Thursday, January 6, 2022

قابليت - ڪليم ٻٽ

قابليت

(افسانو)

ڪليم ٻٽ



ڪجهه دير اڳ منهنجي هڪ قابل دوست جيڪو درزڪو ڪم ڪندو آھي، ٻڌايو ته؛ هن ڏينهن رات هڪ ڪري، موهن جي دڙي مان لڌل ٺڪريون پڙھي ورتيون آھن. جن مان کيس خبر پئي آھي ته لنڊن شھر تي اهو نالو ڪنهن، ڪڏهن ۽ ڇو رکيو!

سندس ان ڄاڻائيءَ تي مان وائڙو ٿي ويس.


هن وڌيڪ ٻڌايو ته؛ پنهنجي درزڪي دڪان تي ڏينهن جا ڏينهن ٻوليءَ جي انجنيئرنگ ڪري، هن اهو به پتو لڳايو آھي ته موهن جي دڙي مان لڌل ٺڪرين ۾ نيو يارڪ شھر جي ٻوڏ سبب وڏي تباهيءَ جي حوالي سان پڻ اڳڪٿي ڪيل آھي.

مان ويتر حيرتن جي جهان ۾ هليو ويس ۽ پڇيومانس: ”مسٽر درزي ابن درزي ابن درزي! هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي!؟“

هن پوري اعتماد سان جواب ڏنو: ”مون کي هڪ ادارو کولرائي ڏيو، جيئن مان دنيا آڏو، موهن جي دڙي وارن جي علم کي پنهنجي قابليت جي زور تي نروار ڪري سگهان. جيڪڏهن ڪو مون کي ذاتي محفل ۾ به لقب القاب ڏئي ته سرڪاري ادارا انهيءَ جو جشن ملهائين ۽ مان سرڪاري اداري ۾ وڃان ته مون کي اجرڪ پارائين، فوٽو ڪڍن ۽ پريس ۾ ڏين. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته موهن جي دڙي جي ٺڪرين مان مليل ڳُجَھ منهنجي سيني ۾ ئي دفن ٿي ويندا ۽ پوءِ انهن کي ڪو به جان مارشل ڳولي نه سگهندو.“

مان ماٺ ڪيو پنهنجي درزي دوست کي ٻڌندو رهيس. خبر ناهي هن کي ڇا ٿيو جو اوچتو ’تا ٿئي تڪ تڪ ٿا ڪرڻ لڳو ۽ ’ريل گاڏي ڇڪ ڇڪ ڇڪ.....‘ ڪري، فون بند ڪري ڇڏيائين.

 

(ڪليم ٻٽ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۶ جنوري ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment