيڪي موچڙا کارايا ته اڃا تائين سنڌ سور ٿا ڪن اڄ ان لاءِ سر جي بازي لڳائي رهيو آهيان. جڙيو ماڇيءَ جنهن کيس پاڻي جا اوانڌا ڀڃي پاڻي پنهنجي ٻنيءَ ڏانهن لاڙڻ جا دڙڪا ڏنا هئا اهو سندس پٽ رمون جو جگري يار هو ۽ سندس ٻيو پٽ جانو جڙئي ماڇي جي ڌيءَ سان پريت هئي پر وڏيري جي ان سڄي سازش ۾ هڪ ٻئي جي رت جا پياسا ٿي وڃن ٿا. هن ڪهاڻي جا مظلوم ڪردار رمون جي  بيمار ننڍڙي ڌيءَ ۽ جانوءَ جي محبوبه نازيءَ آهن. جن جو ڪوبه ڏوھ نه آهي ته هڪ يتيم ۽ ٻئي پنهنجي ٿيڻ واري ور کان اڳ ئي بيواهه ٿي. پاڻي جي واري تي جڙئي ماڇي وارا آوانڌ ڀڃن ٿا ۽ رمون ۽ جانو حملو ڪن ٿا ۽ ڌرتي رت سان ڳاڙهي ٿئي ٿي ۽ سڀ ڪجھ ختم وڃي ٿو.

موهن ڪلپنا مطابق: شيخ اياز جي ڪهاڻي چار ايڪڙ ٻني جو موضوع للڪاريندڙ آهي ته مظلوم هارين جي ٻن حلقن جي کيتي ۾ پاڻي ڪو نهي. ۽ ٻئي چاهين ٿا ته سامهون واري ڪٽنب جي زمين مان آوندا ڀڃي واهه جو پاڻي پاڻ ڏانهن ڇڪيون. آوندا ڀڃڻ بدران هو هڪ ٻئي جا ڪنڌ ڪپيندا نظر اچن ٿا. پر ڪهاڻيءَ ۾ پيءُ چاهي پٽ جا عشق پاسيرا داستان، قدرت جا نظارا ۽ ڪهاڻي ۾ ڪهاڻيون ان ريت کتل آهن، جو لڳي ٿو هڪ ناول کي ڪهاڻي جو روپ ۾ پيش ڪيو ويو آهي. جنهن رٿا جي بار هيٺ ڪهاڻي جو مرڪزي ڪردار ويچارو ٻوساٽجي وڃي ٿو، انداز به ناصحانو آهي. شيخ ايازهڪ هنڌ ڏوکوئجي لکي ٿو: “هاءِ ڙي سنڌڙي، تو ۾ ڪيترا معصوم گناهه گار ماريا ويا آهن.”(۱۱)

“زمين چئي رهي هئي مان ڪنهن جي به نه آهيان، توهان سڀ منهنجا آهيو.گهڙي کان پوءِ توهان سڀني جا لاش منهنجي آغوش ۾ دفنائبا.” اياز جي هن شاندار سٽن سان ڪهاڻي پوري ٿئي ٿي. اياز هن ڪهاڻي ۾ وڏيرڪي نظام، ڪارو ڪاري ۽ پاڻي جي وارن تي ٿيندڙ مسئلن تي لکيو آهي.

رولو: بيانيانه انداز ۾ اياز جي “رولو” ڪهاڻي ان رولو رياض جي ڪهاڻي آهي. جيڪو هتي هوتي رلندو رهي ٿو، ڪڏهن ڪلفٽن ته ڪڏهن عمر ڪوٽ، اياز هن ڪهاڻي ۾ به محبت جون برساتون ڪيون آهن. ڪهاڻي جو رولو ڪردار هڪ ڇوڪري کي ڪلفٽن تي فقيراڻي حالت ۾ڏسي ٿو ۽ ڪشش محسوس ڪري ٿو ۽ پوءِ اها ڇوڪري کيس ساڌ ٻيلي جي سنت وٽ نظر اچي ٿي ۽ هن جي ياد ڪندي ڪندي ته هن، هن کي ڪٿي ڏٺو آهي ته هوءَ هلي وڃي ٿي ۽ ڪهاڻي پوري ٿي وڃي ٿي.

شرابي: اسان مٿي چئي آيا آهيون ته تخليقار کي اهڙي قسم جون ڳالهيون نه لکڻ گهرجن، جن سان سماج ۾ ڪنهن بري عادت کي هٿي ملي ائين اياز جي شرابي ڪهاڻي هنن لفظن سان شروع ٿئي ٿي ته “پئيندو هو ته جئيندو هو نه ته سندس زندگي ءَ موت جئين خاموش هوندي هئي.” مطلب ته پيئڻ جيئڻ آهي ۽ ڪوبه پڙهندڙ ان مان اثر وٺي سگهي ٿو. هن ڪهاڻي جو ڪردار جيڪو عورت ۽ دنيا هر شيءَ کان نفرت ڪري ٿو ۽ شرابي آهي سندس لاڳاءُ جون ٻه شيون آهن هڪ شراب ٻيو پونگڙو.

ڊاڪٽر عبداالغفور ميمڻ شرابي ڪهاڻي بابت لکي ٿو: “شرابي هڪ مختلف نوعيت جي ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ زندگي ۽ موت انسان ۽ دنيا بابت سوال اٿاريل آهن. هن ڪهاڻي جو ڪردار هڪ اڻ تڻ جو شڪار آهي. هو زندگي جو جواز چاهي ٿو. ماڻهو جو جوهر تلاش ڪري ٿو.(۱۲)

جيڪو هن کي گهر ۾ ئي ملي ٿو. شرابي جنهن کي هن دنيا سان ڪا دلچسپي نه آهي. ان پونگڙي ڪري هو صحيح معنيٰ ۾ جيئڻ لڳي ٿو. شراب به گهٽائي ٿو. پر ان جو به ڪو خاص سبب نظر نٿو اچي ۽ اوچتو اهو پونگڙو شراب جي بوتل جي ڪاون ۾ لڳي مري وڃي ٿو ۽ جذبائيت جو به خاص اظهار نٿو ٿئي ڄڻ ته اڌوري ڪهاڻي محسوس ٿئي ٿي. باقي مڪالما بهترين آهن.

نظيران: ڪهاڻي جو مکيه ڪرادر نظيران آهي، جيڪا غفور سان پرڻجي اچي ٿي. يتيم ۽ غفور جي س‍‍‌ؤٽ به آهي پر غفور هر وقت بنا جواز جي مارڪٽ تشدد ڪري ٿو ڇو جو پٺيان ڪو اوهي واهي پڇا ڪرڻ وارو نه آهي ان باوجود به نظيران کيس بي انتها پيار ڪريس ٿي ۽ راتيون جاڳي انتظار ڪري ٿي .جڏهن غفور رات جو دير تائين وڏيري جي اوطاق تي ڀنگ جي جمني تي تاس کيڏي ٿو. اسان جو الميو اهو هوندو آهي ته جڏهن شيون اسان وٽ نه رهنديون آهن. پوءِ انهن جو احساس ۽ قدر جاڳندو آهي ائين جڏهن غفور عمر جا کوڙ باب ٽپي وڃي ٿو ۽ نظيران سندس سفر ۾ نٿي رهي ته هو تمام پڇتائي ٿو ۽ پشيمان ٿئي ٿو ته مان  نظيران کي ڇو ماريندو هئم.” اڄ جيڪر نظيران هجي ته نه ماريانس. پر ويل وقت ڪنهن موٽايو آهي جو نظيران موٽي اچي. اياز هي ڪهاڻي به بيانيه طرز ۾ لکي آهي. اسان جي سماج ۾ کوڙ نظيران جهڙا ڪردار اڄ به موجود آهن ۽ غفور جهڙا به. اياز ڪهاڻي ۾ غفور کان پنهنجي غلطين کي پڇتاءُ ڪرائي ڄڻ ازالو ڪرائي ٿو پر اهوئي غفور جيڪو شروع ۾ ناڪاري ڪردار ۽ ٿوري دير بهتر ٿيڻ کان پوءِ انت ۾ عذرا جيڪا کيس گهر ۾ اچيس ٿي ان جي مٿي تي هٿ رکي (sexual Harassment) ڪري ٿو ۽ ان جي پيءُ کان سڱ گهرڻ جو سوچي ٿو.

سفيد وحشي: هن ڪهاڻي ۾ اياز ٻه مکيه ڪردار ڏنا آهن. هڪڙو صديق جو ٻيو گلان جو. صديق مهاڻو ۽ گلان به سپيون کپائڻ واري هڪ غريب مهاڻي جي ڌيءَ آهي. اياز جي هي ڪهاڻي ورهاڱي کان اڳ جي معاشي، سماجي، سياسي ماحول جي عڪاسي ڪري ٿي. صديق مهاڻو جيڪو گلان کي چاهي ٿو ۽ ان سان شاديءَ رچائڻ جا خواب ڏسي ٿو ۽ ان وقت جي حڪمرانن جي ڪيل ظلمن کان واقف ٿي اندر ۾ بغاوت جا ٻج پوکي ٿو ۽ حڪمرانن خلاف نعري بازي ۽ تقريرن ٻڌي جڏهن گلان جي گهر کيس مڇيِءَ ڏيڻ لاءِ پهچي ٿو ته گورا انگريز فقط ۱۰ روپين عيوض کيس لڄ لوئي رهيا هجن ٿا. سندن من ۾ پيل نفرت /بغاوت اٻڙڪا کائي پوي ٿي ۽ ان ۾ هو خنجر ڪڍي گورن جو خاتمو ڪري ٿو.

ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي مطابق: سفيد وحشي وري آزاديءَ جي جدوجهد جي پسمنظر ۾ لکيل هڪ خوبصورت ڪهاڻي آهي. ان ۾ غلامي ۽ سرمائيداري خلاف گڏيل سڏيل احساس بيان ٿيل آهن. ليڪن تبليغي صورت بدران ان ۾ نهايت ئي فنڪارانه طور ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيل آهي. جيتوڻيڪ واقعي تي گمان شائبو ٿئي ٿو، تاهم سادي سودي ڪردارنگاري ۽ منظرڪشي ڪهاڻيءَ ۾ جذبائيت پيدا ڪري ڇڏي آهي.” (۱۳)

اياز جي هن ڪهاڻي ۾ هر دؤر جي بک ۽ بدحالي جي سبب پيدا ٿيل خرابين وارن مسئلن ۽ خاص طرح سان انهيءَ دؤر جي سياسي هلچل ۽ عوام ۾ بغاوت جي تاريخ ملي ٿي.

ڊاڪٽر عبداالغفور ميمڻ  سفيد وحشي ڪهاڻي بابت لکي ٿو: “جنهن وقت مسلمانن ۽ هندن ۾ تفريقي پرستي ۽ نفرت کي اڀاريو پئي ويو، ان وقت هن “سفيد وحشي” ڪهاڻي لکي عوام جي حقيقي دشمنن جي عڪاسي ڪئي. هن قومي ۽ سماجي جبر خلاف آواز اٿاريو. ڪهاڻي سفيد وحشي انگريزن خلاف نفرت جو اظهار آهي.”(۱۴)

واچ جا ڪانٽا: ٻن هيٺين طبقي سان تعلق رکندڙ ڪردارن نظير ۽ ايملي جي ڪهاڻي آهي. جيڪي گهٽ آمدني جي ڪري هڪ ٻئي جي محبتن ۾ گم هجن ٿا ۽ خوابن جي دنيا ۾ رڳو خواب ئي ڏسن ٿا پر ان خوابن جي دنيا جي ڪايا ئي پلٽجي وڃي ٿي. جڏهن نظير کي پنهنجي پيءُ جي مرڻ جي تار ملي ٿي، گهر جي ڀاتين جي پالڻ جي ذميواري مٿس اچي ٿي ته هو هجڻ نه هجڻ وارين ڪعفيتن ۾ هليو وڃي ٿو ۽ حادثي جو شڪار ٿئي ٿي. هن ڪهاڻي جو ڪلائمڪس اوترو خاص نه آهي. اياز جون گهڻيون ڪهاڻيون محبت جي پلاٽ تي ٻڌل آهن. انهن ۾ مذهبن ۽ نظرين جي ويڙهه گهٽ هجي ٿي جئين هن ڪهاڻي ۾ به ڪرستاين ۽ مسلمان جي ملڻ جي آس آهي. شيخ اياز خود به سڪيولر هو. ان ڪري ان جا ڪردار به سڪيولر سوچ رکندڙ آهن.

پاڙيسري: ڪهاڻي به اياز جي لبرل ۽ وطن دوست سوچ جو پرتوو آهي. ڪهاڻي جا ڪردار سيٺ شامنداس، خانو حجم ۽ پيسو ماءُ مڪمل ڪردار آهن. سندن ۾ ڪٿي به جهول نه آهي. ٽئي ڪردار پنهنجي وطن، ان جي ماڻهن ۽ امن سان پيار ڪندڙ آهن ۽ مذهبي مت ڀيت واري سوچ کان مٿانهون سوچن ٿا. اياز جي هي ڪهاڻي هندو مسلمان فساد جي پس منظر ۾ لکيل آهي.

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو: شيخ اياز جي پاڙيسري ڪهاڻي ورهاڱي جي چؤٻول اٿل پٿل، حالات ۽ سياسي وٺ پڪڙ جي منظر کي ظاهر ڪري ٿي. (۱۶)

ان کان پوءِ هندو مسلمانن جي ذهنيءَ ڪعفيت ٿئي ٿي ان کي بيان ڪيو آهي اياز جا ڪردار ڪو به اهڙو نفرت وارو جذبو نٿا رکن. هڪ اعليٰ آدرشي پاڙيسري وانگر هڪ ٻئي لاءِ  محبت ۽ احترام جو آواز بلند ڪن ٿا. اياز جا ڪردار سيٺ شامنداس  ۽ پيسو ماءُ جئين خانو کي چون ٿا ته ان جو ذهن جهونجهڙجي وڃي ٿو. سيٺ شامنداس کيس چئي ٿو “مان جئيپور ۽ اڌيپور ۾ رهڻ بجاءَ سنڌي مسلمان ڀائرن کان مرڻ پسند ڪندس.” وري خانو جڏهن پيسو ماءُ کي مذاق ۾ چوي ٿو ته “مان مسلم ليگي آهيان.” پيسو ماءُ چويس ٿي “تون کڻي لک مسلم ليگي هجين ته به اسان لاءِ اهوئي ڀائو خانو آهين. اسان کي ماريندو.”

سنڌي جن جو مذهب هميشه کان انسانيت رهيو آهي. ائين خانو جي سوچن ۽ ڪهاڻي جو انت به ان سان ٿئي ٿو “جيئي سنڌ”  ته اهو ڀلا ڪنهن کي ڪئين ماريندو.

هي شاعر: اياز جي ان ڪردار جي ڪهاڻي آهي، جيڪو شاعري ڪري ٿو ۽ سندس ڪتاب ڇپجي اچيس ٿو ۽ اهو پنهنجي محبوبه جي نالي ڪري ٿو. پر اها کيس ڇڏي، گهڻي پئسي واري سان شادي ڪري  ڇڏي ٿي. تضاد ته ڪائنات جو بنيادي جز آهي. انسان جيڪو ڪجهه ڪري ٿو ڀلي اهو ڪم ڀلو هجي يا خراب پر اهو کيس پسند نٿو اچيس. ائين اياز جي هن ڪهاڻي جو ڪردار خود ئي چوي ٿو “شعر شعر آهي ۽ چاندي چاندي.” انکي پنهنجي شاعري کان نفرت ٿي وڃي ٿي. بک ۽ شاعري جي معنيٰ سمهجندي شاعر جو ڪردار منجهي پوي ٿو ۽ پنهنجي شاعري جا سڀ پنا ڦاڙي اڇلي ڇڏي ٿو. سندس سماج جي طبقن تي جک اچنس ٿا. هو شاعري کان توبهه تائب ٿئي ٿو ته اها ڪڏهن به تبديلي نٿي آڻي. اياز کي سماج مان بک، بدحالي ختم ڪرڻ/تبديل ڪرڻ جي تڙپ هئي. ان جا ترورا هن ڪردار ۾ به نظر اچن ٿا.

مسافر مڪراني: هن ڪهاڻي ۾ اياز غريب سنڌي مڪرانن جي معاشي ڏکائين ۽ جفاڪشن جو ذڪر ڪيو آهي. مونو لاگ انداز ۾ لکيل هن ڪهاڻِي ۾ اياز مزدور مڪراني عورتن جي مزدوري عيوض گهٽ اجوري  تي افسرده آهي. مڪراني عورت جو هڪ ٻار  جيڪو  هن ڪهاڻي جو هڪ معصوم ڪردار آهي. جيڪو ٻاتي ٻوليءَ ۾ چئي ٿو/ڳائي ٿو:

اوٺو وڏو امان جو،

خرو وڏو ابا جو،

تئو وڏو امان جو،

ڇرو وڏو ابا جو،

پيٽ وڏو سيٺ جو،

پيٽ وڏو سيٺ جو.

ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي مطابق: مسافر مڪراني ڪهاڻي ۾ هڪ ٻار جي معصوم فطرت جي عڪاسي ڪيل آهي. جنهن جي ٻاراڻين شرارتن ۽ حرڪتن ۾ امنگ سمايل آهن، ليڪن افلاس ۽ بک جو راڪاس هن جي تمنائن جو پنوڙي ساهه ڪڍي ٿو ڇڏي. ٻار جي نفسيات کي سهڻي نموني ڇٽيو ويو آهي، مگر، پروپنگينڊا جي زوردار رنگ ڪهاڻيءَ جي فني پهلو جهڪو ڪري ڇڏيو آهي.”(۱۷)

اياز جي اندر ۾ جيڪا شاعري جي ديوي ويٺل هئي. اها کيس ڪهاڻي ۾ به شاعريءَ ڪرائي ٿي. اياز ڪردارن کان به شاعري چوائي ٿو. اها هڪ تخليقار جي تمام وڏي خوبي آهي. اياز هن ڪهاڻيءَ ۾ سيٺن جي گودامن کي باهه ڏئي غريبن جي سکيو ٿيڻ جي خواهش ڏيکاري آهي.

پنهل کان پوءِ: اياز جي خطن ۾ لکيل ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ هن پنهنجي محبوبه کي خطن لکي يادگيرون/ساروڻيون لکيون آهن. شيخ اياز خود ئي چيو آهي ته ڪي ڪهاڻيون خطن ۾ به لکجي وينديون آهن. پر اياز هن خطن واري ڪهاڻي جيڪا پيار/محبت جي جذبن جي/احساسن جي لفظن جي وسيلي جيڪا راند رچائي آهي. اها نرالي ۽ ڏاڍي خوبصورت آهي. شاعري به ڪئي اٿس جنهنجو مثال به موجوده ساهيته جي ڪهاڻين ۾ نه آهي/گهٽ آهي.

جمال ابڙو مطابق:

“منهنجون سڀ ڪهاڻيون اياز جي هڪڙي مشير نامو ڪهاڻي.” (۱۸)

اياز جي هن ڪهاڻي ۾ ٻوليءَ ڏاڍي دلنشين ۽ وڻندڙ آهي. ڪارو ڪاري جي موضوع تي لکيل هن ڪهاڻي ۾ هڪ اهڙو ڪردار جيڪو پنهنجي زال کي ڪاري ڪري ماري ٿو ۽ وٽس اچي ٿو ته کيس سزا کان بچايو وڃي. اياز مشير نامو ۾ منظرڪشي زبردست ڪئي آهي. اياز ڪاري ٿي ويل ان ناريءَ جي احساسن کي محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ کيس ضمير گوارا نه ٿو ڪري ته ڪنهن بي گناهه کي ڪاري ڪري قتل ڪندڙ کي هو سزا کان بچائي ۽ پاڻ ئي چئي ڏي ٿو ته “وڪالت منهنجي وس جي ڳالهه نه آهي.”

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي مطابق: “اياز جون ڪهاڻيون ان وقت جي مسئلن ۽ سوچ جي پس منظر ۾ آهن. هو ڪهاڻيڪاري قائم نه ڪري سگهيو. جي ائين ڪري ها ته هو پهرين ڪهاڻيڪار لکيو وڃي ها.”(۱۹)

شيخ اياز پنهنجي ڪهاڻي جي تخليقي جوهر ۾ هڪ مڪمل ۽ اعليٰ ڪٿا نويس آهي. هن جون ڪهاڻيون احساس جا انبار کڙا ڪري ٿيون ڇڏين، جن ۾ ان دؤر جو سياسي، سماجي مسئلا ۽ خيال سوچون آهن. جيڪا هڪ تاريخ آهن ۽ رهنديون.

 

حوالا

۱. هڪڙو، انور فگار، ڊاڪٽر، “جي تند برابر توريان”، سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچي، صفحو، ۹، ۱۹۹۸ع.

۲. ابڙو، جمال، “جي تند برابر توريان”، سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچي، صفحو، ۱۰، ۱۹۹۸ع.

۳. شيخ، اياز، “جي تند برابر توريان”، سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچي، صفحو، ۱۱، ۱۹۹۸ع.

۴. عرساڻي، شمس الدين، ڊاڪٽر، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، صفحو ۳۰۲، سال ۱۹۸۲ع.

۵. ساڳيو

۶. پيرزادو، ستار، “جي تند برابر توريان”، سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچي، صفحو، ۱۶، ۱۹۹۸ع.

۷. ملڪاڻي، منگها رام، پروفيسر، “سنڌي نثر جي تاريخ”، زاب ادبي مرڪز حيدرآباد، صفحو، ۵۲، ۱۹۹۸ع.

۸. ڪلپنا، موهن، افسانوي ۽ فڪري ادب، مرتب: جامي چانڊيو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، صفحو ۴۸، ۲۰۰۷ع.

۹. ساڳيو

۱۰. عرساڻي، شمس الدين، ڊاڪٽر، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، صفحو ۳۰۴، سال ۱۹۸۲ع.

۱۱. ساڳيو

۱۲. ميمڻ عبدالغفور، “سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر” (ٻيو ڇاپو) سنڌي لينگوئج اٿارٽي، حيدرآباد، صفحو۱۴۱، ۲۰۱۷ع.

۱۳. ابڙو، جمال، “جي تند برابر توريان”، سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچي، صفحو، ۱۰، ۱۹۹۸ع.

No comments:

Post a Comment